MyDugsiStart learning

Surah Saba in Sindhi: translation and audio

Surah 34 · سبإ · Sheba · 54 verses

Surah Saba verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Saba word by word in English.

Verse 1

ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى لَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَلَهُ ٱلْحَمْدُ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ ۚ وَهُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْخَبِيرُ

Transliteration al-ḥamdu lillahi alladhī lahu mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi walahu l-ḥamdu fī l-ākhirati wahuwa l-ḥakīmu l-khabīru

Sindhi سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جو جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي ۽ اُن جي ئي ساراھ آخرت ۾ آھي، ۽ اُھو ئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي.

Verse 2

يَعْلَمُ مَا يَلِجُ فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنزِلُ مِنَ ٱلسَّمَآءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيهَا ۚ وَهُوَ ٱلرَّحِيمُ ٱلْغَفُورُ

Transliteration yaʿlamu mā yaliju fī l-arḍi wamā yakhruju min'hā wamā yanzilu mina l-samāi wamā yaʿruju fīhā wahuwa l-raḥīmu l-ghafūru

Sindhi جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي منجھانئس نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھندو آھي سو (سڀ اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ اھوئي بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 3

وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَا تَأْتِينَا ٱلسَّاعَةُ ۖ قُلْ بَلَىٰ وَرَبِّى لَتَأْتِيَنَّكُمْ عَـٰلِمِ ٱلْغَيْبِ ۖ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْقَالُ ذَرَّةٍ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَلَا فِى ٱلْأَرْضِ وَلَآ أَصْغَرُ مِن ذَٰلِكَ وَلَآ أَكْبَرُ إِلَّا فِى كِتَـٰبٍ مُّبِينٍ

Transliteration waqāla alladhīna kafarū lā tatīnā l-sāʿatu qul balā warabbī latatiyannakum ʿālimi l-ghaybi lā yaʿzubu ʿanhu mith'qālu dharratin fī l-samāwāti walā fī l-arḍi walā aṣgharu min dhālika walā akbaru illā fī kitābin mubīnin

Sindhi ۽ ڪافر چوندا آھن ته اسان تي قيامت (ڪڏھن) نه ايندي، (کين) چؤ ته ھائو مون کي پنھنجي (اُنھيءَ) پالڻھار ڳُجھ ڄاڻيندڙ جو قسم آھي ته اوھان وٽ ضرور ايندي، جنھن کان ذري جيترو نڪي آسمانن ۽ نڪي زمين ۾ ڳُجھو رھي ٿو ۽ اُن کان تمام ننڍي (ڪا شيء اھڙي) ڪانھي ۽ نڪي تمام وڏي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي.

Verse 4

لِّيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَرِزْقٌ كَرِيمٌ

Transliteration liyajziya alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti ulāika lahum maghfiratun wariz'qun karīmun

Sindhi ھن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بدلو ڏئي، انھن لاءِ ئي بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.

Verse 5

وَٱلَّذِينَ سَعَوْ فِىٓ ءَايَـٰتِنَا مُعَـٰجِزِينَ أُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّن رِّجْزٍ أَلِيمٌ

Transliteration wa-alladhīna saʿaw fī āyātinā muʿājizīna ulāika lahum ʿadhābun min rij'zin alīmun

Sindhi ۽ جيڪي اسان جي آيتن ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڊوڙيا انھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آھي.

Verse 6

وَيَرَى ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ ٱلَّذِىٓ أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ هُوَ ٱلْحَقَّ وَيَهْدِىٓ إِلَىٰ صِرَٰطِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَمِيدِ

Transliteration wayarā alladhīna ūtū l-ʿil'ma alladhī unzila ilayka min rabbika huwa l-ḥaqa wayahdī ilā ṣirāṭi l-ʿazīzi l-ḥamīdi

Sindhi ۽ جن کي عِلم ڏنو ويو سي سمجھندا آھن ته جيڪو (قرآن) تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو برحق آھي ۽ غالب ساراھيل (الله) جي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريندڙ آھي.

Verse 7

وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلَىٰ رَجُلٍ يُنَبِّئُكُمْ إِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُمْ لَفِى خَلْقٍ جَدِيدٍ

Transliteration waqāla alladhīna kafarū hal nadullukum ʿalā rajulin yunabbi-ukum idhā muzziq'tum kulla mumazzaqin innakum lafī khalqin jadīdin

Sindhi ۽ ڪافر (ھڪ ٻئي) کي چوندا آھن ته اوھان کي اھڙو مڙس ڏسيون ڇا جو اوھان کي ٻڌائي ٿو ته جڏھن (اوھين) تمام ڳري ذرا ذرا ٿيندؤ (تڏھن) بيشڪ اوھين نئين سر بڻايا ويندؤ.

Verse 8

أَفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِۦ جِنَّةٌۢ ۗ بَلِ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ فِى ٱلْعَذَابِ وَٱلضَّلَـٰلِ ٱلْبَعِيدِ

Transliteration aftarā ʿalā l-lahi kadhiban am bihi jinnatun bali alladhīna lā yu'minūna bil-ākhirati fī l-ʿadhābi wal-ḍalāli l-baʿīdi

Sindhi (اُنھيءَ) الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو آھي يا کيس ڪا چريائي آھي، (نه!) بلڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي عذاب ۾ ھُوندا ۽ (اُھي) وڏي ڀُل ۾ آھن.

