Surah Ya-Sin in Sindhi: translation and audio
Surah 36 · يس · Ya Sin · 83 verses
Surah Ya-Sin verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Ya-Sin word by word in English.
Verse 1
يسٓ
Transliteration ya-seen
Sindhi اي پيغمبر.
Verse 2
وَٱلْقُرْءَانِ ٱلْحَكِيمِ
Transliteration wal-qur'āni l-ḥakīmi
Sindhi (ھن) حِڪمت واري قرآن جوقسم آھي.
Verse 3
إِنَّكَ لَمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
Transliteration innaka lamina l-mur'salīna
Sindhi ته بيشڪ تون پيغمبرن مان آھين.
Verse 4
عَلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
Transliteration ʿalā ṣirāṭin mus'taqīmin
Sindhi (بيشڪ تون) سڌي واٽ تي آھين.
Verse 5
تَنزِيلَ ٱلْعَزِيزِ ٱلرَّحِيمِ
Transliteration tanzīla l-ʿazīzi l-raḥīmi
Sindhi (الله) غالب مھربان وٽان (قرآن جو) لاھڻ آھي.
Verse 6
لِتُنذِرَ قَوْمًا مَّآ أُنذِرَ ءَابَآؤُهُمْ فَهُمْ غَـٰفِلُونَ
Transliteration litundhira qawman mā undhira ābāuhum fahum ghāfilūna
Sindhi (ھن لاءِ) ته اھڙي قوم کي ڊيڄارين جو سندن پيءُ ڏاڏا نه ڊيڄاريا ويا آھن تنھنڪري اُھي بي خبر آھن.
Verse 7
لَقَدْ حَقَّ ٱلْقَوْلُ عَلَىٰٓ أَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
Transliteration laqad ḥaqqa l-qawlu ʿalā aktharihim fahum lā yu'minūna
Sindhi بيشڪ انھن مان گھڻن تي (عذاب جو) قول لازم ٿيو آھي تنھنڪري اُھي ايمان نه ٿا آڻين.
Verse 8
إِنَّا جَعَلْنَا فِىٓ أَعْنَـٰقِهِمْ أَغْلَـٰلًا فَهِىَ إِلَى ٱلْأَذْقَانِ فَهُم مُّقْمَحُونَ
Transliteration innā jaʿalnā fī aʿnāqihim aghlālan fahiya ilā l-adhqāni fahum muq'maḥūna
Sindhi بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ ڳَٽ وڌا پوءِ اُھي کاڏين تائين (پيل) اٿن تنھنڪري اُھي ڳاٽي ٽنگيل آھن.
Verse 9
وَجَعَلْنَا مِنۢ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ سَدًّا وَمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَأَغْشَيْنَـٰهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُونَ
Transliteration wajaʿalnā min bayni aydīhim saddan wamin khalfihim saddan fa-aghshaynāhum fahum lā yub'ṣirūna
Sindhi ۽ سندن اڳيان اوٽ ۽ سندن پوئتان (به) اوٽ ڪئي سون پوءِ کين ڍڪيوسون تنھنڪري اُھي (ڪجھ) نه ڏسندا.
Verse 10
وَسَوَآءٌ عَلَيْهِمْ ءَأَنذَرْتَهُمْ أَمْ لَمْ تُنذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
Transliteration wasawāon ʿalayhim a-andhartahum am lam tundhir'hum lā yu'minūna
Sindhi ۽ کين تون ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين سندن لاءِ ھڪ جھڙو آھي تنھنڪري اُھي ايمان نه آڻيندا.
Verse 11
إِنَّمَا تُنذِرُ مَنِ ٱتَّبَعَ ٱلذِّكْرَ وَخَشِىَ ٱلرَّحْمَـٰنَ بِٱلْغَيْبِ ۖ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَأَجْرٍ كَرِيمٍ
Transliteration innamā tundhiru mani ittabaʿa l-dhik'ra wakhashiya l-raḥmāna bil-ghaybi fabashir'hu bimaghfiratin wa-ajrin karīmin
Sindhi تون رڳو اُن کي ڊيڄاريندين جيڪو نصيحت تي ھلي ۽ ٻاجھاري (الله) کان پرپُٺ ڊڄي، ته پوءِ اُن کي بخشش ۽ سڳوري اجر جي خوشخبري ڏي.
Verse 12
إِنَّا نَحْنُ نُحْىِ ٱلْمَوْتَىٰ وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوا۟ وَءَاثَـٰرَهُمْ ۚ وَكُلَّ شَىْءٍ أَحْصَيْنَـٰهُ فِىٓ إِمَامٍ مُّبِينٍ
Transliteration innā naḥnu nuḥ'yī l-mawtā wanaktubu mā qaddamū waāthārahum wakulla shayin aḥṣaynāhu fī imāmin mubīnin
Sindhi بيشڪ اسين مُئن کي جياريندا آھيون ۽ جيڪي (مَدا توڻي چڱا ڪم ڪري) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن پيرن جا نشان لکون ٿا، ۽ ھر شيء کي پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻيو اٿون.
