Surah Ash-Shuraa in Sindhi: translation and audio
Surah 42 · الشورى · The Consultation · 53 verses
Surah Ash-Shuraa verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Ash-Shuraa word by word in English.
Verse 1
حمٓ
Transliteration hha-meem
Sindhi حٰمٓ.
Verse 2
عٓسٓقٓ
Transliteration ain-seen-qaf
Sindhi عٓسٓقٓ.
Verse 3
كَذَٰلِكَ يُوحِىٓ إِلَيْكَ وَإِلَى ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِكَ ٱللَّهُ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Transliteration kadhālika yūḥī ilayka wa-ilā alladhīna min qablika l-lahu l-ʿazīzu l-ḥakīmu
Sindhi غالب حڪمت وارو الله اھڙيءَ طرح توڏانھن وحي موڪلي ٿو ۽ اُنھن ڏانھن (به) جيڪي توکان اڳ ھوا (موڪليندو) رھيو.
Verse 4
لَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۖ وَهُوَ ٱلْعَلِىُّ ٱلْعَظِيمُ
Transliteration lahu mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi wahuwa l-ʿaliyu l-ʿaẓīmu
Sindhi جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون (۽) وڏو آھي.
Verse 5
تَكَادُ ٱلسَّمَـٰوَٰتُ يَتَفَطَّرْنَ مِن فَوْقِهِنَّ ۚ وَٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ يُسَبِّحُونَ بِحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيَسْتَغْفِرُونَ لِمَن فِى ٱلْأَرْضِ ۗ أَلَآ إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْغَفُورُ ٱلرَّحِيمُ
Transliteration takādu l-samāwātu yatafaṭṭarna min fawqihinna wal-malāikatu yusabbiḥūna biḥamdi rabbihim wayastaghfirūna liman fī l-arḍi alā inna l-laha huwa l-ghafūru l-raḥīmu
Sindhi (خُدا جي دھشت کان) آسمان پنھنجي مٿان ستت ئي ڦاٽندا ۽ ملائڪ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ بخشش گھرندا آھن، خبردار بيشڪ الله ئي بخشڻھار مھربان آھي.
Verse 6
وَٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِهِۦٓ أَوْلِيَآءَ ٱللَّهُ حَفِيظٌ عَلَيْهِمْ وَمَآ أَنتَ عَلَيْهِم بِوَكِيلٍ
Transliteration wa-alladhīna ittakhadhū min dūnihi awliyāa l-lahu ḥafīẓun ʿalayhim wamā anta ʿalayhim biwakīlin
Sindhi ۽ جن اُن کانسواءِ ٻيا دوست ورتا آھن تن تي الله نگھبان آھي، ۽ تون مٿن ڪو ذمه وار نه آھين.
Verse 7
وَكَذَٰلِكَ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ قُرْءَانًا عَرَبِيًّا لِّتُنذِرَ أُمَّ ٱلْقُرَىٰ وَمَنْ حَوْلَهَا وَتُنذِرَ يَوْمَ ٱلْجَمْعِ لَا رَيْبَ فِيهِ ۚ فَرِيقٌ فِى ٱلْجَنَّةِ وَفَرِيقٌ فِى ٱلسَّعِيرِ
Transliteration wakadhālika awḥaynā ilayka qur'ānan ʿarabiyyan litundhira umma l-qurā waman ḥawlahā watundhira yawma l-jamʿi lā rayba fīhi farīqun fī l-janati wafarīqun fī l-saʿīri
Sindhi ۽ اھڙيءَ طرح توڏانھن عربيءَ (ٻوليءَ) ۾ قرآن وحي ڪيوسون ته مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ قيامت جو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن کان (پڻ) ڊيڄارين، ھڪ ٽولي بھشت ۾ ۽ ٻي ٽولي دوزخ ۾ ھوندي.
Verse 8
وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ لَجَعَلَهُمْ أُمَّةً وَٰحِدَةً وَلَـٰكِن يُدْخِلُ مَن يَشَآءُ فِى رَحْمَتِهِۦ ۚ وَٱلظَّـٰلِمُونَ مَا لَهُم مِّن وَلِىٍّ وَلَا نَصِيرٍ
Transliteration walaw shāa l-lahu lajaʿalahum ummatan wāḥidatan walākin yud'khilu man yashāu fī raḥmatihi wal-ẓālimūna mā lahum min waliyyin walā naṣīrin
Sindhi ۽ جيڪڏھن الله گھُري ھا ته اُنھن سڀني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن کي گھري تنھن کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪندو آھي، ۽ ظالمن جو نڪي ڪو دوست ۽ نڪي ڪو مددگار آھي.
Verse 9
أَمِ ٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِهِۦٓ أَوْلِيَآءَ ۖ فَٱللَّهُ هُوَ ٱلْوَلِىُّ وَهُوَ يُحْىِ ٱلْمَوْتَىٰ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Transliteration ami ittakhadhū min dūnihi awliyāa fal-lahu huwa l-waliyu wahuwa yuḥ'yī l-mawtā wahuwa ʿalā kulli shayin qadīrun
Sindhi الله کانسواءِ ٻيا ڪارساز ڪري ورتا اٿن ڇا؟ ڇوته الله ئي ڪارساز آھي ۽ اُھو ئي مُئن کي جياريندو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
Verse 10
وَمَا ٱخْتَلَفْتُمْ فِيهِ مِن شَىْءٍ فَحُكْمُهُۥٓ إِلَى ٱللَّهِ ۚ ذَٰلِكُمُ ٱللَّهُ رَبِّى عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْهِ أُنِيبُ
Transliteration wamā ikh'talaftum fīhi min shayin faḥuk'muhu ilā l-lahi dhālikumu l-lahu rabbī ʿalayhi tawakkaltu wa-ilayhi unību
Sindhi ۽ جنھن (ڳالھ) بابت تڪرار ڪيو اٿوَ سو ڪجھ به ھجي ته اُنھيءَ جو نبيرو الله ڏانھن (حوالي ڪيل) آھي، منھنجو پالڻھار اھو الله آھي مٿي ڀروسو ڪيم، ۽ ڏانھس موٽان ٿو.