Verse 9

أَفَلَمْ يَرَوْا۟ إِلَىٰ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ ۚ إِن نَّشَأْ نَخْسِفْ بِهِمُ ٱلْأَرْضَ أَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيبٍ

Transliteration afalam yaraw ilā mā bayna aydīhim wamā khalfahum mina l-samāi wal-arḍi in nasha nakhsif bihimu l-arḍa aw nus'qiṭ ʿalayhim kisafan mina l-samāi inna fī dhālika laāyatan likulli ʿabdin munībin

Sindhi جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آسمان ۽ زمين مان (بڻايو ويو) آھي سو (غور ڪري) نه ڏٺائون ڇا؟ جيڪڏھن گھُرون ته کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏيون يا آسمان کان مٿن ٽُڪرا ڪيرايون، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن (الله ڏانھن) ورندڙ ٻانھي لاءِ (وڏي) نشاني آھي.

Verse 10

۞ وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا دَاوُۥدَ مِنَّا فَضْلًا ۖ يَـٰجِبَالُ أَوِّبِى مَعَهُۥ وَٱلطَّيْرَ ۖ وَأَلَنَّا لَهُ ٱلْحَدِيدَ

Transliteration walaqad ātaynā dāwūda minnā faḍlan yājibālu awwibī maʿahu wal-ṭayra wa-alannā lahu l-ḥadīda

Sindhi ۽ بيشڪ داؤد کي پاڻ وٽان بزرگي ڏني سون، (۽ حُڪم ڪيوسون ته) اي جبلؤ ساڻس تسبيحون چئو ۽ پکين کي (اُن جو فرمانبردار ڪيوسون)، ۽ اُن لاءِ لوھ کي نرم ڪيوسون.

Verse 11

أَنِ ٱعْمَلْ سَـٰبِغَـٰتٍ وَقَدِّرْ فِى ٱلسَّرْدِ ۖ وَٱعْمَلُوا۟ صَـٰلِحًا ۖ إِنِّى بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ

Transliteration ani iʿ'mal sābighātin waqaddir fī l-sardi wa-iʿ'malū ṣāliḥan innī bimā taʿmalūna baṣīrun

Sindhi (حڪم ڏنوسون) ته ويڪريون زرھون بڻاءِ ۽ اندازي سان ڪڙيون ٺاھ ۽ (اي داؤد جي گھراڻي وارؤ) چڱا ڪم ڪريو، ڇوته جيڪي اوھان ڪندا آھيو سو بيشڪ آءٌ ڏسندڙ آھيان.

Verse 12

وَلِسُلَيْمَـٰنَ ٱلرِّيحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَرَوَاحُهَا شَهْرٌ ۖ وَأَسَلْنَا لَهُۥ عَيْنَ ٱلْقِطْرِ ۖ وَمِنَ ٱلْجِنِّ مَن يَعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِإِذْنِ رَبِّهِۦ ۖ وَمَن يَزِغْ مِنْهُمْ عَنْ أَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ ٱلسَّعِيرِ

Transliteration walisulaymāna l-rīḥa ghuduwwuhā shahrun warawāḥuhā shahrun wa-asalnā lahu ʿayna l-qiṭ'ri wamina l-jini man yaʿmalu bayna yadayhi bi-idh'ni rabbihi waman yazigh min'hum ʿan amrinā nudhiq'hu min ʿadhābi l-saʿīri

Sindhi ۽ واءُ کي سُليمان لاءِ (نوايوسون) اُن جي اڳياڙيءَ جي منزل مھيني جو پنڌ ۽ پوياڙيءَ جي منزل (به) مھيني جو پنڌ ھئي ۽ اُن لاءِ پگھريل ٽامي جو تلاءُ وَھايوسون، ۽ جنّن مان (به ڪن کي فرمانبردار ڪيوسون) جو سندس پالڻھار جي حڪم سان سندس اڳيان ڪمائيندا ھوا، ۽ منجھائن جيڪو اسان جي حُڪم کان مُنھن موڙيندو تنھن کي باھ جو عذاب چکائينداسون.

Verse 13

يَعْمَلُونَ لَهُۥ مَا يَشَآءُ مِن مَّحَـٰرِيبَ وَتَمَـٰثِيلَ وَجِفَانٍ كَٱلْجَوَابِ وَقُدُورٍ رَّاسِيَـٰتٍ ۚ ٱعْمَلُوٓا۟ ءَالَ دَاوُۥدَ شُكْرًا ۚ وَقَلِيلٌ مِّنْ عِبَادِىَ ٱلشَّكُورُ

Transliteration yaʿmalūna lahu mā yashāu min maḥārība watamāthīla wajifānin kal-jawābi waqudūrin rāsiyātin iʿ'malū āla dāwūda shuk'ran waqalīlun min ʿibādiya l-shakūru

Sindhi جيڪي گھرندو ھو سو اُن لاءِ ڪي قلعا ۽ مُورتون ۽ حوض جيڏا پيالا ۽ وڏيون ديڳيون جي نه چُرنديون ھيون سي بڻائيندا ھوا، (چيوسون ته) اي داؤد جا اولاد شُڪرانو ڪريو، ۽ مُنھنجن ٻانھن مان ٿورا شُڪرانو ڪندڙ آھن.

