MyDugsiStart learning

Surah Muhammad in Sindhi: translation and audio

Surah 47 · محمد · Muhammad · 38 verses

Surah Muhammad verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Muhammad word by word in English.

Verse 1

ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَصَدُّوا۟ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ أَضَلَّ أَعْمَـٰلَهُمْ

Transliteration alladhīna kafarū waṣaddū ʿan sabīli l-lahi aḍalla aʿmālahum

Sindhi جن ڪُفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو تن جي عملن کي (الله) چَٽ ڪيو.

Verse 2

وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ وَءَامَنُوا۟ بِمَا نُزِّلَ عَلَىٰ مُحَمَّدٍ وَهُوَ ٱلْحَقُّ مِن رَّبِّهِمْ ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَيِّـَٔاتِهِمْ وَأَصْلَحَ بَالَهُمْ

Transliteration wa-alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti waāmanū bimā nuzzila ʿalā muḥammadin wahuwa l-ḥaqu min rabbihim kaffara ʿanhum sayyiātihim wa-aṣlaḥa bālahum

Sindhi ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ جيڪي مُحمّدؑ تي نازل ڪيو ويو ۽ اُھو سندن پالڻھار وٽان سچ آھي تنھن کي مڃيائون تن جون مدايون کائن ميٽيائين ۽ سندن حال کي سُڌاريائين.

Verse 3

ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ٱتَّبَعُوا۟ ٱلْبَـٰطِلَ وَأَنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱتَّبَعُوا۟ ٱلْحَقَّ مِن رَّبِّهِمْ ۚ كَذَٰلِكَ يَضْرِبُ ٱللَّهُ لِلنَّاسِ أَمْثَـٰلَهُمْ

Transliteration dhālika bi-anna alladhīna kafarū ittabaʿū l-bāṭila wa-anna alladhīna āmanū ittabaʿū l-ḥaqa min rabbihim kadhālika yaḍribu l-lahu lilnnāsi amthālahum

Sindhi اِھو ھن ڪري آھي جو ڪافر ڪُوڙ جي پٺيان لڳا ۽ مؤمن پنھنجي پالڻھار جي سچي دين جي پيروي ڪئي، اھڙيءَ طرح ماڻھن لاءِ سندن احوال بيان ڪندو آھي.

Verse 4

فَإِذَا لَقِيتُمُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فَضَرْبَ ٱلرِّقَابِ حَتَّىٰٓ إِذَآ أَثْخَنتُمُوهُمْ فَشُدُّوا۟ ٱلْوَثَاقَ فَإِمَّا مَنًّۢا بَعْدُ وَإِمَّا فِدَآءً حَتَّىٰ تَضَعَ ٱلْحَرْبُ أَوْزَارَهَا ۚ ذَٰلِكَ وَلَوْ يَشَآءُ ٱللَّهُ لَٱنتَصَرَ مِنْهُمْ وَلَـٰكِن لِّيَبْلُوَا۟ بَعْضَكُم بِبَعْضٍ ۗ وَٱلَّذِينَ قُتِلُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ فَلَن يُضِلَّ أَعْمَـٰلَهُمْ

Transliteration fa-idhā laqītumu alladhīna kafarū faḍarba l-riqābi ḥattā idhā athkhantumūhum fashuddū l-wathāqa fa-immā mannan baʿdu wa-immā fidāan ḥattā taḍaʿa l-ḥarbu awzārahā dhālika walaw yashāu l-lahu la-intaṣara min'hum walākin liyabluwā baʿḍakum bibaʿḍin wa-alladhīna qutilū fī sabīli l-lahi falan yuḍilla aʿmālahum

Sindhi پوءِ جڏھن اوھين ڪافرن سان جنگ ڪريو تڏھن (انھن جون) گردنون ڪٽيو، تانجو جڏھن منجھن گھڻو رت ڇاڻ ڪيوَ تڏھن مضبوطيءَ سان قيد ٻڌو وري (قيد کان) پوءِ يا ته احسان ڪرڻ (سان ڇڏڻ) يا چَٽي وٺڻ (گھُرجي) تانجو جنگ پنھنجا ھٿيار رکي، اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته کائن بدلو وٺي ھا پر (گھرندو آھي) ته اوھان مان ڪن کي ڪن سان پرکي، ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ قتل ٿيا تن جا عمل ڪڏھن چَٽ نه ڪندو.