Verse 11
فَاطِرُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ جَعَلَ لَكُم مِّنْ أَنفُسِكُمْ أَزْوَٰجًا وَمِنَ ٱلْأَنْعَـٰمِ أَزْوَٰجًا ۖ يَذْرَؤُكُمْ فِيهِ ۚ لَيْسَ كَمِثْلِهِۦ شَىْءٌ ۖ وَهُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْبَصِيرُ
Transliteration fāṭiru l-samāwāti wal-arḍi jaʿala lakum min anfusikum azwājan wamina l-anʿāmi azwājan yadhra-ukum fīhi laysa kamith'lihi shayon wahuwa l-samīʿu l-baṣīru
Sindhi آسمان ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ۽ ڍورن (جي جنس) مان ڪيترائي ئي قِسم (بڻايائين)، انھي طرح سان اوھان کي پکيڙي ٿو، اُن جھڙي ڪا (به) شيءَ نه آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
Verse 12
لَهُۥ مَقَالِيدُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ وَيَقْدِرُ ۚ إِنَّهُۥ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌ
Transliteration lahu maqālīdu l-samāwāti wal-arḍi yabsuṭu l-riz'qa liman yashāu wayaqdiru innahu bikulli shayin ʿalīmun
Sindhi آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون کيس آھن، جنھن لاءِ گُھري (تنھن لاءِ) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھُري تنھن لاءِ) تنگ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
Verse 13
۞ شَرَعَ لَكُم مِّنَ ٱلدِّينِ مَا وَصَّىٰ بِهِۦ نُوحًا وَٱلَّذِىٓ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ وَمَا وَصَّيْنَا بِهِۦٓ إِبْرَٰهِيمَ وَمُوسَىٰ وَعِيسَىٰٓ ۖ أَنْ أَقِيمُوا۟ ٱلدِّينَ وَلَا تَتَفَرَّقُوا۟ فِيهِ ۚ كَبُرَ عَلَى ٱلْمُشْرِكِينَ مَا تَدْعُوهُمْ إِلَيْهِ ۚ ٱللَّهُ يَجْتَبِىٓ إِلَيْهِ مَن يَشَآءُ وَيَهْدِىٓ إِلَيْهِ مَن يُنِيبُ
Transliteration sharaʿa lakum mina l-dīni mā waṣṣā bihi nūḥan wa-alladhī awḥaynā ilayka wamā waṣṣaynā bihi ib'rāhīma wamūsā waʿīsā an aqīmū l-dīna walā tatafarraqū fīhi kabura ʿalā l-mush'rikīna mā tadʿūhum ilayhi l-lahu yajtabī ilayhi man yashāu wayahdī ilayhi man yunību
Sindhi اوھان لاءِ اھو دين مُقرّر ڪيائين جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو نُوح کي حُڪم ڪيو ھوائين ۽ جيڪو توڏانھن به وحي ڪيوسين ۽ اُھو جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عيسىٰ کي حُڪم ڪيوسون ته دين کي قائم ڪريو ۽ منجھس ڌار ڌار نه ٿيو، مُشرڪن کي اُھا (ڳالھ) ڏکي لڳي جنھن ڏانھن کين سڏيندو آھين، الله جنھن کي گھُري (تنھن کي) پاڻ ڏانھن چونڊيندو آھي ۽ جيڪو (ڏانھس) ورندو آھي تنھن کي پاڻ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي.
Verse 14
وَمَا تَفَرَّقُوٓا۟ إِلَّا مِنۢ بَعْدِ مَا جَآءَهُمُ ٱلْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۚ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ إِلَىٰٓ أَجَلٍ مُّسَمًّى لَّقُضِىَ بَيْنَهُمْ ۚ وَإِنَّ ٱلَّذِينَ أُورِثُوا۟ ٱلْكِتَـٰبَ مِنۢ بَعْدِهِمْ لَفِى شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيبٍ
Transliteration wamā tafarraqū illā min baʿdi mā jāahumu l-ʿil'mu baghyan baynahum walawlā kalimatun sabaqat min rabbika ilā ajalin musamman laquḍiya baynahum wa-inna alladhīna ūrithū l-kitāba min baʿdihim lafī shakkin min'hu murībin
Sindhi ۽ نه جُدا ٿيون (اُمتون) مگر بعد اُن جي جو آيو اُنھن وٽ علم از روءِ سرڪشي جي پاڻ ۾، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان مقرر مُدّت تائين (مھلت ڏيڻ جو) حڪم اڳي (جاري ٿيل) نه ھجي ھا ته ضرور سندن وچ ۾ (ھاڻي ئي) فيصلو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ جي انھن (پيغمبرن) کان پوءِ ڪتاب جا وارث ڪيا ويا سي دين کان وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن.
