MyDugsiStart learning

Surah Az-Zukhruf in Sindhi: translation and audio

Surah 43 · الزخرف · The Ornaments of Gold · 89 verses

Surah Az-Zukhruf verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Az-Zukhruf word by word in English.

Verse 1

حمٓ

Transliteration hha-meem

Sindhi حٰمٓ.

Verse 2

وَٱلْكِتَـٰبِ ٱلْمُبِينِ

Transliteration wal-kitābi l-mubīni

Sindhi پڌري ڪتاب جو قسم آھي.

Verse 3

إِنَّا جَعَلْنَـٰهُ قُرْءَٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ

Transliteration innā jaʿalnāhu qur'ānan ʿarabiyyan laʿallakum taʿqilūna

Sindhi ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي عربيءَ (ٻوليءَ ۾) قرآن ڪيو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.

Verse 4

وَإِنَّهُۥ فِىٓ أُمِّ ٱلْكِتَـٰبِ لَدَيْنَا لَعَلِىٌّ حَكِيمٌ

Transliteration wa-innahu fī ummi l-kitābi ladaynā laʿaliyyun ḥakīmun

Sindhi ۽ بيشڪ اُھو (ڪتاب) لَوح مَحۡفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آھي بيشڪ (اُھو ڪتاب) وڏي مرتبي وارو حڪمت وارو آھي.

Verse 5

أَفَنَضْرِبُ عَنكُمُ ٱلذِّكْرَ صَفْحًا أَن كُنتُمْ قَوْمًا مُّسْرِفِينَ

Transliteration afanaḍribu ʿankumu l-dhik'ra ṣafḥan an kuntum qawman mus'rifīna

Sindhi اوھان کان نصيحت کي ھن ڪري مُنھن موڙي جھلينداسون ڇا ته اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو.

Verse 6

وَكَمْ أَرْسَلْنَا مِن نَّبِىٍّ فِى ٱلْأَوَّلِينَ

Transliteration wakam arsalnā min nabiyyin fī l-awalīna

Sindhi ۽ اڳين (قومن) ۾ گھڻائي پيغمبر موڪلياسون.

Verse 7

وَمَا يَأْتِيهِم مِّن نَّبِىٍّ إِلَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ

Transliteration wamā yatīhim min nabiyyin illā kānū bihi yastahziūna

Sindhi ۽ وٽن ڪوبه پيغمبر نه ٿي آيو مگر ساڻس ٺـٺوليون ٿي ڪيائون.

Verse 8

فَأَهْلَكْنَآ أَشَدَّ مِنْهُم بَطْشًا وَمَضَىٰ مَثَلُ ٱلْأَوَّلِينَ

Transliteration fa-ahlaknā ashadda min'hum baṭshan wamaḍā mathalu l-awalīna

Sindhi پوءِ اُنھن (قريشن) کان سگھ ۾ تمام ڏاڍن (عاد ۽ ثمود) کي (جو کائن بلڪل سگھارا ھوا) ناس ڪياسون ۽ اڳين جي حالت (اڳين بيان ۾) گذري چڪي آھي.

Verse 9

وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ لَيَقُولُنَّ خَلَقَهُنَّ ٱلْعَزِيزُ ٱلْعَلِيمُ

Transliteration wala-in sa-altahum man khalaqa l-samāwāti wal-arḍa layaqūlunna khalaqahunna l-ʿazīzu l-ʿalīmu

Sindhi ۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ٿه آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو ته ضرور چوندا ته انھن کي غالب ڄاڻندڙ (الله) بڻايو.

Verse 10

ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلْأَرْضَ مَهْدًا وَجَعَلَ لَكُمْ فِيهَا سُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ

Transliteration alladhī jaʿala lakumu l-arḍa mahdan wajaʿala lakum fīhā subulan laʿallakum tahtadūna

Sindhi (اُنھيءَ الله) جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ اوھان لاءِ منجھس رستا بڻايا ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو.

Verse 11

وَٱلَّذِى نَزَّلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۢ بِقَدَرٍ فَأَنشَرْنَا بِهِۦ بَلْدَةً مَّيْتًا ۚ كَذَٰلِكَ تُخْرَجُونَ

Transliteration wa-alladhī nazzala mina l-samāi māan biqadarin fa-ansharnā bihi baldatan maytan kadhālika tukh'rajūna

Sindhi ۽ (اُنھيءَ الله) جنھن آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ اُن (پاڻيءَ) سان ويران ڳوٺ آباد ڪياسون، اھڙي طرح اوھان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو.

Verse 12

وَٱلَّذِى خَلَقَ ٱلْأَزْوَٰجَ كُلَّهَا وَجَعَلَ لَكُم مِّنَ ٱلْفُلْكِ وَٱلْأَنْعَـٰمِ مَا تَرْكَبُونَ

Transliteration wa-alladhī khalaqa l-azwāja kullahā wajaʿala lakum mina l-ful'ki wal-anʿāmi mā tarkabūna

Sindhi ۽ (اُنھيءَ الله) جنھن ھر قسم جا جانور بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ٻيڙيون ۽ اُھي جانور بڻايائين جن تي (اوھين) چڙھو.

Verse 13

لِتَسْتَوُۥا۟ عَلَىٰ ظُهُورِهِۦ ثُمَّ تَذْكُرُوا۟ نِعْمَةَ رَبِّكُمْ إِذَا ٱسْتَوَيْتُمْ عَلَيْهِ وَتَقُولُوا۟ سُبْحَـٰنَ ٱلَّذِى سَخَّرَ لَنَا هَـٰذَا وَمَا كُنَّا لَهُۥ مُقْرِنِينَ

Transliteration litastawū ʿalā ẓuhūrihi thumma tadhkurū niʿ'mata rabbikum idhā is'tawaytum ʿalayhi wataqūlū sub'ḥāna alladhī sakhara lanā hādhā wamā kunnā lahu muq'rinīna

Sindhi ته اُنھن جي پُٺين تي سِڌا ٿي ويھو وري جڏھن مٿن سنوان ٿي ويھو (تڏھن) پنھنجي پالڻھار جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو ته اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن ھيءُ اسان کي نِوائي ڏنو ۽ (اسين) اُن جي نوائڻ جي (ڪڏھن) طاقت رکندڙ نه ھواسون.

