Surah Fussilat in Sindhi: translation and audio
Surah 41 · فصلت · Explained in Detail · 54 verses
Surah Fussilat verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Fussilat word by word in English.
Verse 1
حمٓ
Transliteration hha-meem
Sindhi حٰمٓ.
Verse 2
تَنزِيلٌ مِّنَ ٱلرَّحْمَـٰنِ ٱلرَّحِيمِ
Transliteration tanzīlun mina l-raḥmāni l-raḥīmi
Sindhi (ھن ڪتاب جو الله) ٻاجھاري مھربان وٽان نازل ٿيڻ آھي.
Verse 3
كِتَـٰبٌ فُصِّلَتْ ءَايَـٰتُهُۥ قُرْءَانًا عَرَبِيًّا لِّقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
Transliteration kitābun fuṣṣilat āyātuhu qur'ānan ʿarabiyyan liqawmin yaʿlamūna
Sindhi (ھيءُ اھڙو) ڪتاب جو سندس آيتون کولي کولي بيان ڪيون ويون آھن قُرآن عربيءَ ۾ سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي.
Verse 4
بَشِيرًا وَنَذِيرًا فَأَعْرَضَ أَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ
Transliteration bashīran wanadhīran fa-aʿraḍa aktharuhum fahum lā yasmaʿūna
Sindhi جو خوشخبري ڏيندڙ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن (ماڻھن) مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نه آھن.
Verse 5
وَقَالُوا۟ قُلُوبُنَا فِىٓ أَكِنَّةٍ مِّمَّا تَدْعُونَآ إِلَيْهِ وَفِىٓ ءَاذَانِنَا وَقْرٌ وَمِنۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِجَابٌ فَٱعْمَلْ إِنَّنَا عَـٰمِلُونَ
Transliteration waqālū qulūbunā fī akinnatin mimmā tadʿūnā ilayhi wafī ādhāninā waqrun wamin bayninā wabaynika ḥijābun fa-iʿ'mal innanā ʿāmilūna
Sindhi ۽ چوندا آھن ته جنھن ڏانھن اسان کي سڏيندو آھين تنھن کان اسان جون دليون پردي ۾ آھن ۽ اسان جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ اوٽ آھي تنھنڪري (تون پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪر بيشڪ اسين (پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪرڻ وارا آھيون.
Verse 6
قُلْ إِنَّمَآ أَنَا۠ بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوحَىٰٓ إِلَىَّ أَنَّمَآ إِلَـٰهُكُمْ إِلَـٰهٌ وَٰحِدٌ فَٱسْتَقِيمُوٓا۟ إِلَيْهِ وَٱسْتَغْفِرُوهُ ۗ وَوَيْلٌ لِّلْمُشْرِكِينَ
Transliteration qul innamā anā basharun mith'lukum yūḥā ilayya annamā ilāhukum ilāhun wāḥidun fa-is'taqīmū ilayhi wa-is'taghfirūhu wawaylun lil'mush'rikīna
Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ (به) اوھان ئي جھڙو ماڻھو آھيان مگر مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي ته اوھان جو معبُود ھڪ خدا آھي تنھنڪري ڏانھس سڌا متوجه ٿيو ۽ کانئس بخشش گھرو، ۽ (اُنھن) مشرڪن لاءِ ويل آھي.
Verse 7
ٱلَّذِينَ لَا يُؤْتُونَ ٱلزَّكَوٰةَ وَهُم بِٱلْـَٔاخِرَةِ هُمْ كَـٰفِرُونَ
Transliteration alladhīna lā yu'tūna l-zakata wahum bil-ākhirati hum kāfirūna
Sindhi جيڪي زڪوٰة نه ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت کي (به) نه مڃيندا آھن.
Verse 8
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ
Transliteration inna alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti lahum ajrun ghayru mamnūnin
Sindhi بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.
Verse 9
۞ قُلْ أَئِنَّكُمْ لَتَكْفُرُونَ بِٱلَّذِى خَلَقَ ٱلْأَرْضَ فِى يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُونَ لَهُۥٓ أَندَادًا ۚ ذَٰلِكَ رَبُّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration qul a-innakum latakfurūna bi-alladhī khalaqa l-arḍa fī yawmayni watajʿalūna lahu andādan dhālika rabbu l-ʿālamīna
Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين اُن (الله) جو انڪار ڪندا آھيو ڇا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ بڻايو؟ ۽ اُن لاءِ (ٻـين کي) شريڪ بڻائيندا آھيو، اِھو الله جھانن جو پالڻھار آھي.
Verse 10
وَجَعَلَ فِيهَا رَوَٰسِىَ مِن فَوْقِهَا وَبَـٰرَكَ فِيهَا وَقَدَّرَ فِيهَآ أَقْوَٰتَهَا فِىٓ أَرْبَعَةِ أَيَّامٍ سَوَآءً لِّلسَّآئِلِينَ
Transliteration wajaʿala fīhā rawāsiya min fawqihā wabāraka fīhā waqaddara fīhā aqwātahā fī arbaʿati ayyāmin sawāan lilssāilīna
Sindhi ۽ اُن (زمين) ۾ مٿانئس ڳرا جبل بڻايائين ۽ منجھس برڪت رکيائين ۽ چئن ڏينھن ۾ منجھس اُن (جي رھاڪن) جا قُوۡت مُقرّر ڪيائين، پڇندڙن لاءِ برابر (کولي بيان ڪيو ويو) آھي.
