MyDugsiStart learning

Surah Al-Ahqaf in Sindhi: translation and audio

Surah 46 · الأحقاف · The Wind-Curved Sandhills · 35 verses

Surah Al-Ahqaf verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Al-Ahqaf word by word in English.

Verse 1

حمٓ

Transliteration hha-meem

Sindhi حٰمٓ.

Verse 2

تَنزِيلُ ٱلْكِتَـٰبِ مِنَ ٱللَّهِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَكِيمِ

Transliteration tanzīlu l-kitābi mina l-lahi l-ʿazīzi l-ḥakīmi

Sindhi ڪتاب جو لاھڻ غالب حڪمت واري الله وٽان آھي.

Verse 3

مَا خَلَقْنَا ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ إِلَّا بِٱلْحَقِّ وَأَجَلٍ مُّسَمًّى ۚ وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ عَمَّآ أُنذِرُوا۟ مُعْرِضُونَ

Transliteration mā khalaqnā l-samāwāti wal-arḍa wamā baynahumā illā bil-ḥaqi wa-ajalin musamman wa-alladhīna kafarū ʿammā undhirū muʿ'riḍūna

Sindhi نه پيدا ڪيوسون آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي مگر پوريءَ رِٿ سان ۽ ھڪ مقرر مدت تائين (رھڻ لاءِ)، ۽ ڪافر جنھن کان ڊيڄاريا ويا (تنھن کان) مُنھن موڙيندڙ آھن.

Verse 4

قُلْ أَرَءَيْتُم مَّا تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ أَرُونِى مَاذَا خَلَقُوا۟ مِنَ ٱلْأَرْضِ أَمْ لَهُمْ شِرْكٌ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ ۖ ٱئْتُونِى بِكِتَـٰبٍ مِّن قَبْلِ هَـٰذَآ أَوْ أَثَـٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ

Transliteration qul ara-aytum mā tadʿūna min dūni l-lahi arūnī mādhā khalaqū mina l-arḍi am lahum shir'kun fī l-samāwāti i'tūnī bikitābin min qabli hādhā aw athāratin min ʿil'min in kuntum ṣādiqīna

Sindhi (کين) چؤ ته ڏسيو ته سھي الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن ڪا بڻاوت بڻائي آھي ڇا مون کي ڏيکاريو ته زمين (جي شين) منجھان ڪھڙي شيء پيدا ڪئي اٿن يا آسمانن (جي بڻائڻ) ۾ انھن جي ڪا ڀائيواري (ثابت) آھي ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھيو ته ھن کان اڳ (آيل) ڪوبه ڪتاب يا ڪا علمي سَند مون وٽ آڻيو.

Verse 5

وَمَنْ أَضَلُّ مِمَّن يَدْعُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَن لَّا يَسْتَجِيبُ لَهُۥٓ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ وَهُمْ عَن دُعَآئِهِمْ غَـٰفِلُونَ

Transliteration waman aḍallu mimman yadʿū min dūni l-lahi man lā yastajību lahu ilā yawmi l-qiyāmati wahum ʿan duʿāihim ghāfilūna

Sindhi ۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي جيڪو الله ڌاران (ٻئي) اھڙي شيء کي سڏي جو قيامت تائين سندس سڏ کي نه ورنائي ۽ اُھي سندن سڏڻ کان (ئي) بي خبر آھن.

Verse 6

وَإِذَا حُشِرَ ٱلنَّاسُ كَانُوا۟ لَهُمْ أَعْدَآءً وَكَانُوا۟ بِعِبَادَتِهِمْ كَـٰفِرِينَ

Transliteration wa-idhā ḥushira l-nāsu kānū lahum aʿdāan wakānū biʿibādatihim kāfirīna

Sindhi ۽ جڏھن (قيامت ۾) ماڻھو گڏ ڪبا (تڏھن) اھي سندن ويري ھوندا ۽ سندين پوڄا جا منڪر ھوندا.

