Surah Luqman in Sindhi: translation and audio
Surah 31 · لقمان · Luqman · 34 verses
Surah Luqman verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Luqman word by word in English.
Verse 1
الٓمٓ
Transliteration alif-lam-meem
Sindhi الٓمّٓ.
Verse 2
تِلْكَ ءَايَـٰتُ ٱلْكِتَـٰبِ ٱلْحَكِيمِ
Transliteration til'ka āyātu l-kitābi l-ḥakīmi
Sindhi ھي آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن.
Verse 3
هُدًى وَرَحْمَةً لِّلْمُحْسِنِينَ
Transliteration hudan waraḥmatan lil'muḥ'sinīna
Sindhi (جو) ھدايت ۽ ٻاجھ انھن ڀلارن لاءِ آھي.
Verse 4
ٱلَّذِينَ يُقِيمُونَ ٱلصَّلَوٰةَ وَيُؤْتُونَ ٱلزَّكَوٰةَ وَهُم بِٱلْـَٔاخِرَةِ هُمْ يُوقِنُونَ
Transliteration alladhīna yuqīmūna l-ṣalata wayu'tūna l-zakata wahum bil-ākhirati hum yūqinūna
Sindhi جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت جو ويساھ (به) رکندا آھن.
Verse 5
أُو۟لَـٰٓئِكَ عَلَىٰ هُدًى مِّن رَّبِّهِمْ ۖ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ
Transliteration ulāika ʿalā hudan min rabbihim wa-ulāika humu l-muf'liḥūna
Sindhi اُھي پنھنجي پالڻھار جي سڌي رستي تي آھن ۽ اُھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.
Verse 6
وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يَشْتَرِى لَهْوَ ٱلْحَدِيثِ لِيُضِلَّ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَيَتَّخِذَهَا هُزُوًا ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِينٌ
Transliteration wamina l-nāsi man yashtarī lahwa l-ḥadīthi liyuḍilla ʿan sabīli l-lahi bighayri ʿil'min wayattakhidhahā huzuwan ulāika lahum ʿadhābun muhīnun
Sindhi ۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو بيھوديءَ ڳالھ کي ڳنھندو آھي ته (ماڻھن کي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي واٽ کان ڀلائي، ۽ اُن (واٽ) کي ٺـٺولي ڪري وٺي، اُنھن لاءِ ئي خواريءَ وارو عذاب آھي.
Verse 7
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ءَايَـٰتُنَا وَلَّىٰ مُسْتَكْبِرًا كَأَن لَّمْ يَسْمَعْهَا كَأَنَّ فِىٓ أُذُنَيْهِ وَقْرًا ۖ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
Transliteration wa-idhā tut'lā ʿalayhi āyātunā wallā mus'takbiran ka-an lam yasmaʿhā ka-anna fī udhunayhi waqran fabashir'hu biʿadhābin alīmin
Sindhi ۽ جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ھٺيلو ٿي منھن ڦيرائيندو آھي ڄڻڪ اُنھن کي ٻڌوئي نه ھوائين ڄڻڪ سندس ٻنھي ڪنن ۾ گھٻرائي آھي، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.
Verse 8
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ لَهُمْ جَنَّـٰتُ ٱلنَّعِيمِ
Transliteration inna alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti lahum jannātu l-naʿīmi
Sindhi بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت وارا باغ آھن.
Verse 9
خَـٰلِدِينَ فِيهَا ۖ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقًّا ۚ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Transliteration khālidīna fīhā waʿda l-lahi ḥaqqan wahuwa l-ʿazīzu l-ḥakīmu
Sindhi منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، (اِھو) الله جو پڪو انجام ڏنل آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.
Verse 10
خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ۖ وَأَلْقَىٰ فِى ٱلْأَرْضِ رَوَٰسِىَ أَن تَمِيدَ بِكُمْ وَبَثَّ فِيهَا مِن كُلِّ دَآبَّةٍ ۚ وَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً فَأَنۢبَتْنَا فِيهَا مِن كُلِّ زَوْجٍ كَرِيمٍ
Transliteration khalaqa l-samāwāti bighayri ʿamadin tarawnahā wa-alqā fī l-arḍi rawāsiya an tamīda bikum wabatha fīhā min kulli dābbatin wa-anzalnā mina l-samāi māan fa-anbatnā fīhā min kulli zawjin karīmin
Sindhi آسمانن کي ريءَ ٿنڀن جي بڻايائين جو کين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوھان کي ڌوڏي ۽ منجھس ھر جنس جا جانور پکيڙيائين، ۽ آسمان کان پاڻي وسايو سون پوءِ منجھس سٺا ھر جنس جا اوڀڙ ڄماياسون.