Verse 11
ثُمَّ ٱسْتَوَىٰٓ إِلَى ٱلسَّمَآءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْأَرْضِ ٱئْتِيَا طَوْعًا أَوْ كَرْهًا قَالَتَآ أَتَيْنَا طَآئِعِينَ
Transliteration thumma is'tawā ilā l-samāi wahiya dukhānun faqāla lahā walil'arḍi i'tiyā ṭawʿan aw karhan qālatā ataynā ṭāiʿīna
Sindhi وري آسمان ڏانھن مُھڙ ڪيائين ۽ اُھو (اُن وقت) دُونھون ھو پوءِ اُن کي ۽ زمين کي چيائين ته سرھائيءَ سان خواھ اَرھائيءَ سان اچو، (ٻنھي) چيو ته خُوشيءَ سان آياسون.
Verse 12
فَقَضَىٰهُنَّ سَبْعَ سَمَـٰوَاتٍ فِى يَوْمَيْنِ وَأَوْحَىٰ فِى كُلِّ سَمَآءٍ أَمْرَهَا ۚ وَزَيَّنَّا ٱلسَّمَآءَ ٱلدُّنْيَا بِمَصَـٰبِيحَ وَحِفْظًا ۚ ذَٰلِكَ تَقْدِيرُ ٱلْعَزِيزِ ٱلْعَلِيمِ
Transliteration faqaḍāhunna sabʿa samāwātin fī yawmayni wa-awḥā fī kulli samāin amrahā wazayyannā l-samāa l-dun'yā bimaṣābīḥa waḥif'ẓan dhālika taqdīru l-ʿazīzi l-ʿalīmi
Sindhi پوءِ (ٻـين) ٻن ڏينھن ۾ اُنھن کي سَت آسمان بڻايائين ۽ سڀڪنھن آسمان ۾ اُن (جي ڪم) جو حُڪم موڪليائين، ۽ دنيا جي آسمان کي (تارن جي) ڏينئن سينگاريوسون، ۽ (شيطانن کان اُنھيءَ جي) حفاظت ڪئي سون، اِھا (الله) غالب ڄاڻندڙ جي رِٿ آھي.
Verse 13
فَإِنْ أَعْرَضُوا۟ فَقُلْ أَنذَرْتُكُمْ صَـٰعِقَةً مِّثْلَ صَـٰعِقَةِ عَادٍ وَثَمُودَ
Transliteration fa-in aʿraḍū faqul andhartukum ṣāʿiqatan mith'la ṣāʿiqati ʿādin wathamūda
Sindhi پوءِ جيڪڏھن (اُھي) مُنھن موڙين ته چؤ ته اوھان کي اھڙي عذاب کان ڊيڄاريم جھڙو عاد ۽ ثَمُود جو عذاب (ھو).
Verse 14
إِذْ جَآءَتْهُمُ ٱلرُّسُلُ مِنۢ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ أَلَّا تَعْبُدُوٓا۟ إِلَّا ٱللَّهَ ۖ قَالُوا۟ لَوْ شَآءَ رَبُّنَا لَأَنزَلَ مَلَـٰٓئِكَةً فَإِنَّا بِمَآ أُرْسِلْتُم بِهِۦ كَـٰفِرُونَ
Transliteration idh jāathumu l-rusulu min bayni aydīhim wamin khalfihim allā taʿbudū illā l-laha qālū law shāa rabbunā la-anzala malāikatan fa-innā bimā ur'sil'tum bihi kāfirūna
Sindhi جڏھن پيغمبر سندن اڳيان ۽ سندن پويان انھن وٽ آيا (پيغمبرن چيو) ته الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، چيائون ته جيڪڏھن اسان جو پالڻھار گھري ھا ته ضرور ملائڪن کي موڪلي ھا تنھنڪري (اوھين) جنھن سان موڪليا ويا آھيو تنھنکي اسين مڃڻ وارا نه آھيون.
Verse 15
فَأَمَّا عَادٌ فَٱسْتَكْبَرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ وَقَالُوا۟ مَنْ أَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۖ أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّ ٱللَّهَ ٱلَّذِى خَلَقَهُمْ هُوَ أَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۖ وَكَانُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا يَجْحَدُونَ
Transliteration fa-ammā ʿādun fa-is'takbarū fī l-arḍi bighayri l-ḥaqi waqālū man ashaddu minnā quwwatan awalam yaraw anna l-laha alladhī khalaqahum huwa ashaddu min'hum quwwatan wakānū biāyātinā yajḥadūna
Sindhi پوءِ عاد (وارن) زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته سگھ ۾ اسان کان وڌيڪ ڏاڍو ڪير آھي؟ نه ڏٺو اٿن ڇا ته اھو الله جنھن کين پيدا ڪيو سا کائن سگھ ۾ وڌيڪ ڏاڍو آھي، ۽ (اُھي) اسان جي نشانين جو انڪار ڪندا رھيا.
