Surah As-Saffat in Sindhi: translation and audio
Surah 37 · الصافات · Those who set the Ranks · 182 verses
Surah As-Saffat verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah As-Saffat word by word in English.
Verse 1
وَٱلصَّـٰٓفَّـٰتِ صَفًّا
Transliteration wal-ṣāfāti ṣaffan
Sindhi (پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
Verse 2
فَٱلزَّٰجِرَٰتِ زَجْرًا
Transliteration fal-zājirāti zajran
Sindhi پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
Verse 3
فَٱلتَّـٰلِيَـٰتِ ذِكْرًا
Transliteration fal-tāliyāti dhik'ran
Sindhi پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي.
Verse 4
إِنَّ إِلَـٰهَكُمْ لَوَٰحِدٌ
Transliteration inna ilāhakum lawāḥidun
Sindhi ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي.
Verse 5
رَّبُّ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ ٱلْمَشَـٰرِقِ
Transliteration rabbu l-samāwāti wal-arḍi wamā baynahumā warabbu l-mashāriqi
Sindhi (جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي.
Verse 6
إِنَّا زَيَّنَّا ٱلسَّمَآءَ ٱلدُّنْيَا بِزِينَةٍ ٱلْكَوَاكِبِ
Transliteration innā zayyannā l-samāa l-dun'yā bizīnatin l-kawākibi
Sindhi بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو.
Verse 7
وَحِفْظًا مِّن كُلِّ شَيْطَـٰنٍ مَّارِدٍ
Transliteration waḥif'ẓan min kulli shayṭānin māridin
Sindhi ۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون.
Verse 8
لَّا يَسَّمَّعُونَ إِلَى ٱلْمَلَإِ ٱلْأَعْلَىٰ وَيُقْذَفُونَ مِن كُلِّ جَانِبٍ
Transliteration lā yassammaʿūna ilā l-mala-i l-aʿlā wayuq'dhafūna min kulli jānibin
Sindhi ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن.
Verse 9
دُحُورًا ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ وَاصِبٌ
Transliteration duḥūran walahum ʿadhābun wāṣibun
Sindhi (اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.
Verse 10
إِلَّا مَنْ خَطِفَ ٱلْخَطْفَةَ فَأَتْبَعَهُۥ شِهَابٌ ثَاقِبٌ
Transliteration illā man khaṭifa l-khaṭfata fa-atbaʿahu shihābun thāqibun
Sindhi پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي.
Verse 11
فَٱسْتَفْتِهِمْ أَهُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَم مَّنْ خَلَقْنَآ ۚ إِنَّا خَلَقْنَـٰهُم مِّن طِينٍ لَّازِبٍۭ
Transliteration fa-is'taftihim ahum ashaddu khalqan am man khalaqnā innā khalaqnāhum min ṭīnin lāzibin
Sindhi پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو.
Verse 12
بَلْ عَجِبْتَ وَيَسْخَرُونَ
Transliteration bal ʿajib'ta wayaskharūna
Sindhi بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن.
Verse 13
وَإِذَا ذُكِّرُوا۟ لَا يَذْكُرُونَ
Transliteration wa-idhā dhukkirū lā yadhkurūna
Sindhi ۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن.
Verse 14
وَإِذَا رَأَوْا۟ ءَايَةً يَسْتَسْخِرُونَ
Transliteration wa-idhā ra-aw āyatan yastaskhirūna
Sindhi ۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن.
Verse 15
وَقَالُوٓا۟ إِنْ هَـٰذَآ إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ
Transliteration waqālū in hādhā illā siḥ'run mubīnun
Sindhi ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي.
Verse 16
أَءِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَـٰمًا أَءِنَّا لَمَبْعُوثُونَ
Transliteration a-idhā mit'nā wakunnā turāban waʿiẓāman a-innā lamabʿūthūna
Sindhi ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟
Verse 17
أَوَءَابَآؤُنَا ٱلْأَوَّلُونَ
Transliteration awaābāunā l-awalūna
Sindhi اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟
Verse 18
قُلْ نَعَمْ وَأَنتُمْ دَٰخِرُونَ
Transliteration qul naʿam wa-antum dākhirūna
Sindhi چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ.
Verse 19
فَإِنَّمَا هِىَ زَجْرَةٌ وَٰحِدَةٌ فَإِذَا هُمْ يَنظُرُونَ
Transliteration fa-innamā hiya zajratun wāḥidatun fa-idhā hum yanẓurūna
Sindhi پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا.
Verse 20
وَقَالُوا۟ يَـٰوَيْلَنَا هَـٰذَا يَوْمُ ٱلدِّينِ
Transliteration waqālū yāwaylanā hādhā yawmu l-dīni
Sindhi ۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي.
Verse 21
هَـٰذَا يَوْمُ ٱلْفَصْلِ ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
Transliteration hādhā yawmu l-faṣli alladhī kuntum bihi tukadhibūna
Sindhi (چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي.