Verse 11
هَـٰذَا خَلْقُ ٱللَّهِ فَأَرُونِى مَاذَا خَلَقَ ٱلَّذِينَ مِن دُونِهِۦ ۚ بَلِ ٱلظَّـٰلِمُونَ فِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ
Transliteration hādhā khalqu l-lahi fa-arūnī mādhā khalaqa alladhīna min dūnihi bali l-ẓālimūna fī ḍalālin mubīnin
Sindhi اِھا الله جي بڻاوت آھي پوءِ مونکي ڏيکاريو ته جيڪي اُن (الله) کانسواءِ (ٻيا) آھن تن ڇا بڻايو آھي، بلڪ ظالم پڌريءَ ڀُل ۾ آھن.
Verse 12
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا لُقْمَـٰنَ ٱلْحِكْمَةَ أَنِ ٱشْكُرْ لِلَّهِ ۚ وَمَن يَشْكُرْ فَإِنَّمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهِۦ ۖ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَنِىٌّ حَمِيدٌ
Transliteration walaqad ātaynā luq'māna l-ḥik'mata ani ush'kur lillahi waman yashkur fa-innamā yashkuru linafsihi waman kafara fa-inna l-laha ghaniyyun ḥamīdun
Sindhi ۽ بيشڪ لُقمان کي حِڪمت ڏني سون (چيوسون) ته الله جو شُڪر ڪر، ۽ جيڪو شُڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي جيءَ (جي نفع) لاءِ شُڪر ڪندو، ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته بيشڪ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.
Verse 13
وَإِذْ قَالَ لُقْمَـٰنُ لِٱبْنِهِۦ وَهُوَ يَعِظُهُۥ يَـٰبُنَىَّ لَا تُشْرِكْ بِٱللَّهِ ۖ إِنَّ ٱلشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيمٌ
Transliteration wa-idh qāla luq'mānu li-ib'nihi wahuwa yaʿiẓuhu yābunayya lā tush'rik bil-lahi inna l-shir'ka laẓul'mun ʿaẓīmun
Sindhi ۽ (ياد ڪر) جڏھن لُقمان پنھنجي پُٽ کي چيو ۽ اُنھيءَ کيس سمجھايو ٿي ته اي مُنھنجا پُٽڙا الله سان (ڪنھن کي) شريڪ نه ڪر، ڇوته شرڪ وڏي بي انصافي آھي.
Verse 14
وَوَصَّيْنَا ٱلْإِنسَـٰنَ بِوَٰلِدَيْهِ حَمَلَتْهُ أُمُّهُۥ وَهْنًا عَلَىٰ وَهْنٍ وَفِصَـٰلُهُۥ فِى عَامَيْنِ أَنِ ٱشْكُرْ لِى وَلِوَٰلِدَيْكَ إِلَىَّ ٱلْمَصِيرُ
Transliteration wawaṣṣaynā l-insāna biwālidayhi ḥamalathu ummuhu wahnan ʿalā wahnin wafiṣāluhu fī ʿāmayni ani ush'kur lī waliwālidayka ilayya l-maṣīru
Sindhi ۽ ماڻھوءَ کي سندس ماءُ پيءُ بابت حڪم ڪيوسون، جو ماڻس تڪليف جي مٿان تڪليف سھي کيس (پنھنجي پيٽ ۾) کنيو ۽ ٻن ورھن ۾ سندس (بُبن جو) ڇڏائڻ آھي (حُڪم جو مطلب ھيءُ آھي) ته منھنجو ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪرانو ڪر (جو آخر) مون ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي.
Verse 15
وَإِن جَـٰهَدَاكَ عَلَىٰٓ أَن تُشْرِكَ بِى مَا لَيْسَ لَكَ بِهِۦ عِلْمٌ فَلَا تُطِعْهُمَا ۖ وَصَاحِبْهُمَا فِى ٱلدُّنْيَا مَعْرُوفًا ۖ وَٱتَّبِعْ سَبِيلَ مَنْ أَنَابَ إِلَىَّ ۚ ثُمَّ إِلَىَّ مَرْجِعُكُمْ فَأُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Transliteration wa-in jāhadāka ʿalā an tush'rika bī mā laysa laka bihi ʿil'mun falā tuṭiʿ'humā waṣāḥib'humā fī l-dun'yā maʿrūfan wa-ittabiʿ sabīla man anāba ilayya thumma ilayya marjiʿukum fa-unabbi-ukum bimā kuntum taʿmalūna
Sindhi ۽ جيڪڏھن (اُھي) مون سان (ڪنھين کي) شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته سندن (انھي چوڻ جي) فرمانبرداري نه ڪر ۽ دُنيا ۾ ساڻن چڱي ريت سنگت ڪر، ۽ جنھن مون ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھجي تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪر، وري اوھان جو مون ڏانھن ورڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس.