Verse 15
فَلِذَٰلِكَ فَٱدْعُ ۖ وَٱسْتَقِمْ كَمَآ أُمِرْتَ ۖ وَلَا تَتَّبِعْ أَهْوَآءَهُمْ ۖ وَقُلْ ءَامَنتُ بِمَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ مِن كِتَـٰبٍ ۖ وَأُمِرْتُ لِأَعْدِلَ بَيْنَكُمُ ۖ ٱللَّهُ رَبُّنَا وَرَبُّكُمْ ۖ لَنَآ أَعْمَـٰلُنَا وَلَكُمْ أَعْمَـٰلُكُمْ ۖ لَا حُجَّةَ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ ۖ ٱللَّهُ يَجْمَعُ بَيْنَنَا ۖ وَإِلَيْهِ ٱلْمَصِيرُ
Transliteration falidhālika fa-ud'ʿu wa-is'taqim kamā umir'ta walā tattabiʿ ahwāahum waqul āmantu bimā anzala l-lahu min kitābin wa-umir'tu li-aʿdila baynakumu l-lahu rabbunā warabbukum lanā aʿmālunā walakum aʿmālukum lā ḥujjata baynanā wabaynakumu l-lahu yajmaʿu baynanā wa-ilayhi l-maṣīru
Sindhi پوءِ (تون) انھيءَ (دين) ڏانھن سڏ، ۽ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي (تيئن) بيھڪ وٺ، ۽ سندن سَڌن جي تابعداري نه ڪر، ۽ چؤ ته جيڪو به ڪتاب الله لاٿو تنھن کي مڃيم، ۽ مون کي حُڪم ٿيل آھي ته اوھان جي وچ ۾ انصاف ڪريان، الله اسان جو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، اسان لاءِ اسان جا عمل ۽ اوھان لاءِ اوھان جا عمل آھن، اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ڪو تڪرار ڪونھي، الله اسان سڀني کي (قيامت جي) ڏينھن گڏ ڪندو، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.
Verse 16
وَٱلَّذِينَ يُحَآجُّونَ فِى ٱللَّهِ مِنۢ بَعْدِ مَا ٱسْتُجِيبَ لَهُۥ حُجَّتُهُمْ دَاحِضَةٌ عِندَ رَبِّهِمْ وَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ وَلَهُمْ عَذَابٌ شَدِيدٌ
Transliteration wa-alladhīna yuḥājjūna fī l-lahi min baʿdi mā us'tujība lahu ḥujjatuhum dāḥiḍatun ʿinda rabbihim waʿalayhim ghaḍabun walahum ʿadhābun shadīdun
Sindhi ۽ الله (جي دين) بابت سندس فرمان قبول ٿيڻ کانپوءِ جيڪو جھڳڙو ڪندا آھن تن جي حُجت سندن پالڻھار وٽ ڪوڙي (ٿيڻ واري) آھي ۽ مٿن (الله جو) ڏمر آھي ۽ اُنھن لاءِ سخت عذاب آھي.
Verse 17
ٱللَّهُ ٱلَّذِىٓ أَنزَلَ ٱلْكِتَـٰبَ بِٱلْحَقِّ وَٱلْمِيزَانَ ۗ وَمَا يُدْرِيكَ لَعَلَّ ٱلسَّاعَةَ قَرِيبٌ
Transliteration al-lahu alladhī anzala l-kitāba bil-ḥaqi wal-mīzāna wamā yud'rīka laʿalla l-sāʿata qarībun
Sindhi الله اُھو آھي جنھن سچو ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي لاٿي، توکي ڪھڙيءَ ڳالھ ڄاڻايو متان قيامت ويجھي ھجي.
Verse 18
يَسْتَعْجِلُ بِهَا ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِهَا ۖ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مُشْفِقُونَ مِنْهَا وَيَعْلَمُونَ أَنَّهَا ٱلْحَقُّ ۗ أَلَآ إِنَّ ٱلَّذِينَ يُمَارُونَ فِى ٱلسَّاعَةِ لَفِى ضَلَـٰلٍۭ بَعِيدٍ
Transliteration yastaʿjilu bihā alladhīna lā yu'minūna bihā wa-alladhīna āmanū mush'fiqūna min'hā wayaʿlamūna annahā l-ḥaqu alā inna alladhīna yumārūna fī l-sāʿati lafī ḍalālin baʿīdin
Sindhi جيڪي قيامت کي نه مڃيندا آھن سي اُن کي تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جن ايمان آندو آھي سي اُن کان ڊڄندا آھن ۽ ڄاڻندا آھن ته بيشڪ اُھا سچ (اچڻي) آھي، خبردار بيشڪ جيڪي قيامت بابت جھڳڙو ڪندا آھن سي بيشڪ وڏيءَ گُمراھيءَ ۾ آھن.
Verse 19
ٱللَّهُ لَطِيفٌۢ بِعِبَادِهِۦ يَرْزُقُ مَن يَشَآءُ ۖ وَهُوَ ٱلْقَوِىُّ ٱلْعَزِيزُ
Transliteration al-lahu laṭīfun biʿibādihi yarzuqu man yashāu wahuwa l-qawiyu l-ʿazīzu
Sindhi الله پنھنجن ٻانھن تي مھربان آھي جنھن کي گھري تنھن کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو سگھارو غالب آھي.