Verse 13
وَٱضْرِبْ لَهُم مَّثَلًا أَصْحَـٰبَ ٱلْقَرْيَةِ إِذْ جَآءَهَا ٱلْمُرْسَلُونَ
Transliteration wa-iḍ'rib lahum mathalan aṣḥāba l-qaryati idh jāahā l-mur'salūna
Sindhi ۽ اُنھن سان ڳوٺ (انطاڪيہ) وارن جو قصّو بيان ڪر، جڏھن وٽن پيغمبر آيا.
Verse 14
إِذْ أَرْسَلْنَآ إِلَيْهِمُ ٱثْنَيْنِ فَكَذَّبُوهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُوٓا۟ إِنَّآ إِلَيْكُم مُّرْسَلُونَ
Transliteration idh arsalnā ilayhimu ith'nayni fakadhabūhumā faʿazzaznā bithālithin faqālū innā ilaykum mur'salūna
Sindhi (يعني) جڏھن اُنھن ڏانھن ٻن پيغمبرن کي موڪليوسون پوءِ ٻنھي کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ٽئين سان غلبو ڏنوسون پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون.
Verse 15
قَالُوا۟ مَآ أَنتُمْ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا وَمَآ أَنزَلَ ٱلرَّحْمَـٰنُ مِن شَىْءٍ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا تَكْذِبُونَ
Transliteration qālū mā antum illā basharun mith'lunā wamā anzala l-raḥmānu min shayin in antum illā takdhibūna
Sindhi چيائون ته اوھين ته رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو ۽ ٻاجھاري (الله) ڪا شيءَ نه لاٿي آھي اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو.
Verse 16
قَالُوا۟ رَبُّنَا يَعْلَمُ إِنَّآ إِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُونَ
Transliteration qālū rabbunā yaʿlamu innā ilaykum lamur'salūna
Sindhi چيائون ته اسان جو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون.
Verse 17
وَمَا عَلَيْنَآ إِلَّا ٱلْبَلَـٰغُ ٱلْمُبِينُ
Transliteration wamā ʿalaynā illā l-balāghu l-mubīnu
Sindhi ۽ اسان تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) لازم نه آھي.
Verse 18
قَالُوٓا۟ إِنَّا تَطَيَّرْنَا بِكُمْ ۖ لَئِن لَّمْ تَنتَهُوا۟ لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّنَّكُم مِّنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌ
Transliteration qālū innā taṭayyarnā bikum la-in lam tantahū lanarjumannakum walayamassannakum minnā ʿadhābun alīmun
Sindhi چيائون ته بيشڪ اسان اوھان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجھي آھي، جيڪڏھن اوھين نه جھلبؤ ته ضرور اوھان کي پھڻن سان مارينداسون ۽ ضرور اسان کان اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.
Verse 19
قَالُوا۟ طَـٰٓئِرُكُم مَّعَكُمْ ۚ أَئِن ذُكِّرْتُم ۚ بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُونَ
Transliteration qālū ṭāirukum maʿakum a-in dhukkir'tum bal antum qawmun mus'rifūna
Sindhi (پيغمبرن) چيو ته اوھان جي بدبختي اوھان سان آھي، جيڪڏھن اوھان کي نصيحت ڏبي آھي ته (انھيءَ ڪري) ڇا؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو.
Verse 20
وَجَآءَ مِنْ أَقْصَا ٱلْمَدِينَةِ رَجُلٌ يَسْعَىٰ قَالَ يَـٰقَوْمِ ٱتَّبِعُوا۟ ٱلْمُرْسَلِينَ
Transliteration wajāa min aqṣā l-madīnati rajulun yasʿā qāla yāqawmi ittabiʿū l-mur'salīna
Sindhi ۽ شھر جي پرين پاسي کان ھڪ مڙس ڊوڙندو آيو چيائين ته اي منھنجي قوم پيغمبرن جي تابعداري ڪريو.
Verse 21
ٱتَّبِعُوا۟ مَن لَّا يَسْـَٔلُكُمْ أَجْرًا وَهُم مُّهْتَدُونَ
Transliteration ittabiʿū man lā yasalukum ajran wahum muh'tadūna
Sindhi (اوھين) انھن جي تابعداري ڪريو جيڪي اوھان کان اُجورو نه گھرندا آھن ۽ اُھي سڌيءَ واٽ وارا آھن.
Verse 22
وَمَا لِىَ لَآ أَعْبُدُ ٱلَّذِى فَطَرَنِى وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
Transliteration wamā liya lā aʿbudu alladhī faṭaranī wa-ilayhi tur'jaʿūna
Sindhi ۽ مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو انھيءَ خُدا جي عبادت نه ڪريان جنھن مونکي پيدا ڪيو ۽ (اوھين به) ڏانھس موٽايا ويندؤ.
Verse 23
ءَأَتَّخِذُ مِن دُونِهِۦٓ ءَالِهَةً إِن يُرِدْنِ ٱلرَّحْمَـٰنُ بِضُرٍّ لَّا تُغْنِ عَنِّى شَفَـٰعَتُهُمْ شَيْـًٔا وَلَا يُنقِذُونِ
Transliteration a-attakhidhu min dūnihi ālihatan in yurid'ni l-raḥmānu biḍurrin lā tugh'ni ʿannī shafāʿatuhum shayan walā yunqidhūni
Sindhi اُن کانسواءِ ٻيا معبود وٺان ڇا؟ جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) مونکي ڏُک پھچائڻ گھري ته اُنھن جي شفاعت مونکان ڪجھ (به ڏک) نه ٽاريندي ۽ نڪي (اُھي) مون کي ڇڏائيندا.