Verse 14

فَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ ٱلْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلَىٰ مَوْتِهِۦٓ إِلَّا دَآبَّةُ ٱلْأَرْضِ تَأْكُلُ مِنسَأَتَهُۥ ۖ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ ٱلْجِنُّ أَن لَّوْ كَانُوا۟ يَعْلَمُونَ ٱلْغَيْبَ مَا لَبِثُوا۟ فِى ٱلْعَذَابِ ٱلْمُهِينِ

Transliteration falammā qaḍaynā ʿalayhi l-mawta mā dallahum ʿalā mawtihi illā dābbatu l-arḍi takulu minsa-atahu falammā kharra tabayyanati l-jinu an law kānū yaʿlamūna l-ghayba mā labithū fī l-ʿadhābi l-muhīni

Sindhi پوءِ جنھن مھل مٿس موت کي حُڪم ڪيوسون (تنھن مھل) سندس موت تي اُڏيھيءَ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) اُنھن (جِنّن) کي نه چتايو جو سندس لٺ کي ٿي کاڌائين، پوءِ جنھن مھل ڪريو (تنھن مھل) جِنّن معلوم ڪيو ته جيڪڏھن ڳجھ ڄاڻن ھا ته خواريءَ واري عذاب ۾ نه رھن ھا.

Verse 15

لَقَدْ كَانَ لِسَبَإٍ فِى مَسْكَنِهِمْ ءَايَةٌ ۖ جَنَّتَانِ عَن يَمِينٍ وَشِمَالٍ ۖ كُلُوا۟ مِن رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَٱشْكُرُوا۟ لَهُۥ ۚ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفُورٌ

Transliteration laqad kāna lisaba-in fī maskanihim āyatun jannatāni ʿan yamīnin washimālin kulū min riz'qi rabbikum wa-ush'kurū lahu baldatun ṭayyibatun warabbun ghafūrun

Sindhi بيشڪ سبا جي قوم لاءِ سندن ڳوٺ ۾ ھڪ نشاني ھُئي، (يعني) ٻه باغ سڄي ۽ کٻي پاسي کان ھوا، (چيو وين ته) پنھنجي پالڻھار جي رزق مان کائو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، (اوھان لاءِ ھي) شھر سٺو آھي ۽ پالڻھار بخشڻھار آھي.

Verse 16

فَأَعْرَضُوا۟ فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ ٱلْعَرِمِ وَبَدَّلْنَـٰهُم بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ أُكُلٍ خَمْطٍ وَأَثْلٍ وَشَىْءٍ مِّن سِدْرٍ قَلِيلٍ

Transliteration fa-aʿraḍū fa-arsalnā ʿalayhim sayla l-ʿarimi wabaddalnāhum bijannatayhim jannatayni dhawātay ukulin khamṭin wa-athlin washayin min sid'rin qalīlin

Sindhi پوءِ (شڪر ڪرڻ کان) منھن موڙيائون تنھنڪري (بند ڀڃي) سخت ڇَـرَ کي مٿن وھايوسين ۽ سندن (اُنھن) ٻن باغن جي بدلي کين (ٻيا) ٻه باغ ڪسارن ميون ۽ لَئِن وارا ۽ ڪجھ ٿورين ٻيرين وارا ڏناسون.

Verse 17

ذَٰلِكَ جَزَيْنَـٰهُم بِمَا كَفَرُوا۟ ۖ وَهَلْ نُجَـٰزِىٓ إِلَّا ٱلْكَفُورَ

Transliteration dhālika jazaynāhum bimā kafarū wahal nujāzī illā l-kafūra

Sindhi سندن بي شڪريءَ سببان کين اھا سزا ڏني سون، ۽ بي شڪر کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي سزا نه ڏيندا آھيون.

Verse 18

وَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ ٱلْقُرَى ٱلَّتِى بَـٰرَكْنَا فِيهَا قُرًى ظَـٰهِرَةً وَقَدَّرْنَا فِيهَا ٱلسَّيْرَ ۖ سِيرُوا۟ فِيهَا لَيَالِىَ وَأَيَّامًا ءَامِنِينَ

Transliteration wajaʿalnā baynahum wabayna l-qurā allatī bāraknā fīhā quran ẓāhiratan waqaddarnā fīhā l-sayra sīrū fīhā layāliya wa-ayyāman āminīna

Sindhi ۽ سندن وچ ۾ اُھي ڳوٺ جن ۾ برڪت رکي سون تن جي وچ ۾ پڌرا ڳوٺ (لڳولڳ) ڪياسون ۽ انھن ۾ اچ وڃ جو پورو بندوبست رکيوسون، (چيوسون ته) راتيان ۽ ڏينھان منجھن بي ڀؤا گھمندا رھو.

Verse 19

فَقَالُوا۟ رَبَّنَا بَـٰعِدْ بَيْنَ أَسْفَارِنَا وَظَلَمُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ فَجَعَلْنَـٰهُمْ أَحَادِيثَ وَمَزَّقْنَـٰهُمْ كُلَّ مُمَزَّقٍ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُورٍ

Transliteration faqālū rabbanā bāʿid bayna asfārinā waẓalamū anfusahum fajaʿalnāhum aḥādītha wamazzaqnāhum kulla mumazzaqin inna fī dhālika laāyātin likulli ṣabbārin shakūrin

Sindhi پوءِ چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي مسافرين ۾ ڏورائي ڪر ۽ پاڻ تي ظلم ڪيائون تنھن ڪري انھن کي (ٻـين جي لاءِ) آکاڻيون ڪيوسين ۽ کين تمام پرزا پرزا ڪري ڇني ڦاڙي ڇڏيوسون، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابِر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.