Verse 20
مَن كَانَ يُرِيدُ حَرْثَ ٱلْـَٔاخِرَةِ نَزِدْ لَهُۥ فِى حَرْثِهِۦ ۖ وَمَن كَانَ يُرِيدُ حَرْثَ ٱلدُّنْيَا نُؤْتِهِۦ مِنْهَا وَمَا لَهُۥ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ مِن نَّصِيبٍ
Transliteration man kāna yurīdu ḥartha l-ākhirati nazid lahu fī ḥarthihi waman kāna yurīdu ḥartha l-dun'yā nu'tihi min'hā wamā lahu fī l-ākhirati min naṣībin
Sindhi جيڪو آخرت جي پوک گھُرندو آھي تنھن لاءِ سندس پوک ۾ واڌارو ڪندا آھيون، ۽ جيڪو دنيا جي پوک جو ارادو ڪندو آھي تنھنکي ڪجھ منجھانئس ڏيندا آھيون ۽ آخرت ۾ اُن جو ڪو حصّو نه آھي.
Verse 21
أَمْ لَهُمْ شُرَكَـٰٓؤُا۟ شَرَعُوا۟ لَهُم مِّنَ ٱلدِّينِ مَا لَمْ يَأْذَنۢ بِهِ ٱللَّهُ ۚ وَلَوْلَا كَلِمَةُ ٱلْفَصْلِ لَقُضِىَ بَيْنَهُمْ ۗ وَإِنَّ ٱلظَّـٰلِمِينَ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Transliteration am lahum shurakāu sharaʿū lahum mina l-dīni mā lam yadhan bihi l-lahu walawlā kalimatu l-faṣli laquḍiya baynahum wa-inna l-ẓālimīna lahum ʿadhābun alīmun
Sindhi اُنھن (يعني ڪافرن) جا ڪي اھڙا شريڪ آھن ڇا جن اُنھن لاءِ دين مان (اُھو) نئون رستو بڻايو آھي جنھن جو الله حُڪم نه ڏنو آھي، ۽ جيڪڏھن فيصلي ڪرڻ جو وعدو (ٿيل) نه ھجي ھا ته ضرور (ھاڻي ئي) سندن وچ ۾ نبيرو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
Verse 22
تَرَى ٱلظَّـٰلِمِينَ مُشْفِقِينَ مِمَّا كَسَبُوا۟ وَهُوَ وَاقِعٌۢ بِهِمْ ۗ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ فِى رَوْضَاتِ ٱلْجَنَّاتِ ۖ لَهُم مَّا يَشَآءُونَ عِندَ رَبِّهِمْ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَضْلُ ٱلْكَبِيرُ
Transliteration tarā l-ẓālimīna mush'fiqīna mimmā kasabū wahuwa wāqiʿun bihim wa-alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti fī rawḍāti l-janāti lahum mā yashāūna ʿinda rabbihim dhālika huwa l-faḍlu l-kabīru
Sindhi (اي پيغمبر) ظالمن جيڪي ڪمايو آھي تنھن (جي عذاب) سببان کين ڊڄندڙ ڏسندين ۽ اُھو (عذاب) کين پھچندڙ آھي، ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتن جي باغن ۾ ھوندا، جيڪي گھرندا سو سندن پالڻھار وٽ اُنھن لاءِ (موجود) آھي، اِھوئي وڏو فضل آھي.
Verse 23
ذَٰلِكَ ٱلَّذِى يُبَشِّرُ ٱللَّهُ عِبَادَهُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ ۗ قُل لَّآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا إِلَّا ٱلْمَوَدَّةَ فِى ٱلْقُرْبَىٰ ۗ وَمَن يَقْتَرِفْ حَسَنَةً نَّزِدْ لَهُۥ فِيهَا حُسْنًا ۚ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ شَكُورٌ
Transliteration dhālika alladhī yubashiru l-lahu ʿibādahu alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti qul lā asalukum ʿalayhi ajran illā l-mawadata fī l-qur'bā waman yaqtarif ḥasanatan nazid lahu fīhā ḥus'nan inna l-laha ghafūrun shakūrun
Sindhi اِھو (ثواب) اُھو آھي جنھن جي الله پنھنجن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏيندو آھي جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھُران پر (جڳائي ته) مائٽن (جي وچ) ۾ محبت (رکو)، ۽ جيڪو چڱائي ڪمائيندو تنھن لاءِ اُن ۾ چڱائي وڌائينداسون، ڇوته الله بخشڻھار قدر ڄاڻڻ وارو آھي.
Verse 24
أَمْ يَقُولُونَ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا ۖ فَإِن يَشَإِ ٱللَّهُ يَخْتِمْ عَلَىٰ قَلْبِكَ ۗ وَيَمْحُ ٱللَّهُ ٱلْبَـٰطِلَ وَيُحِقُّ ٱلْحَقَّ بِكَلِمَـٰتِهِۦٓ ۚ إِنَّهُۥ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ
Transliteration am yaqūlūna if'tarā ʿalā l-lahi kadhiban fa-in yasha-i l-lahu yakhtim ʿalā qalbika wayamḥu l-lahu l-bāṭila wayuḥiqqu l-ḥaqa bikalimātihi innahu ʿalīmun bidhāti l-ṣudūri
Sindhi چوندا آھن ڇا ته (پيغمبر پاڻ) الله تي ڪوڙ ٺاھيو آھي، پوءِ جيڪڏھن الله گھري ته تنھنجيءَ دل تي مُھر ھڻي، ۽ الله ڪُوڙ کي ناس ڪندو آھي ۽ پنھنجن سُخنن سان سچي دين کي ثابت ڪندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.