Verse 16
فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًا صَرْصَرًا فِىٓ أَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيقَهُمْ عَذَابَ ٱلْخِزْىِ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۖ وَلَعَذَابُ ٱلْـَٔاخِرَةِ أَخْزَىٰ ۖ وَهُمْ لَا يُنصَرُونَ
Transliteration fa-arsalnā ʿalayhim rīḥan ṣarṣaran fī ayyāmin naḥisātin linudhīqahum ʿadhāba l-khiz'yi fī l-ḥayati l-dun'yā walaʿadhābu l-ākhirati akhzā wahum lā yunṣarūna
Sindhi تنھنڪري نحس (يعني مُصيبت جي) ڏينھن ۾ مٿن سخت واءُ موڪليوسون ته کين دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خراب ڪندڙ آھي ۽ اُنھن کي (ڪا) مدد نه ڏبي.
Verse 17
وَأَمَّا ثَمُودُ فَهَدَيْنَـٰهُمْ فَٱسْتَحَبُّوا۟ ٱلْعَمَىٰ عَلَى ٱلْهُدَىٰ فَأَخَذَتْهُمْ صَـٰعِقَةُ ٱلْعَذَابِ ٱلْهُونِ بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
Transliteration wa-ammā thamūdu fahadaynāhum fa-is'taḥabbū l-ʿamā ʿalā l-hudā fa-akhadhathum ṣāʿiqatu l-ʿadhābi l-hūni bimā kānū yaksibūna
Sindhi ۽ ثمود (قوم) سو اُنھن کي پڌرو رستو ڏيکاريوسون پوءِ ھدايت کان انڌائي کي پسند ڪيائون پوءِ خوار ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي کين پڪڙيو انھي ڪري جو (بڇڙا ڪم) ڪمائيندا ھوا.
Verse 18
وَنَجَّيْنَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَكَانُوا۟ يَتَّقُونَ
Transliteration wanajjaynā alladhīna āmanū wakānū yattaqūna
Sindhi ۽ جن ايمان آندو ھو ۽ پرھيزگاري ڪندا ھوا تن کي بچايوسون.
Verse 19
وَيَوْمَ يُحْشَرُ أَعْدَآءُ ٱللَّهِ إِلَى ٱلنَّارِ فَهُمْ يُوزَعُونَ
Transliteration wayawma yuḥ'sharu aʿdāu l-lahi ilā l-nāri fahum yūzaʿūna
Sindhi ۽ جنھن ڏينھن الله جا ويري باھ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا پوءِ (تنھن ڏينھن) اُھي (ھڪ ٻئي جي اچڻ تائين) ترسايا ويندا.
Verse 20
حَتَّىٰٓ إِذَا مَا جَآءُوهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَأَبْصَـٰرُهُمْ وَجُلُودُهُم بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Transliteration ḥattā idhā mā jāūhā shahida ʿalayhim samʿuhum wa-abṣāruhum wajulūduhum bimā kānū yaʿmalūna
Sindhi تانجو جڏھن (اُھي مڙيئي) اُن (دوزخ) وٽ ايندا (تنھن مھل) سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون جيڪي اُھي (دنيا ۾) ڪندا ھوا تنھنجي مٿان شاھدي ڏينديون.
Verse 21
وَقَالُوا۟ لِجُلُودِهِمْ لِمَ شَهِدتُّمْ عَلَيْنَا ۖ قَالُوٓا۟ أَنطَقَنَا ٱللَّهُ ٱلَّذِىٓ أَنطَقَ كُلَّ شَىْءٍ وَهُوَ خَلَقَكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
Transliteration waqālū lijulūdihim lima shahidttum ʿalaynā qālū anṭaqanā l-lahu alladhī anṭaqa kulla shayin wahuwa khalaqakum awwala marratin wa-ilayhi tur'jaʿūna
Sindhi ۽ پنھنجي کَلُن کي چوندا ته اسان تي شاھدي ڇو ڏنوَ؟ (سڀئي) چوندا ته اسان کي اُنھيءَ الله ڳالھرايو جنھن ھر شيء کي ڳالھرايو ۽ اُنھيءَ اوھان کي پھريون ڀيرو بڻايو ۽ (وري به) ڏانھس موٽائبؤ.
Verse 22
وَمَا كُنتُمْ تَسْتَتِرُونَ أَن يَشْهَدَ عَلَيْكُمْ سَمْعُكُمْ وَلَآ أَبْصَـٰرُكُمْ وَلَا جُلُودُكُمْ وَلَـٰكِن ظَنَنتُمْ أَنَّ ٱللَّهَ لَا يَعْلَمُ كَثِيرًا مِّمَّا تَعْمَلُونَ
Transliteration wamā kuntum tastatirūna an yashhada ʿalaykum samʿukum walā abṣārukum walā julūdukum walākin ẓanantum anna l-laha lā yaʿlamu kathīran mimmā taʿmalūna
Sindhi ۽ اوھين پنھنجن ڪَنّن ۽ پنھنجين اکين ۽ پنھنجين کَلُن جي پاڻ تي شاھدي ڏيڻ کان پردو نه ڪندا ھئؤ پر اوھان ئي ڀانيو ھو ته جيڪي ڪندا ھئو تنھن مان گھڻو (احوال) الله نه ڄاڻندو آھي.
Verse 23
وَذَٰلِكُمْ ظَنُّكُمُ ٱلَّذِى ظَنَنتُم بِرَبِّكُمْ أَرْدَىٰكُمْ فَأَصْبَحْتُم مِّنَ ٱلْخَـٰسِرِينَ
Transliteration wadhālikum ẓannukumu alladhī ẓanantum birabbikum ardākum fa-aṣbaḥtum mina l-khāsirīna
Sindhi ۽ اوھان جو اُھو گمان جيڪو پنھنجي پالڻھار جي حق ۾ (غلطيءَ سان) ڀانيو ھُئو تنھن (ھاڻي) اوھان کي ھلاڪ ڪيو تنھنڪري (اڄ) ڇيئي وارن مان ٿيؤ.
