MyDugsiStart learning

Surah An-Najm in Sindhi: translation and audio

Surah 53 · النجم · The Star · 62 verses

Surah An-Najm verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah An-Najm word by word in English.

Verse 1

وَٱلنَّجْمِ إِذَا هَوَىٰ

Transliteration wal-najmi idhā hawā

Sindhi ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.

Verse 2

مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوَىٰ

Transliteration mā ḍalla ṣāḥibukum wamā ghawā

Sindhi ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.

Verse 3

وَمَا يَنطِقُ عَنِ ٱلْهَوَىٰٓ

Transliteration wamā yanṭiqu ʿani l-hawā

Sindhi ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.

Verse 4

إِنْ هُوَ إِلَّا وَحْىٌ يُوحَىٰ

Transliteration in huwa illā waḥyun yūḥā

Sindhi ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.

Verse 5

عَلَّمَهُۥ شَدِيدُ ٱلْقُوَىٰ

Transliteration ʿallamahu shadīdu l-quwā

Sindhi اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.

Verse 6

ذُو مِرَّةٍ فَٱسْتَوَىٰ

Transliteration dhū mirratin fa-is'tawā

Sindhi جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.

Verse 7

وَهُوَ بِٱلْأُفُقِ ٱلْأَعْلَىٰ

Transliteration wahuwa bil-ufuqi l-aʿlā

Sindhi ۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.

Verse 8

ثُمَّ دَنَا فَتَدَلَّىٰ

Transliteration thumma danā fatadallā

Sindhi وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.

Verse 9

فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ

Transliteration fakāna qāba qawsayni aw adnā

Sindhi پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.

Verse 10

فَأَوْحَىٰٓ إِلَىٰ عَبْدِهِۦ مَآ أَوْحَىٰ

Transliteration fa-awḥā ilā ʿabdihi mā awḥā

Sindhi پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.

Verse 11

مَا كَذَبَ ٱلْفُؤَادُ مَا رَأَىٰٓ

Transliteration mā kadhaba l-fuādu mā raā

Sindhi جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.

Verse 12

أَفَتُمَـٰرُونَهُۥ عَلَىٰ مَا يَرَىٰ

Transliteration afatumārūnahu ʿalā mā yarā

Sindhi جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟

Verse 13

وَلَقَدْ رَءَاهُ نَزْلَةً أُخْرَىٰ

Transliteration walaqad raāhu nazlatan ukh'rā

Sindhi ۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.

Verse 14

عِندَ سِدْرَةِ ٱلْمُنتَهَىٰ

Transliteration ʿinda sid'rati l-muntahā

Sindhi سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.

Verse 15

عِندَهَا جَنَّةُ ٱلْمَأْوَىٰٓ

Transliteration ʿindahā jannatu l-mawā

Sindhi اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.

Verse 16

إِذْ يَغْشَى ٱلسِّدْرَةَ مَا يَغْشَىٰ

Transliteration idh yaghshā l-sid'rata mā yaghshā

Sindhi جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.

Verse 17

مَا زَاغَ ٱلْبَصَرُ وَمَا طَغَىٰ

Transliteration mā zāgha l-baṣaru wamā ṭaghā

Sindhi (پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.

Verse 18

لَقَدْ رَأَىٰ مِنْ ءَايَـٰتِ رَبِّهِ ٱلْكُبْرَىٰٓ

Transliteration laqad raā min āyāti rabbihi l-kub'rā

Sindhi بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.

Verse 19

أَفَرَءَيْتُمُ ٱللَّـٰتَ وَٱلْعُزَّىٰ

Transliteration afara-aytumu l-lāta wal-ʿuzā

Sindhi لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟

Verse 20

وَمَنَوٰةَ ٱلثَّالِثَةَ ٱلْأُخْرَىٰٓ

Transliteration wamanata l-thālithata l-ukh'rā

Sindhi ۽ پوئين ٽين منات کي به؟

Verse 21

أَلَكُمُ ٱلذَّكَرُ وَلَهُ ٱلْأُنثَىٰ

Transliteration alakumu l-dhakaru walahu l-unthā

Sindhi ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.

Verse 22

تِلْكَ إِذًا قِسْمَةٌ ضِيزَىٰٓ

Transliteration til'ka idhan qis'matun ḍīzā

Sindhi اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.

Verse 23

إِنْ هِىَ إِلَّآ أَسْمَآءٌ سَمَّيْتُمُوهَآ أَنتُمْ وَءَابَآؤُكُم مَّآ أَنزَلَ ٱللَّهُ بِهَا مِن سُلْطَـٰنٍ ۚ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَمَا تَهْوَى ٱلْأَنفُسُ ۖ وَلَقَدْ جَآءَهُم مِّن رَّبِّهِمُ ٱلْهُدَىٰٓ

Transliteration in hiya illā asmāon sammaytumūhā antum waābāukum mā anzala l-lahu bihā min sul'ṭānin in yattabiʿūna illā l-ẓana wamā tahwā l-anfusu walaqad jāahum min rabbihimu l-hudā

Sindhi اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.