Verse 22
۞ ٱحْشُرُوا۟ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ وَأَزْوَٰجَهُمْ وَمَا كَانُوا۟ يَعْبُدُونَ
Transliteration uḥ'shurū alladhīna ẓalamū wa-azwājahum wamā kānū yaʿbudūna
Sindhi (چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا
Verse 23
مِن دُونِ ٱللَّهِ فَٱهْدُوهُمْ إِلَىٰ صِرَٰطِ ٱلْجَحِيمِ
Transliteration min dūni l-lahi fa-ih'dūhum ilā ṣirāṭi l-jaḥīmi
Sindhi تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو.
Verse 24
وَقِفُوهُمْ ۖ إِنَّهُم مَّسْـُٔولُونَ
Transliteration waqifūhum innahum masūlūna
Sindhi ۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو.
Verse 25
مَا لَكُمْ لَا تَنَاصَرُونَ
Transliteration mā lakum lā tanāṣarūna
Sindhi (ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟
Verse 26
بَلْ هُمُ ٱلْيَوْمَ مُسْتَسْلِمُونَ
Transliteration bal humu l-yawma mus'taslimūna
Sindhi بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن.
Verse 27
وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَسَآءَلُونَ
Transliteration wa-aqbala baʿḍuhum ʿalā baʿḍin yatasāalūna
Sindhi ۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
Verse 28
قَالُوٓا۟ إِنَّكُمْ كُنتُمْ تَأْتُونَنَا عَنِ ٱلْيَمِينِ
Transliteration qālū innakum kuntum tatūnanā ʿani l-yamīni
Sindhi (ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ.
Verse 29
قَالُوا۟ بَل لَّمْ تَكُونُوا۟ مُؤْمِنِينَ
Transliteration qālū bal lam takūnū mu'minīna
Sindhi (سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ.
Verse 30
وَمَا كَانَ لَنَا عَلَيْكُم مِّن سُلْطَـٰنٍۭ ۖ بَلْ كُنتُمْ قَوْمًا طَـٰغِينَ
Transliteration wamā kāna lanā ʿalaykum min sul'ṭānin bal kuntum qawman ṭāghīna
Sindhi ۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ.
Verse 31
فَحَقَّ عَلَيْنَا قَوْلُ رَبِّنَآ ۖ إِنَّا لَذَآئِقُونَ
Transliteration faḥaqqa ʿalaynā qawlu rabbinā innā ladhāiqūna
Sindhi پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون.
Verse 32
فَأَغْوَيْنَـٰكُمْ إِنَّا كُنَّا غَـٰوِينَ
Transliteration fa-aghwaynākum innā kunnā ghāwīna
Sindhi پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون.
Verse 33
فَإِنَّهُمْ يَوْمَئِذٍ فِى ٱلْعَذَابِ مُشْتَرِكُونَ
Transliteration fa-innahum yawma-idhin fī l-ʿadhābi mush'tarikūna
Sindhi پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا.
Verse 34
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَفْعَلُ بِٱلْمُجْرِمِينَ
Transliteration innā kadhālika nafʿalu bil-muj'rimīna
Sindhi بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون.
Verse 35
إِنَّهُمْ كَانُوٓا۟ إِذَا قِيلَ لَهُمْ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا ٱللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ
Transliteration innahum kānū idhā qīla lahum lā ilāha illā l-lahu yastakbirūna
Sindhi بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا.
Verse 36
وَيَقُولُونَ أَئِنَّا لَتَارِكُوٓا۟ ءَالِهَتِنَا لِشَاعِرٍ مَّجْنُونٍۭ
Transliteration wayaqūlūna a-innā latārikū ālihatinā lishāʿirin majnūnin
Sindhi ۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟
Verse 37
بَلْ جَآءَ بِٱلْحَقِّ وَصَدَّقَ ٱلْمُرْسَلِينَ
Transliteration bal jāa bil-ḥaqi waṣaddaqa l-mur'salīna
Sindhi بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين.
Verse 38
إِنَّكُمْ لَذَآئِقُوا۟ ٱلْعَذَابِ ٱلْأَلِيمِ
Transliteration innakum ladhāiqū l-ʿadhābi l-alīmi
Sindhi بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو.
Verse 39
وَمَا تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Transliteration wamā tuj'zawna illā mā kuntum taʿmalūna
Sindhi ۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ.
Verse 40
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
Transliteration illā ʿibāda l-lahi l-mukh'laṣīna
Sindhi پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا).
Verse 41
أُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُمْ رِزْقٌ مَّعْلُومٌ
Transliteration ulāika lahum riz'qun maʿlūmun
Sindhi اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي.
Verse 42
فَوَٰكِهُ ۖ وَهُم مُّكْرَمُونَ
Transliteration fawākihu wahum muk'ramūna
Sindhi (قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن.
Verse 43
فِى جَنَّـٰتِ ٱلنَّعِيمِ
Transliteration fī jannāti l-naʿīmi
Sindhi نعمت وارن باغن ۾.
Verse 44
عَلَىٰ سُرُرٍ مُّتَقَـٰبِلِينَ
Transliteration ʿalā sururin mutaqābilīna
Sindhi تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.
