MyDugsiStart learning

Surah Ar-Rum in Sindhi: translation and audio

Surah 30 · الروم · The Romans · 60 verses

Surah Ar-Rum verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Ar-Rum word by word in English.

Verse 1

الٓمٓ

Transliteration alif-lam-meem

Sindhi الٓمّٓ.

Verse 2

غُلِبَتِ ٱلرُّومُ

Transliteration ghulibati l-rūmu

Sindhi رُومين شڪست کاڌي.

Verse 3

فِىٓ أَدْنَى ٱلْأَرْضِ وَهُم مِّنۢ بَعْدِ غَلَبِهِمْ سَيَغْلِبُونَ

Transliteration fī adnā l-arḍi wahum min baʿdi ghalabihim sayaghlibūna

Sindhi ويجھي مُلڪ ۾ ۽ اُھي ئي پنھنجي شڪست کائڻ کانپوءِ سگھوئي غالب ٿيندا.

Verse 4

فِى بِضْعِ سِنِينَ ۗ لِلَّهِ ٱلْأَمْرُ مِن قَبْلُ وَمِنۢ بَعْدُ ۚ وَيَوْمَئِذٍ يَفْرَحُ ٱلْمُؤْمِنُونَ

Transliteration fī biḍ'ʿi sinīna lillahi l-amru min qablu wamin baʿdu wayawma-idhin yafraḥu l-mu'minūna

Sindhi ٿورن ورھن ۾، الله جي ئي (ھٿ ۾) حڪومت اڳي توڙي پوءِ آھي، ۽ اُنھيءَ ڏينھن مُؤمن خوش ٿيندا.

Verse 5

بِنَصْرِ ٱللَّهِ ۚ يَنصُرُ مَن يَشَآءُ ۖ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ

Transliteration binaṣri l-lahi yanṣuru man yashāu wahuwa l-ʿazīzu l-raḥīmu

Sindhi الله جي مدد سان، (الله) جنھن کي گھري تنھن کي سوڀ ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي غالب مھربان آھي.

Verse 6

وَعْدَ ٱللَّهِ ۖ لَا يُخْلِفُ ٱللَّهُ وَعْدَهُۥ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ

Transliteration waʿda l-lahi lā yukh'lifu l-lahu waʿdahu walākinna akthara l-nāsi lā yaʿlamūna

Sindhi الله انجام ڪيو آھي، الله پنھنجو انجام نه ڦيرائيندو پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

Verse 7

يَعْلَمُونَ ظَـٰهِرًا مِّنَ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَهُمْ عَنِ ٱلْـَٔاخِرَةِ هُمْ غَـٰفِلُونَ

Transliteration yaʿlamūna ẓāhiran mina l-ḥayati l-dun'yā wahum ʿani l-ākhirati hum ghāfilūna

Sindhi ظاھر دنيا جي حياتيءَ جون (رٿون) ڄاڻندا آھن، ۽ اُھي آخرت کان بي خبر آھن.

Verse 8

أَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوا۟ فِىٓ أَنفُسِهِم ۗ مَّا خَلَقَ ٱللَّهُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ إِلَّا بِٱلْحَقِّ وَأَجَلٍ مُّسَمًّى ۗ وَإِنَّ كَثِيرًا مِّنَ ٱلنَّاسِ بِلِقَآئِ رَبِّهِمْ لَكَـٰفِرُونَ

Transliteration awalam yatafakkarū fī anfusihim mā khalaqa l-lahu l-samāwāti wal-arḍa wamā baynahumā illā bil-ḥaqi wa-ajalin musamman wa-inna kathīran mina l-nāsi biliqāi rabbihim lakāfirūna

Sindhi پنھنجين دلين ۾ نه پروڙيائون ڇا؟ ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنکي پوريءَ رِٿ ۽ مُقرّر مُدّت کانسواءِ نه بڻايو آھي، ۽ بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ کان مُنڪر آھن.

Verse 9

أَوَلَمْ يَسِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَيَنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ كَانُوٓا۟ أَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَأَثَارُوا۟ ٱلْأَرْضَ وَعَمَرُوهَآ أَكْثَرَ مِمَّا عَمَرُوهَا وَجَآءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَـٰتِ ۖ فَمَا كَانَ ٱللَّهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلَـٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ

Transliteration awalam yasīrū fī l-arḍi fayanẓurū kayfa kāna ʿāqibatu alladhīna min qablihim kānū ashadda min'hum quwwatan wa-athārū l-arḍa waʿamarūhā akthara mimmā ʿamarūhā wajāathum rusuluhum bil-bayināti famā kāna l-lahu liyaẓlimahum walākin kānū anfusahum yaẓlimūna

Sindhi مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا جو نھارين ته جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي، جي کائن وڌيڪ سگھ وارا ھوا ۽ زمين کيڙيائون ۽ اُن کي آباد ڪيائون وڌيڪ تنھن کان جا ھنن آباد ڪئي ۽ سندن پيغمبر وٽن مُعجزن سان آيا، پوءِ الله جو شان اھڙو نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون ٿي.