Verse 25
وَهُوَ ٱلَّذِى يَقْبَلُ ٱلتَّوْبَةَ عَنْ عِبَادِهِۦ وَيَعْفُوا۟ عَنِ ٱلسَّيِّـَٔاتِ وَيَعْلَمُ مَا تَفْعَلُونَ
Transliteration wahuwa alladhī yaqbalu l-tawbata ʿan ʿibādihi wayaʿfū ʿani l-sayiāti wayaʿlamu mā tafʿalūna
Sindhi ۽ اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ مداين کان ٽارو ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو ڄاڻندو آھي.
Verse 26
وَيَسْتَجِيبُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ وَيَزِيدُهُم مِّن فَضْلِهِۦ ۚ وَٱلْكَـٰفِرُونَ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيدٌ
Transliteration wayastajību alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti wayazīduhum min faḍlihi wal-kāfirūna lahum ʿadhābun shadīdun
Sindhi ۽ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن جي دُعا قبول ڪندو آھي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ (به) ڏيندو آھي، ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت سزا آھي.
Verse 27
۞ وَلَوْ بَسَطَ ٱللَّهُ ٱلرِّزْقَ لِعِبَادِهِۦ لَبَغَوْا۟ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَـٰكِن يُنَزِّلُ بِقَدَرٍ مَّا يَشَآءُ ۚ إِنَّهُۥ بِعِبَادِهِۦ خَبِيرٌۢ بَصِيرٌ
Transliteration walaw basaṭa l-lahu l-riz'qa liʿibādihi labaghaw fī l-arḍi walākin yunazzilu biqadarin mā yashāu innahu biʿibādihi khabīrun baṣīrun
Sindhi ۽ جيڪڏھن الله پنھنجن ٻانھن جي روزي ڪشادي ڪري ھا ته مُلڪ ۾ ضرور بگيڙو وجھن ھا پر جيترو (پاڻ) گھرندو آھي (اوترو) نازل ڪندو آھي، ڇوته اُھو پنھنجن ٻانھن کي ڄاڻندڙ ڏسندڙ آھي.
Verse 28
وَهُوَ ٱلَّذِى يُنَزِّلُ ٱلْغَيْثَ مِنۢ بَعْدِ مَا قَنَطُوا۟ وَيَنشُرُ رَحْمَتَهُۥ ۚ وَهُوَ ٱلْوَلِىُّ ٱلْحَمِيدُ
Transliteration wahuwa alladhī yunazzilu l-ghaytha min baʿdi mā qanaṭū wayanshuru raḥmatahu wahuwa l-waliyu l-ḥamīdu
Sindhi ۽ (الله) اُھو آھي جو (ماڻھن جي) نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينھن ھيٺ موڪليندو آھي ۽ پنھنجي رحمت پکيڙيندو آھي، اُھو (ئي) ڪارساز ساراھيل آھي.
Verse 29
وَمِنْ ءَايَـٰتِهِۦ خَلْقُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَثَّ فِيهِمَا مِن دَآبَّةٍ ۚ وَهُوَ عَلَىٰ جَمْعِهِمْ إِذَا يَشَآءُ قَدِيرٌ
Transliteration wamin āyātihi khalqu l-samāwāti wal-arḍi wamā batha fīhimā min dābbatin wahuwa ʿalā jamʿihim idhā yashāu qadīrun
Sindhi ۽ آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ جيڪي سندن وچ ۾ چرندڙ پکيڙيائين تن جو (بڻائڻ) سنديس نشانين مان آھي، ۽ اُھو جڏھن گھرندو (تڏھن) سندن گڏ ڪرڻ تي وس وارو آھي.
Verse 30
وَمَآ أَصَـٰبَكُم مِّن مُّصِيبَةٍ فَبِمَا كَسَبَتْ أَيْدِيكُمْ وَيَعْفُوا۟ عَن كَثِيرٍ
Transliteration wamā aṣābakum min muṣībatin fabimā kasabat aydīkum wayaʿfū ʿan kathīrin
Sindhi ۽ جيڪا به اوکائي اوھان کي پھچندي آھي سا اوھان جي ھٿن جي ڪمائي سببان آھي ۽ گھڻن (گناھن) کان (ته خُدا) در گذر ڪندو آھي.
Verse 31
وَمَآ أَنتُم بِمُعْجِزِينَ فِى ٱلْأَرْضِ ۖ وَمَا لَكُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلَا نَصِيرٍ
Transliteration wamā antum bimuʿ'jizīna fī l-arḍi wamā lakum min dūni l-lahi min waliyyin walā naṣīrin
Sindhi ۽ اوھين زمين ۾ (ڀڄي) عاجز ڪرڻ وارا نه آھيو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو ڪارساز ۽ نڪو مددگار آھي.
Verse 32
وَمِنْ ءَايَـٰتِهِ ٱلْجَوَارِ فِى ٱلْبَحْرِ كَٱلْأَعْلَـٰمِ
Transliteration wamin āyātihi l-jawāri fī l-baḥri kal-aʿlāmi
Sindhi ۽ سنديس نشانين مان درياءَ ۾ جبلن وانگر جھاز (ھلندا) آھن.
Verse 33
إِن يَشَأْ يُسْكِنِ ٱلرِّيحَ فَيَظْلَلْنَ رَوَاكِدَ عَلَىٰ ظَهْرِهِۦٓ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُورٍ
Transliteration in yasha yus'kini l-rīḥa fayaẓlalna rawākida ʿalā ẓahrihi inna fī dhālika laāyātin likulli ṣabbārin shakūrin
Sindhi جيڪڏھن (خدا) گھري ته وائن کي جھلي پوءِ ٻيڙا درياءَ جي پٺي تي (ھلڻ کان) بيھي رھن، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن صبر ڪندڙ لاءِ نشانيون آھن.
