MyDugsiStart learning

Surah Adh-Dhariyat in Sindhi: translation and audio

Surah 51 · الذاريات · The Winnowing Winds · 60 verses

Surah Adh-Dhariyat verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Adh-Dhariyat word by word in English.

Verse 1

وَٱلذَّٰرِيَـٰتِ ذَرْوًا

Transliteration wal-dhāriyāti dharwan

Sindhi قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.

Verse 2

فَٱلْحَـٰمِلَـٰتِ وِقْرًا

Transliteration fal-ḥāmilāti wiq'ran

Sindhi پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.

Verse 3

فَٱلْجَـٰرِيَـٰتِ يُسْرًا

Transliteration fal-jāriyāti yus'ran

Sindhi پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.

Verse 4

فَٱلْمُقَسِّمَـٰتِ أَمْرًا

Transliteration fal-muqasimāti amran

Sindhi پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.

Verse 5

إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَصَادِقٌ

Transliteration innamā tūʿadūna laṣādiqun

Sindhi ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.

Verse 6

وَإِنَّ ٱلدِّينَ لَوَٰقِعٌ

Transliteration wa-inna l-dīna lawāqiʿun

Sindhi ۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.

Verse 7

وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلْحُبُكِ

Transliteration wal-samāi dhāti l-ḥubuki

Sindhi واٽن واري آسمان جو قسم آھي.

Verse 8

إِنَّكُمْ لَفِى قَوْلٍ مُّخْتَلِفٍ

Transliteration innakum lafī qawlin mukh'talifin

Sindhi ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.

Verse 9

يُؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ أُفِكَ

Transliteration yu'faku ʿanhu man ufika

Sindhi قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.

Verse 10

قُتِلَ ٱلْخَرَّٰصُونَ

Transliteration qutila l-kharāṣūna

Sindhi اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.

Verse 11

ٱلَّذِينَ هُمْ فِى غَمْرَةٍ سَاهُونَ

Transliteration alladhīna hum fī ghamratin sāhūna

Sindhi جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.

Verse 12

يَسْـَٔلُونَ أَيَّانَ يَوْمُ ٱلدِّينِ

Transliteration yasalūna ayyāna yawmu l-dīni

Sindhi پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟

Verse 13

يَوْمَ هُمْ عَلَى ٱلنَّارِ يُفْتَنُونَ

Transliteration yawma hum ʿalā l-nāri yuf'tanūna

Sindhi (ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.

Verse 14

ذُوقُوا۟ فِتْنَتَكُمْ هَـٰذَا ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تَسْتَعْجِلُونَ

Transliteration dhūqū fit'natakum hādhā alladhī kuntum bihi tastaʿjilūna

Sindhi (چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.

Verse 15

إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّـٰتٍ وَعُيُونٍ

Transliteration inna l-mutaqīna fī jannātin waʿuyūnin

Sindhi بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.

Verse 16

ءَاخِذِينَ مَآ ءَاتَىٰهُمْ رَبُّهُمْ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَبْلَ ذَٰلِكَ مُحْسِنِينَ

Transliteration ākhidhīna mā ātāhum rabbuhum innahum kānū qabla dhālika muḥ'sinīna

Sindhi جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.

Verse 17

كَانُوا۟ قَلِيلًا مِّنَ ٱلَّيْلِ مَا يَهْجَعُونَ

Transliteration kānū qalīlan mina al-layli mā yahjaʿūna

Sindhi رات جو ٿورو سمھندا ھوا.

Verse 18

وَبِٱلْأَسْحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُونَ

Transliteration wabil-asḥāri hum yastaghfirūna

Sindhi ۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.

Verse 19

وَفِىٓ أَمْوَٰلِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّآئِلِ وَٱلْمَحْرُومِ

Transliteration wafī amwālihim ḥaqqun lilssāili wal-maḥrūmi

Sindhi ۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.

Verse 20

وَفِى ٱلْأَرْضِ ءَايَـٰتٌ لِّلْمُوقِنِينَ

Transliteration wafī l-arḍi āyātun lil'mūqinīna

Sindhi ۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.

Verse 21

وَفِىٓ أَنفُسِكُمْ ۚ أَفَلَا تُبْصِرُونَ

Transliteration wafī anfusikum afalā tub'ṣirūna

Sindhi ۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟

Verse 22

وَفِى ٱلسَّمَآءِ رِزْقُكُمْ وَمَا تُوعَدُونَ

Transliteration wafī l-samāi riz'qukum wamā tūʿadūna

Sindhi ۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.

Verse 23

فَوَرَبِّ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ إِنَّهُۥ لَحَقٌّ مِّثْلَ مَآ أَنَّكُمْ تَنطِقُونَ

Transliteration fawarabbi l-samāi wal-arḍi innahu laḥaqqun mith'la mā annakum tanṭiqūna

Sindhi پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو.