Verse 45
يُطَافُ عَلَيْهِم بِكَأْسٍ مِّن مَّعِينٍۭ
Transliteration yuṭāfu ʿalayhim bikasin min maʿīnin
Sindhi وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو.
Verse 46
بَيْضَآءَ لَذَّةٍ لِّلشَّـٰرِبِينَ
Transliteration bayḍāa ladhatin lilshāribīna
Sindhi جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو.
Verse 47
لَا فِيهَا غَوْلٌ وَلَا هُمْ عَنْهَا يُنزَفُونَ
Transliteration lā fīhā ghawlun walā hum ʿanhā yunzafūna
Sindhi نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا.
Verse 48
وَعِندَهُمْ قَـٰصِرَٰتُ ٱلطَّرْفِ عِينٌ
Transliteration waʿindahum qāṣirātu l-ṭarfi ʿīnun
Sindhi ۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون.
Verse 49
كَأَنَّهُنَّ بَيْضٌ مَّكْنُونٌ
Transliteration ka-annahunna bayḍun maknūnun
Sindhi ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن.
Verse 50
فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَسَآءَلُونَ
Transliteration fa-aqbala baʿḍuhum ʿalā baʿḍin yatasāalūna
Sindhi پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
Verse 51
قَالَ قَآئِلٌ مِّنْهُمْ إِنِّى كَانَ لِى قَرِينٌ
Transliteration qāla qāilun min'hum innī kāna lī qarīnun
Sindhi منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو.
Verse 52
يَقُولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ ٱلْمُصَدِّقِينَ
Transliteration yaqūlu a-innaka lamina l-muṣadiqīna
Sindhi جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟
Verse 53
أَءِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَـٰمًا أَءِنَّا لَمَدِينُونَ
Transliteration a-idhā mit'nā wakunnā turāban waʿiẓāman a-innā lamadīnūna
Sindhi ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟
Verse 54
قَالَ هَلْ أَنتُم مُّطَّلِعُونَ
Transliteration qāla hal antum muṭṭaliʿūna
Sindhi (وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟
Verse 55
فَٱطَّلَعَ فَرَءَاهُ فِى سَوَآءِ ٱلْجَحِيمِ
Transliteration fa-iṭṭalaʿa faraāhu fī sawāi l-jaḥīmi
Sindhi پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.
Verse 56
قَالَ تَٱللَّهِ إِن كِدتَّ لَتُرْدِينِ
Transliteration qāla tal-lahi in kidtta latur'dīni
Sindhi چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو.
Verse 57
وَلَوْلَا نِعْمَةُ رَبِّى لَكُنتُ مِنَ ٱلْمُحْضَرِينَ
Transliteration walawlā niʿ'matu rabbī lakuntu mina l-muḥ'ḍarīna
Sindhi ۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا.
Verse 58
أَفَمَا نَحْنُ بِمَيِّتِينَ
Transliteration afamā naḥnu bimayyitīna
Sindhi بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون.
Verse 59
إِلَّا مَوْتَتَنَا ٱلْأُولَىٰ وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ
Transliteration illā mawtatanā l-ūlā wamā naḥnu bimuʿadhabīna
Sindhi (اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون.
Verse 60
إِنَّ هَـٰذَا لَهُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
Transliteration inna hādhā lahuwa l-fawzu l-ʿaẓīmu
Sindhi بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
Verse 61
لِمِثْلِ هَـٰذَا فَلْيَعْمَلِ ٱلْعَـٰمِلُونَ
Transliteration limith'li hādhā falyaʿmali l-ʿāmilūna
Sindhi اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن.
Verse 62
أَذَٰلِكَ خَيْرٌ نُّزُلًا أَمْ شَجَرَةُ ٱلزَّقُّومِ
Transliteration adhālika khayrun nuzulan am shajaratu l-zaqūmi
Sindhi ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟
Verse 63
إِنَّا جَعَلْنَـٰهَا فِتْنَةً لِّلظَّـٰلِمِينَ
Transliteration innā jaʿalnāhā fit'natan lilẓẓālimīna
Sindhi بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي.
Verse 64
إِنَّهَا شَجَرَةٌ تَخْرُجُ فِىٓ أَصْلِ ٱلْجَحِيمِ
Transliteration innahā shajaratun takhruju fī aṣli l-jaḥīmi
Sindhi بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي.
Verse 65
طَلْعُهَا كَأَنَّهُۥ رُءُوسُ ٱلشَّيَـٰطِينِ
Transliteration ṭalʿuhā ka-annahu ruūsu l-shayāṭīni
Sindhi اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن.
Verse 66
فَإِنَّهُمْ لَـَٔاكِلُونَ مِنْهَا فَمَالِـُٔونَ مِنْهَا ٱلْبُطُونَ
Transliteration fa-innahum laākilūna min'hā famāliūna min'hā l-buṭūna
Sindhi پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا.