Verse 14

وَإِنَّآ إِلَىٰ رَبِّنَا لَمُنقَلِبُونَ

Transliteration wa-innā ilā rabbinā lamunqalibūna

Sindhi ۽ بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.

Verse 15

وَجَعَلُوا۟ لَهُۥ مِنْ عِبَادِهِۦ جُزْءًا ۚ إِنَّ ٱلْإِنسَـٰنَ لَكَفُورٌ مُّبِينٌ

Transliteration wajaʿalū lahu min ʿibādihi juz'an inna l-insāna lakafūrun mubīnun

Sindhi ۽ الله لاءِ سندس ٻانھن مان اولاد مقرر ڪيائون، بيشڪ ماڻھو پڌرو بي شُڪر آھي.

Verse 16

أَمِ ٱتَّخَذَ مِمَّا يَخْلُقُ بَنَاتٍ وَأَصْفَىٰكُم بِٱلْبَنِينَ

Transliteration ami ittakhadha mimmā yakhluqu banātin wa-aṣfākum bil-banīna

Sindhi (الله) پنھنجي مخلوق مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون اختيار ڪيون ڇا ۽ اوھان کي پٽن سان چونڊيو اٿس (ڇا)؟

Verse 17

وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِمَا ضَرَبَ لِلرَّحْمَـٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجْهُهُۥ مُسْوَدًّا وَهُوَ كَظِيمٌ

Transliteration wa-idhā bushira aḥaduhum bimā ḍaraba lilrraḥmāni mathalan ẓalla wajhuhu mus'waddan wahuwa kaẓīmun

Sindhi ۽ جڏھن منجھائن ڪنھنکي اُنھيءَ شيءَ (يعني ڌيءُ جي ڄمڻ) جي خبر ڏجي جيڪا ٻاجھاري (الله) لاءِ مثال بيان ڪئي اٿس (تڏھن) سندن منھن ڪاراٽجي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريو ھوندو آھي.

Verse 18

أَوَمَن يُنَشَّؤُا۟ فِى ٱلْحِلْيَةِ وَهُوَ فِى ٱلْخِصَامِ غَيْرُ مُبِينٍ

Transliteration awaman yunasha-u fī l-ḥil'yati wahuwa fī l-khiṣāmi ghayru mubīnin

Sindhi جيڪو ڳھن ۾ پالجي ٿو ۽ اُھو جھڳڙي ۾ (پنھنجي ڳالھ کي) پڌرو ڪرڻ وارو نه آھي.

Verse 19

وَجَعَلُوا۟ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةَ ٱلَّذِينَ هُمْ عِبَـٰدُ ٱلرَّحْمَـٰنِ إِنَـٰثًا ۚ أَشَهِدُوا۟ خَلْقَهُمْ ۚ سَتُكْتَبُ شَهَـٰدَتُهُمْ وَيُسْـَٔلُونَ

Transliteration wajaʿalū l-malāikata alladhīna hum ʿibādu l-raḥmāni ināthan ashahidū khalqahum satuk'tabu shahādatuhum wayus'alūna

Sindhi ۽ ملائڪن کي (الله جون) ڌيئرون مُقرّر ڪيون اٿن جي (پاڻ) الله جا ٻانھا آھن، (اھي) سندن پيدا ٿيڻ وقت حاضر ھوا ڇا؟ سندين (اھا) شاھدي سِگھو لکبي ۽ (ھُو قيامت ۾) پُڇيا ويندا.

Verse 20

وَقَالُوا۟ لَوْ شَآءَ ٱلرَّحْمَـٰنُ مَا عَبَدْنَـٰهُم ۗ مَّا لَهُم بِذَٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۖ إِنْ هُمْ إِلَّا يَخْرُصُونَ

Transliteration waqālū law shāa l-raḥmānu mā ʿabadnāhum mā lahum bidhālika min ʿil'min in hum illā yakhruṣūna

Sindhi ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) گھري ھا ته انھن (ملائڪن) جي عبادت نه ڪريون ھا کين ھن (ڳالھ) جي ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.

Verse 21

أَمْ ءَاتَيْنَـٰهُمْ كِتَـٰبًا مِّن قَبْلِهِۦ فَهُم بِهِۦ مُسْتَمْسِكُونَ

Transliteration am ātaynāhum kitāban min qablihi fahum bihi mus'tamsikūna

Sindhi کين ھن (قرآن) کان اڳ ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُنھن اُن کي چنبڙي ورتو آھي.

Verse 22

بَلْ قَالُوٓا۟ إِنَّا وَجَدْنَآ ءَابَآءَنَا عَلَىٰٓ أُمَّةٍ وَإِنَّا عَلَىٰٓ ءَاثَـٰرِهِم مُّهْتَدُونَ

Transliteration bal qālū innā wajadnā ābāanā ʿalā ummatin wa-innā ʿalā āthārihim muh'tadūna

Sindhi (نه!) بلڪ چوندا آھن ته بيشڪ اسان پنھنجن ابن ڏاڏن کي ھڪ مذھب تي ڏٺو ۽ بيشڪ اسين سندن پيرن تي رستي لھڻ وارا آھيون.

Verse 23

وَكَذَٰلِكَ مَآ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ فِى قَرْيَةٍ مِّن نَّذِيرٍ إِلَّا قَالَ مُتْرَفُوهَآ إِنَّا وَجَدْنَآ ءَابَآءَنَا عَلَىٰٓ أُمَّةٍ وَإِنَّا عَلَىٰٓ ءَاثَـٰرِهِم مُّقْتَدُونَ

Transliteration wakadhālika mā arsalnā min qablika fī qaryatin min nadhīrin illā qāla mut'rafūhā innā wajadnā ābāanā ʿalā ummatin wa-innā ʿalā āthārihim muq'tadūna

Sindhi ۽ اھڙي طرح توکان اڳ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون پر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ھڪ دين تي ڏٺا ۽ بيشڪ اسين انھن (ئي) جي پيرن تي پيروي ڪندڙ آھيون.