Verse 24
إِنِّىٓ إِذًا لَّفِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ
Transliteration innī idhan lafī ḍalālin mubīnin
Sindhi (جي ائين ڪندس ته) بيشڪ آءٌ اُنھيءَ مھل پڌري گمراھيءَ ۾ ھوندس.
Verse 25
إِنِّىٓ ءَامَنتُ بِرَبِّكُمْ فَٱسْمَعُونِ
Transliteration innī āmantu birabbikum fa-is'maʿūni
Sindhi بيشڪ مون اوھان جي پالڻھار تي ايمان آندو آھي، پوءِ مون کان ٻُڌو.
Verse 26
قِيلَ ٱدْخُلِ ٱلْجَنَّةَ ۖ قَالَ يَـٰلَيْتَ قَوْمِى يَعْلَمُونَ
Transliteration qīla ud'khuli l-janata qāla yālayta qawmī yaʿlamūna
Sindhi (اِن چوڻ تي کيس شھيد ڪيائون) چيو ويس ته بھشت ۾ گھڙ، چيائين ھيء ارمان (جيڪر) منھنجي قوم ڄاڻي ھا.
Verse 27
بِمَا غَفَرَ لِى رَبِّى وَجَعَلَنِى مِنَ ٱلْمُكْرَمِينَ
Transliteration bimā ghafara lī rabbī wajaʿalanī mina l-muk'ramīna
Sindhi ته ڇاجي ڪري منھنجي پالڻھار مون کي بخشيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين.
Verse 28
۞ وَمَآ أَنزَلْنَا عَلَىٰ قَوْمِهِۦ مِنۢ بَعْدِهِۦ مِن جُندٍ مِّنَ ٱلسَّمَآءِ وَمَا كُنَّا مُنزِلِينَ
Transliteration wamā anzalnā ʿalā qawmihi min baʿdihi min jundin mina l-samāi wamā kunnā munzilīna
Sindhi ۽ کانئس پوءِ سندس قوم تي آسمان کان ڪو لشڪر نه لاٿوسون ۽ نڪي (لشڪر) لاھيندڙ آھيون.
Verse 29
إِن كَانَتْ إِلَّا صَيْحَةً وَٰحِدَةً فَإِذَا هُمْ خَـٰمِدُونَ
Transliteration in kānat illā ṣayḥatan wāḥidatan fa-idhā hum khāmidūna
Sindhi (سندن سزا) رڳو ھڪ سخت رڙ ھئي پوءِ اُنھي (ئي) دم اُھي (باھ وانگر) وسامي (مري ويا).
Verse 30
يَـٰحَسْرَةً عَلَى ٱلْعِبَادِ ۚ مَا يَأْتِيهِم مِّن رَّسُولٍ إِلَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ
Transliteration yāḥasratan ʿalā l-ʿibādi mā yatīhim min rasūlin illā kānū bihi yastahziūna
Sindhi ٻانھن تي ارمان آھي، (جو) وٽن ڪو (به اھڙو) پيغمبر نه آيو جنھن سان ٺـٺوليون نه ٿي ڪيائون.
Verse 31
أَلَمْ يَرَوْا۟ كَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُم مِّنَ ٱلْقُرُونِ أَنَّهُمْ إِلَيْهِمْ لَا يَرْجِعُونَ
Transliteration alam yaraw kam ahlaknā qablahum mina l-qurūni annahum ilayhim lā yarjiʿūna
Sindhi نه ڏٺو اٿن ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي (ماڻھن جا) طبقا ناس ڪياسون (جو) اُھي اُنھن ڏانھن موٽي نه ٿا اچن.
Verse 32
وَإِن كُلٌّ لَّمَّا جَمِيعٌ لَّدَيْنَا مُحْضَرُونَ
Transliteration wa-in kullun lammā jamīʿun ladaynā muḥ'ḍarūna
Sindhi ۽ جيڪي به آھن سي سڀ اسان وٽ حاضر ڪبا.
Verse 33
وَءَايَةٌ لَّهُمُ ٱلْأَرْضُ ٱلْمَيْتَةُ أَحْيَيْنَـٰهَا وَأَخْرَجْنَا مِنْهَا حَبًّا فَمِنْهُ يَأْكُلُونَ
Transliteration waāyatun lahumu l-arḍu l-maytatu aḥyaynāhā wa-akhrajnā min'hā ḥabban famin'hu yakulūna
Sindhi ۽ ھڪ نشاني اُنھن (جي جيارڻ) لاءِ مُئل زمين آھي، جنھن کي جياريوسون ۽ منجھانئس (اَن جا داڻا) ڪڍياسون جو اُن مان کائين ٿا.
Verse 34
وَجَعَلْنَا فِيهَا جَنَّـٰتٍ مِّن نَّخِيلٍ وَأَعْنَـٰبٍ وَفَجَّرْنَا فِيهَا مِنَ ٱلْعُيُونِ
Transliteration wajaʿalnā fīhā jannātin min nakhīlin wa-aʿnābin wafajjarnā fīhā mina l-ʿuyūni
Sindhi ۽ منجھس کجورين ۽ ڊاکن جا باغ پيدا ڪياسون ۽ اُنھن (باغن) ۾ ڪي چشما وھاياسون.