Verse 67
ثُمَّ إِنَّ لَهُمْ عَلَيْهَا لَشَوْبًا مِّنْ حَمِيمٍ
Transliteration thumma inna lahum ʿalayhā lashawban min ḥamīmin
Sindhi وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي.
Verse 68
ثُمَّ إِنَّ مَرْجِعَهُمْ لَإِلَى ٱلْجَحِيمِ
Transliteration thumma inna marjiʿahum la-ilā l-jaḥīmi
Sindhi وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو.
Verse 69
إِنَّهُمْ أَلْفَوْا۟ ءَابَآءَهُمْ ضَآلِّينَ
Transliteration innahum alfaw ābāahum ḍāllīna
Sindhi بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو.
Verse 70
فَهُمْ عَلَىٰٓ ءَاثَـٰرِهِمْ يُهْرَعُونَ
Transliteration fahum ʿalā āthārihim yuh'raʿūna
Sindhi تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا.
Verse 71
وَلَقَدْ ضَلَّ قَبْلَهُمْ أَكْثَرُ ٱلْأَوَّلِينَ
Transliteration walaqad ḍalla qablahum aktharu l-awalīna
Sindhi ۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا.
Verse 72
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا فِيهِم مُّنذِرِينَ
Transliteration walaqad arsalnā fīhim mundhirīna
Sindhi ۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون.
Verse 73
فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلْمُنذَرِينَ
Transliteration fa-unẓur kayfa kāna ʿāqibatu l-mundharīna
Sindhi پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟
Verse 74
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
Transliteration illā ʿibāda l-lahi l-mukh'laṣīna
Sindhi پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي).
Verse 75
وَلَقَدْ نَادَىٰنَا نُوحٌ فَلَنِعْمَ ٱلْمُجِيبُونَ
Transliteration walaqad nādānā nūḥun falaniʿ'ma l-mujībūna
Sindhi ۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون.
Verse 76
وَنَجَّيْنَـٰهُ وَأَهْلَهُۥ مِنَ ٱلْكَرْبِ ٱلْعَظِيمِ
Transliteration wanajjaynāhu wa-ahlahu mina l-karbi l-ʿaẓīmi
Sindhi ۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون.
Verse 77
وَجَعَلْنَا ذُرِّيَّتَهُۥ هُمُ ٱلْبَاقِينَ
Transliteration wajaʿalnā dhurriyyatahu humu l-bāqīna
Sindhi ۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون.
Verse 78
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
Transliteration wataraknā ʿalayhi fī l-ākhirīna
Sindhi ۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون.
Verse 79
سَلَـٰمٌ عَلَىٰ نُوحٍ فِى ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration salāmun ʿalā nūḥin fī l-ʿālamīna
Sindhi ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي.
Verse 80
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Transliteration innā kadhālika najzī l-muḥ'sinīna
Sindhi بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
Verse 81
إِنَّهُۥ مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
Transliteration innahu min ʿibādinā l-mu'minīna
Sindhi بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
Verse 82
ثُمَّ أَغْرَقْنَا ٱلْـَٔاخَرِينَ
Transliteration thumma aghraqnā l-ākharīna
Sindhi وري ٻـين کي ٻوڙيوسون.
Verse 83
۞ وَإِنَّ مِن شِيعَتِهِۦ لَإِبْرَٰهِيمَ
Transliteration wa-inna min shīʿatihi la-ib'rāhīma
Sindhi ۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.
Verse 84
إِذْ جَآءَ رَبَّهُۥ بِقَلْبٍ سَلِيمٍ
Transliteration idh jāa rabbahu biqalbin salīmin
Sindhi (ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.
Verse 85
إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِۦ مَاذَا تَعْبُدُونَ
Transliteration idh qāla li-abīhi waqawmihi mādhā taʿbudūna
Sindhi (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟
Verse 86
أَئِفْكًا ءَالِهَةً دُونَ ٱللَّهِ تُرِيدُونَ
Transliteration a-if'kan ālihatan dūna l-lahi turīdūna
Sindhi الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟
Verse 87
فَمَا ظَنُّكُم بِرَبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration famā ẓannukum birabbi l-ʿālamīna
Sindhi پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟
Verse 88
فَنَظَرَ نَظْرَةً فِى ٱلنُّجُومِ
Transliteration fanaẓara naẓratan fī l-nujūmi
Sindhi پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين.
Verse 89
فَقَالَ إِنِّى سَقِيمٌ
Transliteration faqāla innī saqīmun
Sindhi پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس.
Verse 90
فَتَوَلَّوْا۟ عَنْهُ مُدْبِرِينَ
Transliteration fatawallaw ʿanhu mud'birīna
Sindhi پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا.
Verse 91
فَرَاغَ إِلَىٰٓ ءَالِهَتِهِمْ فَقَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ
Transliteration farāgha ilā ālihatihim faqāla alā takulūna
Sindhi پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟
Verse 92
مَا لَكُمْ لَا تَنطِقُونَ
Transliteration mā lakum lā tanṭiqūna
Sindhi اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟
Verse 93
فَرَاغَ عَلَيْهِمْ ضَرْبًۢا بِٱلْيَمِينِ
Transliteration farāgha ʿalayhim ḍarban bil-yamīni
Sindhi پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو.