Verse 24
فَإِن يَصْبِرُوا۟ فَٱلنَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ ۖ وَإِن يَسْتَعْتِبُوا۟ فَمَا هُم مِّنَ ٱلْمُعْتَبِينَ
Transliteration fa-in yaṣbirū fal-nāru mathwan lahum wa-in yastaʿtibū famā hum mina l-muʿ'tabīna
Sindhi پوءِ جيڪڏھن صبر ڪندا ته (به) اُنھن جي جاءِ باھ آھي، جيڪڏھن معافي گھرندا ته (به) اُنھن کي معافي نه ملندي.
Verse 25
۞ وَقَيَّضْنَا لَهُمْ قُرَنَآءَ فَزَيَّنُوا۟ لَهُم مَّا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَحَقَّ عَلَيْهِمُ ٱلْقَوْلُ فِىٓ أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهِم مِّنَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ خَـٰسِرِينَ
Transliteration waqayyaḍnā lahum quranāa fazayyanū lahum mā bayna aydīhim wamā khalfahum waḥaqqa ʿalayhimu l-qawlu fī umamin qad khalat min qablihim mina l-jini wal-insi innahum kānū khāsirīna
Sindhi ۽ انھن لاءِ (شيطان) سنگتي مُقرّر ڪياسون پوءِ جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آھي تنھنکي اُنھن لاءِ (سندن سنگتين) سينگاريو ۽ (انھيءَ ڪري اُنھن ٽولين ۾ گڏجي) مٿن سزا ثابت ٿي جيڪي کائن اڳ جِنّن ۽ ماڻھن مان گذري ويا آھن، بيشڪ اُھي (سڀ) ٽوٽي وارا ھوا.
Verse 26
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَا تَسْمَعُوا۟ لِهَـٰذَا ٱلْقُرْءَانِ وَٱلْغَوْا۟ فِيهِ لَعَلَّكُمْ تَغْلِبُونَ
Transliteration waqāla alladhīna kafarū lā tasmaʿū lihādhā l-qur'āni wal-ghaw fīhi laʿallakum taghlibūna
Sindhi ۽ ڪافرن (ھڪ ٻئي کي) چيو ته ھن قَرآن کي نه ٻُڌو ۽ اُن (جي پڙھڻ جي وچ ۾) لُڙ مچايو ته مانَ اوھين غالب ٿيو.
Verse 27
فَلَنُذِيقَنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ عَذَابًا شَدِيدًا وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ أَسْوَأَ ٱلَّذِى كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Transliteration falanudhīqanna alladhīna kafarū ʿadhāban shadīdan walanajziyannahum aswa-a alladhī kānū yaʿmalūna
Sindhi پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت سزا جو مزو چکائينداسون ۽ جيڪي تمام بڇڙو (ڪم) ڪندا ھوا تنھن جو بدلو ضرور کين ڏينداسون.
Verse 28
ذَٰلِكَ جَزَآءُ أَعْدَآءِ ٱللَّهِ ٱلنَّارُ ۖ لَهُمْ فِيهَا دَارُ ٱلْخُلْدِ ۖ جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا يَجْحَدُونَ
Transliteration dhālika jazāu aʿdāi l-lahi l-nāru lahum fīhā dāru l-khul'di jazāan bimā kānū biāyātinā yajḥadūna
Sindhi الله جي ويرين جي سزا اِھا (ئي) باھ آھي، اُنھن لاءِ اُتي ھميشه جو گھر ھوندو، انھيءَ ڪري سزا (ھوندين) جو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا.
Verse 29
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ رَبَّنَآ أَرِنَا ٱلَّذَيْنِ أَضَلَّانَا مِنَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ نَجْعَلْهُمَا تَحْتَ أَقْدَامِنَا لِيَكُونَا مِنَ ٱلْأَسْفَلِينَ
Transliteration waqāla alladhīna kafarū rabbanā arinā alladhayni aḍallānā mina l-jini wal-insi najʿalhumā taḥta aqdāminā liyakūnā mina l-asfalīna
Sindhi ۽ ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جِنّن ۽ ماڻھن مان جن اسان کي گُمراھ ڪيو سي اسان کي ڏيکار ته پنھنجن پيرن جي ھيٺان ڪري لتاڙيون ته ڀلي ته (سڀ کان) ھيٺاھان ھجن.
Verse 30
إِنَّ ٱلَّذِينَ قَالُوا۟ رَبُّنَا ٱللَّهُ ثُمَّ ٱسْتَقَـٰمُوا۟ تَتَنَزَّلُ عَلَيْهِمُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ أَلَّا تَخَافُوا۟ وَلَا تَحْزَنُوا۟ وَأَبْشِرُوا۟ بِٱلْجَنَّةِ ٱلَّتِى كُنتُمْ تُوعَدُونَ
Transliteration inna alladhīna qālū rabbunā l-lahu thumma is'taqāmū tatanazzalu ʿalayhimu l-malāikatu allā takhāfū walā taḥzanū wa-abshirū bil-janati allatī kuntum tūʿadūna
Sindhi بيشڪ جن چيو ته اسان جو پالڻھار الله آھي وري (ان ڳالھ تي) بيھڪ ورتائون تن تي (موت وقت رحمت جا) ملائڪ لھندا آھن (چوندا اَٿن) ته نه ڊڄو ۽ نڪي ڳڻتي ڪريو ۽ اُنھيءَ بھشت (جي خوشخبريءَ) سان خوش ٿيو جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو.