Verse 5

سَيَهْدِيهِمْ وَيُصْلِحُ بَالَهُمْ

Transliteration sayahdīhim wayuṣ'liḥu bālahum

Sindhi کين سڌو رستو ڏيکاريندو ۽ سندن حال سڌاريندو.

Verse 6

وَيُدْخِلُهُمُ ٱلْجَنَّةَ عَرَّفَهَا لَهُمْ

Transliteration wayud'khiluhumu l-janata ʿarrafahā lahum

Sindhi ۽ کين اُنھيءَ بھشت ۾ داخل ڪندو جيڪو کين ڄاڻايو اٿس.

Verse 7

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِن تَنصُرُوا۟ ٱللَّهَ يَنصُرْكُمْ وَيُثَبِّتْ أَقْدَامَكُمْ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū in tanṣurū l-laha yanṣur'kum wayuthabbit aqdāmakum

Sindhi اي ايمان وارؤ جيڪڏھن اوھين الله (جي دين) جي مدد ڪندؤ ته (الله) اوھان جي مدد ڪندو ۽ اوھان جا قدم مُحڪم ڪندو.

Verse 8

وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فَتَعْسًا لَّهُمْ وَأَضَلَّ أَعْمَـٰلَهُمْ

Transliteration wa-alladhīna kafarū fataʿsan lahum wa-aḍalla aʿmālahum

Sindhi ۽ جن انڪار ڪيو تن کي شال ھلاڪي ھجي ۽ الله سندن عملن کي چَٽ ڪيو.

Verse 9

ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَرِهُوا۟ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ فَأَحْبَطَ أَعْمَـٰلَهُمْ

Transliteration dhālika bi-annahum karihū mā anzala l-lahu fa-aḥbaṭa aʿmālahum

Sindhi اِھا (سزا) ھِن ڪري آھي جو جيڪي الله نازل ڪيو آھي تنھنکي انھن ناپسند ڪيو تنھن ڪري (الله) سندن عملن کي چٽ ڪيو.

Verse 10

۞ أَفَلَمْ يَسِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَيَنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ دَمَّرَ ٱللَّهُ عَلَيْهِمْ ۖ وَلِلْكَـٰفِرِينَ أَمْثَـٰلُهَا

Transliteration afalam yasīrū fī l-arḍi fayanẓurū kayfa kāna ʿāqibatu alladhīna min qablihim dammara l-lahu ʿalayhim walil'kāfirīna amthāluhā

Sindhi زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا ته نھارين ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، ۽ الله مٿن ھلاڪي نازل ڪئي، ۽ ڪافرن لاءِ اھڙيون (ئي سزائون) آھن.

Verse 11

ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ مَوْلَى ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَأَنَّ ٱلْكَـٰفِرِينَ لَا مَوْلَىٰ لَهُمْ

Transliteration dhālika bi-anna l-laha mawlā alladhīna āmanū wa-anna l-kāfirīna lā mawlā lahum

Sindhi اِھو ھن ڪري آھي جو الله مؤمنن جو ڪارساز آھي ۽ (ھن ڪري) ته ڪافرن جو ڪو سڄڻ نه آھي.

Verse 12

إِنَّ ٱللَّهَ يُدْخِلُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ ۖ وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ يَتَمَتَّعُونَ وَيَأْكُلُونَ كَمَا تَأْكُلُ ٱلْأَنْعَـٰمُ وَٱلنَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ

Transliteration inna l-laha yud'khilu alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti jannātin tajrī min taḥtihā l-anhāru wa-alladhīna kafarū yatamattaʿūna wayakulūna kamā takulu l-anʿāmu wal-nāru mathwan lahum

Sindhi جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي بيشڪ الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، ۽ جن انڪار ڪيو (سي) دنيا جو نفعو وٺندا آھن ۽ ائين کائيندا آھن جئين ڍور کائيندا آھن ۽ سندين جاءِ باھ آھي.