Verse 24

۞ قَـٰلَ أَوَلَوْ جِئْتُكُم بِأَهْدَىٰ مِمَّا وَجَدتُّمْ عَلَيْهِ ءَابَآءَكُمْ ۖ قَالُوٓا۟ إِنَّا بِمَآ أُرْسِلْتُم بِهِۦ كَـٰفِرُونَ

Transliteration qāla awalaw ji'tukum bi-ahdā mimmā wajadttum ʿalayhi ābāakum qālū innā bimā ur'sil'tum bihi kāfirūna

Sindhi (پيغمبر کين) چيو ته (پنھنجن ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندؤ) ڇا؟ جيتوڻيڪ اوھان وٽ اُھو (دين) آندو اٿم جنھن (دين) تي اوھان پنھنجن پين ڏاڏن کي ڏٺو تنھن کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکارڻ وارو آھي، چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھنجا اسين مُنڪر آھيون.

Verse 25

فَٱنتَقَمْنَا مِنْهُمْ ۖ فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلْمُكَذِّبِينَ

Transliteration fa-intaqamnā min'hum fa-unẓur kayfa kāna ʿāqibatu l-mukadhibīna

Sindhi پوءِ کائن بدلو ورتوسون پوءِ ڏس ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪئن ٿي.

Verse 26

وَإِذْ قَالَ إِبْرَٰهِيمُ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِۦٓ إِنَّنِى بَرَآءٌ مِّمَّا تَعْبُدُونَ

Transliteration wa-idh qāla ib'rāhīmu li-abīhi waqawmihi innanī barāon mimmā taʿbudūna

Sindhi ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيو ته جنھن شيء کي (اوھين) پوڄيندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.

Verse 27

إِلَّا ٱلَّذِى فَطَرَنِى فَإِنَّهُۥ سَيَهْدِينِ

Transliteration illā alladhī faṭaranī fa-innahu sayahdīni

Sindhi پر جنھن مون کي پيدا ڪيو سو بيشڪ مون کي سگھوئي ھدايت ڪندو.

Verse 28

وَجَعَلَهَا كَلِمَةًۢ بَاقِيَةً فِى عَقِبِهِۦ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ

Transliteration wajaʿalahā kalimatan bāqiyatan fī ʿaqibihi laʿallahum yarjiʿūna

Sindhi ۽ الله سندس اولاد ۾ اِھا (توحيد جي ڪلمي جي) ڳالھ ھميشه رھائي ته مانَ اُھي (ڪافر) موٽن.

Verse 29

بَلْ مَتَّعْتُ هَـٰٓؤُلَآءِ وَءَابَآءَهُمْ حَتَّىٰ جَآءَهُمُ ٱلْحَقُّ وَرَسُولٌ مُّبِينٌ

Transliteration bal mattaʿtu hāulāi waābāahum ḥattā jāahumu l-ḥaqu warasūlun mubīnun

Sindhi بلڪ مان انھن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو وٽن سچّو دين ۽ پڌرو پيغمبر (ﷺ) آيو.

Verse 30

وَلَمَّا جَآءَهُمُ ٱلْحَقُّ قَالُوا۟ هَـٰذَا سِحْرٌ وَإِنَّا بِهِۦ كَـٰفِرُونَ

Transliteration walammā jāahumu l-ḥaqu qālū hādhā siḥ'run wa-innā bihi kāfirūna

Sindhi ۽ جنھن مھل سچو دين وٽن آيو (تنھن مھل) چيائون ته ھيءَ جادو آھي ۽ بيشڪ اسين اُن جا مُنڪر آھيون.

Verse 31

وَقَالُوا۟ لَوْلَا نُزِّلَ هَـٰذَا ٱلْقُرْءَانُ عَلَىٰ رَجُلٍ مِّنَ ٱلْقَرْيَتَيْنِ عَظِيمٍ

Transliteration waqālū lawlā nuzzila hādhā l-qur'ānu ʿalā rajulin mina l-qaryatayni ʿaẓīmin

Sindhi ۽ چيائون ته (ھنن) ٻن ڳوٺن وارن مان ڪنھن سردار مڙس تي ھيءُ قرآن ڇونه نازل ڪيو ويو.

Verse 32

أَهُمْ يَقْسِمُونَ رَحْمَتَ رَبِّكَ ۚ نَحْنُ قَسَمْنَا بَيْنَهُم مَّعِيشَتَهُمْ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۚ وَرَفَعْنَا بَعْضَهُمْ فَوْقَ بَعْضٍ دَرَجَـٰتٍ لِّيَتَّخِذَ بَعْضُهُم بَعْضًا سُخْرِيًّا ۗ وَرَحْمَتُ رَبِّكَ خَيْرٌ مِّمَّا يَجْمَعُونَ

Transliteration ahum yaqsimūna raḥmata rabbika naḥnu qasamnā baynahum maʿīshatahum fī l-ḥayati l-dun'yā warafaʿnā baʿḍahum fawqa baʿḍin darajātin liyattakhidha baʿḍuhum baʿḍan sukh'riyyan waraḥmatu rabbika khayrun mimmā yajmaʿūna

Sindhi اِھي تنھنجي پالڻھار جي رحمت وراھيندا آھن ڇا؟ اسان سندن گذران سندن وچ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ وراھيو آھي ۽ اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڏي مرتبي وارو ڪيوسون ته ھڪڙا ٻـين کي فرمانبردار ڪري وٺن، ۽ جيڪو (دنيا جو مال) گڏ ڪندا آھن تنھن کان تنھنجي پالڻھار جي رحمت ڀلي آھي.