Verse 94
فَأَقْبَلُوٓا۟ إِلَيْهِ يَزِفُّونَ
Transliteration fa-aqbalū ilayhi yaziffūna
Sindhi پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا.
Verse 95
قَالَ أَتَعْبُدُونَ مَا تَنْحِتُونَ
Transliteration qāla ataʿbudūna mā tanḥitūna
Sindhi (کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟
Verse 96
وَٱللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ
Transliteration wal-lahu khalaqakum wamā taʿmalūna
Sindhi ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو.
Verse 97
قَالُوا۟ ٱبْنُوا۟ لَهُۥ بُنْيَـٰنًا فَأَلْقُوهُ فِى ٱلْجَحِيمِ
Transliteration qālū ib'nū lahu bun'yānan fa-alqūhu fī l-jaḥīmi
Sindhi (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو.
Verse 98
فَأَرَادُوا۟ بِهِۦ كَيْدًا فَجَعَلْنَـٰهُمُ ٱلْأَسْفَلِينَ
Transliteration fa-arādū bihi kaydan fajaʿalnāhumu l-asfalīna
Sindhi پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.
Verse 99
وَقَالَ إِنِّى ذَاهِبٌ إِلَىٰ رَبِّى سَيَهْدِينِ
Transliteration waqāla innī dhāhibun ilā rabbī sayahdīni
Sindhi ۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).
Verse 100
رَبِّ هَبْ لِى مِنَ ٱلصَّـٰلِحِينَ
Transliteration rabbi hab lī mina l-ṣāliḥīna
Sindhi اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.
Verse 101
فَبَشَّرْنَـٰهُ بِغُلَـٰمٍ حَلِيمٍ
Transliteration fabasharnāhu bighulāmin ḥalīmin
Sindhi پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.
Verse 102
فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ ٱلسَّعْىَ قَالَ يَـٰبُنَىَّ إِنِّىٓ أَرَىٰ فِى ٱلْمَنَامِ أَنِّىٓ أَذْبَحُكَ فَٱنظُرْ مَاذَا تَرَىٰ ۚ قَالَ يَـٰٓأَبَتِ ٱفْعَلْ مَا تُؤْمَرُ ۖ سَتَجِدُنِىٓ إِن شَآءَ ٱللَّهُ مِنَ ٱلصَّـٰبِرِينَ
Transliteration falammā balagha maʿahu l-saʿya qāla yābunayya innī arā fī l-manāmi annī adhbaḥuka fa-unẓur mādhā tarā qāla yāabati if'ʿal mā tu'maru satajidunī in shāa l-lahu mina l-ṣābirīna
Sindhi پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.
Verse 103
فَلَمَّآ أَسْلَمَا وَتَلَّهُۥ لِلْجَبِينِ
Transliteration falammā aslamā watallahu lil'jabīni
Sindhi پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.
Verse 104
وَنَـٰدَيْنَـٰهُ أَن يَـٰٓإِبْرَٰهِيمُ
Transliteration wanādaynāhu an yāib'rāhīmu
Sindhi ۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.
Verse 105
قَدْ صَدَّقْتَ ٱلرُّءْيَآ ۚ إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Transliteration qad ṣaddaqta l-ru'yā innā kadhālika najzī l-muḥ'sinīna
Sindhi بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
Verse 106
إِنَّ هَـٰذَا لَهُوَ ٱلْبَلَـٰٓؤُا۟ ٱلْمُبِينُ
Transliteration inna hādhā lahuwa l-balāu l-mubīnu
Sindhi بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.
Verse 107
وَفَدَيْنَـٰهُ بِذِبْحٍ عَظِيمٍ
Transliteration wafadaynāhu bidhib'ḥin ʿaẓīmin
Sindhi ۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.
Verse 108
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
Transliteration wataraknā ʿalayhi fī l-ākhirīna
Sindhi ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
Verse 109
سَلَـٰمٌ عَلَىٰٓ إِبْرَٰهِيمَ
Transliteration salāmun ʿalā ib'rāhīma
Sindhi ابراھيم تي شال سلام ھجي.
Verse 110
كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Transliteration kadhālika najzī l-muḥ'sinīna
Sindhi ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
Verse 111
إِنَّهُۥ مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
Transliteration innahu min ʿibādinā l-mu'minīna
Sindhi بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
Verse 112
وَبَشَّرْنَـٰهُ بِإِسْحَـٰقَ نَبِيًّا مِّنَ ٱلصَّـٰلِحِينَ
Transliteration wabasharnāhu bi-is'ḥāqa nabiyyan mina l-ṣāliḥīna
Sindhi ۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي.