Verse 7

وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ءَايَـٰتُنَا بَيِّنَـٰتٍ قَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِلْحَقِّ لَمَّا جَآءَهُمْ هَـٰذَا سِحْرٌ مُّبِينٌ

Transliteration wa-idhā tut'lā ʿalayhim āyātunā bayyinātin qāla alladhīna kafarū lil'ḥaqqi lammā jāahum hādhā siḥ'run mubīnun

Sindhi ۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن اُھي) ڪافر سچي ڳالھ (يعني قرآن) به نسبت جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) چوندا آھن ته ھي پڌرو جادو آھي.

Verse 8

أَمْ يَقُولُونَ ٱفْتَرَىٰهُ ۖ قُلْ إِنِ ٱفْتَرَيْتُهُۥ فَلَا تَمْلِكُونَ لِى مِنَ ٱللَّهِ شَيْـًٔا ۖ هُوَ أَعْلَمُ بِمَا تُفِيضُونَ فِيهِ ۖ كَفَىٰ بِهِۦ شَهِيدًۢا بَيْنِى وَبَيْنَكُمْ ۖ وَهُوَ ٱلْغَفُورُ ٱلرَّحِيمُ

Transliteration am yaqūlūna if'tarāhu qul ini if'taraytuhu falā tamlikūna lī mina l-lahi shayan huwa aʿlamu bimā tufīḍūna fīhi kafā bihi shahīdan baynī wabaynakum wahuwa l-ghafūru l-raḥīmu

Sindhi بلڪ چوندا آھن ته اُن کي (پيغمبر) ٺاھيو آھي، (کين) چؤ ته جيڪڏھن اُن کي پاڻ ٺاھيو اٿم ته اوھين الله کان (ڇڏائڻ واسطي) مون لاءِ ڪجھ ڪري نٿا سگھو، جيڪي قرآن بابت گفتگو ڪندا آھيو (سو) الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي، منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ (خدا) حق کي ظاھر ڪندڙ بس آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 9

قُلْ مَا كُنتُ بِدْعًا مِّنَ ٱلرُّسُلِ وَمَآ أَدْرِى مَا يُفْعَلُ بِى وَلَا بِكُمْ ۖ إِنْ أَتَّبِعُ إِلَّا مَا يُوحَىٰٓ إِلَىَّ وَمَآ أَنَا۠ إِلَّا نَذِيرٌ مُّبِينٌ

Transliteration qul mā kuntu bid'ʿan mina l-rusuli wamā adrī mā yuf'ʿalu bī walā bikum in attabiʿu illā mā yūḥā ilayya wamā anā illā nadhīrun mubīnun

Sindhi چؤ ته آءٌ پيغمبرن مان ڪو نئون (آيل) نه آھيان ۽ نٿو ڄاڻان ته مون سان ۽ اوھان سان (دنيا ۾) ڇا ڪيو ويندو، جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن (ڳالھ) جي تابعداري نه ڪندو آھي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

Verse 10

قُلْ أَرَءَيْتُمْ إِن كَانَ مِنْ عِندِ ٱللَّهِ وَكَفَرْتُم بِهِۦ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنۢ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ عَلَىٰ مِثْلِهِۦ فَـَٔامَنَ وَٱسْتَكْبَرْتُمْ ۖ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّـٰلِمِينَ

Transliteration qul ara-aytum in kāna min ʿindi l-lahi wakafartum bihi washahida shāhidun min banī is'rāīla ʿalā mith'lihi faāmana wa-is'takbartum inna l-laha lā yahdī l-qawma l-ẓālimīna

Sindhi (کين) چؤ ته ڏسو ته سھي جيڪڏھن (اھو قرآن) الله وٽان آيل آھي ۽ اوھين اُن کي نه مڃيو ۽ بني اسرائيلن مان ھڪ شاھد اھڙي (ڪتاب) تي شاھدي ڏني ھجي پوءِ اُنھيءَ ايمان آندو ۽ اوھان (مڃڻ کان) وڏائي ڪئي (ته ضرور ظالم ٿيندؤ) بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