Verse 13

وَكَأَيِّن مِّن قَرْيَةٍ هِىَ أَشَدُّ قُوَّةً مِّن قَرْيَتِكَ ٱلَّتِىٓ أَخْرَجَتْكَ أَهْلَكْنَـٰهُمْ فَلَا نَاصِرَ لَهُمْ

Transliteration waka-ayyin min qaryatin hiya ashaddu quwwatan min qaryatika allatī akhrajatka ahlaknāhum falā nāṣira lahum

Sindhi ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي ڳوٺ جنھن (جي ماڻھن) توکي ڪڍي ڇڏيو تنھن کان وڌيڪ سگھ وارا ڪيترائي ڳوٺ ھوا، جو اُنھن کي ناس ڪيوسون پوءِ انھن جو ڪو واھرو نه ھو.

Verse 14

أَفَمَن كَانَ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّهِۦ كَمَن زُيِّنَ لَهُۥ سُوٓءُ عَمَلِهِۦ وَٱتَّبَعُوٓا۟ أَهْوَآءَهُم

Transliteration afaman kāna ʿalā bayyinatin min rabbihi kaman zuyyina lahu sūu ʿamalihi wa-ittabaʿū ahwāahum

Sindhi جيڪو پنھنجي پالڻھار کان پڌريء حُجت تي ھجي سو اُنھيءَ جھڙو آھي ڇا؟ جنھن کي سندس بڇڙا ڪم چڱا ڪري ڏيکاريا ويا ۽ پنھنجين سَڌن جي پٺيان لڳا.

Verse 15

مَّثَلُ ٱلْجَنَّةِ ٱلَّتِى وُعِدَ ٱلْمُتَّقُونَ ۖ فِيهَآ أَنْهَـٰرٌ مِّن مَّآءٍ غَيْرِ ءَاسِنٍ وَأَنْهَـٰرٌ مِّن لَّبَنٍ لَّمْ يَتَغَيَّرْ طَعْمُهُۥ وَأَنْهَـٰرٌ مِّنْ خَمْرٍ لَّذَّةٍ لِّلشَّـٰرِبِينَ وَأَنْهَـٰرٌ مِّنْ عَسَلٍ مُّصَفًّى ۖ وَلَهُمْ فِيهَا مِن كُلِّ ٱلثَّمَرَٰتِ وَمَغْفِرَةٌ مِّن رَّبِّهِمْ ۖ كَمَنْ هُوَ خَـٰلِدٌ فِى ٱلنَّارِ وَسُقُوا۟ مَآءً حَمِيمًا فَقَطَّعَ أَمْعَآءَهُمْ

Transliteration mathalu l-janati allatī wuʿida l-mutaqūna fīhā anhārun min māin ghayri āsinin wa-anhārun min labanin lam yataghayyar ṭaʿmuhu wa-anhārun min khamrin ladhatin lilshāribīna wa-anhārun min ʿasalin muṣaffan walahum fīhā min kulli l-thamarāti wamaghfiratun min rabbihim kaman huwa khālidun fī l-nāri wasuqū māan ḥamīman faqaṭṭaʿa amʿāahum

Sindhi جنھن بھشت جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي تنھنجي وصف ھي آھي جو اُن ۾ اھڙي پاڻي جون واھيون آھن جو (گھڻي رھڻ ڪري) نه سينواريو آھي، ۽ اھڙي کير جون واھيون آھن جنھن جو مزو نه مَٽيو آھي، ۽ پيئندڙن کي لذت ڏيندڙ شراب جون واھيون آھن، ۽ صفا ڪيل ماکيءَ جون به واھيون آھن، ۽ اُنھن لاءِ منجھس ھر جنس جا ميوا آھن ۽ سندن پالڻھار وٽان بخشش آھي، (اھي) انھن جھڙا آھن ڇا جيڪو باھ ۾ سدائين رھڻ وارو ھجي ۽ جن کي ڪوسو پاڻي پياريو وڃي جو سندن آنڊن کي ڇِني ڇڏي.

Verse 16

وَمِنْهُم مَّن يَسْتَمِعُ إِلَيْكَ حَتَّىٰٓ إِذَا خَرَجُوا۟ مِنْ عِندِكَ قَالُوا۟ لِلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ مَاذَا قَالَ ءَانِفًا ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ طَبَعَ ٱللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ وَٱتَّبَعُوٓا۟ أَهْوَآءَهُمْ

Transliteration wamin'hum man yastamiʿu ilayka ḥattā idhā kharajū min ʿindika qālū lilladhīna ūtū l-ʿil'ma mādhā qāla ānifan ulāika alladhīna ṭabaʿa l-lahu ʿalā qulūbihim wa-ittabaʿū ahwāahum

Sindhi ۽ منجھائن ڪو اھڙو آھي جو توڏانھن ڪن ڏيندو آھي، تان جو جنھن مھل تو وٽان نڪرندا آھن (تنھن مھل) جن کي علم ڏنو ويو تن کي چوندا آھن ته ھاڻي (پيغمبر) ڇا چيو؟ اِھي اُھي آھن جن جي دلين تي الله مُھر ھنئي آھي ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن تي ھليا.