Verse 113
وَبَـٰرَكْنَا عَلَيْهِ وَعَلَىٰٓ إِسْحَـٰقَ ۚ وَمِن ذُرِّيَّتِهِمَا مُحْسِنٌ وَظَالِمٌ لِّنَفْسِهِۦ مُبِينٌ
Transliteration wabāraknā ʿalayhi waʿalā is'ḥāqa wamin dhurriyyatihimā muḥ'sinun waẓālimun linafsihi mubīnun
Sindhi ۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن.
Verse 114
وَلَقَدْ مَنَنَّا عَلَىٰ مُوسَىٰ وَهَـٰرُونَ
Transliteration walaqad manannā ʿalā mūsā wahārūna
Sindhi ۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون.
Verse 115
وَنَجَّيْنَـٰهُمَا وَقَوْمَهُمَا مِنَ ٱلْكَرْبِ ٱلْعَظِيمِ
Transliteration wanajjaynāhumā waqawmahumā mina l-karbi l-ʿaẓīmi
Sindhi ۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون.
Verse 116
وَنَصَرْنَـٰهُمْ فَكَانُوا۟ هُمُ ٱلْغَـٰلِبِينَ
Transliteration wanaṣarnāhum fakānū humu l-ghālibīna
Sindhi ۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا.
Verse 117
وَءَاتَيْنَـٰهُمَا ٱلْكِتَـٰبَ ٱلْمُسْتَبِينَ
Transliteration waātaynāhumā l-kitāba l-mus'tabīna
Sindhi ۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون.
Verse 118
وَهَدَيْنَـٰهُمَا ٱلصِّرَٰطَ ٱلْمُسْتَقِيمَ
Transliteration wahadaynāhumā l-ṣirāṭa l-mus'taqīma
Sindhi ۽ کين سِڌي رستي لاتوسون.
Verse 119
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِمَا فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
Transliteration wataraknā ʿalayhimā fī l-ākhirīna
Sindhi ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون.
Verse 120
سَلَـٰمٌ عَلَىٰ مُوسَىٰ وَهَـٰرُونَ
Transliteration salāmun ʿalā mūsā wahārūna
Sindhi مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي.
Verse 121
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Transliteration innā kadhālika najzī l-muḥ'sinīna
Sindhi بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون.
Verse 122
إِنَّهُمَا مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
Transliteration innahumā min ʿibādinā l-mu'minīna
Sindhi بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن.
Verse 123
وَإِنَّ إِلْيَاسَ لَمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
Transliteration wa-inna il'yāsa lamina l-mur'salīna
Sindhi ۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو.
Verse 124
إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِۦٓ أَلَا تَتَّقُونَ
Transliteration idh qāla liqawmihi alā tattaqūna
Sindhi جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟
Verse 125
أَتَدْعُونَ بَعْلًا وَتَذَرُونَ أَحْسَنَ ٱلْخَـٰلِقِينَ
Transliteration atadʿūna baʿlan watadharūna aḥsana l-khāliqīna
Sindhi ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟
Verse 126
ٱللَّهَ رَبَّكُمْ وَرَبَّ ءَابَآئِكُمُ ٱلْأَوَّلِينَ
Transliteration al-laha rabbakum warabba ābāikumu l-awalīna
Sindhi (جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.
Verse 127
فَكَذَّبُوهُ فَإِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ
Transliteration fakadhabūhu fa-innahum lamuḥ'ḍarūna
Sindhi پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن.
Verse 128
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
Transliteration illā ʿibāda l-lahi l-mukh'laṣīna
Sindhi پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن).
Verse 129
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
Transliteration wataraknā ʿalayhi fī l-ākhirīna
Sindhi ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
Verse 130
سَلَـٰمٌ عَلَىٰٓ إِلْ يَاسِينَ
Transliteration salāmun ʿalā il yāsīna
Sindhi الياس تي شال سلام ھجي.
Verse 131
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Transliteration innā kadhālika najzī l-muḥ'sinīna
Sindhi بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
Verse 132
إِنَّهُۥ مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
Transliteration innahu min ʿibādinā l-mu'minīna
Sindhi بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي.
Verse 133
وَإِنَّ لُوطًا لَّمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
Transliteration wa-inna lūṭan lamina l-mur'salīna
Sindhi ۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو.
Verse 134
إِذْ نَجَّيْنَـٰهُ وَأَهْلَهُۥٓ أَجْمَعِينَ
Transliteration idh najjaynāhu wa-ahlahu ajmaʿīna
Sindhi (ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون.
Verse 135
إِلَّا عَجُوزًا فِى ٱلْغَـٰبِرِينَ
Transliteration illā ʿajūzan fī l-ghābirīna
Sindhi سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي.
Verse 136
ثُمَّ دَمَّرْنَا ٱلْـَٔاخَرِينَ
Transliteration thumma dammarnā l-ākharīna
Sindhi وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون.
Verse 137
وَإِنَّكُمْ لَتَمُرُّونَ عَلَيْهِم مُّصْبِحِينَ
Transliteration wa-innakum latamurrūna ʿalayhim muṣ'biḥīna
Sindhi ۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو.