Verse 11

وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُونَآ إِلَيْهِ ۚ وَإِذْ لَمْ يَهْتَدُوا۟ بِهِۦ فَسَيَقُولُونَ هَـٰذَآ إِفْكٌ قَدِيمٌ

Transliteration waqāla alladhīna kafarū lilladhīna āmanū law kāna khayran mā sabaqūnā ilayhi wa-idh lam yahtadū bihi fasayaqūlūna hādhā if'kun qadīmun

Sindhi ۽ ڪافرن مؤمنن به نسبت چيو ته جيڪڏھن (اھو دين) چڱو ھجي ھا ته اُھي اُن ڏانھن اسان کان اڳرائي نه ڪن ھا، ۽ جڏھن (ڪافرن) اُن سان واٽ نه لڌي تڏھن چوندا ته ھيءُ (قرآن) ھڪ پراڻو ڪوڙ آھي.

Verse 12

وَمِن قَبْلِهِۦ كِتَـٰبُ مُوسَىٰٓ إِمَامًا وَرَحْمَةً ۚ وَهَـٰذَا كِتَـٰبٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِيًّا لِّيُنذِرَ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ وَبُشْرَىٰ لِلْمُحْسِنِينَ

Transliteration wamin qablihi kitābu mūsā imāman waraḥmatan wahādhā kitābun muṣaddiqun lisānan ʿarabiyyan liyundhira alladhīna ẓalamū wabush'rā lil'muḥ'sinīna

Sindhi ۽ ھن (قرآن) کان اڳ مُوسىٰ جو ڪتاب اڳواڻ ۽ ٻاجھ ھو، ۽ ھي ڪتاب (ان جو) سچّو ڪندڙ عربيءَ ٻوليءَ ۾ آھي ھن لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏئي.

Verse 13

إِنَّ ٱلَّذِينَ قَالُوا۟ رَبُّنَا ٱللَّهُ ثُمَّ ٱسْتَقَـٰمُوا۟ فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ

Transliteration inna alladhīna qālū rabbunā l-lahu thumma is'taqāmū falā khawfun ʿalayhim walā hum yaḥzanūna

Sindhi بيشڪ جن چيو ته اسان جو پالڻھار الله آھي پوءِ اِن (چوڻ) تي مُحڪم رھيا تن کي نڪو ڀَؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ھوندا.

Verse 14

أُو۟لَـٰٓئِكَ أَصْحَـٰبُ ٱلْجَنَّةِ خَـٰلِدِينَ فِيهَا جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Transliteration ulāika aṣḥābu l-janati khālidīna fīhā jazāan bimā kānū yaʿmalūna

Sindhi اِھي بھشتي آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، جيڪي عمل ڪندا ھوا تنھنجو بدلو آھي.

Verse 15

وَوَصَّيْنَا ٱلْإِنسَـٰنَ بِوَٰلِدَيْهِ إِحْسَـٰنًا ۖ حَمَلَتْهُ أُمُّهُۥ كُرْهًا وَوَضَعَتْهُ كُرْهًا ۖ وَحَمْلُهُۥ وَفِصَـٰلُهُۥ ثَلَـٰثُونَ شَهْرًا ۚ حَتَّىٰٓ إِذَا بَلَغَ أَشُدَّهُۥ وَبَلَغَ أَرْبَعِينَ سَنَةً قَالَ رَبِّ أَوْزِعْنِىٓ أَنْ أَشْكُرَ نِعْمَتَكَ ٱلَّتِىٓ أَنْعَمْتَ عَلَىَّ وَعَلَىٰ وَٰلِدَىَّ وَأَنْ أَعْمَلَ صَـٰلِحًا تَرْضَىٰهُ وَأَصْلِحْ لِى فِى ذُرِّيَّتِىٓ ۖ إِنِّى تُبْتُ إِلَيْكَ وَإِنِّى مِنَ ٱلْمُسْلِمِينَ

Transliteration wawaṣṣaynā l-insāna biwālidayhi iḥ'sānan ḥamalathu ummuhu kur'han wawaḍaʿathu kur'han waḥamluhu wafiṣāluhu thalāthūna shahran ḥattā idhā balagha ashuddahu wabalagha arbaʿīna sanatan qāla rabbi awziʿ'nī an ashkura niʿ'mataka allatī anʿamta ʿalayya waʿalā wālidayya wa-an aʿmala ṣāliḥan tarḍāhu wa-aṣliḥ lī fī dhurriyyatī innī tub'tu ilayka wa-innī mina l-mus'limīna

Sindhi ۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سنديس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ اُنجو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھ مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جواني کي پُھتو ۽ چاليھن ورھن کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ ته (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ توڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان.