Verse 33

وَلَوْلَآ أَن يَكُونَ ٱلنَّاسُ أُمَّةً وَٰحِدَةً لَّجَعَلْنَا لِمَن يَكْفُرُ بِٱلرَّحْمَـٰنِ لِبُيُوتِهِمْ سُقُفًا مِّن فِضَّةٍ وَمَعَارِجَ عَلَيْهَا يَظْهَرُونَ

Transliteration walawlā an yakūna l-nāsu ummatan wāḥidatan lajaʿalnā liman yakfuru bil-raḥmāni libuyūtihim suqufan min fiḍḍatin wamaʿārija ʿalayhā yaẓharūna

Sindhi ۽ جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته (متان) ماڻھو ھڪ ٽولي (ڪفر جي) ٿي وڃن جيڪي ٻاجھاري (الله) جو انڪار ڪندا آھن تن لاءِ سندن گھرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻيون جن تي چڙھن سي روپيون ڪريون ھا.

Verse 34

وَلِبُيُوتِهِمْ أَبْوَٰبًا وَسُرُرًا عَلَيْهَا يَتَّكِـُٔونَ

Transliteration walibuyūtihim abwāban wasururan ʿalayhā yattakiūna

Sindhi ۽ سندن گھرن جا دروازا ۽ تخت جن تي ٽيڪ ڏيئي ويھن (سي به روپا ڪريون ھا).

Verse 35

وَزُخْرُفًا ۚ وَإِن كُلُّ ذَٰلِكَ لَمَّا مَتَـٰعُ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۚ وَٱلْـَٔاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلْمُتَّقِينَ

Transliteration wazukh'rufan wa-in kullu dhālika lammā matāʿu l-ḥayati l-dun'yā wal-ākhiratu ʿinda rabbika lil'muttaqīna

Sindhi ۽ اِھو سڀ رڳو دنيا جي حياتيءَ جو (ٿورو) آسودو رھڻ آھي، ۽ تنھنجي پروردگار وٽ آخرت پرھيزگارن لاءِ آھي.

Verse 36

وَمَن يَعْشُ عَن ذِكْرِ ٱلرَّحْمَـٰنِ نُقَيِّضْ لَهُۥ شَيْطَـٰنًا فَهُوَ لَهُۥ قَرِينٌ

Transliteration waman yaʿshu ʿan dhik'ri l-raḥmāni nuqayyiḍ lahu shayṭānan fahuwa lahu qarīnun

Sindhi ۽ جيڪو ٻاجھاري (الله) جي ياد ڪرڻ کان غافل رھندو آھي تنھن لاءِ ھڪ شيطان مقرر ڪندا آھيون جو اُھو اُن جو سنگتي ھوندو آھي.

Verse 37

وَإِنَّهُمْ لَيَصُدُّونَهُمْ عَنِ ٱلسَّبِيلِ وَيَحْسَبُونَ أَنَّهُم مُّهْتَدُونَ

Transliteration wa-innahum layaṣuddūnahum ʿani l-sabīli wayaḥsabūna annahum muh'tadūna

Sindhi ۽ بيشڪ اُھي شيطان سڌي واٽ کان اُنھن کي جھليندا آھن ۽ (ماڻھو پاڻ کي) ڀانئيندا آھن ته اُھي ھدايت وارا آھن.

Verse 38

حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَنَا قَالَ يَـٰلَيْتَ بَيْنِى وَبَيْنَكَ بُعْدَ ٱلْمَشْرِقَيْنِ فَبِئْسَ ٱلْقَرِينُ

Transliteration ḥattā idhā jāanā qāla yālayta baynī wabaynaka buʿ'da l-mashriqayni fabi'sa l-qarīnu

Sindhi تانجو جڏھن اسان وٽ ايندو (تڏھن پنھنجيءَ سنگتي شيطان کي) چوندو ته ھيء افسوس (جيڪر) منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولھ جيتري ڏورائي ھجي ھا پوءِ بڇڙو سنگتي آھين (تون).

Verse 39

وَلَن يَنفَعَكُمُ ٱلْيَوْمَ إِذ ظَّلَمْتُمْ أَنَّكُمْ فِى ٱلْعَذَابِ مُشْتَرِكُونَ

Transliteration walan yanfaʿakumu l-yawma idh ẓalamtum annakum fī l-ʿadhābi mush'tarikūna

Sindhi ۽ ھرگز نه نفعو ڏيندي اوھان کي اڄ اھا سڌ جڏھن ظُلم ڪيو اوھان تحقيق اوھان عذاب ۾ شريڪ ٿيڻ وارا آھيو.

Verse 40

أَفَأَنتَ تُسْمِعُ ٱلصُّمَّ أَوْ تَهْدِى ٱلْعُمْىَ وَمَن كَانَ فِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ

Transliteration afa-anta tus'miʿu l-ṣuma aw tahdī l-ʿum'ya waman kāna fī ḍalālin mubīnin

Sindhi (اي پيغمبر) تون ٻوڙن کي ٻڌائي ٿو سگھين ڇا يا انڌن کي ۽ اُھو جيڪو پڌريءَ گُمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي ھدايت ڪري سگھين ٿو ڇا؟

Verse 41

فَإِمَّا نَذْهَبَنَّ بِكَ فَإِنَّا مِنْهُم مُّنتَقِمُونَ

Transliteration fa-immā nadhhabanna bika fa-innā min'hum muntaqimūna

Sindhi پوءِ جيڪڏھن توکي (ھن جھان مان) نيون ته بيشڪ اسين (اتي ئي) کائن بدلو وٺڻ وارا آھيون.

Verse 42

أَوْ نُرِيَنَّكَ ٱلَّذِى وَعَدْنَـٰهُمْ فَإِنَّا عَلَيْهِم مُّقْتَدِرُونَ

Transliteration aw nuriyannaka alladhī waʿadnāhum fa-innā ʿalayhim muq'tadirūna

Sindhi يا جيڪو کين انجام ڏنو اٿون سو توکي ڏيکاريون ته به بيشڪ اسين مٿن وسوارا آھيون.

Verse 43

فَٱسْتَمْسِكْ بِٱلَّذِىٓ أُوحِىَ إِلَيْكَ ۖ إِنَّكَ عَلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ

Transliteration fa-is'tamsik bi-alladhī ūḥiya ilayka innaka ʿalā ṣirāṭin mus'taqīmin

Sindhi تنھن ڪري جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو تنھن کي تون چنبڙي وٺ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين.