Verse 16
يَـٰبُنَىَّ إِنَّهَآ إِن تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُن فِى صَخْرَةٍ أَوْ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ أَوْ فِى ٱلْأَرْضِ يَأْتِ بِهَا ٱللَّهُ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ لَطِيفٌ خَبِيرٌ
Transliteration yābunayya innahā in taku mith'qāla ḥabbatin min khardalin fatakun fī ṣakhratin aw fī l-samāwāti aw fī l-arḍi yati bihā l-lahu inna l-laha laṭīfun khabīrun
Sindhi (لُقمان ھيءَ به چيو ته) اي منھنجا پُٽڙا ڪابه (شيء) جيڪڏھن آھر جي داڻي جتري آھي پوءِ اُھا پھڻ ۾ ھجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ (ھجي) ته الله اُن کي آڻي حاضر ڪندو، ڇوته الله باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.
Verse 17
يَـٰبُنَىَّ أَقِمِ ٱلصَّلَوٰةَ وَأْمُرْ بِٱلْمَعْرُوفِ وَٱنْهَ عَنِ ٱلْمُنكَرِ وَٱصْبِرْ عَلَىٰ مَآ أَصَابَكَ ۖ إِنَّ ذَٰلِكَ مِنْ عَزْمِ ٱلْأُمُورِ
Transliteration yābunayya aqimi l-ṣalata wamur bil-maʿrūfi wa-in'ha ʿani l-munkari wa-iṣ'bir ʿalā mā aṣābaka inna dhālika min ʿazmi l-umūri
Sindhi اي منھنجا پٽڙا نماز پڙھ ۽ چڱي ڪم جو حُڪم ڪر ۽ مدي (ڪم) کان منع ڪر ۽ توکي جيڪا اوکائي پھچي تنھن تي صبر ڪر، بيشڪ اھي (ڪم) ھمت وارن ڪمن مان آھن.
Verse 18
وَلَا تُصَعِّرْ خَدَّكَ لِلنَّاسِ وَلَا تَمْشِ فِى ٱلْأَرْضِ مَرَحًا ۖ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ كُلَّ مُخْتَالٍ فَخُورٍ
Transliteration walā tuṣaʿʿir khaddaka lilnnāsi walā tamshi fī l-arḍi maraḥan inna l-laha lā yuḥibbu kulla mukh'tālin fakhūrin
Sindhi ۽ ماڻھن لاءِ پنھنجو ڳل (يعني منھن) چٻو نه ڪر ۽ زمين ۾ لاڏ سان نه گھُم، بيشڪ الله ھٺيلي وڏائي ڪندڙ کي دوست نه رکندو آھي.
Verse 19
وَٱقْصِدْ فِى مَشْيِكَ وَٱغْضُضْ مِن صَوْتِكَ ۚ إِنَّ أَنكَرَ ٱلْأَصْوَٰتِ لَصَوْتُ ٱلْحَمِيرِ
Transliteration wa-iq'ṣid fī mashyika wa-ugh'ḍuḍ min ṣawtika inna ankara l-aṣwāti laṣawtu l-ḥamīri
Sindhi ۽ پنھنجي گھمڻ ۾ وچولي چال ھل ۽ پنھنجو آواز ڍرو ڪر، ڇوته آوازن مان بڇڙو (آواز) گڏھ جي ھينگ آھي.