Verse 16

أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ أَحْسَنَ مَا عَمِلُوا۟ وَنَتَجَاوَزُ عَن سَيِّـَٔاتِهِمْ فِىٓ أَصْحَـٰبِ ٱلْجَنَّةِ ۖ وَعْدَ ٱلصِّدْقِ ٱلَّذِى كَانُوا۟ يُوعَدُونَ

Transliteration ulāika alladhīna nataqabbalu ʿanhum aḥsana mā ʿamilū wanatajāwazu ʿan sayyiātihim fī aṣḥābi l-janati waʿda l-ṣid'qi alladhī kānū yūʿadūna

Sindhi اِھي اُھي آھن جن جا تمام چڱا ڪم جيڪي ڪيائون سي قبول ڪندا آھيون ۽ سندين مداين کان ٽرندا آھيون (اھي) بھشتين ۾ ھوندا، جيڪو ساڻن سچو وعدو ڪبو ھو تنھن جي ڪري.

Verse 17

وَٱلَّذِى قَالَ لِوَٰلِدَيْهِ أُفٍّ لَّكُمَآ أَتَعِدَانِنِىٓ أَنْ أُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ ٱلْقُرُونُ مِن قَبْلِى وَهُمَا يَسْتَغِيثَانِ ٱللَّهَ وَيْلَكَ ءَامِنْ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّ فَيَقُولُ مَا هَـٰذَآ إِلَّآ أَسَـٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ

Transliteration wa-alladhī qāla liwālidayhi uffin lakumā ataʿidāninī an ukh'raja waqad khalati l-qurūnu min qablī wahumā yastaghīthāni l-laha waylaka āmin inna waʿda l-lahi ḥaqqun fayaqūlu mā hādhā illā asāṭīru l-awalīna

Sindhi ۽ جنھن پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوھان کان بيزار آھيان مون کي انجام ڏيو ٿا ڇا ته (قبرن مان) ڪڍيو ويندس ۽ بيشڪ مون کان اڳ (ماڻھن جا) ڪيترائي جُڳ گذري ويا آھن، ۽ اُھي ٻئي الله کي ٻاڏائيندا آھن ۽ (چوندا اٿس ته) پنھنجي ڪم بختي ڇڏي ايمان آڻ، بيشڪ الله جو انجام سچو آھي، پوءِ چوندو آھي ته اِھي رڳو اڳوڻن جو آکاڻيون آھن.

Verse 18

أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ حَقَّ عَلَيْهِمُ ٱلْقَوْلُ فِىٓ أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهِم مِّنَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ خَـٰسِرِينَ

Transliteration ulāika alladhīna ḥaqqa ʿalayhimu l-qawlu fī umamin qad khalat min qablihim mina l-jini wal-insi innahum kānū khāsirīna

Sindhi اِھي اُھي آھن جن تي اھڙي سزا لازم ٿي (جھڙي اُنھن) ٽولين ۾ ٿي جي جِنن ۽ ماڻھن مان کائن اڳ گذري ويا، بيشڪ اُھي ڇيئي وارا ھوا.

Verse 19

وَلِكُلٍّ دَرَجَـٰتٌ مِّمَّا عَمِلُوا۟ ۖ وَلِيُوَفِّيَهُمْ أَعْمَـٰلَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ

Transliteration walikullin darajātun mimmā ʿamilū waliyuwaffiyahum aʿmālahum wahum lā yuẓ'lamūna

Sindhi ۽ سڀڪنھن لاءِ درجا انھيءَ آھر آھن جيڪي ڪم ڪيائون، ۽ (ھيُ ھِن لاءِ) ته (خُدا) سندن عملن جو کين پورو بدلو ڏئي ۽ مٿن ظلم نه ڪبو.