Verse 20

وَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ إِبْلِيسُ ظَنَّهُۥ فَٱتَّبَعُوهُ إِلَّا فَرِيقًا مِّنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Transliteration walaqad ṣaddaqa ʿalayhim ib'līsu ẓannahu fa-ittabaʿūhu illā farīqan mina l-mu'minīna

Sindhi ۽ بيشڪ ابليس انھن به نسبت پنھنجي گمان کي سچو لڌو جو مؤمنن جي ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ ٻـين اُن جي تابعداري ڪئي.

Verse 21

وَمَا كَانَ لَهُۥ عَلَيْهِم مِّن سُلْطَـٰنٍ إِلَّا لِنَعْلَمَ مَن يُؤْمِنُ بِٱلْـَٔاخِرَةِ مِمَّنْ هُوَ مِنْهَا فِى شَكٍّ ۗ وَرَبُّكَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ حَفِيظٌ

Transliteration wamā kāna lahu ʿalayhim min sul'ṭānin illā linaʿlama man yu'minu bil-ākhirati mimman huwa min'hā fī shakkin warabbuka ʿalā kulli shayin ḥafīẓun

Sindhi ۽ اُن جو مٿن ڪو زور نه ھو پر (اسين پرکون) ته جيڪو آخرت کي مڃيندو ھجي تنھن کي اُنھيءَ کان ڌار ڪريون جيڪو اُن کان شڪ ۾ (پيل) ھجي، ۽ تنھنجو پالڻھار سڀڪنھن شيء تي نگھبان آھي.

Verse 22

قُلِ ٱدْعُوا۟ ٱلَّذِينَ زَعَمْتُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ ۖ لَا يَمْلِكُونَ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَلَا فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا لَهُمْ فِيهِمَا مِن شِرْكٍ وَمَا لَهُۥ مِنْهُم مِّن ظَهِيرٍ

Transliteration quli id'ʿū alladhīna zaʿamtum min dūni l-lahi lā yamlikūna mith'qāla dharratin fī l-samāwāti walā fī l-arḍi wamā lahum fīhimā min shir'kin wamā lahu min'hum min ẓahīrin

Sindhi (کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن ۾ اوھين گمان ڪندا آھيو تن کي سڏيو، اُھي نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ذري جيترا (به) مالڪ آھن ۽ نڪي منجھن ڪا ڀائيواري آھي ۽ نڪي منجھائن ڪو الله جو مددگار آھي.

Verse 23

وَلَا تَنفَعُ ٱلشَّفَـٰعَةُ عِندَهُۥٓ إِلَّا لِمَنْ أَذِنَ لَهُۥ ۚ حَتَّىٰٓ إِذَا فُزِّعَ عَن قُلُوبِهِمْ قَالُوا۟ مَاذَا قَالَ رَبُّكُمْ ۖ قَالُوا۟ ٱلْحَقَّ ۖ وَهُوَ ٱلْعَلِىُّ ٱلْكَبِيرُ

Transliteration walā tanfaʿu l-shafāʿatu ʿindahu illā liman adhina lahu ḥattā idhā fuzziʿa ʿan qulūbihim qālū mādhā qāla rabbukum qālū l-ḥaqa wahuwa l-ʿaliyu l-kabīru

Sindhi ۽ نڪي وٽس (ٻئي ڪنھن جي) سفارش فائدو ڏيندي مگر جنھن لاءِ رخصت ڏني ھوندائين (فرشتن جو ھي حال آھي ته جنھن مھل ڪو حُڪم خدا جو نازل ٿئي ٿو ته اُنھن جي طبيعت ۾ گھٻراھٽ پيدا ٿئي ٿي) تانجو جنھن وقت ھنن جي دلين تان گھٻراھٽ لھي ٿي (تنھن مھل) چون ٿا ته اوھان جي پالڻھار ڇا چيو آھي (مٿان ملائڪ ھيٺين کي) چوندا ته سچ فرمايو اٿس ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏو آھي.

Verse 24

۞ قُلْ مَن يَرْزُقُكُم مِّنَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ قُلِ ٱللَّهُ ۖ وَإِنَّآ أَوْ إِيَّاكُمْ لَعَلَىٰ هُدًى أَوْ فِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ

Transliteration qul man yarzuqukum mina l-samāwāti wal-arḍi quli l-lahu wa-innā aw iyyākum laʿalā hudan aw fī ḍalālin mubīnin

Sindhi (کين) چؤ ته اوھان کي آسمانن ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي، چؤ ته الله (ڏيندو آھي) ۽ بيشڪ اسين يا اوھين (يا ته) ھدايت تي آھيون يا پڌريءَ گُمراھي ۾.

Verse 25

قُل لَّا تُسْـَٔلُونَ عَمَّآ أَجْرَمْنَا وَلَا نُسْـَٔلُ عَمَّا تَعْمَلُونَ

Transliteration qul lā tus'alūna ʿammā ajramnā walā nus'alu ʿammā taʿmalūna

Sindhi چؤ ته جيڪي اسان ڏوھ ڪيا آھن تنھن بابت اوھين پڇيا نه ويندؤ ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن بابت اسين پُڇيا نه وينداسون.

