Surah At-Taghabun in Sindhi: translation and audio
Surah 64 · التغابن · The Mutual Disillusion · 18 verses
Surah At-Taghabun verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah At-Taghabun word by word in English.
Verse 1
يُسَبِّحُ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۖ لَهُ ٱلْمُلْكُ وَلَهُ ٱلْحَمْدُ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Transliteration yusabbiḥu lillahi mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi lahu l-mul'ku walahu l-ḥamdu wahuwa ʿalā kulli shayin qadīrun
Sindhi جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، سندس ئي بادشاھي آھي ۽ سنديس ئي ساراھ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
Verse 2
هُوَ ٱلَّذِى خَلَقَكُمْ فَمِنكُمْ كَافِرٌ وَمِنكُم مُّؤْمِنٌ ۚ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
Transliteration huwa alladhī khalaqakum faminkum kāfirun waminkum mu'minun wal-lahu bimā taʿmalūna baṣīrun
Sindhi (الله) اھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ اوھان مان ڪو ڪافر ۽ اوھان مان ڪو مؤمن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
Verse 3
خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ وَصَوَّرَكُمْ فَأَحْسَنَ صُوَرَكُمْ ۖ وَإِلَيْهِ ٱلْمَصِيرُ
Transliteration khalaqa l-samāwāti wal-arḍa bil-ḥaqi waṣawwarakum fa-aḥsana ṣuwarakum wa-ilayhi l-maṣīru
Sindhi آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رِٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي صُورت ڏنائين پوءِ اوھان جون صُورتون تمام چڱيون بڻايائين ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.
Verse 4
يَعْلَمُ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَيَعْلَمُ مَا تُسِرُّونَ وَمَا تُعْلِنُونَ ۚ وَٱللَّهُ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ
Transliteration yaʿlamu mā fī l-samāwāti wal-arḍi wayaʿlamu mā tusirrūna wamā tuʿ'linūna wal-lahu ʿalīmun bidhāti l-ṣudūri
Sindhi جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو (اُھو) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سينن جو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي.
Verse 5
أَلَمْ يَأْتِكُمْ نَبَؤُا۟ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن قَبْلُ فَذَاقُوا۟ وَبَالَ أَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Transliteration alam yatikum naba-u alladhīna kafarū min qablu fadhāqū wabāla amrihim walahum ʿadhābun alīmun
Sindhi (ھن کان) اڳ جيڪي ڪافر ھئا تن جي اوھان وٽ خبر نه آئي آھي ڇا؟ پوءِ پنھنجي ڪئي جي سزا چکيائون ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
Verse 6
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُۥ كَانَت تَّأْتِيهِمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَـٰتِ فَقَالُوٓا۟ أَبَشَرٌ يَهْدُونَنَا فَكَفَرُوا۟ وَتَوَلَّوا۟ ۚ وَّٱسْتَغْنَى ٱللَّهُ ۚ وَٱللَّهُ غَنِىٌّ حَمِيدٌ
Transliteration dhālika bi-annahu kānat tatīhim rusuluhum bil-bayināti faqālū abasharun yahdūnanā fakafarū watawallaw wa-is'taghnā l-lahu wal-lahu ghaniyyun ḥamīdun
Sindhi اِھو (عذاب) ھِن ڪري آھي جو سندن پيغمبر (چِٽن) مُعجزن سان وٽن ايندا ھئا ته چوندا ھوا ته اسان کي (اسان جھڙا) ماڻھو (سڌو) رستو ڏيکاريندا ڇا، پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منھن ڦيرايائون ۽ الله (به) بي پرواھي ڪئي، ۽ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.