Verse 31
نَحْنُ أَوْلِيَآؤُكُمْ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَفِى ٱلْـَٔاخِرَةِ ۖ وَلَكُمْ فِيهَا مَا تَشْتَهِىٓ أَنفُسُكُمْ وَلَكُمْ فِيهَا مَا تَدَّعُونَ
Transliteration naḥnu awliyāukum fī l-ḥayati l-dun'yā wafī l-ākhirati walakum fīhā mā tashtahī anfusukum walakum fīhā mā taddaʿūna
Sindhi اسين دُنيا جي حياتيءَ ۾ اوھان جا دوست ھواسون ۽ آخرت ۾ به (اوھان جا دوست آھيون)، ۽ جيڪي اوھان جو جيءُ خواھش ڪندو سو اوھان لاءِ منجھس آھي ۽ جيڪي اوھين گھرندؤ سو (پڻ) اوھان لاءِ منجھس آھي.
Verse 32
نُزُلًا مِّنْ غَفُورٍ رَّحِيمٍ
Transliteration nuzulan min ghafūrin raḥīmin
Sindhi (اھا) مھماني بخشڻھار مھربان (خدا) وٽان آھي.
Verse 33
وَمَنْ أَحْسَنُ قَوْلًا مِّمَّن دَعَآ إِلَى ٱللَّهِ وَعَمِلَ صَـٰلِحًا وَقَالَ إِنَّنِى مِنَ ٱلْمُسْلِمِينَ
Transliteration waman aḥsanu qawlan mimman daʿā ilā l-lahi waʿamila ṣāliḥan waqāla innanī mina l-mus'limīna
Sindhi ۽ انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڳالھ ۾ ڪير آھي جنھن الله ڏانھن سڏيو ۽ (پاڻ ۾) چڱا ڪم ڪيائين ۽ چيو ته بيشڪ آءٌ مُسلمانن مان آھيان؟
Verse 34
وَلَا تَسْتَوِى ٱلْحَسَنَةُ وَلَا ٱلسَّيِّئَةُ ۚ ٱدْفَعْ بِٱلَّتِى هِىَ أَحْسَنُ فَإِذَا ٱلَّذِى بَيْنَكَ وَبَيْنَهُۥ عَدَٰوَةٌ كَأَنَّهُۥ وَلِىٌّ حَمِيمٌ
Transliteration walā tastawī l-ḥasanatu walā l-sayi-atu id'faʿ bi-allatī hiya aḥsanu fa-idhā alladhī baynaka wabaynahu ʿadāwatun ka-annahu waliyyun ḥamīmun
Sindhi ۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آھن، (۽ نيڪي) جا ڏاڍي چڱي آھي تنھن سان (مدائي کي) ٽاريو، جو اُنھيءَ جي ۽ تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي سو ڄڻڪ دوست مائٽي وارو ٿيندو.
Verse 35
وَمَا يُلَقَّىٰهَآ إِلَّا ٱلَّذِينَ صَبَرُوا۟ وَمَا يُلَقَّىٰهَآ إِلَّا ذُو حَظٍّ عَظِيمٍ
Transliteration wamā yulaqqāhā illā alladhīna ṣabarū wamā yulaqqāhā illā dhū ḥaẓẓin ʿaẓīmin
Sindhi ۽ اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ ٻئي کي حاصل نه ٿيندي آھي، ۽ نڪي وڏي نصيب واري کانسواءِ (ٻئي کي) اِھا حاصل ٿيندي آھي.
Verse 36
وَإِمَّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ ٱلشَّيْطَـٰنِ نَزْغٌ فَٱسْتَعِذْ بِٱللَّهِ ۖ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ
Transliteration wa-immā yanzaghannaka mina l-shayṭāni nazghun fa-is'taʿidh bil-lahi innahu huwa l-samīʿu l-ʿalīmu
Sindhi ۽ جيڪڏھن توکي شيطان کان (دل ۾) ڪا چوڪ اچي ته الله جي پناھ گھُر، ڇوته اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
Verse 37
وَمِنْ ءَايَـٰتِهِ ٱلَّيْلُ وَٱلنَّهَارُ وَٱلشَّمْسُ وَٱلْقَمَرُ ۚ لَا تَسْجُدُوا۟ لِلشَّمْسِ وَلَا لِلْقَمَرِ وَٱسْجُدُوا۟ لِلَّهِ ٱلَّذِى خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُمْ إِيَّاهُ تَعْبُدُونَ
Transliteration wamin āyātihi al-laylu wal-nahāru wal-shamsu wal-qamaru lā tasjudū lilshamsi walā lil'qamari wa-us'judū lillahi alladhī khalaqahunna in kuntum iyyāhu taʿbudūna
Sindhi ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ آھي، نڪي سج کي ۽ نڪي چنڊ کي سجدو ڪريو ۽ انھيءَ الله کي سجدو ڪريو جنھن انھن کي خلقيو جيڪڏھن خاص سنديس عبادت ڪندا آھيو.