Verse 20
أَلَمْ تَرَوْا۟ أَنَّ ٱللَّهَ سَخَّرَ لَكُم مَّا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَأَسْبَغَ عَلَيْكُمْ نِعَمَهُۥ ظَـٰهِرَةً وَبَاطِنَةً ۗ وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يُجَـٰدِلُ فِى ٱللَّهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَلَا هُدًى وَلَا كِتَـٰبٍ مُّنِيرٍ
Transliteration alam taraw anna l-laha sakhara lakum mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi wa-asbagha ʿalaykum niʿamahu ẓāhiratan wabāṭinatan wamina l-nāsi man yujādilu fī l-lahi bighayri ʿil'min walā hudan walā kitābin munīrin
Sindhi نه ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان کي تابع ڪري ڏنو آھي ۽ پنھنجون پڌريون ۽ ڳجھون نعمتون اوھان تي ڀرپور ڪيائين، ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جو اَڻ ڄاڻائي سان ۽ بنا ھدايت ۽ روشن ڪتاب ڌاران الله بابت جھڳڙو ڪندا آھن.
Verse 21
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ٱتَّبِعُوا۟ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ قَالُوا۟ بَلْ نَتَّبِعُ مَا وَجَدْنَا عَلَيْهِ ءَابَآءَنَآ ۚ أَوَلَوْ كَانَ ٱلشَّيْطَـٰنُ يَدْعُوهُمْ إِلَىٰ عَذَابِ ٱلسَّعِيرِ
Transliteration wa-idhā qīla lahumu ittabiʿū mā anzala l-lahu qālū bal nattabiʿu mā wajadnā ʿalayhi ābāanā awalaw kāna l-shayṭānu yadʿūhum ilā ʿadhābi l-saʿīri
Sindhi ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چوندا آھن (ته نه!) بلڪ اسان جنھن تي پنھنجا پيءُ ڏاڏا (ھلندا) ڏٺا تنھن جي تابعداري ڪنداسون، توڻيڪ شيطان دوزخ جي عذاب ڏانھن کين سڏي ٿو ته به (ان جي پيروي ڪندا ڇا)؟
Verse 22
۞ وَمَن يُسْلِمْ وَجْهَهُۥٓ إِلَى ٱللَّهِ وَهُوَ مُحْسِنٌ فَقَدِ ٱسْتَمْسَكَ بِٱلْعُرْوَةِ ٱلْوُثْقَىٰ ۗ وَإِلَى ٱللَّهِ عَـٰقِبَةُ ٱلْأُمُورِ
Transliteration waman yus'lim wajhahu ilā l-lahi wahuwa muḥ'sinun faqadi is'tamsaka bil-ʿur'wati l-wuth'qā wa-ilā l-lahi ʿāqibatu l-umūri
Sindhi ۽ جنھن پنھنجي مھاڙ الله ڏانھن ڪئي ۽ اُھو چڱن ڪمن ڪرڻ وارو به آھي تنھن بيشڪ مُحڪم رسيءَ کي پڪڙيو، ۽ (سڀني) ڪمن جي پڇاڙي الله ڏانھن آھي.
Verse 23
وَمَن كَفَرَ فَلَا يَحْزُنكَ كُفْرُهُۥٓ ۚ إِلَيْنَا مَرْجِعُهُمْ فَنُنَبِّئُهُم بِمَا عَمِلُوٓا۟ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ
Transliteration waman kafara falā yaḥzunka kuf'ruhu ilaynā marjiʿuhum fanunabbi-uhum bimā ʿamilū inna l-laha ʿalīmun bidhāti l-ṣudūri
Sindhi ۽ جيڪو ڪفر ڪري تنھن جو ڪفر توکي غمگين نه ڪري، کين اسان ڏانھن ورڻو آھي پوءِ جيڪي ڪيائون تنھن جي کين سُڌ ڏينداسون، ڇوته الله سينن وارو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي.
Verse 24
نُمَتِّعُهُمْ قَلِيلًا ثُمَّ نَضْطَرُّهُمْ إِلَىٰ عَذَابٍ غَلِيظٍ
Transliteration numattiʿuhum qalīlan thumma naḍṭarruhum ilā ʿadhābin ghalīẓin
Sindhi (دنيا ۾) کين ٿورو (وقت) آسودو ڪريون ٿا وري کين سخت عذاب ڏانھن ڇڪي نينداسون.
Verse 25
وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ لَيَقُولُنَّ ٱللَّهُ ۚ قُلِ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ۚ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
Transliteration wala-in sa-altahum man khalaqa l-samāwāti wal-arḍa layaqūlunna l-lahu quli l-ḥamdu lillahi bal aktharuhum lā yaʿlamūna
Sindhi ۽ جيڪڏھن کائن پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي ته ضرور چوندا ته الله، چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
Verse 26
لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْغَنِىُّ ٱلْحَمِيدُ
Transliteration lillahi mā fī l-samāwāti wal-arḍi inna l-laha huwa l-ghaniyu l-ḥamīdu
Sindhi جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو ئي آھي، بيشڪ الله اُھوئي بي پرواھ (ڏاڍو) ساراھيل آھي.