Verse 44

وَإِنَّهُۥ لَذِكْرٌ لَّكَ وَلِقَوْمِكَ ۖ وَسَوْفَ تُسْـَٔلُونَ

Transliteration wa-innahu ladhik'run laka waliqawmika wasawfa tus'alūna

Sindhi ۽ بيشڪ اِھو (قرآن) تولاءِ ۽ تنھنجي قوم لاءِ نصيحت آھي، ۽ (اوھين) سگھوئي پڇيا ويندؤ.

Verse 45

وَسْـَٔلْ مَنْ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ مِن رُّسُلِنَآ أَجَعَلْنَا مِن دُونِ ٱلرَّحْمَـٰنِ ءَالِهَةً يُعْبَدُونَ

Transliteration wasal man arsalnā min qablika min rusulinā ajaʿalnā min dūni l-raḥmāni ālihatan yuʿ'badūna

Sindhi ۽ پنھنجن پيغمبرن مان جيڪي توکان اڳ موڪليا ھواسون تن جو (احوال) پُڇ، ته ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ڪي) ٻيا معبود بڻايا ھواسون ڇا جن جي پوڄا ڪئي وڃي؟

Verse 46

وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِـَٔايَـٰتِنَآ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَإِي۟هِۦ فَقَالَ إِنِّى رَسُولُ رَبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ

Transliteration walaqad arsalnā mūsā biāyātinā ilā fir'ʿawna wamala-ihi faqāla innī rasūlu rabbi l-ʿālamīna

Sindhi ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي پنھنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان.

Verse 47

فَلَمَّا جَآءَهُم بِـَٔايَـٰتِنَآ إِذَا هُم مِّنْهَا يَضْحَكُونَ

Transliteration falammā jāahum biāyātinā idhā hum min'hā yaḍḥakūna

Sindhi پوءِ جنھن مھل وٽن اسان جي نشانين سان آيو (تنھن مھل) اوچتو اُھي اُنھن (معجزن) کان کلندا رھيا.

Verse 48

وَمَا نُرِيهِم مِّنْ ءَايَةٍ إِلَّا هِىَ أَكْبَرُ مِنْ أُخْتِهَا ۖ وَأَخَذْنَـٰهُم بِٱلْعَذَابِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ

Transliteration wamā nurīhim min āyatin illā hiya akbaru min ukh'tihā wa-akhadhnāhum bil-ʿadhābi laʿallahum yarjiʿūna

Sindhi ۽ ڪابه نشاني کين نه ٿي ڏيکاري سون پر اِھا (نشاني) اُن جي اڳين کان تمام وڏي ھئي، ۽ کين عذاب سان پڪڙيوسون ته مانَ اُھي (ڪفر کان) موٽن.

Verse 49

وَقَالُوا۟ يَـٰٓأَيُّهَ ٱلسَّاحِرُ ٱدْعُ لَنَا رَبَّكَ بِمَا عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنَا لَمُهْتَدُونَ

Transliteration waqālū yāayyuha l-sāḥiru ud'ʿu lanā rabbaka bimā ʿahida ʿindaka innanā lamuh'tadūna

Sindhi ۽ چيائون ته اي جادوگر پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ اُنھيءَ (وسيلي) سان دُعا گھر جنھن جو توسان انجام ڪيو اٿس، ته بيشڪ اسين ھدايت وارا ٿينداسون.

Verse 50

فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُمُ ٱلْعَذَابَ إِذَا هُمْ يَنكُثُونَ

Transliteration falammā kashafnā ʿanhumu l-ʿadhāba idhā hum yankuthūna

Sindhi پوءِ جنھن مھل کائن عذاب لاٿوسون اوچتو اُنھن عھد ڀڳو.

Verse 51

وَنَادَىٰ فِرْعَوْنُ فِى قَوْمِهِۦ قَالَ يَـٰقَوْمِ أَلَيْسَ لِى مُلْكُ مِصْرَ وَهَـٰذِهِ ٱلْأَنْهَـٰرُ تَجْرِى مِن تَحْتِىٓ ۖ أَفَلَا تُبْصِرُونَ

Transliteration wanādā fir'ʿawnu fī qawmihi qāla yāqawmi alaysa lī mul'ku miṣ'ra wahādhihi l-anhāru tajrī min taḥtī afalā tub'ṣirūna

Sindhi ۽ فرعون پنھنجي قوم ۾ پڙھو ڏنو چيائين ته اي منھنجي قوم مِصۡر جي بادشاھي منھنجي نه آھي ڇا؟ ۽ ھي نھرون منھنجي (ماڙين جي) ھيٺان (نه) وھنديون آھن (ڇا؟) اوھين نه ڏسندا آھيو ڇا؟

Verse 52

أَمْ أَنَا۠ خَيْرٌ مِّنْ هَـٰذَا ٱلَّذِى هُوَ مَهِينٌ وَلَا يَكَادُ يُبِينُ

Transliteration am anā khayrun min hādhā alladhī huwa mahīnun walā yakādu yubīnu

Sindhi (نه!) بلڪ آءٌ ھن (مُوسى) کان ڀَلو آھيان جو اُھو خوار آھي، ۽ چٽو ڳالھائي به نه ٿو سگھي.

Verse 53

فَلَوْلَآ أُلْقِىَ عَلَيْهِ أَسْوِرَةٌ مِّن ذَهَبٍ أَوْ جَآءَ مَعَهُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ مُقْتَرِنِينَ

Transliteration falawlā ul'qiya ʿalayhi aswiratun min dhahabin aw jāa maʿahu l-malāikatu muq'tarinīna

Sindhi پوءِ مٿس سون جا ڪنگڻ ڇونه لاٿا ويا يا ساڻس گڏ ٿي ملائڪ ڇونه آيا؟

Verse 54

فَٱسْتَخَفَّ قَوْمَهُۥ فَأَطَاعُوهُ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَوْمًا فَـٰسِقِينَ

Transliteration fa-is'takhaffa qawmahu fa-aṭāʿūhu innahum kānū qawman fāsiqīna

Sindhi پوءِ پنھنجي قوم کي بي عقل ڪيائين تنھنڪري سندس فرمانبرداري ڪيائون، بيشڪ اُھي بي دين قوم ھوا.