Verse 38
فَإِنِ ٱسْتَكْبَرُوا۟ فَٱلَّذِينَ عِندَ رَبِّكَ يُسَبِّحُونَ لَهُۥ بِٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ وَهُمْ لَا يَسْـَٔمُونَ ۩
Transliteration fa-ini is'takbarū fa-alladhīna ʿinda rabbika yusabbiḥūna lahu bi-al-layli wal-nahāri wahum lā yasamūna
Sindhi پوءِ جيڪڏھن وڏائي ڪن ته (ڇا ٿيو) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ آھن سي رات ۽ ڏينھن سندس تسبيحون چوندا آھن ۽ اُھي نه ٿڪبا آھن.
Verse 39
وَمِنْ ءَايَـٰتِهِۦٓ أَنَّكَ تَرَى ٱلْأَرْضَ خَـٰشِعَةً فَإِذَآ أَنزَلْنَا عَلَيْهَا ٱلْمَآءَ ٱهْتَزَّتْ وَرَبَتْ ۚ إِنَّ ٱلَّذِىٓ أَحْيَاهَا لَمُحْىِ ٱلْمَوْتَىٰٓ ۚ إِنَّهُۥ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Transliteration wamin āyātihi annaka tarā l-arḍa khāshiʿatan fa-idhā anzalnā ʿalayhā l-māa ih'tazzat warabat inna alladhī aḥyāhā lamuḥ'yī l-mawtā innahu ʿalā kulli shayin qadīrun
Sindhi ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان ھيءُ به آھي جو زمين کي وساڻل ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس (مينھن جو) پاڻي وسايو سون (تڏھن) چري ۽ اُڀامي، بيشڪ جنھن اُنھي (زمين) کي جياريو آھي سو ضرور مُئن کي (به) جيارڻ وارو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.
Verse 40
إِنَّ ٱلَّذِينَ يُلْحِدُونَ فِىٓ ءَايَـٰتِنَا لَا يَخْفَوْنَ عَلَيْنَآ ۗ أَفَمَن يُلْقَىٰ فِى ٱلنَّارِ خَيْرٌ أَم مَّن يَأْتِىٓ ءَامِنًا يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ ۚ ٱعْمَلُوا۟ مَا شِئْتُمْ ۖ إِنَّهُۥ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
Transliteration inna alladhīna yul'ḥidūna fī āyātinā lā yakhfawna ʿalaynā afaman yul'qā fī l-nāri khayrun am man yatī āminan yawma l-qiyāmati iʿ'malū mā shi'tum innahu bimā taʿmalūna baṣīrun
Sindhi بيشڪ جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي ڪندا آھن سي اسان کان ڳُجھا نه آھن، ڀلا جيڪو باھ ۾ وجھبو سو ڀلو آھي يا جيڪو قيامت جي ڏينھن اَمن وارو ٿي ايندو؟ جيڪي وڻيوَ سو ڪريو بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو خُدا ڏسندڙ آھي.
Verse 41
إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِٱلذِّكْرِ لَمَّا جَآءَهُمْ ۖ وَإِنَّهُۥ لَكِتَـٰبٌ عَزِيزٌ
Transliteration inna alladhīna kafarū bil-dhik'ri lammā jāahum wa-innahu lakitābun ʿazīzun
Sindhi بيشڪ جن قرآن جو (اُنھي وقت) انڪار ڪيو جڏھن وٽن آيو (سي اسان کان ڳُجھا نه آھن)، ۽ بيشڪ اُھو ڪتاب عزّت وارو آھي.
Verse 42
لَّا يَأْتِيهِ ٱلْبَـٰطِلُ مِنۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَلَا مِنْ خَلْفِهِۦ ۖ تَنزِيلٌ مِّنْ حَكِيمٍ حَمِيدٍ
Transliteration lā yatīhi l-bāṭilu min bayni yadayhi walā min khalfihi tanzīlun min ḥakīmin ḥamīdin
Sindhi جو نڪي اُن جي اڳيان ۽ نڪي اُن جي پويان ڪُوڙ داخل ٿيندو آھي، حڪمت واري ساراھيل (الله جي پار) کان لاٿل آھي.
Verse 43
مَّا يُقَالُ لَكَ إِلَّا مَا قَدْ قِيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبْلِكَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ لَذُو مَغْفِرَةٍ وَذُو عِقَابٍ أَلِيمٍ
Transliteration mā yuqālu laka illā mā qad qīla lilrrusuli min qablika inna rabbaka ladhū maghfiratin wadhū ʿiqābin alīmin
Sindhi (اي پيغمبر) توکي اُنھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه چئبو آھي جيڪي توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن کي چيو ويو ھو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشش وارو (به) آھي ۽ ڏکوئيندڙ سزا ڏيڻ وارو (به) آھي.