Verse 24

أَمْ لِلْإِنسَـٰنِ مَا تَمَنَّىٰ

Transliteration am lil'insāni mā tamannā

Sindhi ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟

Verse 25

فَلِلَّهِ ٱلْـَٔاخِرَةُ وَٱلْأُولَىٰ

Transliteration falillahi l-ākhiratu wal-ūlā

Sindhi پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.

Verse 26

۞ وَكَم مِّن مَّلَكٍ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ لَا تُغْنِى شَفَـٰعَتُهُمْ شَيْـًٔا إِلَّا مِنۢ بَعْدِ أَن يَأْذَنَ ٱللَّهُ لِمَن يَشَآءُ وَيَرْضَىٰٓ

Transliteration wakam min malakin fī l-samāwāti lā tugh'nī shafāʿatuhum shayan illā min baʿdi an yadhana l-lahu liman yashāu wayarḍā

Sindhi ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.

Verse 27

إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ لَيُسَمُّونَ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةَ تَسْمِيَةَ ٱلْأُنثَىٰ

Transliteration inna alladhīna lā yu'minūna bil-ākhirati layusammūna l-malāikata tasmiyata l-unthā

Sindhi بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.

Verse 28

وَمَا لَهُم بِهِۦ مِنْ عِلْمٍ ۖ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ ۖ وَإِنَّ ٱلظَّنَّ لَا يُغْنِى مِنَ ٱلْحَقِّ شَيْـًٔا

Transliteration wamā lahum bihi min ʿil'min in yattabiʿūna illā l-ẓana wa-inna l-ẓana lā yugh'nī mina l-ḥaqi shayan

Sindhi ۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.

Verse 29

فَأَعْرِضْ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكْرِنَا وَلَمْ يُرِدْ إِلَّا ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا

Transliteration fa-aʿriḍ ʿan man tawallā ʿan dhik'rinā walam yurid illā l-ḥayata l-dun'yā

Sindhi پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.

Verse 30

ذَٰلِكَ مَبْلَغُهُم مِّنَ ٱلْعِلْمِ ۚ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ ٱهْتَدَىٰ

Transliteration dhālika mablaghuhum mina l-ʿil'mi inna rabbaka huwa aʿlamu biman ḍalla ʿan sabīlihi wahuwa aʿlamu bimani ih'tadā

Sindhi اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

Verse 31

وَلِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ لِيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ أَسَـٰٓـُٔوا۟ بِمَا عَمِلُوا۟ وَيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ أَحْسَنُوا۟ بِٱلْحُسْنَى

Transliteration walillahi mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi liyajziya alladhīna asāū bimā ʿamilū wayajziya alladhīna aḥsanū bil-ḥus'nā

Sindhi ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.

Verse 32

ٱلَّذِينَ يَجْتَنِبُونَ كَبَـٰٓئِرَ ٱلْإِثْمِ وَٱلْفَوَٰحِشَ إِلَّا ٱللَّمَمَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ وَٰسِعُ ٱلْمَغْفِرَةِ ۚ هُوَ أَعْلَمُ بِكُمْ إِذْ أَنشَأَكُم مِّنَ ٱلْأَرْضِ وَإِذْ أَنتُمْ أَجِنَّةٌ فِى بُطُونِ أُمَّهَـٰتِكُمْ ۖ فَلَا تُزَكُّوٓا۟ أَنفُسَكُمْ ۖ هُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ ٱتَّقَىٰٓ

Transliteration alladhīna yajtanibūna kabāira l-ith'mi wal-fawāḥisha illā l-lamama inna rabbaka wāsiʿu l-maghfirati huwa aʿlamu bikum idh ansha-akum mina l-arḍi wa-idh antum ajinnatun fī buṭūni ummahātikum falā tuzakkū anfusakum huwa aʿlamu bimani ittaqā

Sindhi جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.

Verse 33

أَفَرَءَيْتَ ٱلَّذِى تَوَلَّىٰ

Transliteration afara-ayta alladhī tawallā

Sindhi (اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.

Verse 34

وَأَعْطَىٰ قَلِيلًا وَأَكْدَىٰٓ

Transliteration wa-aʿṭā qalīlan wa-akdā

Sindhi ۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.

Verse 35

أَعِندَهُۥ عِلْمُ ٱلْغَيْبِ فَهُوَ يَرَىٰٓ

Transliteration aʿindahu ʿil'mu l-ghaybi fahuwa yarā

Sindhi وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.

Verse 36

أَمْ لَمْ يُنَبَّأْ بِمَا فِى صُحُفِ مُوسَىٰ

Transliteration am lam yunabba bimā fī ṣuḥufi mūsā

Sindhi اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.