Verse 17

وَٱلَّذِينَ ٱهْتَدَوْا۟ زَادَهُمْ هُدًى وَءَاتَىٰهُمْ تَقْوَىٰهُمْ

Transliteration wa-alladhīna ih'tadaw zādahum hudan waātāhum taqwāhum

Sindhi ۽ جن سِڌو رستو ورتو تن کي خدا ھدايت ۾ وڌايو ۽ کين سندين پرھيزگاري ڏني.

Verse 18

فَهَلْ يَنظُرُونَ إِلَّا ٱلسَّاعَةَ أَن تَأْتِيَهُم بَغْتَةً ۖ فَقَدْ جَآءَ أَشْرَاطُهَا ۚ فَأَنَّىٰ لَهُمْ إِذَا جَآءَتْهُمْ ذِكْرَىٰهُمْ

Transliteration fahal yanẓurūna illā l-sāʿata an tatiyahum baghtatan faqad jāa ashrāṭuhā fa-annā lahum idhā jāathum dhik'rāhum

Sindhi (ڪافر) پاڻ وٽ قيامت جي اوچتي اچڻ کانسواءِ (ٻي ڳالھ) منتظر نه آھن، پوءِ بيشڪ اُن جون نشانيون اچي چڪيون آھن، پوءِ جڏھن وٽن (قيامت) ايندي تڏھن کين نصيحت وٺڻ ڪٿان (نفعي واري ٿيندي).

Verse 19

فَٱعْلَمْ أَنَّهُۥ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا ٱللَّهُ وَٱسْتَغْفِرْ لِذَنۢبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَـٰتِ ۗ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ مُتَقَلَّبَكُمْ وَمَثْوَىٰكُمْ

Transliteration fa-iʿ'lam annahu lā ilāha illā l-lahu wa-is'taghfir lidhanbika walil'mu'minīna wal-mu'mināti wal-lahu yaʿlamu mutaqallabakum wamathwākum

Sindhi پوءِ ڄاڻ ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي ۽ پنھنجن گناھن جي ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين لاءِ بخشش گھُر، ۽ الله اوھان جي اچ وڃ جو ھنڌ ۽ اوھان جي رھڻ جي جڳھ ڄاڻندو آھي.

Verse 20

وَيَقُولُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَوْلَا نُزِّلَتْ سُورَةٌ ۖ فَإِذَآ أُنزِلَتْ سُورَةٌ مُّحْكَمَةٌ وَذُكِرَ فِيهَا ٱلْقِتَالُ ۙ رَأَيْتَ ٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ يَنظُرُونَ إِلَيْكَ نَظَرَ ٱلْمَغْشِىِّ عَلَيْهِ مِنَ ٱلْمَوْتِ ۖ فَأَوْلَىٰ لَهُمْ

Transliteration wayaqūlu alladhīna āmanū lawlā nuzzilat sūratun fa-idhā unzilat sūratun muḥ'kamatun wadhukira fīhā l-qitālu ra-ayta alladhīna fī qulūbihim maraḍun yanẓurūna ilayka naẓara l-maghshiyi ʿalayhi mina l-mawti fa-awlā lahum

Sindhi ۽ مؤمن چوندا آھن ته ڪا سُورة ڇونه نازل ڪئي وئي، پوءِ جڏھن پڌري معنىٰ واري سُورة نازل ڪئي وڃي ۽ اُن ۾ جھاد جو ذڪر ڪيو وڃي ته جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن کي ڏسندين ته تو ڏانھن اُنھيءَ (ماڻھو) جي نھارڻ وانگر ڏسندا آھن جنھن کي موت (جي سڪرات) کان بيھوشي پُھتي ھجي، پوءِ اُنھن لاءِ خرابي آھي.