Verse 44
وَلَوْ جَعَلْنَـٰهُ قُرْءَانًا أَعْجَمِيًّا لَّقَالُوا۟ لَوْلَا فُصِّلَتْ ءَايَـٰتُهُۥٓ ۖ ءَا۬عْجَمِىٌّ وَعَرَبِىٌّ ۗ قُلْ هُوَ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ هُدًى وَشِفَآءٌ ۖ وَٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ فِىٓ ءَاذَانِهِمْ وَقْرٌ وَهُوَ عَلَيْهِمْ عَمًى ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ يُنَادَوْنَ مِن مَّكَانٍۭ بَعِيدٍ
Transliteration walaw jaʿalnāhu qur'ānan aʿjamiyyan laqālū lawlā fuṣṣilat āyātuhu āʿ'jamiyyun waʿarabiyyun qul huwa lilladhīna āmanū hudan washifāon wa-alladhīna lā yu'minūna fī ādhānihim waqrun wahuwa ʿalayhim ʿaman ulāika yunādawna min makānin baʿīdin
Sindhi ۽ جيڪڏھن اِن (ڪتاب) کي عجمي (يعني عربيءَ کان ڌارين ٻوليءَ ۾) قرآن ڪريون ھا ته ضرور (ڪافر) چون ھا ته سنديس آيتون ڇونه کولي بيان ڪيون ويون، ڀلا (قرآن) عجمي (ٻوليءَ ۾) ۽ (ٻڌڻ وارا) عربيءَ (ٻوليءَ) وارا آھن (سو ڇو)؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ شفا آھي، ۽ جيڪي نه مڃيندا آھن تن جي ڪَنّن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اُھو (قرآن) مٿن انڌائي آھي، اِھي (اُنھن وانگر آھن جو) ڄڻڪ ڏورانھين ھنڌ کان سڏيا ويندا آھن.
Verse 45
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَـٰبَ فَٱخْتُلِفَ فِيهِ ۗ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ لَقُضِىَ بَيْنَهُمْ ۚ وَإِنَّهُمْ لَفِى شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيبٍ
Transliteration walaqad ātaynā mūsā l-kitāba fa-ukh'tulifa fīhi walawlā kalimatun sabaqat min rabbika laquḍiya baynahum wa-innahum lafī shakkin min'hu murībin
Sindhi ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ته سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪيو وڃي ھا، ۽ بيشڪ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن.
Verse 46
مَّنْ عَمِلَ صَـٰلِحًا فَلِنَفْسِهِۦ ۖ وَمَنْ أَسَآءَ فَعَلَيْهَا ۗ وَمَا رَبُّكَ بِظَلَّـٰمٍ لِّلْعَبِيدِ
Transliteration man ʿamila ṣāliḥan falinafsihi waman asāa faʿalayhā wamā rabbuka biẓallāmin lil'ʿabīdi
Sindhi جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ (ڪندو) تنھن تي (ئي اُن جو نقصان) آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھي.
Verse 47
۞ إِلَيْهِ يُرَدُّ عِلْمُ ٱلسَّاعَةِ ۚ وَمَا تَخْرُجُ مِن ثَمَرَٰتٍ مِّنْ أَكْمَامِهَا وَمَا تَحْمِلُ مِنْ أُنثَىٰ وَلَا تَضَعُ إِلَّا بِعِلْمِهِۦ ۚ وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ أَيْنَ شُرَكَآءِى قَالُوٓا۟ ءَاذَنَّـٰكَ مَا مِنَّا مِن شَهِيدٍ
Transliteration ilayhi yuraddu ʿil'mu l-sāʿati wamā takhruju min thamarātin min akmāmihā wamā taḥmilu min unthā walā taḍaʿu illā biʿil'mihi wayawma yunādīhim ayna shurakāī qālū ādhannāka mā minnā min shahīdin
Sindhi قيامت (اچڻ) جي خبر الله (ئي) جي حوالي آھي، ۽ سندس ڄاڻپ ڌاران ڪي ميوا پنھنجن ڳڀين مان نه نڪرندا آھن ۽ (سندس ڄاڻپ ڌاران) ڪابه مادي نڪي ڍُڪي ٿيندي آھي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ اُن ڏينھن (الله) کين سڏيندو ته منھنجا شريڪ (جي اوھين مُقرّر ڪندا ھئو سي) ڪٿي آھن چوندا ته توکي خبر ڏني سون ته اسان سان ڪوبه (اُنھن جو) شاھد ڪونھي.
Verse 48
وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَدْعُونَ مِن قَبْلُ ۖ وَظَنُّوا۟ مَا لَهُم مِّن مَّحِيصٍ
Transliteration waḍalla ʿanhum mā kānū yadʿūna min qablu waẓannū mā lahum min maḥīṣin
Sindhi ۽ جن کي (ھن کان) اڳ (دنيا ۾) پوڄيندا ھوا سي کائن ڀُلجي ويندا ۽ ڀانئيندا ته کين ڪو ڇوٽڪارو ڪونھي.
Verse 49
لَّا يَسْـَٔمُ ٱلْإِنسَـٰنُ مِن دُعَآءِ ٱلْخَيْرِ وَإِن مَّسَّهُ ٱلشَّرُّ فَيَـُٔوسٌ قَنُوطٌ
Transliteration lā yasamu l-insānu min duʿāi l-khayri wa-in massahu l-sharu fayaūsun qanūṭun
Sindhi ماڻھو چڱائيءَ جي سڏڻ (دُعا گھرڻ) کان نه ٿڪبو آھي، ۽ جيڪڏھن کيس (ڪا) مدائي پھچندي آھي ته پوءِ آسرو ڇِني نا اُميد ٿيندو آھي.