Verse 34
أَوْ يُوبِقْهُنَّ بِمَا كَسَبُوا۟ وَيَعْفُ عَن كَثِيرٍ
Transliteration aw yūbiq'hunna bimā kasabū wayaʿfu ʿan kathīrin
Sindhi يا ھلاڪ ڪرين تنھن سببان جو ڪمايائون ۽ عفو ٿو ڪري گھڻن کان.
Verse 35
وَيَعْلَمَ ٱلَّذِينَ يُجَـٰدِلُونَ فِىٓ ءَايَـٰتِنَا مَا لَهُم مِّن مَّحِيصٍ
Transliteration wayaʿlama alladhīna yujādilūna fī āyātinā mā lahum min maḥīṣin
Sindhi ۽ ته جيڪي اسان جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن سي ڄاڻن ته انھن لاءِ ڇوٽڪارو نه آھي.
Verse 36
فَمَآ أُوتِيتُم مِّن شَىْءٍ فَمَتَـٰعُ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۖ وَمَا عِندَ ٱللَّهِ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
Transliteration famā ūtītum min shayin famatāʿu l-ḥayati l-dun'yā wamā ʿinda l-lahi khayrun wa-abqā lilladhīna āmanū waʿalā rabbihim yatawakkalūna
Sindhi پوءِ جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي سو ڪجھ به ھجي ته اُھو دنيوي حياتيءَ جو (ٿورو) سامان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀَلو ۽ ھميشه رھڻ وارو انھن لاءِ آھي جن ايمان آندو آھي ۽ پنھنجي رب تي ڀروسو ڪندا آھن.
Verse 37
وَٱلَّذِينَ يَجْتَنِبُونَ كَبَـٰٓئِرَ ٱلْإِثْمِ وَٱلْفَوَٰحِشَ وَإِذَا مَا غَضِبُوا۟ هُمْ يَغْفِرُونَ
Transliteration wa-alladhīna yajtanibūna kabāira l-ith'mi wal-fawāḥisha wa-idhā mā ghaḍibū hum yaghfirūna
Sindhi ۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي وڏن گناھن ۽ بي حيائين کان پاسو ڪن ٿا ۽ جيڪڏھن ڪاوڙبا آھن (تڏھن) اُھي بخشيندا آھن.
Verse 38
وَٱلَّذِينَ ٱسْتَجَابُوا۟ لِرَبِّهِمْ وَأَقَامُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَأَمْرُهُمْ شُورَىٰ بَيْنَهُمْ وَمِمَّا رَزَقْنَـٰهُمْ يُنفِقُونَ
Transliteration wa-alladhīna is'tajābū lirabbihim wa-aqāmū l-ṣalata wa-amruhum shūrā baynahum wamimmā razaqnāhum yunfiqūna
Sindhi ۽ جن پنھنجي پالڻھار جو حُڪم مڃيو ۽ نماز پڙھي، ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح سان ھوندو آھي، ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچيندا آھن.
Verse 39
وَٱلَّذِينَ إِذَآ أَصَابَهُمُ ٱلْبَغْىُ هُمْ يَنتَصِرُونَ
Transliteration wa-alladhīna idhā aṣābahumu l-baghyu hum yantaṣirūna
Sindhi ۽ اُھي (اھڙا آھن) جو جڏھن کين ڪو ظلم پھچي (تڏھن مظلوم جو مناسب) بدلو وٺندا آھن.
Verse 40
وَجَزَٰٓؤُا۟ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِّثْلُهَا ۖ فَمَنْ عَفَا وَأَصْلَحَ فَأَجْرُهُۥ عَلَى ٱللَّهِ ۚ إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلظَّـٰلِمِينَ
Transliteration wajazāu sayyi-atin sayyi-atun mith'luhā faman ʿafā wa-aṣlaḥa fa-ajruhu ʿalā l-lahi innahu lā yuḥibbu l-ẓālimīna
Sindhi ۽ مدائيءَ جو بدلو اُھڙي مدائي آھي، پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ صُلح ڪري تنھن جو اجر الله تي آھي، بيشڪ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.
Verse 41
وَلَمَنِ ٱنتَصَرَ بَعْدَ ظُلْمِهِۦ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ مَا عَلَيْهِم مِّن سَبِيلٍ
Transliteration walamani intaṣara baʿda ẓul'mihi fa-ulāika mā ʿalayhim min sabīlin
Sindhi ۽ بيشڪ جيڪي پنھنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن تن تي ڪا (ڏوراپي جي) واٽ ڪانه آھي.
Verse 42
إِنَّمَا ٱلسَّبِيلُ عَلَى ٱلَّذِينَ يَظْلِمُونَ ٱلنَّاسَ وَيَبْغُونَ فِى ٱلْأَرْضِ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Transliteration innamā l-sabīlu ʿalā alladhīna yaẓlimūna l-nāsa wayabghūna fī l-arḍi bighayri l-ḥaqi ulāika lahum ʿadhābun alīmun
Sindhi (ڏوراپي جي) واٽ رڳو انھن تي آھي جيڪي ماڻھن کي ايذائيندا آھن ۽ مُلڪ ۾ ناحق فساد وجھندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
Verse 43
وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذَٰلِكَ لَمِنْ عَزْمِ ٱلْأُمُورِ
Transliteration walaman ṣabara waghafara inna dhālika lamin ʿazmi l-umūri
Sindhi ۽ البت جيڪو صبر ڪري ۽ بخشي ته بيشڪ اھو (عفو) ھمّت جي ڪمن مان آھي.