Verse 35
لِيَأْكُلُوا۟ مِن ثَمَرِهِۦ وَمَا عَمِلَتْهُ أَيْدِيهِمْ ۖ أَفَلَا يَشْكُرُونَ
Transliteration liyakulū min thamarihi wamā ʿamilathu aydīhim afalā yashkurūna
Sindhi (ھن لاءِ ته) سندن ڦر مان کائيندا رھن ۽ اُنھن (ميون) کي سندن ھٿن نه بڻايو آھي، پوءِ ڇونه شُڪرانو ڪندا آھن؟
Verse 36
سُبْحَـٰنَ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلْأَزْوَٰجَ كُلَّهَا مِمَّا تُنۢبِتُ ٱلْأَرْضُ وَمِنْ أَنفُسِهِمْ وَمِمَّا لَا يَعْلَمُونَ
Transliteration sub'ḥāna alladhī khalaqa l-azwāja kullahā mimmā tunbitu l-arḍu wamin anfusihim wamimmā lā yaʿlamūna
Sindhi اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن اُھا شيء جيڪا زمين ڄمائيندي آھي سا ۽ سندن جيئن مان ۽ جيڪي (شيون) نه ڄاڻندا آھن تن مان سڀني جنس کي (جوڙو جوڙو ڪوڙو ۽ مِٺو ۽ نَر ۽ مادي) پيدا ڪيو.
Verse 37
وَءَايَةٌ لَّهُمُ ٱلَّيْلُ نَسْلَخُ مِنْهُ ٱلنَّهَارَ فَإِذَا هُم مُّظْلِمُونَ
Transliteration waāyatun lahumu al-laylu naslakhu min'hu l-nahāra fa-idhā hum muẓ'limūna
Sindhi ۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني رات آھي، (جو) اُن مان ڏينھن کي ڇڪي ڪڍندا آھيون پوءِ اُنھي مھل اُھي اونداھي ۾ رھندا آھن.
Verse 38
وَٱلشَّمْسُ تَجْرِى لِمُسْتَقَرٍّ لَّهَا ۚ ذَٰلِكَ تَقْدِيرُ ٱلْعَزِيزِ ٱلْعَلِيمِ
Transliteration wal-shamsu tajrī limus'taqarrin lahā dhālika taqdīru l-ʿazīzi l-ʿalīmi
Sindhi ۽ سج پنھنجي ٽڪاءَ جي جاءِ تي پيو ھلندو آھي، اِھو غالب (الله) جو اندازو (ٺھرايل) آھي.
Verse 39
وَٱلْقَمَرَ قَدَّرْنَـٰهُ مَنَازِلَ حَتَّىٰ عَادَ كَٱلْعُرْجُونِ ٱلْقَدِيمِ
Transliteration wal-qamara qaddarnāhu manāzila ḥattā ʿāda kal-ʿur'jūni l-qadīmi
Sindhi ۽ چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيوسون تان جو کجيءَ جي پراڻي بھاري جي ڳنيءَ وانگر وري ڏنگو ٿيندو آھي.
Verse 40
لَا ٱلشَّمْسُ يَنۢبَغِى لَهَآ أَن تُدْرِكَ ٱلْقَمَرَ وَلَا ٱلَّيْلُ سَابِقُ ٱلنَّهَارِ ۚ وَكُلٌّ فِى فَلَكٍ يَسْبَحُونَ
Transliteration lā l-shamsu yanbaghī lahā an tud'rika l-qamara walā al-laylu sābiqu l-nahāri wakullun fī falakin yasbaḥūna
Sindhi نڪي سج کي چنڊ جي پھچڻ جي (ڪا) مجال آھي ۽ نڪي رات (سج لھڻ کان اڳ) ڏينھن تي اڳرائي ڪندڙ آھي، ۽ (سج ۽ چنڊ ۽ تارن مان) سڀئي آسمان ۾ تَرن ٿا.
Verse 41
وَءَايَةٌ لَّهُمْ أَنَّا حَمَلْنَا ذُرِّيَّتَهُمْ فِى ٱلْفُلْكِ ٱلْمَشْحُونِ
Transliteration waāyatun lahum annā ḥamalnā dhurriyyatahum fī l-ful'ki l-mashḥūni
Sindhi ۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني (ھيءَ به آھي) جو اسان سندن اولاد کي ڀريل ٻيڙي ۾ کنيو.
Verse 42
وَخَلَقْنَا لَهُم مِّن مِّثْلِهِۦ مَا يَرْكَبُونَ
Transliteration wakhalaqnā lahum min mith'lihi mā yarkabūna
Sindhi ۽ اُنھن لاءِ اُن (ٻيڙيء) جھڙيون (ٻيون سواريون به) بڻايوسون جن تي سواري ڪندا آھن.
Verse 43
وَإِن نَّشَأْ نُغْرِقْهُمْ فَلَا صَرِيخَ لَهُمْ وَلَا هُمْ يُنقَذُونَ
Transliteration wa-in nasha nugh'riq'hum falā ṣarīkha lahum walā hum yunqadhūna
Sindhi ۽ جيڪڏھن گھرون ته کين ٻوڙي ڇڏيون پوءِ انھن لاءِ ڪو دانھن ورنائڻ وارو نه ٿئي ۽ نڪي اُھي ڇڏائبا.