Verse 26

قُلْ يَجْمَعُ بَيْنَنَا رَبُّنَا ثُمَّ يَفْتَحُ بَيْنَنَا بِٱلْحَقِّ وَهُوَ ٱلْفَتَّاحُ ٱلْعَلِيمُ

Transliteration qul yajmaʿu baynanā rabbunā thumma yaftaḥu baynanā bil-ḥaqi wahuwa l-fatāḥu l-ʿalīmu

Sindhi چؤ ته اسان جو پالڻھار اسان (مڙني) کي گڏ ڪندو وري اسان ۽ (اوھان) جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو، ۽ اھوئي (سچو) فيصلو ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.

Verse 27

قُلْ أَرُونِىَ ٱلَّذِينَ أَلْحَقْتُم بِهِۦ شُرَكَآءَ ۖ كَلَّا ۚ بَلْ هُوَ ٱللَّهُ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ

Transliteration qul arūniya alladhīna alḥaqtum bihi shurakāa kallā bal huwa l-lahu l-ʿazīzu l-ḥakīmu

Sindhi چؤ ته جن کي اوھان ساڻس شريڪ بڻائي ملايو آھي سي مون کي ڏيکاريو (چؤ ته) ائين نه آھي، بلڪ اُھو الله غالب حِڪمت وارو آھي.

Verse 28

وَمَآ أَرْسَلْنَـٰكَ إِلَّا كَآفَّةً لِّلنَّاسِ بَشِيرًا وَنَذِيرًا وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ

Transliteration wamā arsalnāka illā kāffatan lilnnāsi bashīran wanadhīran walākinna akthara l-nāsi lā yaʿlamūna

Sindhi (اي پيغمبر) توکي ته مڙني ماڻھن لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليوسون پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

Verse 29

وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَـٰذَا ٱلْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ

Transliteration wayaqūlūna matā hādhā l-waʿdu in kuntum ṣādiqīna

Sindhi ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو (قيامت جو) انجام ڪڏھن ٿيندو.

Verse 30

قُل لَّكُم مِّيعَادُ يَوْمٍ لَّا تَسْتَـْٔخِرُونَ عَنْهُ سَاعَةً وَلَا تَسْتَقْدِمُونَ

Transliteration qul lakum mīʿādu yawmin lā tastakhirūna ʿanhu sāʿatan walā tastaqdimūna

Sindhi چؤ ته اوھان لاءِ اھڙي ڏينھن جو انجام آھي جنھن کان ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندؤ ۽ نڪي اڳي ويندؤ.

Verse 31

وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَن نُّؤْمِنَ بِهَـٰذَا ٱلْقُرْءَانِ وَلَا بِٱلَّذِى بَيْنَ يَدَيْهِ ۗ وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذِ ٱلظَّـٰلِمُونَ مَوْقُوفُونَ عِندَ رَبِّهِمْ يَرْجِعُ بَعْضُهُمْ إِلَىٰ بَعْضٍ ٱلْقَوْلَ يَقُولُ ٱلَّذِينَ ٱسْتُضْعِفُوا۟ لِلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوا۟ لَوْلَآ أَنتُمْ لَكُنَّا مُؤْمِنِينَ

Transliteration waqāla alladhīna kafarū lan nu'mina bihādhā l-qur'āni walā bi-alladhī bayna yadayhi walaw tarā idhi l-ẓālimūna mawqūfūna ʿinda rabbihim yarjiʿu baʿḍuhum ilā baʿḍin l-qawla yaqūlu alladhīna us'tuḍ'ʿifū lilladhīna is'takbarū lawlā antum lakunnā mu'minīna

Sindhi ۽ ڪافر چون ٿا ته ھن قُرآن کي ڪڏھن نه مڃينداسون ۽ نڪي اُنھي کي جو کانئس اڳ آھي، ۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن ظالم پنھنجي پالڻھار اڳيان بيھاربا (تڏھن) جيڪڏھن ڏسين ته (عجب ڪرين)، جو (پاڻ ۾) انھن مان ھڪڙا ٻـين ڏي ڳالھ ورائيندا، جيڪي ھيڻا آھن سي ھٺيلن کي چوندا ته جيڪڏھن اوھان نه ھجوھا ته اسين مؤمن ھجون ھا.

Verse 32

قَالَ ٱلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوا۟ لِلَّذِينَ ٱسْتُضْعِفُوٓا۟ أَنَحْنُ صَدَدْنَـٰكُمْ عَنِ ٱلْهُدَىٰ بَعْدَ إِذْ جَآءَكُم ۖ بَلْ كُنتُم مُّجْرِمِينَ

Transliteration qāla alladhīna is'takbarū lilladhīna us'tuḍ'ʿifū anaḥnu ṣadadnākum ʿani l-hudā baʿda idh jāakum bal kuntum muj'rimīna

Sindhi ھٺيلا ھيڻن کي چوندا ته جڏھن (ھدايت) اوھان وٽ آئي تڏھن اسان اوھان کي ھدايت کان جھليو ھو ڇا؟ (نه!) بلڪ اوھين پاڻ گنھگار ھئؤ.