Verse 50
وَلَئِنْ أَذَقْنَـٰهُ رَحْمَةً مِّنَّا مِنۢ بَعْدِ ضَرَّآءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ هَـٰذَا لِى وَمَآ أَظُنُّ ٱلسَّاعَةَ قَآئِمَةً وَلَئِن رُّجِعْتُ إِلَىٰ رَبِّىٓ إِنَّ لِى عِندَهُۥ لَلْحُسْنَىٰ ۚ فَلَنُنَبِّئَنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِمَا عَمِلُوا۟ وَلَنُذِيقَنَّهُم مِّنْ عَذَابٍ غَلِيظٍ
Transliteration wala-in adhaqnāhu raḥmatan minnā min baʿdi ḍarrāa massathu layaqūlanna hādhā lī wamā aẓunnu l-sāʿata qāimatan wala-in rujiʿ'tu ilā rabbī inna lī ʿindahu lalḥus'nā falanunabbi-anna alladhīna kafarū bimā ʿamilū walanudhīqannahum min ʿadhābin ghalīẓin
Sindhi ۽ جيڪڏھن کيس اوکائي پھچڻ کان پوءِ پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکائيندا آھيون ته ضرور چوندو آھي ته ھيءَ مون (ئي) لاءِ آھي ۽ نه ٿو ڀانيان ته قيامت قائم ٿيڻي آھي ۽ جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (کڻي) موٽائبس ته بيشڪ مون لاءِ وٽس (به) ضرور چڱي حالت ھوندي، پوءِ ڪافرن جيڪي ڪيو آھي تنھن بابت کين ضرور خبردار ڪنداسون، ۽ کين سخت عذاب ضرور چکائينداسون.
Verse 51
وَإِذَآ أَنْعَمْنَا عَلَى ٱلْإِنسَـٰنِ أَعْرَضَ وَنَـَٔا بِجَانِبِهِۦ وَإِذَا مَسَّهُ ٱلشَّرُّ فَذُو دُعَآءٍ عَرِيضٍ
Transliteration wa-idhā anʿamnā ʿalā l-insāni aʿraḍa wanaā bijānibihi wa-idhā massahu l-sharu fadhū duʿāin ʿarīḍin
Sindhi ۽ جڏھن ماڻھوءَ تي فضل ڪندا آھيون (تڏھن) مُنھن ڦيرائيندو آھي ۽ پنھنجو پاسو موڙيندو آھي، ۽ جڏھن کيس ڪا اوکائي پھچندي آھي تڏھن وڏيون دعائون گھُرندو آھي.
Verse 52
قُلْ أَرَءَيْتُمْ إِن كَانَ مِنْ عِندِ ٱللَّهِ ثُمَّ كَفَرْتُم بِهِۦ مَنْ أَضَلُّ مِمَّنْ هُوَ فِى شِقَاقٍۭ بَعِيدٍ
Transliteration qul ara-aytum in kāna min ʿindi l-lahi thumma kafartum bihi man aḍallu mimman huwa fī shiqāqin baʿīdin
Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين ڏسو ته جيڪڏھن (قرآن) الله وٽان ھجي وري سندس انڪار ڪريو ته جيڪو وڏي ضِدّ ۾ پيل ھجي تنھن کان وڌيڪ گُمراھ ڪير آھي؟
Verse 53
سَنُرِيهِمْ ءَايَـٰتِنَا فِى ٱلْـَٔافَاقِ وَفِىٓ أَنفُسِهِمْ حَتَّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُمْ أَنَّهُ ٱلْحَقُّ ۗ أَوَلَمْ يَكْفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُۥ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ شَهِيدٌ
Transliteration sanurīhim āyātinā fī l-āfāqi wafī anfusihim ḥattā yatabayyana lahum annahu l-ḥaqu awalam yakfi birabbika annahu ʿalā kulli shayin shahīdun
Sindhi پنھنجيون نشانيون مُلڪن ۾ سندن وجودن ۾ کين سگھوئي ڏيکاريندا سون تان جو کين پڌرو ٿيندو بيشڪ اِھو (قرآن) سچو آھي، تنھنجو پالڻھار ڪافي نه آھي ڇا جيڪو سڀڪنھن شيء تي حاضر آھي؟
Verse 54
أَلَآ إِنَّهُمْ فِى مِرْيَةٍ مِّن لِّقَآءِ رَبِّهِمْ ۗ أَلَآ إِنَّهُۥ بِكُلِّ شَىْءٍ مُّحِيطٌۢ
Transliteration alā innahum fī mir'yatin min liqāi rabbihim alā innahu bikulli shayin muḥīṭun
Sindhi خبردار بيشڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان شڪ ۾ (پيل) آھن، خبردار اُھو ھر ڪنھن شيء کي وڪوڙيندڙ آھي.
Read Surah Fussilat in another language
- English (word by word)
- Albanian
- Amazigh
- Amharic
- Assamese
- Azerbaijani
- Bambara
- Bangla
- Bosnian
- Bulgarian
- Chechen
- Chinese
- Czech
- Dari
- Dhivehi
- Dutch
- Finnish
- French
- German
- Gujarati
- Hausa
- Hebrew
- Hindi
- Indonesian
- Italian
- Japanese
- Kannada
- Kazakh
- Khmer
- Kinyarwanda
- Korean
- Kurdish
- Luganda
- Malay
- Malayalam
- Maranao
- Marathi
- Nepali
- Norwegian
- Oromo
- Pashto
- Persian
- Polish
- Portuguese
- Romanian
- Russian
- Sinhala
- Somali
- Spanish
- Swahili
- Swedish
- Tagalog
- Tajik
- Tamil
- Tatar
- Telugu
- Thai
- Turkish
- Ukrainian
- Urdu
- Uyghur
- Uzbek
- Vietnamese
- Yao
- Yoruba
All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.
Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.