Verse 44
إِلَّا رَحْمَةً مِّنَّا وَمَتَـٰعًا إِلَىٰ حِينٍ
Transliteration illā raḥmatan minnā wamatāʿan ilā ḥīnin
Sindhi پر پاڻ وٽان ٻاجھ ڪئي سون ۽ ھڪ وقت تائين (اُھي) آسودا ڪياسون.
Verse 45
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ٱتَّقُوا۟ مَا بَيْنَ أَيْدِيكُمْ وَمَا خَلْفَكُمْ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
Transliteration wa-idhā qīla lahumu ittaqū mā bayna aydīkum wamā khalfakum laʿallakum tur'ḥamūna
Sindhi ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته اُنھي (عذاب) کان ڊڄو جيڪو اوھان جي اڳيان ۽ اوھان جي پٺيان (اچڻو) آھي ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪجي.
Verse 46
وَمَا تَأْتِيهِم مِّنْ ءَايَةٍ مِّنْ ءَايَـٰتِ رَبِّهِمْ إِلَّا كَانُوا۟ عَنْهَا مُعْرِضِينَ
Transliteration wamā tatīhim min āyatin min āyāti rabbihim illā kānū ʿanhā muʿ'riḍīna
Sindhi ۽ سندن پالڻھار جي نشانين مان ڪائي (اھڙي) نشاني وٽن نه ايندي آھي جنھن کان (ھو) منھن موڙيندڙ نه ھوندا آھن.
Verse 47
وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ أَنفِقُوا۟ مِمَّا رَزَقَكُمُ ٱللَّهُ قَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَنُطْعِمُ مَن لَّوْ يَشَآءُ ٱللَّهُ أَطْعَمَهُۥٓ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا فِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ
Transliteration wa-idhā qīla lahum anfiqū mimmā razaqakumu l-lahu qāla alladhīna kafarū lilladhīna āmanū anuṭ'ʿimu man law yashāu l-lahu aṭʿamahu in antum illā fī ḍalālin mubīnin
Sindhi ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله اوھان کي رزق ڏنو آھي تنھن مان خرچيو (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن ته اھڙي کي ڇو کارايون جو جيڪڏھن الله گھري ھا ته کيس کارائي ھا، اوھين اڳو پڌري گمراھيءَ ۾ آھيو.
Verse 48
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَـٰذَا ٱلْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ
Transliteration wayaqūlūna matā hādhā l-waʿdu in kuntum ṣādiqīna
Sindhi ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اِھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو.
Verse 49
مَا يَنظُرُونَ إِلَّا صَيْحَةً وَٰحِدَةً تَأْخُذُهُمْ وَهُمْ يَخِصِّمُونَ
Transliteration mā yanẓurūna illā ṣayḥatan wāḥidatan takhudhuhum wahum yakhiṣṣimūna
Sindhi اِھي رڳو ھڪ سخت آواز جو انتظار ڪندا آھن جو اُھي اُنھي حالت ۾ کين (اوچتو) پڪڙيندو جو اُھي جھڳڙو ڪندا ھوندا.
Verse 50
فَلَا يَسْتَطِيعُونَ تَوْصِيَةً وَلَآ إِلَىٰٓ أَهْلِهِمْ يَرْجِعُونَ
Transliteration falā yastaṭīʿūna tawṣiyatan walā ilā ahlihim yarjiʿūna
Sindhi پوءِ (اُھي) نڪي وصيت ڪري سگھندا ۽ نڪي پنھنجي گھر وارن ڏانھن موٽي سگھندا.
Verse 51
وَنُفِخَ فِى ٱلصُّورِ فَإِذَا هُم مِّنَ ٱلْأَجْدَاثِ إِلَىٰ رَبِّهِمْ يَنسِلُونَ
Transliteration wanufikha fī l-ṣūri fa-idhā hum mina l-ajdāthi ilā rabbihim yansilūna
Sindhi ۽ صُور ۾ ڦوڪبو پوءِ اُتي جو اُتي پنھنجي پالڻھار ڏانھن قبرن مان ڊوڙندا.
Verse 52
قَالُوا۟ يَـٰوَيْلَنَا مَنۢ بَعَثَنَا مِن مَّرْقَدِنَا ۜ ۗ هَـٰذَا مَا وَعَدَ ٱلرَّحْمَـٰنُ وَصَدَقَ ٱلْمُرْسَلُونَ
Transliteration qālū yāwaylanā man baʿathanā min marqadinā hādhā mā waʿada l-raḥmānu waṣadaqa l-mur'salūna
Sindhi چوندا ته اسان لاءِ ويل آھي اسان کي اسان جي سمھڻ جي جاءِ مان ڪنھن اُٿاريو؟ (ملائڪ چوندا ھائو) ھيءُ اُھو آھي جيڪو ٻاجھاري الله انجام ڏنو ھو ۽ پيغمبرن سچ چيو ھو.
Verse 53
إِن كَانَتْ إِلَّا صَيْحَةً وَٰحِدَةً فَإِذَا هُمْ جَمِيعٌ لَّدَيْنَا مُحْضَرُونَ
Transliteration in kānat illā ṣayḥatan wāḥidatan fa-idhā hum jamīʿun ladaynā muḥ'ḍarūna
Sindhi (اِھو واقعو) رڳو ھڪ سخت رڙ ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي گڏ ڪري اسان وٽ حاضر ڪيا ويندا.