Verse 33

وَقَالَ ٱلَّذِينَ ٱسْتُضْعِفُوا۟ لِلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوا۟ بَلْ مَكْرُ ٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ إِذْ تَأْمُرُونَنَآ أَن نَّكْفُرَ بِٱللَّهِ وَنَجْعَلَ لَهُۥٓ أَندَادًا ۚ وَأَسَرُّوا۟ ٱلنَّدَامَةَ لَمَّا رَأَوُا۟ ٱلْعَذَابَ وَجَعَلْنَا ٱلْأَغْلَـٰلَ فِىٓ أَعْنَاقِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ۚ هَلْ يُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Transliteration waqāla alladhīna us'tuḍ'ʿifū lilladhīna is'takbarū bal makru al-layli wal-nahāri idh tamurūnanā an nakfura bil-lahi wanajʿala lahu andādan wa-asarrū l-nadāmata lammā ra-awū l-ʿadhāba wajaʿalnā l-aghlāla fī aʿnāqi alladhīna kafarū hal yuj'zawna illā mā kānū yaʿmalūna

Sindhi ۽ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته (ائين نه آھي) بلڪ رات ۽ ڏينھن جي (اوھان جي) مڪر ڪرڻ (اسان کي جھليو ھو) جڏھن اسان کي حُڪم ڪندا ھيؤ ته الله سان ڪفر ڪيو ۽ ساڻس شريڪ ٺھرايون، ۽ جڏھن عذاب کي ڏسندا (تڏھن) پشيماني (دل ۾) لڪائيندا، ۽ ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجھنداسون، جيڪي ڪندا ھوا تنھن کانسواءِ ٻئي جي سزا نه ڏبين.

Verse 34

وَمَآ أَرْسَلْنَا فِى قَرْيَةٍ مِّن نَّذِيرٍ إِلَّا قَالَ مُتْرَفُوهَآ إِنَّا بِمَآ أُرْسِلْتُم بِهِۦ كَـٰفِرُونَ

Transliteration wamā arsalnā fī qaryatin min nadhīrin illā qāla mut'rafūhā innā bimā ur'sil'tum bihi kāfirūna

Sindhi ۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون مگر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته بيشڪ جنھن شيء سان اوھين موڪليا ويا آھيو (تنھنکي) اسين نه مڃيندڙ آھيون.

Verse 35

وَقَالُوا۟ نَحْنُ أَكْثَرُ أَمْوَٰلًا وَأَوْلَـٰدًا وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ

Transliteration waqālū naḥnu aktharu amwālan wa-awlādan wamā naḥnu bimuʿadhabīna

Sindhi ۽ چيائون ته اسين گھڻي مال ۽ اولاد وارا آھيون ۽ اسان کي عذاب ٿيڻو نه آھي.

Verse 36

قُلْ إِنَّ رَبِّى يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ وَيَقْدِرُ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ

Transliteration qul inna rabbī yabsuṭu l-riz'qa liman yashāu wayaqdiru walākinna akthara l-nāsi lā yaʿlamūna

Sindhi چؤ ته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھري تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري تنھن جي) تنگ ڪندو آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

Verse 37

وَمَآ أَمْوَٰلُكُمْ وَلَآ أَوْلَـٰدُكُم بِٱلَّتِى تُقَرِّبُكُمْ عِندَنَا زُلْفَىٰٓ إِلَّا مَنْ ءَامَنَ وَعَمِلَ صَـٰلِحًا فَأُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُمْ جَزَآءُ ٱلضِّعْفِ بِمَا عَمِلُوا۟ وَهُمْ فِى ٱلْغُرُفَـٰتِ ءَامِنُونَ

Transliteration wamā amwālukum walā awlādukum bi-allatī tuqarribukum ʿindanā zul'fā illā man āmana waʿamila ṣāliḥan fa-ulāika lahum jazāu l-ḍiʿ'fi bimā ʿamilū wahum fī l-ghurufāti āminūna

Sindhi ۽ نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد اھڙي شيء آھن جو اوھان کي اسان وٽ مرتبي جي ڪري ويجھو ڪن پر (ويجھا اُھي آھن) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جيڪي ڪمايو تنھن سببان اُنھن لاءِ ٻيڻو بدلو آھي ۽ اُھي ماڙين ۾ امن سان رھندا.

Verse 38

وَٱلَّذِينَ يَسْعَوْنَ فِىٓ ءَايَـٰتِنَا مُعَـٰجِزِينَ أُو۟لَـٰٓئِكَ فِى ٱلْعَذَابِ مُحْضَرُونَ

Transliteration wa-alladhīna yasʿawna fī āyātinā muʿājizīna ulāika fī l-ʿadhābi muḥ'ḍarūna

Sindhi ۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي رد ڪرڻ) ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڪوشش ڪندا آھن اُھي عذاب ۾ حاضر ڪبا.

Verse 39

قُلْ إِنَّ رَبِّى يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ وَيَقْدِرُ لَهُۥ ۚ وَمَآ أَنفَقْتُم مِّن شَىْءٍ فَهُوَ يُخْلِفُهُۥ ۖ وَهُوَ خَيْرُ ٱلرَّٰزِقِينَ

Transliteration qul inna rabbī yabsuṭu l-riz'qa liman yashāu min ʿibādihi wayaqdiru lahu wamā anfaqtum min shayin fahuwa yukh'lifuhu wahuwa khayru l-rāziqīna

Sindhi چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي) تنگ ڪندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪُجھ خرچيندؤ تنھن جو الله بدلو ڏيندو، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي.