Verse 44
وَمَن يُضْلِلِ ٱللَّهُ فَمَا لَهُۥ مِن وَلِىٍّ مِّنۢ بَعْدِهِۦ ۗ وَتَرَى ٱلظَّـٰلِمِينَ لَمَّا رَأَوُا۟ ٱلْعَذَابَ يَقُولُونَ هَلْ إِلَىٰ مَرَدٍّ مِّن سَبِيلٍ
Transliteration waman yuḍ'lili l-lahu famā lahu min waliyyin min baʿdihi watarā l-ẓālimīna lammā ra-awū l-ʿadhāba yaqūlūna hal ilā maraddin min sabīlin
Sindhi ۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن جو اُن کانپوءِ ڪو ڀرجھلو ڪونھي، ۽ (تون) ظالمن کي ڏسندين ته جڏھن (اُھي) سزا ڏسندا (تڏھن) چوندا ته (ھاڻي دنيا ۾) ورڻ جي ڪا واھ آھي ڇا؟
Verse 45
وَتَرَىٰهُمْ يُعْرَضُونَ عَلَيْهَا خَـٰشِعِينَ مِنَ ٱلذُّلِّ يَنظُرُونَ مِن طَرْفٍ خَفِىٍّ ۗ وَقَالَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِنَّ ٱلْخَـٰسِرِينَ ٱلَّذِينَ خَسِرُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ وَأَهْلِيهِمْ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ ۗ أَلَآ إِنَّ ٱلظَّـٰلِمِينَ فِى عَذَابٍ مُّقِيمٍ
Transliteration watarāhum yuʿ'raḍūna ʿalayhā khāshiʿīna mina l-dhuli yanẓurūna min ṭarfin khafiyyin waqāla alladhīna āmanū inna l-khāsirīna alladhīna khasirū anfusahum wa-ahlīhim yawma l-qiyāmati alā inna l-ẓālimīna fī ʿadhābin muqīmin
Sindhi ۽ ڏسندين تون اُنھن کي جو پيش ڪيا ويندا باھ تي عاجزي ڪندڙ خواريءَ کان اک ڏٻي ڪيون پيا ڏسندا، ۽ مؤمن چوندا ته بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن پاڻ کي ۽ پنھنجن گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئو لاتو، خبردار بيشڪ ظالم ھميشه جي عذاب ۾ ھوندا.
Verse 46
وَمَا كَانَ لَهُم مِّنْ أَوْلِيَآءَ يَنصُرُونَهُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ ۗ وَمَن يُضْلِلِ ٱللَّهُ فَمَا لَهُۥ مِن سَبِيلٍ
Transliteration wamā kāna lahum min awliyāa yanṣurūnahum min dūni l-lahi waman yuḍ'lili l-lahu famā lahu min sabīlin
Sindhi ۽ الله کانسواءِ اُنھن جا ڪي ڀر جھلا نه ھوندا جي کين مدد ڏين، ۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن لاءِ ڪا واٽ نه آھي.
Verse 47
ٱسْتَجِيبُوا۟ لِرَبِّكُم مِّن قَبْلِ أَن يَأْتِىَ يَوْمٌ لَّا مَرَدَّ لَهُۥ مِنَ ٱللَّهِ ۚ مَا لَكُم مِّن مَّلْجَإٍ يَوْمَئِذٍ وَمَا لَكُم مِّن نَّكِيرٍ
Transliteration is'tajībū lirabbikum min qabli an yatiya yawmun lā maradda lahu mina l-lahi mā lakum min malja-in yawma-idhin wamā lakum min nakīrin
Sindhi پنھنجي پالڻھار جو حُڪم اُن ڏينھن (جي اچڻ) کان اڳ قبول ڪريو جنھن کي الله (جي پار) کان ٽَرڻو نه آھي، اُن ڏينھن نڪا اوھان کي واھ آھي ۽ نه ھوندو اوھان لاءِ ڪو انڪار.
Verse 48
فَإِنْ أَعْرَضُوا۟ فَمَآ أَرْسَلْنَـٰكَ عَلَيْهِمْ حَفِيظًا ۖ إِنْ عَلَيْكَ إِلَّا ٱلْبَلَـٰغُ ۗ وَإِنَّآ إِذَآ أَذَقْنَا ٱلْإِنسَـٰنَ مِنَّا رَحْمَةً فَرِحَ بِهَا ۖ وَإِن تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌۢ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ فَإِنَّ ٱلْإِنسَـٰنَ كَفُورٌ
Transliteration fa-in aʿraḍū famā arsalnāka ʿalayhim ḥafīẓan in ʿalayka illā l-balāghu wa-innā idhā adhaqnā l-insāna minnā raḥmatan fariḥa bihā wa-in tuṣib'hum sayyi-atun bimā qaddamat aydīhim fa-inna l-insāna kafūrun
Sindhi پوءِ جيڪڏھن منھن موڙين ته توکي مٿن نگھبان ڪري نه موڪليو اٿون، توتي پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي لازم نه آھي، ۽ بيشڪ اسين جڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ٻاجھ (جو مزو) چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان خُوش ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪا اوکائي سندن ھٿن جي اڳ ڪئي سببان کين پھچندي آھي ته بيشڪ ماڻھو بي شڪر (ٿيندو) آھي.