Verse 37

وَإِبْرَٰهِيمَ ٱلَّذِى وَفَّىٰٓ

Transliteration wa-ib'rāhīma alladhī waffā

Sindhi ۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.

Verse 38

أَلَّا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرَىٰ

Transliteration allā taziru wāziratun wiz'ra ukh'rā

Sindhi (ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.

Verse 39

وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَـٰنِ إِلَّا مَا سَعَىٰ

Transliteration wa-an laysa lil'insāni illā mā saʿā

Sindhi ۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.

Verse 40

وَأَنَّ سَعْيَهُۥ سَوْفَ يُرَىٰ

Transliteration wa-anna saʿyahu sawfa yurā

Sindhi ۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.

Verse 41

ثُمَّ يُجْزَىٰهُ ٱلْجَزَآءَ ٱلْأَوْفَىٰ

Transliteration thumma yuj'zāhu l-jazāa l-awfā

Sindhi وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.

Verse 42

وَأَنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلْمُنتَهَىٰ

Transliteration wa-anna ilā rabbika l-muntahā

Sindhi ۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.

Verse 43

وَأَنَّهُۥ هُوَ أَضْحَكَ وَأَبْكَىٰ

Transliteration wa-annahu huwa aḍḥaka wa-abkā

Sindhi ۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.

Verse 44

وَأَنَّهُۥ هُوَ أَمَاتَ وَأَحْيَا

Transliteration wa-annahu huwa amāta wa-aḥyā

Sindhi ۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.

Verse 45

وَأَنَّهُۥ خَلَقَ ٱلزَّوْجَيْنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلْأُنثَىٰ

Transliteration wa-annahu khalaqa l-zawjayni l-dhakara wal-unthā

Sindhi ۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.

Verse 46

مِن نُّطْفَةٍ إِذَا تُمْنَىٰ

Transliteration min nuṭ'fatin idhā tum'nā

Sindhi منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.

Verse 47

وَأَنَّ عَلَيْهِ ٱلنَّشْأَةَ ٱلْأُخْرَىٰ

Transliteration wa-anna ʿalayhi l-nashata l-ukh'rā

Sindhi ۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.

Verse 48

وَأَنَّهُۥ هُوَ أَغْنَىٰ وَأَقْنَىٰ

Transliteration wa-annahu huwa aghnā wa-aqnā

Sindhi ۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.

Verse 49

وَأَنَّهُۥ هُوَ رَبُّ ٱلشِّعْرَىٰ

Transliteration wa-annahu huwa rabbu l-shiʿ'rā

Sindhi ۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.

Verse 50

وَأَنَّهُۥٓ أَهْلَكَ عَادًا ٱلْأُولَىٰ

Transliteration wa-annahu ahlaka ʿādan l-ūlā

Sindhi ۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.

Verse 51

وَثَمُودَا۟ فَمَآ أَبْقَىٰ

Transliteration wathamūdā famā abqā

Sindhi ۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.

Verse 52

وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ هُمْ أَظْلَمَ وَأَطْغَىٰ

Transliteration waqawma nūḥin min qablu innahum kānū hum aẓlama wa-aṭghā

Sindhi ۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.

Verse 53

وَٱلْمُؤْتَفِكَةَ أَهْوَىٰ

Transliteration wal-mu'tafikata ahwā

Sindhi ۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.

Verse 54

فَغَشَّىٰهَا مَا غَشَّىٰ

Transliteration faghashāhā mā ghashā

Sindhi پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.

Verse 55

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكَ تَتَمَارَىٰ

Transliteration fabi-ayyi ālāi rabbika tatamārā

Sindhi پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.

Verse 56

هَـٰذَا نَذِيرٌ مِّنَ ٱلنُّذُرِ ٱلْأُولَىٰٓ

Transliteration hādhā nadhīrun mina l-nudhuri l-ūlā

Sindhi ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.

Verse 57

أَزِفَتِ ٱلْـَٔازِفَةُ

Transliteration azifati l-āzifatu

Sindhi ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.

Verse 58

لَيْسَ لَهَا مِن دُونِ ٱللَّهِ كَاشِفَةٌ

Transliteration laysa lahā min dūni l-lahi kāshifatun

Sindhi اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.

Verse 59

أَفَمِنْ هَـٰذَا ٱلْحَدِيثِ تَعْجَبُونَ

Transliteration afamin hādhā l-ḥadīthi taʿjabūna

Sindhi ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟

Verse 60

وَتَضْحَكُونَ وَلَا تَبْكُونَ

Transliteration wataḍḥakūna walā tabkūna

Sindhi ۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.

Verse 61

وَأَنتُمْ سَـٰمِدُونَ

Transliteration wa-antum sāmidūna

Sindhi ۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.

Verse 62

فَٱسْجُدُوا۟ لِلَّهِ وَٱعْبُدُوا۟ ۩

Transliteration fa-us'judū lillahi wa-uʿ'budū

Sindhi پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.

Read Surah An-Najm in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.