Verse 7
زَعَمَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَن لَّن يُبْعَثُوا۟ ۚ قُلْ بَلَىٰ وَرَبِّى لَتُبْعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِمَا عَمِلْتُمْ ۚ وَذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرٌ
Transliteration zaʿama alladhīna kafarū an lan yub'ʿathū qul balā warabbī latub'ʿathunna thumma latunabba-unna bimā ʿamil'tum wadhālika ʿalā l-lahi yasīrun
Sindhi ڪافر ڀائيندا آھن ته (قبرن مان) کين ڪڏھن نه اُٿاربو، (کين) چؤ ته ھائو! منھنجي پالڻھار جو قسم ته (اوھين) ضرور اُٿاربؤ وري جيڪي ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي ضرور سُڌ ڏبي، ۽ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.
Verse 8
فَـَٔامِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَٱلنُّورِ ٱلَّذِىٓ أَنزَلْنَا ۚ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌ
Transliteration faāminū bil-lahi warasūlihi wal-nūri alladhī anzalnā wal-lahu bimā taʿmalūna khabīrun
Sindhi تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ نُور (قرآن) تي به جيڪو نازل ڪيوسون، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
Verse 9
يَوْمَ يَجْمَعُكُمْ لِيَوْمِ ٱلْجَمْعِ ۖ ذَٰلِكَ يَوْمُ ٱلتَّغَابُنِ ۗ وَمَن يُؤْمِنۢ بِٱللَّهِ وَيَعْمَلْ صَـٰلِحًا يُكَفِّرْ عَنْهُ سَيِّـَٔاتِهِۦ وَيُدْخِلْهُ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا ۚ ذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
Transliteration yawma yajmaʿukum liyawmi l-jamʿi dhālika yawmu l-taghābuni waman yu'min bil-lahi wayaʿmal ṣāliḥan yukaffir ʿanhu sayyiātihi wayud'khil'hu jannātin tajrī min taḥtihā l-anhāru khālidīna fīhā abadan dhālika l-fawzu l-ʿaẓīmu
Sindhi جنھن مھل اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ گڏ ڪندو اُھو ڏينھن ھارجڻ ۽ کٽجڻ جو آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کان سندس مدايون الله ميٽيندو ۽ اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي سدائين رھندا، اُھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
Verse 10
وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَآ أُو۟لَـٰٓئِكَ أَصْحَـٰبُ ٱلنَّارِ خَـٰلِدِينَ فِيهَا ۖ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ
Transliteration wa-alladhīna kafarū wakadhabū biāyātinā ulāika aṣḥābu l-nāri khālidīna fīhā wabi'sa l-maṣīru
Sindhi ۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو اھي دوزخي آھن اُن ۾ سدائين رھندا، ۽ (اُھو) ھنڌ بڇڙو آھي.
Verse 11
مَآ أَصَابَ مِن مُّصِيبَةٍ إِلَّا بِإِذْنِ ٱللَّهِ ۗ وَمَن يُؤْمِنۢ بِٱللَّهِ يَهْدِ قَلْبَهُۥ ۚ وَٱللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌ
Transliteration mā aṣāba min muṣībatin illā bi-idh'ni l-lahi waman yu'min bil-lahi yahdi qalbahu wal-lahu bikulli shayin ʿalīmun
Sindhi الله جي حُڪم کانسواءِ ڪابه مصيبت نه پھچندي آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو تنھن جي دل کي (اُھو) ھدايت ڪندو، ۽ الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.
Verse 12
وَأَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُوا۟ ٱلرَّسُولَ ۚ فَإِن تَوَلَّيْتُمْ فَإِنَّمَا عَلَىٰ رَسُولِنَا ٱلْبَلَـٰغُ ٱلْمُبِينُ
Transliteration wa-aṭīʿū l-laha wa-aṭīʿū l-rasūla fa-in tawallaytum fa-innamā ʿalā rasūlinā l-balāghu l-mubīnu
Sindhi ۽ الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو، پوءِ جيڪڏھن مُنھن موڙيندؤ ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي.
Verse 13
ٱللَّهُ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ۚ وَعَلَى ٱللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ ٱلْمُؤْمِنُونَ
Transliteration al-lahu lā ilāha illā huwa waʿalā l-lahi falyatawakkali l-mu'minūna
Sindhi الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي (ئي) ڀروسو ڪن.