Verse 20

وَيَوْمَ يُعْرَضُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ عَلَى ٱلنَّارِ أَذْهَبْتُمْ طَيِّبَـٰتِكُمْ فِى حَيَاتِكُمُ ٱلدُّنْيَا وَٱسْتَمْتَعْتُم بِهَا فَٱلْيَوْمَ تُجْزَوْنَ عَذَابَ ٱلْهُونِ بِمَا كُنتُمْ تَسْتَكْبِرُونَ فِى ٱلْأَرْضِ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ وَبِمَا كُنتُمْ تَفْسُقُونَ

Transliteration wayawma yuʿ'raḍu alladhīna kafarū ʿalā l-nāri adhhabtum ṭayyibātikum fī ḥayātikumu l-dun'yā wa-is'tamtaʿtum bihā fal-yawma tuj'zawna ʿadhāba l-hūni bimā kuntum tastakbirūna fī l-arḍi bighayri l-ḥaqi wabimā kuntum tafsuqūna

Sindhi ۽ انھيءَ ڏينھن جو ڪافر باھ جي آڏو ڪبا، (چئبن ته) پنھنجون نعمتون پنھنجي دنيائي حياتيءَ ۾ وٺي چڪؤ ۽ اُن سان آسودا رھيؤ، تنھنڪري اڄ اوھان کي خواريءَ جي عذاب جو بدلو انھي ڪري ڏبو جو زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا ھئو ۽ انھيءَ ڪري جو بدڪاري ڪندا ھئو.

Verse 21

۞ وَٱذْكُرْ أَخَا عَادٍ إِذْ أَنذَرَ قَوْمَهُۥ بِٱلْأَحْقَافِ وَقَدْ خَلَتِ ٱلنُّذُرُ مِنۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهِۦٓ أَلَّا تَعْبُدُوٓا۟ إِلَّا ٱللَّهَ إِنِّىٓ أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ

Transliteration wa-udh'kur akhā ʿādin idh andhara qawmahu bil-aḥqāfi waqad khalati l-nudhuru min bayni yadayhi wamin khalfihi allā taʿbudū illā l-laha innī akhāfu ʿalaykum ʿadhāba yawmin ʿaẓīmin

Sindhi ۽ عاد جي ڀاءُ (ھود) کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي قوم کي (واديءَ) اَحقاف ۾ ڊيڄاريائين ۽ بيشڪ سندس اڳيان ۽ سندس پوئتان (ڪيترائي) ڊيڄاريندڙ گذريا ھوا ته الله کانسواءِ ڪنھين جي عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.

Verse 22

قَالُوٓا۟ أَجِئْتَنَا لِتَأْفِكَنَا عَنْ ءَالِهَتِنَا فَأْتِنَا بِمَا تَعِدُنَآ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّـٰدِقِينَ

Transliteration qālū aji'tanā litafikanā ʿan ālihatinā fatinā bimā taʿidunā in kunta mina l-ṣādiqīna

Sindhi چيائون ته اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا ته اسان کي پنھنجن معبودن کان ڦيرائن، پوءِ جيڪڏھن سچن مان آھين ته جيڪو وعدو اسان کي ڏئين ٿو سو اسان وٽ آڻ.

Verse 23

قَالَ إِنَّمَا ٱلْعِلْمُ عِندَ ٱللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم مَّآ أُرْسِلْتُ بِهِۦ وَلَـٰكِنِّىٓ أَرَىٰكُمْ قَوْمًا تَجْهَلُونَ

Transliteration qāla innamā l-ʿil'mu ʿinda l-lahi wa-uballighukum mā ur'sil'tu bihi walākinnī arākum qawman tajhalūna

Sindhi چيائين ته اِھو علم رڳو الله کي آھي، ۽ جنھن (پيغام) سان موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايان ٿو پر اوھان کي ھڪ جاھل قوم ڏسان ٿو.