Verse 55

فَلَمَّآ ءَاسَفُونَا ٱنتَقَمْنَا مِنْهُمْ فَأَغْرَقْنَـٰهُمْ أَجْمَعِينَ

Transliteration falammā āsafūnā intaqamnā min'hum fa-aghraqnāhum ajmaʿīna

Sindhi پوءِ جڏھن اسان کي ڪاوڙايائون (تڏھن) کائن وير ورتوسون پوءِ اُنھن سڀني کي ٻوڙيوسون.

Verse 56

فَجَعَلْنَـٰهُمْ سَلَفًا وَمَثَلًا لِّلْـَٔاخِرِينَ

Transliteration fajaʿalnāhum salafan wamathalan lil'ākhirīna

Sindhi پوءِ کين (ڪافرن جو) اڳواڻ ۽ پوين لاءِ آکاڻي ڪيوسون.

Verse 57

۞ وَلَمَّا ضُرِبَ ٱبْنُ مَرْيَمَ مَثَلًا إِذَا قَوْمُكَ مِنْهُ يَصِدُّونَ

Transliteration walammā ḍuriba ub'nu maryama mathalan idhā qawmuka min'hu yaṣiddūna

Sindhi ۽ جڏھن مريم جي پُٽ جو قصّو بيان ڪيو ويو (تڏھن) اُمالڪ اُن (قِصّي) کان تنھنجي قوم لُڙ مچائيندي آھي.

Verse 58

وَقَالُوٓا۟ ءَأَـٰلِهَتُنَا خَيْرٌ أَمْ هُوَ ۚ مَا ضَرَبُوهُ لَكَ إِلَّا جَدَلًۢا ۚ بَلْ هُمْ قَوْمٌ خَصِمُونَ

Transliteration waqālū aālihatunā khayrun am huwa mā ḍarabūhu laka illā jadalan bal hum qawmun khaṣimūna

Sindhi ۽ (اُھي) چوندا آھن ته اسان جا معبُود ڀلا آھن يا عيسى؟ اِھو مثال توسان رڳو جھيڙي لاءِ بيان ڪندا آھن، بلڪ اُھي جھيڙاڪ قوم آھن.

Verse 59

إِنْ هُوَ إِلَّا عَبْدٌ أَنْعَمْنَا عَلَيْهِ وَجَعَلْنَـٰهُ مَثَلًا لِّبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ

Transliteration in huwa illā ʿabdun anʿamnā ʿalayhi wajaʿalnāhu mathalan libanī is'rāīla

Sindhi عيسىٰ رڳو ٻانھو آھي جنھن تي ٻاجھ ڪئي اٿون ۽ بني اسرائيلن لاءِ کيس (ھڪ) عبرت ڪئي سون.

Verse 60

وَلَوْ نَشَآءُ لَجَعَلْنَا مِنكُم مَّلَـٰٓئِكَةً فِى ٱلْأَرْضِ يَخْلُفُونَ

Transliteration walaw nashāu lajaʿalnā minkum malāikatan fī l-arḍi yakhlufūna

Sindhi ۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته اوھان جي بدران زمين ۾ ملائڪن کي نائب ڪريون ھا.

Verse 61

وَإِنَّهُۥ لَعِلْمٌ لِّلسَّاعَةِ فَلَا تَمْتَرُنَّ بِهَا وَٱتَّبِعُونِ ۚ هَـٰذَا صِرَٰطٌ مُّسْتَقِيمٌ

Transliteration wa-innahu laʿil'mun lilssāʿati falā tamtarunna bihā wa-ittabiʿūni hādhā ṣirāṭun mus'taqīmun

Sindhi ۽ بيشڪ عيسىٰ قيامت جي ھڪ نشاني آھي پوءِ اوھين قيامت ۾ شڪ نه ڪريو ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) منھنجي تابعداري ڪريو (جو) اِھا سِڌي واٽ آھي.

Verse 62

وَلَا يَصُدَّنَّكُمُ ٱلشَّيْطَـٰنُ ۖ إِنَّهُۥ لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبِينٌ

Transliteration walā yaṣuddannakumu l-shayṭānu innahu lakum ʿaduwwun mubīnun

Sindhi ۽ اوھان کي شيطان نه جھلي، ڇوته اھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.

Verse 63

وَلَمَّا جَآءَ عِيسَىٰ بِٱلْبَيِّنَـٰتِ قَالَ قَدْ جِئْتُكُم بِٱلْحِكْمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعْضَ ٱلَّذِى تَخْتَلِفُونَ فِيهِ ۖ فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ

Transliteration walammā jāa ʿīsā bil-bayināti qāla qad ji'tukum bil-ḥik'mati wali-ubayyina lakum baʿḍa alladhī takhtalifūna fīhi fa-ittaqū l-laha wa-aṭīʿūni

Sindhi ۽ جنھن مھل عيسىٰ چٽن معجزن سان آيو (تنھن مھل) چيائين ته اوھان وٽ حڪمت آندي اٿم ۽ (آيو آھيان) ته جن ڳالھين ۾ اختلاف ڪند آھيو تن مان ڪي اوھان لاءِ بيان ڪريان، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

Verse 64

إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ رَبِّى وَرَبُّكُمْ فَٱعْبُدُوهُ ۚ هَـٰذَا صِرَٰطٌ مُّسْتَقِيمٌ

Transliteration inna l-laha huwa rabbī warabbukum fa-uʿ'budūhu hādhā ṣirāṭun mus'taqīmun

Sindhi بيشڪ الله ئي منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سنديس عبادت ڪريو، اِھا سِڌي واٽ آھي.