Verse 14
يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِنَّ مِنْ أَزْوَٰجِكُمْ وَأَوْلَـٰدِكُمْ عَدُوًّا لَّكُمْ فَٱحْذَرُوهُمْ ۚ وَإِن تَعْفُوا۟ وَتَصْفَحُوا۟ وَتَغْفِرُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū inna min azwājikum wa-awlādikum ʿaduwwan lakum fa-iḥ'dharūhum wa-in taʿfū wataṣfaḥū wataghfirū fa-inna l-laha ghafūrun raḥīmun
Sindhi اي ايمان وارؤ بيشڪ ڪي اوھان جون زالون ۽ ڪي اوھان جو اولاد اوھان جو دشمن آھي تنھنڪري انھن کان حذر ڪريو، ۽ جيڪڏھن معافي ڪريو ۽ ٽارو ڪريو ۽ بخشيو ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي.
Verse 15
إِنَّمَآ أَمْوَٰلُكُمْ وَأَوْلَـٰدُكُمْ فِتْنَةٌ ۚ وَٱللَّهُ عِندَهُۥٓ أَجْرٌ عَظِيمٌ
Transliteration innamā amwālukum wa-awlādukum fit'natun wal-lahu ʿindahu ajrun ʿaẓīmun
Sindhi اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پرک آھن، ۽ الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.
Verse 16
فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ مَا ٱسْتَطَعْتُمْ وَٱسْمَعُوا۟ وَأَطِيعُوا۟ وَأَنفِقُوا۟ خَيْرًا لِّأَنفُسِكُمْ ۗ وَمَن يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِۦ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ
Transliteration fa-ittaqū l-laha mā is'taṭaʿtum wa-is'maʿū wa-aṭīʿū wa-anfiqū khayran li-anfusikum waman yūqa shuḥḥa nafsihi fa-ulāika humu l-muf'liḥūna
Sindhi تنھنڪري جيترو ٿي سگھيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جو حُڪم) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ خرچ ڪريو ته اوھان جي جِندن لاءِ چڱو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا سي ئي ڇُٽڻ وارا آھن.
Verse 17
إِن تُقْرِضُوا۟ ٱللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا يُضَـٰعِفْهُ لَكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ۚ وَٱللَّهُ شَكُورٌ حَلِيمٌ
Transliteration in tuq'riḍū l-laha qarḍan ḥasanan yuḍāʿif'hu lakum wayaghfir lakum wal-lahu shakūrun ḥalīmun
Sindhi جيڪڏھن الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيندؤ ته (الله) اوھان کي اُھو (قرض) ٻيڻون (ورائي ڏيندو) ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله قدردان بردبار آھي.
Verse 18
عَـٰلِمُ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَـٰدَةِ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Transliteration ʿālimu l-ghaybi wal-shahādati l-ʿazīzu l-ḥakīmu
Sindhi ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب حڪمت وارو آھي.
Read Surah At-Taghabun in another language
- English (word by word)
- Albanian
- Amazigh
- Amharic
- Assamese
- Azerbaijani
- Bambara
- Bangla
- Bosnian
- Bulgarian
- Chechen
- Chinese
- Czech
- Dari
- Dhivehi
- Dutch
- Finnish
- French
- German
- Gujarati
- Hausa
- Hebrew
- Hindi
- Indonesian
- Italian
- Japanese
- Kannada
- Kazakh
- Khmer
- Kinyarwanda
- Korean
- Kurdish
- Luganda
- Malay
- Malayalam
- Maranao
- Marathi
- Nepali
- Norwegian
- Oromo
- Pashto
- Persian
- Polish
- Portuguese
- Romanian
- Russian
- Sinhala
- Somali
- Spanish
- Swahili
- Swedish
- Tagalog
- Tajik
- Tamil
- Tatar
- Telugu
- Thai
- Turkish
- Ukrainian
- Urdu
- Uyghur
- Uzbek
- Vietnamese
- Yao
- Yoruba
All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.
Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.