Verse 24

فَلَمَّا رَأَوْهُ عَارِضًا مُّسْتَقْبِلَ أَوْدِيَتِهِمْ قَالُوا۟ هَـٰذَا عَارِضٌ مُّمْطِرُنَا ۚ بَلْ هُوَ مَا ٱسْتَعْجَلْتُم بِهِۦ ۖ رِيحٌ فِيهَا عَذَابٌ أَلِيمٌ

Transliteration falammā ra-awhu ʿāriḍan mus'taqbila awdiyatihim qālū hādhā ʿāriḍun mum'ṭirunā bal huwa mā is'taʿjaltum bihi rīḥun fīhā ʿadhābun alīmun

Sindhi پوءِ جنھن مھل اُن کي ڪڪر (جھڙو) ڏٺائون جو سندن ميدانن ڏانھن سامھون ايندڙ ھو (تنھن مھل) چيائون ته ھيءُ ڪڪر آھي جو اسان تي وَسندو، (ھود چيو ته نه نه!) بلڪ اِھو اُھو آھي جنھن کي جلدي گھريؤ، (اھا) ھڪ آنڌي آھي جنھن ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

Verse 25

تُدَمِّرُ كُلَّ شَىْءٍۭ بِأَمْرِ رَبِّهَا فَأَصْبَحُوا۟ لَا يُرَىٰٓ إِلَّا مَسَـٰكِنُهُمْ ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْقَوْمَ ٱلْمُجْرِمِينَ

Transliteration tudammiru kulla shayin bi-amri rabbihā fa-aṣbaḥū lā yurā illā masākinuhum kadhālika najzī l-qawma l-muj'rimīna

Sindhi (جو) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀڪنھن شيءَ کي ناس ڪندي پوءِ (اھڙا ناس) ٿيا جو سندن گھرن کانسواءِ ڪجھ نه ٿي ڏٺو ويو، اھڙي طرح ڏوھاري قوم کي سزا ڏيندا آھيون.

Verse 26

وَلَقَدْ مَكَّنَّـٰهُمْ فِيمَآ إِن مَّكَّنَّـٰكُمْ فِيهِ وَجَعَلْنَا لَهُمْ سَمْعًا وَأَبْصَـٰرًا وَأَفْـِٔدَةً فَمَآ أَغْنَىٰ عَنْهُمْ سَمْعُهُمْ وَلَآ أَبْصَـٰرُهُمْ وَلَآ أَفْـِٔدَتُهُم مِّن شَىْءٍ إِذْ كَانُوا۟ يَجْحَدُونَ بِـَٔايَـٰتِ ٱللَّهِ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ

Transliteration walaqad makkannāhum fīmā in makkannākum fīhi wajaʿalnā lahum samʿan wa-abṣāran wa-afidatan famā aghnā ʿanhum samʿuhum walā abṣāruhum walā afidatuhum min shayin idh kānū yajḥadūna biāyāti l-lahi waḥāqa bihim mā kānū bihi yastahziūna

Sindhi ۽ بيشڪ انھن کي اھڙي جاءِ ڏني ھئي سون جو اوھان کي به جاءِ نه ڏني سون ۽ انھن کي ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون ھيون سون، پوءِ جڏھن الله جي آيتن جو انڪار ڪيائون تڏھن نڪي سندن ڪَنن ۽ نڪي سندن اکين ۽ نڪي سندن دلين ڪجھ به (عذاب) کائن ٽاريو ۽ جنھن (عذاب) بابت ٺـٺوليون ڪندا ھوا سو مٿن ڪڙڪيو.

Verse 27

وَلَقَدْ أَهْلَكْنَا مَا حَوْلَكُم مِّنَ ٱلْقُرَىٰ وَصَرَّفْنَا ٱلْـَٔايَـٰتِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ

Transliteration walaqad ahlaknā mā ḥawlakum mina l-qurā waṣarrafnā l-āyāti laʿallahum yarjiʿūna

Sindhi ۽ بيشڪ جيڪي ڳوٺ اوھان جي آس پاس آھن سي (سڀ) ناس ڪياسون ۽ طرحين طرحين نشانيون پڌريون ڪيون سون ته مانَ اُھي موٽن.