Verse 138
وَبِٱلَّيْلِ ۗ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
Transliteration wabi-al-layli afalā taʿqilūna
Sindhi ۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
Verse 139
وَإِنَّ يُونُسَ لَمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
Transliteration wa-inna yūnusa lamina l-mur'salīna
Sindhi ۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو.
Verse 140
إِذْ أَبَقَ إِلَى ٱلْفُلْكِ ٱلْمَشْحُونِ
Transliteration idh abaqa ilā l-ful'ki l-mashḥūni
Sindhi جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو.
Verse 141
فَسَاهَمَ فَكَانَ مِنَ ٱلْمُدْحَضِينَ
Transliteration fasāhama fakāna mina l-mud'ḥaḍīna
Sindhi پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو.
Verse 142
فَٱلْتَقَمَهُ ٱلْحُوتُ وَهُوَ مُلِيمٌ
Transliteration fal-taqamahu l-ḥūtu wahuwa mulīmun
Sindhi پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو.
Verse 143
فَلَوْلَآ أَنَّهُۥ كَانَ مِنَ ٱلْمُسَبِّحِينَ
Transliteration falawlā annahu kāna mina l-musabiḥīna
Sindhi پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا.
Verse 144
لَلَبِثَ فِى بَطْنِهِۦٓ إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
Transliteration lalabitha fī baṭnihi ilā yawmi yub'ʿathūna
Sindhi ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا.
Verse 145
۞ فَنَبَذْنَـٰهُ بِٱلْعَرَآءِ وَهُوَ سَقِيمٌ
Transliteration fanabadhnāhu bil-ʿarāi wahuwa saqīmun
Sindhi پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو.
Verse 146
وَأَنۢبَتْنَا عَلَيْهِ شَجَرَةً مِّن يَقْطِينٍ
Transliteration wa-anbatnā ʿalayhi shajaratan min yaqṭīnin
Sindhi ۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون.
Verse 147
وَأَرْسَلْنَـٰهُ إِلَىٰ مِا۟ئَةِ أَلْفٍ أَوْ يَزِيدُونَ
Transliteration wa-arsalnāhu ilā mi-ati alfin aw yazīdūna
Sindhi ۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون.
Verse 148
فَـَٔامَنُوا۟ فَمَتَّعْنَـٰهُمْ إِلَىٰ حِينٍ
Transliteration faāmanū famattaʿnāhum ilā ḥīnin
Sindhi پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون.
Verse 149
فَٱسْتَفْتِهِمْ أَلِرَبِّكَ ٱلْبَنَاتُ وَلَهُمُ ٱلْبَنُونَ
Transliteration fa-is'taftihim alirabbika l-banātu walahumu l-banūna
Sindhi پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ
Verse 150
أَمْ خَلَقْنَا ٱلْمَلَـٰٓئِكَةَ إِنَـٰثًا وَهُمْ شَـٰهِدُونَ
Transliteration am khalaqnā l-malāikata ināthan wahum shāhidūna
Sindhi يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا.
Verse 151
أَلَآ إِنَّهُم مِّنْ إِفْكِهِمْ لَيَقُولُونَ
Transliteration alā innahum min if'kihim layaqūlūna
Sindhi خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن.
Verse 152
وَلَدَ ٱللَّهُ وَإِنَّهُمْ لَكَـٰذِبُونَ
Transliteration walada l-lahu wa-innahum lakādhibūna
Sindhi ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن.
Verse 153
أَصْطَفَى ٱلْبَنَاتِ عَلَى ٱلْبَنِينَ
Transliteration aṣṭafā l-banāti ʿalā l-banīna
Sindhi پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟
Verse 154
مَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ
Transliteration mā lakum kayfa taḥkumūna
Sindhi اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟
Verse 155
أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
Transliteration afalā tadhakkarūna
Sindhi (اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟
Verse 156
أَمْ لَكُمْ سُلْطَـٰنٌ مُّبِينٌ
Transliteration am lakum sul'ṭānun mubīnun
Sindhi يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟
Verse 157
فَأْتُوا۟ بِكِتَـٰبِكُمْ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ
Transliteration fatū bikitābikum in kuntum ṣādiqīna
Sindhi جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو.
Verse 158
وَجَعَلُوا۟ بَيْنَهُۥ وَبَيْنَ ٱلْجِنَّةِ نَسَبًا ۚ وَلَقَدْ عَلِمَتِ ٱلْجِنَّةُ إِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ
Transliteration wajaʿalū baynahu wabayna l-jinati nasaban walaqad ʿalimati l-jinatu innahum lamuḥ'ḍarūna
Sindhi ۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.
Verse 159
سُبْحَـٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يَصِفُونَ
Transliteration sub'ḥāna l-lahi ʿammā yaṣifūna
Sindhi (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.
Verse 160
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
Transliteration illā ʿibāda l-lahi l-mukh'laṣīna
Sindhi پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي).
Verse 161
فَإِنَّكُمْ وَمَا تَعْبُدُونَ
Transliteration fa-innakum wamā taʿbudūna
Sindhi پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو.