Verse 65

فَٱخْتَلَفَ ٱلْأَحْزَابُ مِنۢ بَيْنِهِمْ ۖ فَوَيْلٌ لِّلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ مِنْ عَذَابِ يَوْمٍ أَلِيمٍ

Transliteration fa-ikh'talafa l-aḥzābu min baynihim fawaylun lilladhīna ẓalamū min ʿadhābi yawmin alīmin

Sindhi پوءِ ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، تنھنڪري ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب کان ظالمن لاءِ خرابي آھي.

Verse 66

هَلْ يَنظُرُونَ إِلَّا ٱلسَّاعَةَ أَن تَأْتِيَهُم بَغْتَةً وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ

Transliteration hal yanẓurūna illā l-sāʿata an tatiyahum baghtatan wahum lā yashʿurūna

Sindhi (اُھي) رڳو قيامت (جي اچڻ) جو انتظار ڪندا آھن ته اوچتو وٽن اچي ۽ اُھي بي خبر ھجن.

Verse 67

ٱلْأَخِلَّآءُ يَوْمَئِذٍۭ بَعْضُهُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ إِلَّا ٱلْمُتَّقِينَ

Transliteration al-akhilāu yawma-idhin baʿḍuhum libaʿḍin ʿaduwwun illā l-mutaqīna

Sindhi اُنھيءَ ڏينھن پرھيزگارن کانسواءِ (ٻيا) سڀئي دوست ھڪ ٻئي جا دشمن ھوندا.

Verse 68

يَـٰعِبَادِ لَا خَوْفٌ عَلَيْكُمُ ٱلْيَوْمَ وَلَآ أَنتُمْ تَحْزَنُونَ

Transliteration yāʿibādi lā khawfun ʿalaykumu l-yawma walā antum taḥzanūna

Sindhi (چيو ويندو ته) اي منھنجا (اُھي) ٻانھا اڄ اوھان کي نڪي ڀؤ آھي نڪي اوھين غمگين ٿيو.

Verse 69

ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا وَكَانُوا۟ مُسْلِمِينَ

Transliteration alladhīna āmanū biāyātinā wakānū mus'limīna

Sindhi جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ مُسلمان ھوا.

Verse 70

ٱدْخُلُوا۟ ٱلْجَنَّةَ أَنتُمْ وَأَزْوَٰجُكُمْ تُحْبَرُونَ

Transliteration ud'khulū l-janata antum wa-azwājukum tuḥ'barūna

Sindhi (چيو ويندو ته) اوھين ۽ اوھان جون زالون بھشت ۾ خُوش ٿي گھِڙو.

Verse 71

يُطَافُ عَلَيْهِم بِصِحَافٍ مِّن ذَهَبٍ وَأَكْوَابٍ ۖ وَفِيهَا مَا تَشْتَهِيهِ ٱلْأَنفُسُ وَتَلَذُّ ٱلْأَعْيُنُ ۖ وَأَنتُمْ فِيهَا خَـٰلِدُونَ

Transliteration yuṭāfu ʿalayhim biṣiḥāfin min dhahabin wa-akwābin wafīhā mā tashtahīhi l-anfusu wataladhu l-aʿyunu wa-antum fīhā khālidūna

Sindhi مٿن سون جون رڪيبيون ۽ آبخورا ڦيرائبا، ۽ جيڪي دليون گھرنديون ۽ (جنھن جي ڏسڻ کان) اکيون ٺرنديون سو منجھس ھوندو، اوھين منجھس سدائين رھندؤ.

Verse 72

وَتِلْكَ ٱلْجَنَّةُ ٱلَّتِىٓ أُورِثْتُمُوهَا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ

Transliteration watil'ka l-janatu allatī ūrith'tumūhā bimā kuntum taʿmalūna

Sindhi ۽ ھي اُھو بھشت آھي جنھن جو اوھان کي انھي سببان وارث ڪيو ويو جو اوھين (چڱا) ڪم ڪندا ھيؤ.

Verse 73

لَكُمْ فِيهَا فَـٰكِهَةٌ كَثِيرَةٌ مِّنْهَا تَأْكُلُونَ

Transliteration lakum fīhā fākihatun kathīratun min'hā takulūna

Sindhi منجھس اوھان لاءِ گھڻا ميوا آھن جن منجھان پيا ٿا کائو.

Verse 74

إِنَّ ٱلْمُجْرِمِينَ فِى عَذَابِ جَهَنَّمَ خَـٰلِدُونَ

Transliteration inna l-muj'rimīna fī ʿadhābi jahannama khālidūna

Sindhi بيشڪ ڏوھي دوزخ جي عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.

Verse 75

لَا يُفَتَّرُ عَنْهُمْ وَهُمْ فِيهِ مُبْلِسُونَ

Transliteration lā yufattaru ʿanhum wahum fīhi mub'lisūna

Sindhi کائن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ اُھي منجھس نا اُميد (ٿي) رھندا.

Verse 76

وَمَا ظَلَمْنَـٰهُمْ وَلَـٰكِن كَانُوا۟ هُمُ ٱلظَّـٰلِمِينَ

Transliteration wamā ẓalamnāhum walākin kānū humu l-ẓālimīna

Sindhi ۽ مٿن ظلم نه ڪيوسون پر اُھي پاڻ ظالم ھوا.

Verse 77

وَنَادَوْا۟ يَـٰمَـٰلِكُ لِيَقْضِ عَلَيْنَا رَبُّكَ ۖ قَالَ إِنَّكُم مَّـٰكِثُونَ

Transliteration wanādaw yāmāliku liyaqḍi ʿalaynā rabbuka qāla innakum mākithūna

Sindhi ۽ (دوزخ جي دربان کي) سڏيندا ته اي مالڪ جڳائي ته تنھنجو پالڻھار اسان تي (موت جو) حڪم ڪري (ته عذاب کان ڇُٽون، مالڪ) چوندو ته بيشڪ اوھين ھميشه رھڻ وارا آھيو.