Verse 28

فَلَوْلَا نَصَرَهُمُ ٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ قُرْبَانًا ءَالِهَةًۢ ۖ بَلْ ضَلُّوا۟ عَنْهُمْ ۚ وَذَٰلِكَ إِفْكُهُمْ وَمَا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ

Transliteration falawlā naṣarahumu alladhīna ittakhadhū min dūni l-lahi qur'bānan ālihatan bal ḍallū ʿanhum wadhālika if'kuhum wamā kānū yaftarūna

Sindhi پوءِ الله کانسواءِ جن کي ويجھائي لاءِ معبود ڪري ورتو ھوائون تن کين مدد ڇونه ڏني ھئي، بلڪ کائن گم ٿي ويا، ۽ اھو سندن ڪُوڙ آھي جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا.

Verse 29

وَإِذْ صَرَفْنَآ إِلَيْكَ نَفَرًا مِّنَ ٱلْجِنِّ يَسْتَمِعُونَ ٱلْقُرْءَانَ فَلَمَّا حَضَرُوهُ قَالُوٓا۟ أَنصِتُوا۟ ۖ فَلَمَّا قُضِىَ وَلَّوْا۟ إِلَىٰ قَوْمِهِم مُّنذِرِينَ

Transliteration wa-idh ṣarafnā ilayka nafaran mina l-jini yastamiʿūna l-qur'āna falammā ḥaḍarūhu qālū anṣitū falammā quḍiya wallaw ilā qawmihim mundhirīna

Sindhi ۽ (ياد ڪر) جڏھن جِنّن مان ھڪ ٽوليءَ کي توڏانھن لاڙيوسون جو قرآن ٻڌائون ٿي، پوءِ جنھن مھل پيغمبر وٽ پھتا چيائون ته ماٺ ڪريو، پوءِ جنھن مھل پورو ڪيو ويو ته پنھنجي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ ٿي موٽيا.

Verse 30

قَالُوا۟ يَـٰقَوْمَنَآ إِنَّا سَمِعْنَا كِتَـٰبًا أُنزِلَ مِنۢ بَعْدِ مُوسَىٰ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ يَهْدِىٓ إِلَى ٱلْحَقِّ وَإِلَىٰ طَرِيقٍ مُّسْتَقِيمٍ

Transliteration qālū yāqawmanā innā samiʿ'nā kitāban unzila min baʿdi mūsā muṣaddiqan limā bayna yadayhi yahdī ilā l-ḥaqi wa-ilā ṭarīqin mus'taqīmin

Sindhi چيائون ته اي اسان جي قوم بيشڪ اسان اھڙو ڪتاب ٻڌو جو ُموسىٰ کانپوءِ لاٿو ويو آھي جو جيڪي اُن کان اڳ (نازل ٿيل) ھو تنھن کي سچو ڪندڙ آھي سچي دين ڏانھن ۽ سِڌي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو.

Verse 31

يَـٰقَوْمَنَآ أَجِيبُوا۟ دَاعِىَ ٱللَّهِ وَءَامِنُوا۟ بِهِۦ يَغْفِرْ لَكُم مِّن ذُنُوبِكُمْ وَيُجِرْكُم مِّنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ

Transliteration yāqawmanā ajībū dāʿiya l-lahi waāminū bihi yaghfir lakum min dhunūbikum wayujir'kum min ʿadhābin alīmin

Sindhi اي اسان جي قوم الله جي (طرف) سڏيندڙ کي سڏ ڏيو ۽ اُن تي ايمان آڻيو ته (الله) اوھان جا ڪي ڏوھ اوھان کي بخشي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب کان اوھان کي ڇڏائي.