Verse 40

وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ جَمِيعًا ثُمَّ يَقُولُ لِلْمَلَـٰٓئِكَةِ أَهَـٰٓؤُلَآءِ إِيَّاكُمْ كَانُوا۟ يَعْبُدُونَ

Transliteration wayawma yaḥshuruhum jamīʿan thumma yaqūlu lil'malāikati ahāulāi iyyākum kānū yaʿbudūna

Sindhi ۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو وري ملائڪن کي چوندو ته (ھيءُ) اُھي آھن ڇا جيڪي اوھان کي پوڄيندا ھوا؟

Verse 41

قَالُوا۟ سُبْحَـٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنَا مِن دُونِهِم ۖ بَلْ كَانُوا۟ يَعْبُدُونَ ٱلْجِنَّ ۖ أَكْثَرُهُم بِهِم مُّؤْمِنُونَ

Transliteration qālū sub'ḥānaka anta waliyyunā min dūnihim bal kānū yaʿbudūna l-jina aktharuhum bihim mu'minūna

Sindhi (ملائڪ) چوندا ته تون پاڪ ذات آھين تون اسان جو سائين آھين نه اُھي، بلڪ اُھي جنّن کي پوڄيندا ھوا، انھن مان گھڻا کين مڃيندڙ ھوا.

Verse 42

فَٱلْيَوْمَ لَا يَمْلِكُ بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ نَّفْعًا وَلَا ضَرًّا وَنَقُولُ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ذُوقُوا۟ عَذَابَ ٱلنَّارِ ٱلَّتِى كُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ

Transliteration fal-yawma lā yamliku baʿḍukum libaʿḍin nafʿan walā ḍarran wanaqūlu lilladhīna ẓalamū dhūqū ʿadhāba l-nāri allatī kuntum bihā tukadhibūna

Sindhi پوءِ اڄ اوھان مان ڪوبه ھڪ ٻئي کي نڪي سُک پُھچائڻ جو نڪي ڏک پھچائڻ جو اختيار رکي ٿو، ۽ ظالمن کي چونداسون ته اُن باھ جي سزا جو (جو مزو) چکو جنھن کي اوھين ڪُوڙ ڀائيندا ھوا.

Verse 43

وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ءَايَـٰتُنَا بَيِّنَـٰتٍ قَالُوا۟ مَا هَـٰذَآ إِلَّا رَجُلٌ يُرِيدُ أَن يَصُدَّكُمْ عَمَّا كَانَ يَعْبُدُ ءَابَآؤُكُمْ وَقَالُوا۟ مَا هَـٰذَآ إِلَّآ إِفْكٌ مُّفْتَرًى ۚ وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِلْحَقِّ لَمَّا جَآءَهُمْ إِنْ هَـٰذَآ إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ

Transliteration wa-idhā tut'lā ʿalayhim āyātunā bayyinātin qālū mā hādhā illā rajulun yurīdu an yaṣuddakum ʿammā kāna yaʿbudu ābāukum waqālū mā hādhā illā if'kun muf'taran waqāla alladhīna kafarū lil'ḥaqqi lammā jāahum in hādhā illā siḥ'run mubīnun

Sindhi ۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جو جنھن کي اوھان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کان اوھان کي جھلڻ گھرندو آھي، ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙ ٺھيل آھي، ۽ ڪافرن وٽ جڏھن سچي ڳالھ آئي (تڏھن) اُن لاءِ چوندا آھن ته ھي رڳو پڌرو جادو آھي.

Verse 44

وَمَآ ءَاتَيْنَـٰهُم مِّن كُتُبٍ يَدْرُسُونَهَا ۖ وَمَآ أَرْسَلْنَآ إِلَيْهِمْ قَبْلَكَ مِن نَّذِيرٍ

Transliteration wamā ātaynāhum min kutubin yadrusūnahā wamā arsalnā ilayhim qablaka min nadhīrin

Sindhi حالانڪ اُنھن (مشرڪن) کي نڪو ڪو ڪتاب ڏنوسون جنھن کي پڙھن ۽ نڪي توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ اُنھن ڏانھن موڪليوسون.

Verse 45

وَكَذَّبَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ وَمَا بَلَغُوا۟ مِعْشَارَ مَآ ءَاتَيْنَـٰهُمْ فَكَذَّبُوا۟ رُسُلِى ۖ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيرِ

Transliteration wakadhaba alladhīna min qablihim wamā balaghū miʿ'shāra mā ātaynāhum fakadhabū rusulī fakayfa kāna nakīri

Sindhi ۽ کائن اڳين به ڪوڙ ڄاتو ھو حالانڪ جيڪي انھنکي ڏنوھوسون تنھن جي ڏھين پتيءَ کي (به اُھي مشرڪ) نه پُھتا آھن پوءِ اُنھن اسان جي پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو، پوءِ منھنجو عذاب ڪئن ھو.

Verse 46

۞ قُلْ إِنَّمَآ أَعِظُكُم بِوَٰحِدَةٍ ۖ أَن تَقُومُوا۟ لِلَّهِ مَثْنَىٰ وَفُرَٰدَىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّرُوا۟ ۚ مَا بِصَاحِبِكُم مِّن جِنَّةٍ ۚ إِنْ هُوَ إِلَّا نَذِيرٌ لَّكُم بَيْنَ يَدَىْ عَذَابٍ شَدِيدٍ

Transliteration qul innamā aʿiẓukum biwāḥidatin an taqūmū lillahi mathnā wafurādā thumma tatafakkarū mā biṣāḥibikum min jinnatin in huwa illā nadhīrun lakum bayna yaday ʿadhābin shadīdin

Sindhi (کين) چؤ ته اوھان کي رڳو ھڪ ڳالھ جي نصيحت ڪريان ٿو، ته ٻه ٻه ۽ ھڪ ھڪ ٿي الله (جي ڪم) لاءِ کڙا ٿيو وري پروڙيو، ته اوھان جي سنگتيءَ کي ڪو سوداءُ نه آھي، (بلڪ) اُھو ته سخت عذاب (جي پھچڻ) کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريندڙ آھي.