Verse 21

طَاعَةٌ وَقَوْلٌ مَّعْرُوفٌ ۚ فَإِذَا عَزَمَ ٱلْأَمْرُ فَلَوْ صَدَقُوا۟ ٱللَّهَ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ

Transliteration ṭāʿatun waqawlun maʿrūfun fa-idhā ʿazama l-amru falaw ṣadaqū l-laha lakāna khayran lahum

Sindhi (چڱي ڳالھ ته کين) چيو وٺڻ ۽ چڱي ڳالھ چوڻ آھي، پوءِ جڏھن (جھاد جو) ڪم پڪو ٿي چڪي، ته جيڪڏھن جيڪڏھن الله سان سچا رھن ھا اُنھن لاءِ ڀلو ھجي ھا.

Verse 22

فَهَلْ عَسَيْتُمْ إِن تَوَلَّيْتُمْ أَن تُفْسِدُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ وَتُقَطِّعُوٓا۟ أَرْحَامَكُمْ

Transliteration fahal ʿasaytum in tawallaytum an tuf'sidū fī l-arḍi watuqaṭṭiʿū arḥāmakum

Sindhi پوءِ (اي ضعيف ايمان وارؤ) جيڪڏھن اسلام کان ڦريئو ته (اوھين) ھن (ڳالھ) کي ويجھا آھيو ته زمين ۾ فساد ڪندؤ ۽ پنھنجيون مائٽيون ڇنندؤ.

Verse 23

أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ لَعَنَهُمُ ٱللَّهُ فَأَصَمَّهُمْ وَأَعْمَىٰٓ أَبْصَـٰرَهُمْ

Transliteration ulāika alladhīna laʿanahumu l-lahu fa-aṣammahum wa-aʿmā abṣārahum

Sindhi اِھي اُھي آھن جن کي الله لعنت ڪئي پوءِ کين ٻوڙو ڪيائين ۽ سندين اکيون انڌيون ڪيائين.

Verse 24

أَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ ٱلْقُرْءَانَ أَمْ عَلَىٰ قُلُوبٍ أَقْفَالُهَآ

Transliteration afalā yatadabbarūna l-qur'āna am ʿalā qulūbin aqfāluhā

Sindhi ڇا قرآن ۾ ڌيان نه ڪندا آھن يا (سندين) دلين تي اُنھن جا قُفل لڳل آھن؟

Verse 25

إِنَّ ٱلَّذِينَ ٱرْتَدُّوا۟ عَلَىٰٓ أَدْبَـٰرِهِم مِّنۢ بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُمُ ٱلْهُدَى ۙ ٱلشَّيْطَـٰنُ سَوَّلَ لَهُمْ وَأَمْلَىٰ لَهُمْ

Transliteration inna alladhīna ir'taddū ʿalā adbārihim min baʿdi mā tabayyana lahumu l-hudā l-shayṭānu sawwala lahum wa-amlā lahum

Sindhi بيشڪ جيڪي (ماڻھو) اُن کانپوءِ جو کين ھدايت پڌري ٿي پنھنجين پٺين ڀر ڦريا شيطان (اھو ڪم) چڱو ڪري ڏيکاريو آھي، ۽ کين مھلت (ھجڻ) جو وعدو ڏنو اٿس.

Verse 26

ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَالُوا۟ لِلَّذِينَ كَرِهُوا۟ مَا نَزَّلَ ٱللَّهُ سَنُطِيعُكُمْ فِى بَعْضِ ٱلْأَمْرِ ۖ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ إِسْرَارَهُمْ

Transliteration dhālika bi-annahum qālū lilladhīna karihū mā nazzala l-lahu sanuṭīʿukum fī baʿḍi l-amri wal-lahu yaʿlamu is'rārahum

Sindhi اھو ھن ڪري آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو آھي تنھن کي جن (ماڻھن) ناپسند ڪيو تن کي اُنھن (منافقن) چيو ته ڪن ڪمن ۾ اوھان جو چيو مڃينداسون، ۽ الله سندين ڳجھين ڳالھين کي ڄاڻندو آھي.

Verse 27

فَكَيْفَ إِذَا تَوَفَّتْهُمُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ يَضْرِبُونَ وُجُوهَهُمْ وَأَدْبَـٰرَهُمْ

Transliteration fakayfa idhā tawaffathumu l-malāikatu yaḍribūna wujūhahum wa-adbārahum

Sindhi پوءِ (تڏھن سندن حال) ڪيئن ٿيندو جڏھن ملائڪ سندن رُوح ڪڍندا جنھن حال سندن مُنھن ۽ سندن پُٺيون ڪُٽيندا.