Verse 32

وَمَن لَّا يُجِبْ دَاعِىَ ٱللَّهِ فَلَيْسَ بِمُعْجِزٍ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَيْسَ لَهُۥ مِن دُونِهِۦٓ أَوْلِيَآءُ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ فِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ

Transliteration waman lā yujib dāʿiya l-lahi falaysa bimuʿ'jizin fī l-arḍi walaysa lahu min dūnihi awliyāu ulāika fī ḍalālin mubīnin

Sindhi ۽ جيڪو الله ڏانھن سڏيندڙ کي سڏ نه ڏيندو سو مُلڪ ۾ (ڀڄي) ٿَڪائڻ وارو نه آھي ۽ الله کانسواءِ اُن جا ڪي سڄڻ نه آھن، اُھي پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.

Verse 33

أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّ ٱللَّهَ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَلَمْ يَعْىَ بِخَلْقِهِنَّ بِقَـٰدِرٍ عَلَىٰٓ أَن يُحْـِۧىَ ٱلْمَوْتَىٰ ۚ بَلَىٰٓ إِنَّهُۥ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ

Transliteration awalam yaraw anna l-laha alladhī khalaqa l-samāwāti wal-arḍa walam yaʿya bikhalqihinna biqādirin ʿalā an yuḥ'yiya l-mawtā balā innahu ʿalā kulli shayin qadīrun

Sindhi نه ڏٺو اٿن ڇا ته الله جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ انھن جي بڻائڻ ۾ نه ٿڪو سو ھن (ڳالھ) تي وس وارو آھي ته مُئن کي جياري، ھائو! بيشڪ اِھو سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.

Verse 34

وَيَوْمَ يُعْرَضُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ عَلَى ٱلنَّارِ أَلَيْسَ هَـٰذَا بِٱلْحَقِّ ۖ قَالُوا۟ بَلَىٰ وَرَبِّنَا ۚ قَالَ فَذُوقُوا۟ ٱلْعَذَابَ بِمَا كُنتُمْ تَكْفُرُونَ

Transliteration wayawma yuʿ'raḍu alladhīna kafarū ʿalā l-nāri alaysa hādhā bil-ḥaqi qālū balā warabbinā qāla fadhūqū l-ʿadhāba bimā kuntum takfurūna

Sindhi ۽ جنھن ڏينھن ڪافر باھ جي سامھون آڻبا، (تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي (وعدو) سچ نه آھي ڇا؟ چوندا ھائو! اسان جي پالڻھار جو قسم آھي، (الله) چوندو ته انھي ڪري عذاب چکو جو انڪار ڪندا ھئو.

Verse 35

فَٱصْبِرْ كَمَا صَبَرَ أُو۟لُوا۟ ٱلْعَزْمِ مِنَ ٱلرُّسُلِ وَلَا تَسْتَعْجِل لَّهُمْ ۚ كَأَنَّهُمْ يَوْمَ يَرَوْنَ مَا يُوعَدُونَ لَمْ يَلْبَثُوٓا۟ إِلَّا سَاعَةً مِّن نَّهَارٍۭ ۚ بَلَـٰغٌ ۚ فَهَلْ يُهْلَكُ إِلَّا ٱلْقَوْمُ ٱلْفَـٰسِقُونَ

Transliteration fa-iṣ'bir kamā ṣabara ulū l-ʿazmi mina l-rusuli walā tastaʿjil lahum ka-annahum yawma yarawna mā yūʿadūna lam yalbathū illā sāʿatan min nahārin balāghun fahal yuh'laku illā l-qawmu l-fāsiqūna

Sindhi پوءِ (اي پيغمبر) جيئن وڏي ھمت وارن پيغمبرن صبر ڪيو ھو تئين صبر ڪر ۽ اُنھن لاءِ (عذاب) جلد نه گھُر، جنھن (قيامت) جو کين انجام ڏجي ٿو سو جنھن ڏينھن ڏسندا تنھن ڏينھن (ائين ڀائيندا ته دنيا ۾) ڄڻڪ اُھي ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ رھيائي نه ھوا، (اھُو پيغام) پھچائڻو آھي، پوءِ بدڪارن جي قوم کانسواءِ ڪو ھلاڪ نه ڪبو.

Read Surah Al-Ahqaf in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.