Verse 47

قُلْ مَا سَأَلْتُكُم مِّنْ أَجْرٍ فَهُوَ لَكُمْ ۖ إِنْ أَجْرِىَ إِلَّا عَلَى ٱللَّهِ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ شَهِيدٌ

Transliteration qul mā sa-altukum min ajrin fahuwa lakum in ajriya illā ʿalā l-lahi wahuwa ʿalā kulli shayin shahīdun

Sindhi (۽ کين) چؤ ته اوھان کان جيڪو ڪو اُجورو گھريو ھجيم سو اوھان کي ئي ھجي، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي، ۽ اُھو ھر شيء تي شاھد آھي.

Verse 48

قُلْ إِنَّ رَبِّى يَقْذِفُ بِٱلْحَقِّ عَلَّـٰمُ ٱلْغُيُوبِ

Transliteration qul inna rabbī yaqdhifu bil-ḥaqi ʿallāmu l-ghuyūbi

Sindhi (کين) چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار حق کي منھنجي دل ۾ وجھندو آھي، (اھو) ڳُجھن جو ڄاڻندڙ آھي.

Verse 49

قُلْ جَآءَ ٱلْحَقُّ وَمَا يُبْدِئُ ٱلْبَـٰطِلُ وَمَا يُعِيدُ

Transliteration qul jāa l-ḥaqu wamā yub'di-u l-bāṭilu wamā yuʿīdu

Sindhi (کين) چ‍ؤ ته حق آيو ۽ ڪوڙو معبود نڪي نئي سر پيدا ڪري ٿو نڪي بِھر پيدا ڪندو.

Verse 50

قُلْ إِن ضَلَلْتُ فَإِنَّمَآ أَضِلُّ عَلَىٰ نَفْسِى ۖ وَإِنِ ٱهْتَدَيْتُ فَبِمَا يُوحِىٓ إِلَىَّ رَبِّىٓ ۚ إِنَّهُۥ سَمِيعٌ قَرِيبٌ

Transliteration qul in ḍalaltu fa-innamā aḍillu ʿalā nafsī wa-ini ih'tadaytu fabimā yūḥī ilayya rabbī innahu samīʿun qarībun

Sindhi (کين) چؤ ته جيڪڏھن گمراھ ٿيس ته رڳو پاڻ لاءِ گمراھ ٿيان ٿو، ۽ جيڪڏھن ھدايت وارو ٿيس ته (اُھا) اُنھيءَ سببان آھي جو منھنجو پالڻھار مون ڏانھن وحي موڪليندو آھي، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ويجھو آھي.

Verse 51

وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذْ فَزِعُوا۟ فَلَا فَوْتَ وَأُخِذُوا۟ مِن مَّكَانٍ قَرِيبٍ

Transliteration walaw tarā idh faziʿū falā fawta wa-ukhidhū min makānin qarībin

Sindhi ۽ جنھن مھل پريشان ٿيندا ۽ (الله جي عذاب کان) ڇوٽڪارو نه لھندا ۽ ويجھي ھنڌان پڪڙبا (تنھن مھل) جيڪڏھن ڏسين (ته عجب ڪرين).

Verse 52

وَقَالُوٓا۟ ءَامَنَّا بِهِۦ وَأَنَّىٰ لَهُمُ ٱلتَّنَاوُشُ مِن مَّكَانٍۭ بَعِيدٍ

Transliteration waqālū āmannā bihi wa-annā lahumu l-tanāwushu min makānin baʿīdin

Sindhi ۽ چوندا ته (ھاڻي) اُن (قرآن) تي ايمان آندوسون، ۽ (اُتي دُنيا جي) ڏورين ھنڌ کان کين (ايمان) ھٿ آڻڻ ڪٿان ٿيندو؟

Verse 53

وَقَدْ كَفَرُوا۟ بِهِۦ مِن قَبْلُ ۖ وَيَقْذِفُونَ بِٱلْغَيْبِ مِن مَّكَانٍۭ بَعِيدٍ

Transliteration waqad kafarū bihi min qablu wayaqdhifūna bil-ghaybi min makānin baʿīdin

Sindhi حالانڪ اڳي اُن قرآن کي نه مڃيندا ھوا، ۽ ڏورين ھنڌ کان اَڻ ڏٺو (گُمان جا تير) اُڇليندا رھيا.

Verse 54

وَحِيلَ بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ مَا يَشْتَهُونَ كَمَا فُعِلَ بِأَشْيَاعِهِم مِّن قَبْلُ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ فِى شَكٍّ مُّرِيبٍۭ

Transliteration waḥīla baynahum wabayna mā yashtahūna kamā fuʿila bi-ashyāʿihim min qablu innahum kānū fī shakkin murībin

Sindhi ۽ اُنھن جي ۽ اُھي جيڪي سَڌون ڪندا رھيا تن جي وچ ۾ اَڙ وڌي وئي جھڙي طرح انھن جھڙن (ٻـين) کان اڳ ڪيو ويو، بيشڪ اُھي به وڏي شڪ ۾ پيل ھوا.

Read Surah Saba in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.