Verse 78

لَقَدْ جِئْنَـٰكُم بِٱلْحَقِّ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَكُمْ لِلْحَقِّ كَـٰرِهُونَ

Transliteration laqad ji'nākum bil-ḥaqi walākinna aktharakum lil'ḥaqqi kārihūna

Sindhi بيشڪ اوھان وٽ سچو دين آندوسون پر اوھان مان گھڻا سچي ڳالھ کي ناپسند ڪرڻ وارا آھن.

Verse 79

أَمْ أَبْرَمُوٓا۟ أَمْرًا فَإِنَّا مُبْرِمُونَ

Transliteration am abramū amran fa-innā mub'rimūna

Sindhi (ڪافرن به) ڪنھن ڪم جي رِٿ رٿي آھي ڇا؟ پوءِ بيشڪ اسين به پڪي رِٿ رٿيندا آھيون.

Verse 80

أَمْ يَحْسَبُونَ أَنَّا لَا نَسْمَعُ سِرَّهُمْ وَنَجْوَىٰهُم ۚ بَلَىٰ وَرُسُلُنَا لَدَيْهِمْ يَكْتُبُونَ

Transliteration am yaḥsabūna annā lā nasmaʿu sirrahum wanajwāhum balā warusulunā ladayhim yaktubūna

Sindhi ڀائيندا آھن ڇا ته اسين سندن ڳجھيون ڳالھيون ۽ سندن صلاحون نه ٻڌندا آھيون؟ ھائو (ٻڌندا آھيون) ۽ اسان جا موڪليل ملائڪ وٽن لکندا آھن.

Verse 81

قُلْ إِن كَانَ لِلرَّحْمَـٰنِ وَلَدٌ فَأَنَا۠ أَوَّلُ ٱلْعَـٰبِدِينَ

Transliteration qul in kāna lilrraḥmāni waladun fa-anā awwalu l-ʿābidīna

Sindhi (تون) چؤ ته جيڪڏھن ٻاجھاري (الله) کي ڪو وياءُ ھجي، ته آءٌ (سڀ کان) پھرين (اُن جي) عبادت ڪندڙ ھجان.

Verse 82

سُبْحَـٰنَ رَبِّ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ رَبِّ ٱلْعَرْشِ عَمَّا يَصِفُونَ

Transliteration sub'ḥāna rabbi l-samāwāti wal-arḍi rabbi l-ʿarshi ʿammā yaṣifūna

Sindhi (اِھي) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار عرش جو مالڪ پاڪ آھي.

Verse 83

فَذَرْهُمْ يَخُوضُوا۟ وَيَلْعَبُوا۟ حَتَّىٰ يُلَـٰقُوا۟ يَوْمَهُمُ ٱلَّذِى يُوعَدُونَ

Transliteration fadharhum yakhūḍū wayalʿabū ḥattā yulāqū yawmahumu alladhī yūʿadūna

Sindhi پوءِ کين ڇڏ ته (ايسين ڪوڙين ڳالھين ۾) بڪ ڪن ۽ راند ڪن جيسين پنھنجي اُنھي ڏينھن کي ملن جنھنجو کين انجام ڏجي ٿو.

Verse 84

وَهُوَ ٱلَّذِى فِى ٱلسَّمَآءِ إِلَـٰهٌ وَفِى ٱلْأَرْضِ إِلَـٰهٌ ۚ وَهُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْعَلِيمُ

Transliteration wahuwa alladhī fī l-samāi ilāhun wafī l-arḍi ilāhun wahuwa l-ḥakīmu l-ʿalīmu

Sindhi ۽ (الله) اُھو آھي جيڪو آسمانن ۾ معبود آھي ۽ زمين ۾ (به) معبود آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

Verse 85

وَتَبَارَكَ ٱلَّذِى لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَعِندَهُۥ عِلْمُ ٱلسَّاعَةِ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ

Transliteration watabāraka alladhī lahu mul'ku l-samāwāti wal-arḍi wamā baynahumā waʿindahu ʿil'mu l-sāʿati wa-ilayhi tur'jaʿūna

Sindhi ۽ اُھو وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھت آھي، ۽ وٽس ئي قيامت (جي اچڻ) جي خبر آھي، ۽ ڏانھنس موٽائبؤ.

Verse 86

وَلَا يَمْلِكُ ٱلَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِهِ ٱلشَّفَـٰعَةَ إِلَّا مَن شَهِدَ بِٱلْحَقِّ وَهُمْ يَعْلَمُونَ

Transliteration walā yamliku alladhīna yadʿūna min dūnihi l-shafāʿata illā man shahida bil-ḥaqi wahum yaʿlamūna

Sindhi ۽ (ڪافر) جن (بُتن) کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي شفاعت ڪري نه سگھندا آھن پر اُھي جن (دين جي) سچي شاھدي ڏني ھوندي ۽ اُھي (اُن جي حقيقت) ڄاڻندا آھن (اُھي شفاعت ڪندا).

Verse 87

وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَهُمْ لَيَقُولُنَّ ٱللَّهُ ۖ فَأَنَّىٰ يُؤْفَكُونَ

Transliteration wala-in sa-altahum man khalaqahum layaqūlunna l-lahu fa-annā yu'fakūna

Sindhi ۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته کين ڪنھن خلقيو ته ضرور چوندا ته الله (خلقيو آھي) پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن.

Verse 88

وَقِيلِهِۦ يَـٰرَبِّ إِنَّ هَـٰٓؤُلَآءِ قَوْمٌ لَّا يُؤْمِنُونَ

Transliteration waqīlihi yārabbi inna hāulāi qawmun lā yu'minūna

Sindhi ۽ (قسم آھي) پيغمبر جي انھي چوڻ تي ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ ھيءَ اھڙي قوم آھن جو (ڪنھن طرح) ايمان نه ٿا آڻين.

Verse 89

فَٱصْفَحْ عَنْهُمْ وَقُلْ سَلَـٰمٌ ۚ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ

Transliteration fa-iṣ'faḥ ʿanhum waqul salāmun fasawfa yaʿlamūna

Sindhi پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ (موڪلائيءَ جو) سلام چؤ، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.

Read Surah Az-Zukhruf in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.