Verse 27
وَلَوْ أَنَّمَا فِى ٱلْأَرْضِ مِن شَجَرَةٍ أَقْلَـٰمٌ وَٱلْبَحْرُ يَمُدُّهُۥ مِنۢ بَعْدِهِۦ سَبْعَةُ أَبْحُرٍ مَّا نَفِدَتْ كَلِمَـٰتُ ٱللَّهِ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
Transliteration walaw annamā fī l-arḍi min shajaratin aqlāmun wal-baḥru yamudduhu min baʿdihi sabʿatu abḥurin mā nafidat kalimātu l-lahi inna l-laha ʿazīzun ḥakīmun
Sindhi ۽ جيڪي وڻ زمين ۾ آھن سي جيڪڏھن قلم ٿين ۽ سمنڊ (جو پاڻي) اُن جي مَسُ ٿئي اُن کانپوءِ ست سمنڊ (ٻيا به) ھجن ته الله (جي قدرت) جون ڳالھيون نه کُٽنديون، بيشڪ الله غالب حِڪمت وارو آھي.
Verse 28
مَّا خَلْقُكُمْ وَلَا بَعْثُكُمْ إِلَّا كَنَفْسٍ وَٰحِدَةٍ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌۢ بَصِيرٌ
Transliteration mā khalqukum walā baʿthukum illā kanafsin wāḥidatin inna l-laha samīʿun baṣīrun
Sindhi اوھان (سڀني) جو خلقڻ ۽ اوھان جو وري جيارڻ رڳو ھڪڙيءَ ماڻھوءَ (جي خلقڻ ۽ وري جيارڻ) جھڙو آھي بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
Verse 29
أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ يُولِجُ ٱلَّيْلَ فِى ٱلنَّهَارِ وَيُولِجُ ٱلنَّهَارَ فِى ٱلَّيْلِ وَسَخَّرَ ٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ كُلٌّ يَجْرِىٓ إِلَىٰٓ أَجَلٍ مُّسَمًّى وَأَنَّ ٱللَّهَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌ
Transliteration alam tara anna l-laha yūliju al-layla fī l-nahāri wayūliju l-nahāra fī al-layli wasakhara l-shamsa wal-qamara kullun yajrī ilā ajalin musamman wa-anna l-laha bimā taʿmalūna khabīrun
Sindhi نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي نِوايائين، سڀڪو مقرر مُدت توڻي ھلندو آھي ۽ (نه ڏٺو اٿيئي ڇا) ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
Verse 30
ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْحَقُّ وَأَنَّ مَا يَدْعُونَ مِن دُونِهِ ٱلْبَـٰطِلُ وَأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْعَلِىُّ ٱلْكَبِيرُ
Transliteration dhālika bi-anna l-laha huwa l-ḥaqu wa-anna mā yadʿūna min dūnihi l-bāṭilu wa-anna l-laha huwa l-ʿaliyu l-kabīru
Sindhi اِھي (ڪم) ھن ڪري آھن ته الله ئي برحق آھي ۽ ته اُن کانسواءِ جنھن به ٻي کي سڏيندا آھن سو ڪوڙ آھي ۽ ته الله ئي تمام مٿاھون وڏو آھي.
Verse 31
أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱلْفُلْكَ تَجْرِى فِى ٱلْبَحْرِ بِنِعْمَتِ ٱللَّهِ لِيُرِيَكُم مِّنْ ءَايَـٰتِهِۦٓ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُورٍ
Transliteration alam tara anna l-ful'ka tajrī fī l-baḥri biniʿ'mati l-lahi liyuriyakum min āyātihi inna fī dhālika laāyātin likulli ṣabbārin shakūrin
Sindhi نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته ٻيڙيون الله جي فضل سان سمنڊ ۾ ترنديون آھن (ھن لاءِ) ته (الله) اوھان کي پنھنجين نشانين مان ڏيکاري، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.