Verse 54
فَٱلْيَوْمَ لَا تُظْلَمُ نَفْسٌ شَيْـًٔا وَلَا تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Transliteration fal-yawma lā tuẓ'lamu nafsun shayan walā tuj'zawna illā mā kuntum taʿmalūna
Sindhi پوءِ اڄ ڪنھن جيءَ تي ڪجھ به ظلم نه ڪبو ۽ جيڪي ڪندا ھئو رڳو اُن جو اوھان کي بدلو ڏبو.
Verse 55
إِنَّ أَصْحَـٰبَ ٱلْجَنَّةِ ٱلْيَوْمَ فِى شُغُلٍ فَـٰكِهُونَ
Transliteration inna aṣḥāba l-janati l-yawma fī shughulin fākihūna
Sindhi بيشڪ بھشتي اڄ ھڪ ڪم ۾ خوش ھوندا.
Verse 56
هُمْ وَأَزْوَٰجُهُمْ فِى ظِلَـٰلٍ عَلَى ٱلْأَرَآئِكِ مُتَّكِـُٔونَ
Transliteration hum wa-azwājuhum fī ẓilālin ʿalā l-arāiki muttakiūna
Sindhi اُھي ۽ سندين زالون ڇانوَن ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندڙ ھوندا.
Verse 57
لَهُمْ فِيهَا فَـٰكِهَةٌ وَلَهُم مَّا يَدَّعُونَ
Transliteration lahum fīhā fākihatun walahum mā yaddaʿūna
Sindhi انھن لاءِ بھشت ۾ ميوا آھن ۽ جيڪي گھرندا سو (پڻ) انھن لاءِ آھي.
Verse 58
سَلَـٰمٌ قَوْلًا مِّن رَّبٍّ رَّحِيمٍ
Transliteration salāmun qawlan min rabbin raḥīmin
Sindhi چيو ويندو ته پالڻھار مھربان (الله) کان (اوھان تي) سلام ھجي.
Verse 59
وَٱمْتَـٰزُوا۟ ٱلْيَوْمَ أَيُّهَا ٱلْمُجْرِمُونَ
Transliteration wa-im'tāzū l-yawma ayyuhā l-muj'rimūna
Sindhi ۽ (چونداسون ته) اي گنھگارو اڄ (نيڪن کان) جدا ٿيو.
Verse 60
۞ أَلَمْ أَعْهَدْ إِلَيْكُمْ يَـٰبَنِىٓ ءَادَمَ أَن لَّا تَعْبُدُوا۟ ٱلشَّيْطَـٰنَ ۖ إِنَّهُۥ لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبِينٌ
Transliteration alam aʿhad ilaykum yābanī ādama an lā taʿbudū l-shayṭāna innahu lakum ʿaduwwun mubīnun
Sindhi اي آدم جا اولاد اوھان ڏانھن پيغام نه موڪليو ھوم ڇا ته شيطان کي نه پوڄجو، جو بيشڪ اوھان جو پڌرو ويري آھي.
Verse 61
وَأَنِ ٱعْبُدُونِى ۚ هَـٰذَا صِرَٰطٌ مُّسْتَقِيمٌ
Transliteration wa-ani uʿ'budūnī hādhā ṣirāṭun mus'taqīmun
Sindhi ۽ ته منھنجي عبادت ڪجو، (جو) اِھا سڌي واٽ آھي.
Verse 62
وَلَقَدْ أَضَلَّ مِنكُمْ جِبِلًّا كَثِيرًا ۖ أَفَلَمْ تَكُونُوا۟ تَعْقِلُونَ
Transliteration walaqad aḍalla minkum jibillan kathīran afalam takūnū taʿqilūna
Sindhi ۽ بيشڪ (شيطان) اوھان مان گھڻيءَ خلق کي گمراھ ڪيو، پوءِ اوھين نه سمجھندا ھُئو ڇا؟
Verse 63
هَـٰذِهِۦ جَهَنَّمُ ٱلَّتِى كُنتُمْ تُوعَدُونَ
Transliteration hādhihi jahannamu allatī kuntum tūʿadūna
Sindhi ھيءُ اُھو دوزخ آھي (جنھن) جو اوھان کي وعدو ڏبو ھو.
Verse 64
ٱصْلَوْهَا ٱلْيَوْمَ بِمَا كُنتُمْ تَكْفُرُونَ
Transliteration iṣ'lawhā l-yawma bimā kuntum takfurūna
Sindhi اُن ۾ اڄ انھي ڪري گِھڙو جو ڪفر ڪندا ھُئو.
Verse 65
ٱلْيَوْمَ نَخْتِمُ عَلَىٰٓ أَفْوَٰهِهِمْ وَتُكَلِّمُنَآ أَيْدِيهِمْ وَتَشْهَدُ أَرْجُلُهُم بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
Transliteration al-yawma nakhtimu ʿalā afwāhihim watukallimunā aydīhim watashhadu arjuluhum bimā kānū yaksibūna
Sindhi اڄ سندن واتن تي مُھر ھڻنداسون ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت سندن ھٿ اسان سان ڳالھائيندا ۽ سندن پير شاھدي ڏيندا.