Verse 28

ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمُ ٱتَّبَعُوا۟ مَآ أَسْخَطَ ٱللَّهَ وَكَرِهُوا۟ رِضْوَٰنَهُۥ فَأَحْبَطَ أَعْمَـٰلَهُمْ

Transliteration dhālika bi-annahumu ittabaʿū mā askhaṭa l-laha wakarihū riḍ'wānahu fa-aḥbaṭa aʿmālahum

Sindhi اِھا (سزا) ھن ڪري آھي ته جنھن شيء الله کي ڏمرايو تنھنجي پٺيان لڳا ۽ سندس رضامندي کي ناپسند ڪيائون تنھنڪري (خدا) سندن عملن کي چٽ ڪيو.

Verse 29

أَمْ حَسِبَ ٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ أَن لَّن يُخْرِجَ ٱللَّهُ أَضْغَـٰنَهُمْ

Transliteration am ḥasiba alladhīna fī qulūbihim maraḍun an lan yukh'rija l-lahu aḍghānahum

Sindhi جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن ڀانيو آھي ڇا ته الله سندن وير ڪڏھن پڌرا نه ڪندو.

Verse 30

وَلَوْ نَشَآءُ لَأَرَيْنَـٰكَهُمْ فَلَعَرَفْتَهُم بِسِيمَـٰهُمْ ۚ وَلَتَعْرِفَنَّهُمْ فِى لَحْنِ ٱلْقَوْلِ ۚ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ أَعْمَـٰلَكُمْ

Transliteration walaw nashāu la-araynākahum falaʿaraftahum bisīmāhum walataʿrifannahum fī laḥni l-qawli wal-lahu yaʿlamu aʿmālakum

Sindhi ۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته اُھي توکي ڏيکاريون ھا پوءِ سندن چھرن مان کين سڃاڻين ھا، ۽ ضرور کين ڳالھائڻ جي ڍنگ مان معلوم ڪندين، ۽ الله اوھان جا ڪرتوت ڄاڻندو آھي.

Verse 31

وَلَنَبْلُوَنَّكُمْ حَتَّىٰ نَعْلَمَ ٱلْمُجَـٰهِدِينَ مِنكُمْ وَٱلصَّـٰبِرِينَ وَنَبْلُوَا۟ أَخْبَارَكُمْ

Transliteration walanabluwannakum ḥattā naʿlama l-mujāhidīna minkum wal-ṣābirīna wanabluwā akhbārakum

Sindhi ۽ ضرور اوھان کي پرکينداسون ته اوھان مان مجاھدن ۽ صابرن کي معلوم ڪريون ۽ اوھان جا حال جاچيون.

Verse 32

إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَصَدُّوا۟ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ وَشَآقُّوا۟ ٱلرَّسُولَ مِنۢ بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُمُ ٱلْهُدَىٰ لَن يَضُرُّوا۟ ٱللَّهَ شَيْـًٔا وَسَيُحْبِطُ أَعْمَـٰلَهُمْ

Transliteration inna alladhīna kafarū waṣaddū ʿan sabīli l-lahi washāqqū l-rasūla min baʿdi mā tabayyana lahumu l-hudā lan yaḍurrū l-laha shayan wasayuḥ'biṭu aʿmālahum

Sindhi بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ کين ھدايت پڌري ٿي تنھن کانپوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪيائون سي الله جو ڪجھ نقصان نه ڪندا، ۽ (الله) سندن عمل سگھوئي چٽ ڪندو.

Verse 33

۞ يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُوا۟ ٱلرَّسُولَ وَلَا تُبْطِلُوٓا۟ أَعْمَـٰلَكُمْ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū aṭīʿū l-laha wa-aṭīʿū l-rasūla walā tub'ṭilū aʿmālakum

Sindhi اي ايمان وارؤ الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو ۽ پنھنجا عمل نه وڃايو.