Verse 24

هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ضَيْفِ إِبْرَٰهِيمَ ٱلْمُكْرَمِينَ

Transliteration hal atāka ḥadīthu ḍayfi ib'rāhīma l-muk'ramīna

Sindhi اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟

Verse 25

إِذْ دَخَلُوا۟ عَلَيْهِ فَقَالُوا۟ سَلَـٰمًا ۖ قَالَ سَلَـٰمٌ قَوْمٌ مُّنكَرُونَ

Transliteration idh dakhalū ʿalayhi faqālū salāman qāla salāmun qawmun munkarūna

Sindhi جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.

Verse 26

فَرَاغَ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ فَجَآءَ بِعِجْلٍ سَمِينٍ

Transliteration farāgha ilā ahlihi fajāa biʿij'lin samīnin

Sindhi پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.

Verse 27

فَقَرَّبَهُۥٓ إِلَيْهِمْ قَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ

Transliteration faqarrabahu ilayhim qāla alā takulūna

Sindhi پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟

Verse 28

فَأَوْجَسَ مِنْهُمْ خِيفَةً ۖ قَالُوا۟ لَا تَخَفْ ۖ وَبَشَّرُوهُ بِغُلَـٰمٍ عَلِيمٍ

Transliteration fa-awjasa min'hum khīfatan qālū lā takhaf wabasharūhu bighulāmin ʿalīmin

Sindhi پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.

Verse 29

فَأَقْبَلَتِ ٱمْرَأَتُهُۥ فِى صَرَّةٍ فَصَكَّتْ وَجْهَهَا وَقَالَتْ عَجُوزٌ عَقِيمٌ

Transliteration fa-aqbalati im'ra-atuhu fī ṣarratin faṣakkat wajhahā waqālat ʿajūzun ʿaqīmun

Sindhi پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).

Verse 30

قَالُوا۟ كَذَٰلِكِ قَالَ رَبُّكِ ۖ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْعَلِيمُ

Transliteration qālū kadhāliki qāla rabbuki innahu huwa l-ḥakīmu l-ʿalīmu

Sindhi چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

Verse 31

۞ قَالَ فَمَا خَطْبُكُمْ أَيُّهَا ٱلْمُرْسَلُونَ

Transliteration qāla famā khaṭbukum ayyuhā l-mur'salūna

Sindhi (ابراھيم) چيو ته اي قاصد‍ؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي.

Verse 32

قَالُوٓا۟ إِنَّآ أُرْسِلْنَآ إِلَىٰ قَوْمٍ مُّجْرِمِينَ

Transliteration qālū innā ur'sil'nā ilā qawmin muj'rimīna

Sindhi چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون.

Verse 33

لِنُرْسِلَ عَلَيْهِمْ حِجَارَةً مِّن طِينٍ

Transliteration linur'sila ʿalayhim ḥijāratan min ṭīnin

Sindhi ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون.

Verse 34

مُّسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلْمُسْرِفِينَ

Transliteration musawwamatan ʿinda rabbika lil'mus'rifīna

Sindhi جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن.

Verse 35

فَأَخْرَجْنَا مَن كَانَ فِيهَا مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Transliteration fa-akhrajnā man kāna fīhā mina l-mu'minīna

Sindhi پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون.

Verse 36

فَمَا وَجَدْنَا فِيهَا غَيْرَ بَيْتٍ مِّنَ ٱلْمُسْلِمِينَ

Transliteration famā wajadnā fīhā ghayra baytin mina l-mus'limīna

Sindhi پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون.

Verse 37

وَتَرَكْنَا فِيهَآ ءَايَةً لِّلَّذِينَ يَخَافُونَ ٱلْعَذَابَ ٱلْأَلِيمَ

Transliteration wataraknā fīhā āyatan lilladhīna yakhāfūna l-ʿadhāba l-alīma

Sindhi ۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون.

Verse 38

وَفِى مُوسَىٰٓ إِذْ أَرْسَلْنَـٰهُ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ بِسُلْطَـٰنٍ مُّبِينٍ

Transliteration wafī mūsā idh arsalnāhu ilā fir'ʿawna bisul'ṭānin mubīnin

Sindhi ۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون.

Verse 39

فَتَوَلَّىٰ بِرُكْنِهِۦ وَقَالَ سَـٰحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ

Transliteration fatawallā biruk'nihi waqāla sāḥirun aw majnūnun

Sindhi پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي.

Verse 40

فَأَخَذْنَـٰهُ وَجُنُودَهُۥ فَنَبَذْنَـٰهُمْ فِى ٱلْيَمِّ وَهُوَ مُلِيمٌ

Transliteration fa-akhadhnāhu wajunūdahu fanabadhnāhum fī l-yami wahuwa mulīmun

Sindhi تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون.

Verse 41

وَفِى عَادٍ إِذْ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمُ ٱلرِّيحَ ٱلْعَقِيمَ

Transliteration wafī ʿādin idh arsalnā ʿalayhimu l-rīḥa l-ʿaqīma

Sindhi ۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون.

Verse 42

مَا تَذَرُ مِن شَىْءٍ أَتَتْ عَلَيْهِ إِلَّا جَعَلَتْهُ كَٱلرَّمِيمِ

Transliteration mā tadharu min shayin atat ʿalayhi illā jaʿalathu kal-ramīmi

Sindhi جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي.