Verse 66
وَلَوْ نَشَآءُ لَطَمَسْنَا عَلَىٰٓ أَعْيُنِهِمْ فَٱسْتَبَقُوا۟ ٱلصِّرَٰطَ فَأَنَّىٰ يُبْصِرُونَ
Transliteration walaw nashāu laṭamasnā ʿalā aʿyunihim fa-is'tabaqū l-ṣirāṭa fa-annā yub'ṣirūna
Sindhi ۽ جيڪڏھن گھرون ته سندين اکين کي ناس ڪريون پوءِ واٽ ڏانھن ڊوڙن ته پوءِ ڪٿان ڏسندا؟
Verse 67
وَلَوْ نَشَآءُ لَمَسَخْنَـٰهُمْ عَلَىٰ مَكَانَتِهِمْ فَمَا ٱسْتَطَـٰعُوا۟ مُضِيًّا وَلَا يَرْجِعُونَ
Transliteration walaw nashāu lamasakhnāhum ʿalā makānatihim famā is'taṭāʿū muḍiyyan walā yarjiʿūna
Sindhi ۽ جيڪڏھن گھرون ته سندين جاين تي (ئي) کين بد شڪل ڪري ڇڏيون ته پوءِ نڪي اڳتي ھلي سگھن ۽ نڪي پوءَ تي موٽن.
Verse 68
وَمَن نُّعَمِّرْهُ نُنَكِّسْهُ فِى ٱلْخَلْقِ ۖ أَفَلَا يَعْقِلُونَ
Transliteration waman nuʿammir'hu nunakkis'hu fī l-khalqi afalā yaʿqilūna
Sindhi ۽ جنھن کي وڏي ڄمار وارو ڪندا آھيون تنھن کي بڻاوت ۾ اونڌو ڪندا آھيون، (ايتري ڳالھ به) نه سمجھندا آھن ڇا؟
Verse 69
وَمَا عَلَّمْنَـٰهُ ٱلشِّعْرَ وَمَا يَنۢبَغِى لَهُۥٓ ۚ إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ وَقُرْءَانٌ مُّبِينٌ
Transliteration wamā ʿallamnāhu l-shiʿ'ra wamā yanbaghī lahu in huwa illā dhik'run waqur'ānun mubīnun
Sindhi ۽ اُن (پيغمبر) کي نڪي شعر سيکاريو اٿون ۽ نڪي (شعر) اُن جو لائق آھي، ھيءَ ته نصيحت ۽ پڌرو قرآن آھي.
Verse 70
لِّيُنذِرَ مَن كَانَ حَيًّا وَيَحِقَّ ٱلْقَوْلُ عَلَى ٱلْكَـٰفِرِينَ
Transliteration liyundhira man kāna ḥayyan wayaḥiqqa l-qawlu ʿalā l-kāfirīna
Sindhi ته اُنھي کي ڊيڄاري جيڪو جيئرو (يعني سمجھ وارو) ھجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي.
Verse 71
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّا خَلَقْنَا لَهُم مِّمَّا عَمِلَتْ أَيْدِينَآ أَنْعَـٰمًا فَهُمْ لَهَا مَـٰلِكُونَ
Transliteration awalam yaraw annā khalaqnā lahum mimmā ʿamilat aydīnā anʿāman fahum lahā mālikūna
Sindhi نه ڏٺو اٿن ڇا ته اسان انھن لاءِ انھن شين مان ڍور پيدا ڪيا جن کي اسان جي ھٿن بڻايو؟ پوءِ اُھي اُنھن جا مالڪ آھن.
Verse 72
وَذَلَّلْنَـٰهَا لَهُمْ فَمِنْهَا رَكُوبُهُمْ وَمِنْهَا يَأْكُلُونَ
Transliteration wadhallalnāhā lahum famin'hā rakūbuhum wamin'hā yakulūna
Sindhi ۽ اُنھن (ڍورن) کي اُنھن جو تابعدار ڪيوسون پوءِ منجھانئن ڪي سندن چڙھيءَ جا آھن ۽ منجھانئن ڪي (اُھي) کائيندا آھن.
Verse 73
وَلَهُمْ فِيهَا مَنَـٰفِعُ وَمَشَارِبُ ۖ أَفَلَا يَشْكُرُونَ
Transliteration walahum fīhā manāfiʿu wamashāribu afalā yashkurūna
Sindhi ۽ اُنھن لاءِ اُنھن (ڍورن) ۾ گھڻا فائدا آھن ۽ پيئڻ جون شيون (يعني کِير) آھن، پوءِ اُھي ڇونه شُڪر ڪندا آھن؟
Verse 74
وَٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ ءَالِهَةً لَّعَلَّهُمْ يُنصَرُونَ
Transliteration wa-ittakhadhū min dūni l-lahi ālihatan laʿallahum yunṣarūna
Sindhi ۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا اٿن ته مانَ کين مدد ڏني وڃي.
Verse 75
لَا يَسْتَطِيعُونَ نَصْرَهُمْ وَهُمْ لَهُمْ جُندٌ مُّحْضَرُونَ
Transliteration lā yastaṭīʿūna naṣrahum wahum lahum jundun muḥ'ḍarūna
Sindhi (اُھي) کين مدد ڏئي نه سگھندا ۽ اُھي (بُت) اُنھن جو لشڪر ٿي گڏ ڪيا ويندا.