Verse 34

إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَصَدُّوا۟ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ ثُمَّ مَاتُوا۟ وَهُمْ كُفَّارٌ فَلَن يَغْفِرَ ٱللَّهُ لَهُمْ

Transliteration inna alladhīna kafarū waṣaddū ʿan sabīli l-lahi thumma mātū wahum kuffārun falan yaghfira l-lahu lahum

Sindhi بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو وري ڪافر ٿي مُئا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو.

Verse 35

فَلَا تَهِنُوا۟ وَتَدْعُوٓا۟ إِلَى ٱلسَّلْمِ وَأَنتُمُ ٱلْأَعْلَوْنَ وَٱللَّهُ مَعَكُمْ وَلَن يَتِرَكُمْ أَعْمَـٰلَكُمْ

Transliteration falā tahinū watadʿū ilā l-salmi wa-antumu l-aʿlawna wal-lahu maʿakum walan yatirakum aʿmālakum

Sindhi پوءِ سُست نه ٿيو ۽ صلح ڏانھن نه سڏيو، ۽ اوھين ئي غالب آھيو، ۽ الله اوھان ساڻ آھي ۽ اوھان جي عملن کي ڪڏھن ضايع نه ڪندو.

Verse 36

إِنَّمَا ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا لَعِبٌ وَلَهْوٌ ۚ وَإِن تُؤْمِنُوا۟ وَتَتَّقُوا۟ يُؤْتِكُمْ أُجُورَكُمْ وَلَا يَسْـَٔلْكُمْ أَمْوَٰلَكُمْ

Transliteration innamā l-ḥayatu l-dun'yā laʿibun walahwun wa-in tu'minū watattaqū yu'tikum ujūrakum walā yasalkum amwālakum

Sindhi دنيا جي حياتي ته رڳو راند ۽ تماشو آھي، ۽ جيڪڏھن ايمان آڻيندؤ ۽ پرھيزگاري ڪندؤ ته اوھان جو اجر اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کان اوھان جو (سڀ) مال نه گھرندو.

Verse 37

إِن يَسْـَٔلْكُمُوهَا فَيُحْفِكُمْ تَبْخَلُوا۟ وَيُخْرِجْ أَضْغَـٰنَكُمْ

Transliteration in yasalkumūhā fayuḥ'fikum tabkhalū wayukh'rij aḍghānakum

Sindhi جيڪڏھن اوھان کان (اوھان جو) مال گھري پوءِ (گھرڻ ۾) اوھان کي تنگ ڪري ته (انھيءَ وقت ضرور) بخيلي ڪندؤ ۽ اُھا (بخيلي) اوھان جون بدنيتون ظاھر ڪندي.

Verse 38

هَـٰٓأَنتُمْ هَـٰٓؤُلَآءِ تُدْعَوْنَ لِتُنفِقُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ فَمِنكُم مَّن يَبْخَلُ ۖ وَمَن يَبْخَلْ فَإِنَّمَا يَبْخَلُ عَن نَّفْسِهِۦ ۚ وَٱللَّهُ ٱلْغَنِىُّ وَأَنتُمُ ٱلْفُقَرَآءُ ۚ وَإِن تَتَوَلَّوْا۟ يَسْتَبْدِلْ قَوْمًا غَيْرَكُمْ ثُمَّ لَا يَكُونُوٓا۟ أَمْثَـٰلَكُم

Transliteration hāantum hāulāi tud'ʿawna litunfiqū fī sabīli l-lahi faminkum man yabkhalu waman yabkhal fa-innamā yabkhalu ʿan nafsihi wal-lahu l-ghaniyu wa-antumu l-fuqarāu wa-in tatawallaw yastabdil qawman ghayrakum thumma lā yakūnū amthālakum

Sindhi خبردار ھجو اوھين اُھي (ماڻھو) آھيو جو اوھان کي سڏيو وڃي ٿو ته الله جي واٽ ۾ خرچيو، پوءِ اوھان مان ڪو (ته اھڙو آھي جو) بخيلي ٿو ڪري، ۽ جيڪو بخيلي ٿو ڪري سو رڳو پاڻ سان بخيلي ڪري ٿو، ۽ الله بي پرواھ آھي ۽ اوھين محتاج آھيو، ۽ جيڪڏھن منھن موڙيندؤ ته اوھان کانسواءِ (ٻي) ڪنھن قوم کي مٽائي آڻيندو پوءِ اُھي اوھان جھڙا نه ھوندا.

Read Surah Muhammad in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.