Verse 162
مَآ أَنتُمْ عَلَيْهِ بِفَـٰتِنِينَ
Transliteration mā antum ʿalayhi bifātinīna
Sindhi اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو.
Verse 163
إِلَّا مَنْ هُوَ صَالِ ٱلْجَحِيمِ
Transliteration illā man huwa ṣāli l-jaḥīmi
Sindhi پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي.
Verse 164
وَمَا مِنَّآ إِلَّا لَهُۥ مَقَامٌ مَّعْلُومٌ
Transliteration wamā minnā illā lahu maqāmun maʿlūmun
Sindhi ۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي.
Verse 165
وَإِنَّا لَنَحْنُ ٱلصَّآفُّونَ
Transliteration wa-innā lanaḥnu l-ṣāfūna
Sindhi ۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون.
Verse 166
وَإِنَّا لَنَحْنُ ٱلْمُسَبِّحُونَ
Transliteration wa-innā lanaḥnu l-musabiḥūna
Sindhi ۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون.
Verse 167
وَإِن كَانُوا۟ لَيَقُولُونَ
Transliteration wa-in kānū layaqūlūna
Sindhi ۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا.
Verse 168
لَوْ أَنَّ عِندَنَا ذِكْرًا مِّنَ ٱلْأَوَّلِينَ
Transliteration law anna ʿindanā dhik'ran mina l-awalīna
Sindhi ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا.
Verse 169
لَكُنَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
Transliteration lakunnā ʿibāda l-lahi l-mukh'laṣīna
Sindhi ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا.
Verse 170
فَكَفَرُوا۟ بِهِۦ ۖ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
Transliteration fakafarū bihi fasawfa yaʿlamūna
Sindhi وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا.
Verse 171
وَلَقَدْ سَبَقَتْ كَلِمَتُنَا لِعِبَادِنَا ٱلْمُرْسَلِينَ
Transliteration walaqad sabaqat kalimatunā liʿibādinā l-mur'salīna
Sindhi ۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو..
Verse 172
إِنَّهُمْ لَهُمُ ٱلْمَنصُورُونَ
Transliteration innahum lahumu l-manṣūrūna
Sindhi ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن.
Verse 173
وَإِنَّ جُندَنَا لَهُمُ ٱلْغَـٰلِبُونَ
Transliteration wa-inna jundanā lahumu l-ghālibūna
Sindhi ۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي.
Verse 174
فَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّىٰ حِينٍ
Transliteration fatawalla ʿanhum ḥattā ḥīnin
Sindhi پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ.
Verse 175
وَأَبْصِرْهُمْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ
Transliteration wa-abṣir'hum fasawfa yub'ṣirūna
Sindhi ۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا.
Verse 176
أَفَبِعَذَابِنَا يَسْتَعْجِلُونَ
Transliteration afabiʿadhābinā yastaʿjilūna
Sindhi (ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟
Verse 177
فَإِذَا نَزَلَ بِسَاحَتِهِمْ فَسَآءَ صَبَاحُ ٱلْمُنذَرِينَ
Transliteration fa-idhā nazala bisāḥatihim fasāa ṣabāḥu l-mundharīna
Sindhi پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو.
Verse 178
وَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّىٰ حِينٍ
Transliteration watawalla ʿanhum ḥattā ḥīnin
Sindhi ۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ.
Verse 179
وَأَبْصِرْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ
Transliteration wa-abṣir fasawfa yub'ṣirūna
Sindhi ۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا.
Verse 180
سُبْحَـٰنَ رَبِّكَ رَبِّ ٱلْعِزَّةِ عَمَّا يَصِفُونَ
Transliteration sub'ḥāna rabbika rabbi l-ʿizati ʿammā yaṣifūna
Sindhi تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي.
Verse 181
وَسَلَـٰمٌ عَلَى ٱلْمُرْسَلِينَ
Transliteration wasalāmun ʿalā l-mur'salīna
Sindhi ۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي.
Verse 182
وَٱلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration wal-ḥamdu lillahi rabbi l-ʿālamīna
Sindhi ۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي.
Read Surah As-Saffat in another language
- English (word by word)
- Albanian
- Amazigh
- Amharic
- Assamese
- Azerbaijani
- Bambara
- Bangla
- Bosnian
- Bulgarian
- Chechen
- Chinese
- Czech
- Dari
- Dhivehi
- Dutch
- Finnish
- French
- German
- Gujarati
- Hausa
- Hebrew
- Hindi
- Indonesian
- Italian
- Japanese
- Kannada
- Kazakh
- Khmer
- Kinyarwanda
- Korean
- Kurdish
- Luganda
- Malay
- Malayalam
- Maranao
- Marathi
- Nepali
- Norwegian
- Oromo
- Pashto
- Persian
- Polish
- Portuguese
- Romanian
- Russian
- Sinhala
- Somali
- Spanish
- Swahili
- Swedish
- Tagalog
- Tajik
- Tamil
- Tatar
- Telugu
- Thai
- Turkish
- Ukrainian
- Urdu
- Uyghur
- Uzbek
- Vietnamese
- Yao
- Yoruba
All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.
Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.