Verse 43

وَفِى ثَمُودَ إِذْ قِيلَ لَهُمْ تَمَتَّعُوا۟ حَتَّىٰ حِينٍ

Transliteration wafī thamūda idh qīla lahum tamattaʿū ḥattā ḥīnin

Sindhi ۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو.

Verse 44

فَعَتَوْا۟ عَنْ أَمْرِ رَبِّهِمْ فَأَخَذَتْهُمُ ٱلصَّـٰعِقَةُ وَهُمْ يَنظُرُونَ

Transliteration faʿataw ʿan amri rabbihim fa-akhadhathumu l-ṣāʿiqatu wahum yanẓurūna

Sindhi پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو.

Verse 45

فَمَا ٱسْتَطَـٰعُوا۟ مِن قِيَامٍ وَمَا كَانُوا۟ مُنتَصِرِينَ

Transliteration famā is'taṭāʿū min qiyāmin wamā kānū muntaṣirīna

Sindhi پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا.

Verse 46

وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَوْمًا فَـٰسِقِينَ

Transliteration waqawma nūḥin min qablu innahum kānū qawman fāsiqīna

Sindhi ۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.

Verse 47

وَٱلسَّمَآءَ بَنَيْنَـٰهَا بِأَيْي۟دٍ وَإِنَّا لَمُوسِعُونَ

Transliteration wal-samāa banaynāhā bi-aydin wa-innā lamūsiʿūna

Sindhi ۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون.

Verse 48

وَٱلْأَرْضَ فَرَشْنَـٰهَا فَنِعْمَ ٱلْمَـٰهِدُونَ

Transliteration wal-arḍa farashnāhā faniʿ'ma l-māhidūna

Sindhi ۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون.

Verse 49

وَمِن كُلِّ شَىْءٍ خَلَقْنَا زَوْجَيْنِ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ

Transliteration wamin kulli shayin khalaqnā zawjayni laʿallakum tadhakkarūna

Sindhi ۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.

Verse 50

فَفِرُّوٓا۟ إِلَى ٱللَّهِ ۖ إِنِّى لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ مُّبِينٌ

Transliteration fafirrū ilā l-lahi innī lakum min'hu nadhīrun mubīnun

Sindhi پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

Verse 51

وَلَا تَجْعَلُوا۟ مَعَ ٱللَّهِ إِلَـٰهًا ءَاخَرَ ۖ إِنِّى لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ مُّبِينٌ

Transliteration walā tajʿalū maʿa l-lahi ilāhan ākhara innī lakum min'hu nadhīrun mubīnun

Sindhi ۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

Verse 52

كَذَٰلِكَ مَآ أَتَى ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِم مِّن رَّسُولٍ إِلَّا قَالُوا۟ سَاحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ

Transliteration kadhālika mā atā alladhīna min qablihim min rasūlin illā qālū sāḥirun aw majnūnun

Sindhi اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.

Verse 53

أَتَوَاصَوْا۟ بِهِۦ ۚ بَلْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ

Transliteration atawāṣaw bihi bal hum qawmun ṭāghūna

Sindhi ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن.

Verse 54

فَتَوَلَّ عَنْهُمْ فَمَآ أَنتَ بِمَلُومٍ

Transliteration fatawalla ʿanhum famā anta bimalūmin

Sindhi تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين.

Verse 55

وَذَكِّرْ فَإِنَّ ٱلذِّكْرَىٰ تَنفَعُ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Transliteration wadhakkir fa-inna l-dhik'rā tanfaʿu l-mu'minīna

Sindhi ۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي.

Verse 56

وَمَا خَلَقْتُ ٱلْجِنَّ وَٱلْإِنسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ

Transliteration wamā khalaqtu l-jina wal-insa illā liyaʿbudūni

Sindhi ۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.

Verse 57

مَآ أُرِيدُ مِنْهُم مِّن رِّزْقٍ وَمَآ أُرِيدُ أَن يُطْعِمُونِ

Transliteration mā urīdu min'hum min riz'qin wamā urīdu an yuṭ'ʿimūni

Sindhi نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين.

Verse 58

إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلرَّزَّاقُ ذُو ٱلْقُوَّةِ ٱلْمَتِينُ

Transliteration inna l-laha huwa l-razāqu dhū l-quwati l-matīnu

Sindhi بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي.

Verse 59

فَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ذَنُوبًا مِّثْلَ ذَنُوبِ أَصْحَـٰبِهِمْ فَلَا يَسْتَعْجِلُونِ

Transliteration fa-inna lilladhīna ẓalamū dhanūban mith'la dhanūbi aṣḥābihim falā yastaʿjilūni

Sindhi پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن.

Verse 60

فَوَيْلٌ لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن يَوْمِهِمُ ٱلَّذِى يُوعَدُونَ

Transliteration fawaylun lilladhīna kafarū min yawmihimu alladhī yūʿadūna

Sindhi پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.

Read Surah Adh-Dhariyat in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.