Verse 76
فَلَا يَحْزُنكَ قَوْلُهُمْ ۘ إِنَّا نَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ
Transliteration falā yaḥzunka qawluhum innā naʿlamu mā yusirrūna wamā yuʿ'linūna
Sindhi پوءَ (اي پيغمبر) توکي سندن چوڻ نه ڏکوئي، جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا.
Verse 77
أَوَلَمْ يَرَ ٱلْإِنسَـٰنُ أَنَّا خَلَقْنَـٰهُ مِن نُّطْفَةٍ فَإِذَا هُوَ خَصِيمٌ مُّبِينٌ
Transliteration awalam yara l-insānu annā khalaqnāhu min nuṭ'fatin fa-idhā huwa khaṣīmun mubīnun
Sindhi ماڻھوءَ نه ڏٺو آھي ڇا ته اسان کيس نُطفي مان بڻايو پوءِ تڏھن ته اُھو پڌرو جھيڙاڪ ٿيندو آھي.
Verse 78
وَضَرَبَ لَنَا مَثَلًا وَنَسِىَ خَلْقَهُۥ ۖ قَالَ مَن يُحْىِ ٱلْعِظَـٰمَ وَهِىَ رَمِيمٌ
Transliteration waḍaraba lanā mathalan wanasiya khalqahu qāla man yuḥ'yī l-ʿiẓāma wahiya ramīmun
Sindhi ۽ اسان لاءِ ھڪ مثال بيان ڪندو آھي ۽ پنھنجي بڻاوت وساريندو آھي، ۽ چوندو آھي ته (ھنن) ھڏن کي ڪير جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي.
Verse 79
قُلْ يُحْيِيهَا ٱلَّذِىٓ أَنشَأَهَآ أَوَّلَ مَرَّةٍ ۖ وَهُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِيمٌ
Transliteration qul yuḥ'yīhā alladhī ansha-ahā awwala marratin wahuwa bikulli khalqin ʿalīmun
Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي.
Verse 80
ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُم مِّنَ ٱلشَّجَرِ ٱلْأَخْضَرِ نَارًا فَإِذَآ أَنتُم مِّنْهُ تُوقِدُونَ
Transliteration alladhī jaʿala lakum mina l-shajari l-akhḍari nāran fa-idhā antum min'hu tūqidūna
Sindhi جنھن سائي وڻ مان اوھان لاءِ باھ پيدا ڪئي پوءِ اوچتو اوھين اُن مان باھ ٿا ٻاريو.
Verse 81
أَوَلَيْسَ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِقَـٰدِرٍ عَلَىٰٓ أَن يَخْلُقَ مِثْلَهُم ۚ بَلَىٰ وَهُوَ ٱلْخَلَّـٰقُ ٱلْعَلِيمُ
Transliteration awalaysa alladhī khalaqa l-samāwāti wal-arḍa biqādirin ʿalā an yakhluqa mith'lahum balā wahuwa l-khalāqu l-ʿalīmu
Sindhi جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو انھن جھڙن جي بڻائڻ تي وس وارو نه آھي ڇا؟ ھائو! (وس وارو آھي)، ۽ اُھو وڏو بڻائيندڙ (سڀ) ڄاڻندڙ آھي.
Verse 82
إِنَّمَآ أَمْرُهُۥٓ إِذَآ أَرَادَ شَيْـًٔا أَن يَقُولَ لَهُۥ كُن فَيَكُونُ
Transliteration innamā amruhu idhā arāda shayan an yaqūla lahu kun fayakūnu
Sindhi سندس حُڪم ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه آھي ته جڏھن ڪا شيء بڻائڻ گھرندو آھي ته اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته (اھا شي) ٿي پوندي آھي.
Verse 83
فَسُبْحَـٰنَ ٱلَّذِى بِيَدِهِۦ مَلَكُوتُ كُلِّ شَىْءٍ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
Transliteration fasub'ḥāna alladhī biyadihi malakūtu kulli shayin wa-ilayhi tur'jaʿūna
Sindhi پوءِ اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن جي ھٿ ۾ ھر شيءَ جي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھين موٽايا ويندؤ.
Read Surah Ya-Sin in another language
- English (word by word)
- Albanian
- Amazigh
- Amharic
- Assamese
- Azerbaijani
- Bambara
- Bangla
- Bosnian
- Bulgarian
- Chechen
- Chinese
- Czech
- Dari
- Dhivehi
- Dutch
- Finnish
- French
- German
- Gujarati
- Hausa
- Hebrew
- Hindi
- Indonesian
- Italian
- Japanese
- Kannada
- Kazakh
- Khmer
- Kinyarwanda
- Korean
- Kurdish
- Luganda
- Malay
- Malayalam
- Maranao
- Marathi
- Nepali
- Norwegian
- Oromo
- Pashto
- Persian
- Polish
- Portuguese
- Romanian
- Russian
- Sinhala
- Somali
- Spanish
- Swahili
- Swedish
- Tagalog
- Tajik
- Tamil
- Tatar
- Telugu
- Thai
- Turkish
- Ukrainian
- Urdu
- Uyghur
- Uzbek
- Vietnamese
- Yao
- Yoruba
All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.
Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.