Verse 32
وَإِذَا غَشِيَهُم مَّوْجٌ كَٱلظُّلَلِ دَعَوُا۟ ٱللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ فَلَمَّا نَجَّىٰهُمْ إِلَى ٱلْبَرِّ فَمِنْهُم مُّقْتَصِدٌ ۚ وَمَا يَجْحَدُ بِـَٔايَـٰتِنَآ إِلَّا كُلُّ خَتَّارٍ كَفُورٍ
Transliteration wa-idhā ghashiyahum mawjun kal-ẓulali daʿawū l-laha mukh'liṣīna lahu l-dīna falammā najjāhum ilā l-bari famin'hum muq'taṣidun wamā yajḥadu biāyātinā illā kullu khattārin kafūrin
Sindhi ۽ جڏھن کين (درياءَ جي) لھر پاڇي وارن پھاڙن وانگر ويڙھيندي آھي (تڏھن) خاص الله کي نِلو ڏانھس مھاڙ ڪري سڏيندا آھن، پوءِ جنھن مھل کين ڀر ڏانھن بچارائي پھچائيندو آھي (تنھن مھل) منجھائن ڪي وچٿرا ھوندا آھن، سڀڪنھن انجام ڀڃندڙ بي شڪر کانسواءِ ٻيو ڪوبه اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.
Verse 33
يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ ٱتَّقُوا۟ رَبَّكُمْ وَٱخْشَوْا۟ يَوْمًا لَّا يَجْزِى وَالِدٌ عَن وَلَدِهِۦ وَلَا مَوْلُودٌ هُوَ جَازٍ عَن وَالِدِهِۦ شَيْـًٔا ۚ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّ ۖ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا وَلَا يَغُرَّنَّكُم بِٱللَّهِ ٱلْغَرُورُ
Transliteration yāayyuhā l-nāsu ittaqū rabbakum wa-ikh'shaw yawman lā yajzī wālidun ʿan waladihi walā mawlūdun huwa jāzin ʿan wālidihi shayan inna waʿda l-lahi ḥaqqun falā taghurrannakumu l-ḥayatu l-dun'yā walā yaghurrannakum bil-lahi l-gharūru
Sindhi اي ماڻھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو ۽ اُن ڏينھن کان (به) جنھن ۾ ڪو پيءُ پنھنجي پُٽ جي ڪم نه ايندو، ۽ نه پُٽ پنھنجي پيءُ جي ڪجھ ڪم ايندڙ ھوندو، بيشڪ الله جو وعدو سچو آھي تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي اوھان کي الله بابت ٺڳيندڙ (شيطان) ٺڳي.
Verse 34
إِنَّ ٱللَّهَ عِندَهُۥ عِلْمُ ٱلسَّاعَةِ وَيُنَزِّلُ ٱلْغَيْثَ وَيَعْلَمُ مَا فِى ٱلْأَرْحَامِ ۖ وَمَا تَدْرِى نَفْسٌ مَّاذَا تَكْسِبُ غَدًا ۖ وَمَا تَدْرِى نَفْسٌۢ بِأَىِّ أَرْضٍ تَمُوتُ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌۢ
Transliteration inna l-laha ʿindahu ʿil'mu l-sāʿati wayunazzilu l-ghaytha wayaʿlamu mā fī l-arḥāmi wamā tadrī nafsun mādhā taksibu ghadan wamā tadrī nafsun bi-ayyi arḍin tamūtu inna l-laha ʿalīmun khabīrun
Sindhi بيشڪ قيامت جي خبر الله ئي وٽ آھي، ۽ اُھوئي مينھن وسائيندو آھي، ۽ جيڪي ڳڀيراڻين ۾ آھي سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) سڀاڻي ڇا ڪندو، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) ڪھڙي زمين تي مرندو، تحقيق الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.
Read Surah Luqman in another language
- English (word by word)
- Albanian
- Amazigh
- Amharic
- Assamese
- Azerbaijani
- Bambara
- Bangla
- Bosnian
- Bulgarian
- Chechen
- Chinese
- Czech
- Dari
- Dhivehi
- Dutch
- Finnish
- French
- German
- Gujarati
- Hausa
- Hebrew
- Hindi
- Indonesian
- Italian
- Japanese
- Kannada
- Kazakh
- Khmer
- Kinyarwanda
- Korean
- Kurdish
- Luganda
- Malay
- Malayalam
- Maranao
- Marathi
- Nepali
- Norwegian
- Oromo
- Pashto
- Persian
- Polish
- Portuguese
- Romanian
- Russian
- Sinhala
- Somali
- Spanish
- Swahili
- Swedish
- Tagalog
- Tajik
- Tamil
- Tatar
- Telugu
- Thai
- Turkish
- Ukrainian
- Urdu
- Uyghur
- Uzbek
- Vietnamese
- Yao
- Yoruba
All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.
Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.