Verse 49
لِّلَّهِ مُلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ يَخْلُقُ مَا يَشَآءُ ۚ يَهَبُ لِمَن يَشَآءُ إِنَـٰثًا وَيَهَبُ لِمَن يَشَآءُ ٱلذُّكُورَ
Transliteration lillahi mul'ku l-samāwāti wal-arḍi yakhluqu mā yashāu yahabu liman yashāu ināthan wayahabu liman yashāu l-dhukūra
Sindhi آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جيڪي گھري (سو) خلقيندو آھي، جنھن کي وڻيس (تنھن کي) ڌيئرون بخشيندو آھي ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پُٽ بخشيندو آھي.
Verse 50
أَوْ يُزَوِّجُهُمْ ذُكْرَانًا وَإِنَـٰثًا ۖ وَيَجْعَلُ مَن يَشَآءُ عَقِيمًا ۚ إِنَّهُۥ عَلِيمٌ قَدِيرٌ
Transliteration aw yuzawwijuhum dhuk'rānan wa-ināthan wayajʿalu man yashāu ʿaqīman innahu ʿalīmun qadīrun
Sindhi يا کين پُٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) سَنڍ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
Verse 51
۞ وَمَا كَانَ لِبَشَرٍ أَن يُكَلِّمَهُ ٱللَّهُ إِلَّا وَحْيًا أَوْ مِن وَرَآئِ حِجَابٍ أَوْ يُرْسِلَ رَسُولًا فَيُوحِىَ بِإِذْنِهِۦ مَا يَشَآءُ ۚ إِنَّهُۥ عَلِىٌّ حَكِيمٌ
Transliteration wamā kāna libasharin an yukallimahu l-lahu illā waḥyan aw min warāi ḥijābin aw yur'sila rasūlan fayūḥiya bi-idh'nihi mā yashāu innahu ʿaliyyun ḥakīmun
Sindhi ۽ ڪنھن ماڻھوءِ لاءِ ٿيڻو ئي نه آھي ته الله ساڻس ڳالھائي سواءِ ھن جي ته الھام سان يا پردي جي پويان يا ڪنھن قاصد موڪلڻ سان (ڳالھائي) پوءِ جيڪي الله گھريو سو سندس حُڪم سان پھچائي ڏي، بيشڪ اُھو (سڀ کان) مٿاھون حڪمت وارو آھي.
Verse 52
وَكَذَٰلِكَ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ رُوحًا مِّنْ أَمْرِنَا ۚ مَا كُنتَ تَدْرِى مَا ٱلْكِتَـٰبُ وَلَا ٱلْإِيمَـٰنُ وَلَـٰكِن جَعَلْنَـٰهُ نُورًا نَّهْدِى بِهِۦ مَن نَّشَآءُ مِنْ عِبَادِنَا ۚ وَإِنَّكَ لَتَهْدِىٓ إِلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
Transliteration wakadhālika awḥaynā ilayka rūḥan min amrinā mā kunta tadrī mā l-kitābu walā l-īmānu walākin jaʿalnāhu nūran nahdī bihi man nashāu min ʿibādinā wa-innaka latahdī ilā ṣirāṭin mus'taqīmin
Sindhi ۽ اھڙيءَ طرح اسان پنھنجي ڪلام سان توڏانھن قرآن وحي ڪيو، (اڳ) تون نه ڄاڻندو ھئين ته ڪتاب ڇا آھي ۽ نڪي (ڄاڻندو ھئين ته) ايمان (ڇا آھي) پر قُرآن کي نُور ڪيو اٿون پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي گھرون (تنھن کي) اُن سان سڌو رستو ڏيکاريندا آھيون، ۽ بيشڪ تون سڌي رستي ڏانھن ھدايت ڪندو آھين.
Verse 53
صِرَٰطِ ٱللَّهِ ٱلَّذِى لَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۗ أَلَآ إِلَى ٱللَّهِ تَصِيرُ ٱلْأُمُورُ
Transliteration ṣirāṭi l-lahi alladhī lahu mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi alā ilā l-lahi taṣīru l-umūru
Sindhi (يعني) اُنھي الله جو رستو جو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، خبردار الله ڏانھن (ئي سڀ) ڪم وري ويندا آھن.
Read Surah Ash-Shuraa in another language
- English (word by word)
- Albanian
- Amazigh
- Amharic
- Assamese
- Azerbaijani
- Bambara
- Bangla
- Bosnian
- Bulgarian
- Chechen
- Chinese
- Czech
- Dari
- Dhivehi
- Dutch
- Finnish
- French
- German
- Gujarati
- Hausa
- Hebrew
- Hindi
- Indonesian
- Italian
- Japanese
- Kannada
- Kazakh
- Khmer
- Kinyarwanda
- Korean
- Kurdish
- Luganda
- Malay
- Malayalam
- Maranao
- Marathi
- Nepali
- Norwegian
- Oromo
- Pashto
- Persian
- Polish
- Portuguese
- Romanian
- Russian
- Sinhala
- Somali
- Spanish
- Swahili
- Swedish
- Tagalog
- Tajik
- Tamil
- Tatar
- Telugu
- Thai
- Turkish
- Ukrainian
- Urdu
- Uyghur
- Uzbek
- Vietnamese
- Yao
- Yoruba
All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.
Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.