Verse 10

ثُمَّ كَانَ عَـٰقِبَةَ ٱلَّذِينَ أَسَـٰٓـُٔوا۟ ٱلسُّوٓأَىٰٓ أَن كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِ ٱللَّهِ وَكَانُوا۟ بِهَا يَسْتَهْزِءُونَ

Transliteration thumma kāna ʿāqibata alladhīna asāū l-sūā an kadhabū biāyāti l-lahi wakānū bihā yastahziūna

Sindhi وري جن بڇڙائي ڪئي تن جي پڇاڙي بڇڙي ٿي ھِن ڪري جو الله جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ مٿن ٺـٺوليون ڪندا ھوا.

Verse 11

ٱللَّهُ يَبْدَؤُا۟ ٱلْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُۥ ثُمَّ إِلَيْهِ تُرْجَعُونَ

Transliteration al-lahu yabda-u l-khalqa thumma yuʿīduhu thumma ilayhi tur'jaʿūna

Sindhi الله خلق کي نئين سر بڻائي ٿو وري ان کي ٻيھر بڻائيندو وري ڏانھس اوھين موٽائبؤ.

Verse 12

وَيَوْمَ تَقُومُ ٱلسَّاعَةُ يُبْلِسُ ٱلْمُجْرِمُونَ

Transliteration wayawma taqūmu l-sāʿatu yub'lisu l-muj'rimūna

Sindhi ۽ جنھن ڏينھن قيامت کڙي ٿيندي تنھن ڏينھن گنھگار نا اُميد ٿيندا.

Verse 13

وَلَمْ يَكُن لَّهُم مِّن شُرَكَآئِهِمْ شُفَعَـٰٓؤُا۟ وَكَانُوا۟ بِشُرَكَآئِهِمْ كَـٰفِرِينَ

Transliteration walam yakun lahum min shurakāihim shufaʿāu wakānū bishurakāihim kāfirīna

Sindhi ۽ (الله سان مُقرّر ڪيلن) سندن شريڪن مان ڪوبه انھن لاءِ سفارش ڪرڻ وارو نه ٿيندو ۽ پنھنجن (ٺھرايل) شريڪن جا منڪر ٿيندا.

Verse 14

وَيَوْمَ تَقُومُ ٱلسَّاعَةُ يَوْمَئِذٍ يَتَفَرَّقُونَ

Transliteration wayawma taqūmu l-sāʿatu yawma-idhin yatafarraqūna

Sindhi ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي تنھن ڏينھن ماڻھو ڌاروڌار ٿيندا.

Verse 15

فَأَمَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ فَهُمْ فِى رَوْضَةٍ يُحْبَرُونَ

Transliteration fa-ammā alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti fahum fī rawḍatin yuḥ'barūna

Sindhi پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي باغن ۾ خوش ڪبا.

Verse 16

وَأَمَّا ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا وَلِقَآئِ ٱلْـَٔاخِرَةِ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ فِى ٱلْعَذَابِ مُحْضَرُونَ

Transliteration wa-ammā alladhīna kafarū wakadhabū biāyātinā waliqāi l-ākhirati fa-ulāika fī l-ʿadhābi muḥ'ḍarūna

Sindhi ۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ۽ قيامت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو سي عذاب ۾ حاضر ڪيل ھوندا.

Verse 17

فَسُبْحَـٰنَ ٱللَّهِ حِينَ تُمْسُونَ وَحِينَ تُصْبِحُونَ

Transliteration fasub'ḥāna l-lahi ḥīna tum'sūna waḥīna tuṣ'biḥūna

Sindhi پوءِ جنھن مھل سانجھي ڪريو ۽ جنھن مھل صبح ڪريو تنھن مھل الله جي پاڪائي بيان ڪريو.

Verse 18

وَلَهُ ٱلْحَمْدُ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَعَشِيًّا وَحِينَ تُظْهِرُونَ

Transliteration walahu l-ḥamdu fī l-samāwāti wal-arḍi waʿashiyyan waḥīna tuẓ'hirūna

Sindhi ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اُن جي ساراھ آھي ۽ پوئين پھر ۽ جنھن مھل منجھند ڪريو (تنھن مھل به پاڪائي بيان ڪريو).

Verse 19

يُخْرِجُ ٱلْحَىَّ مِنَ ٱلْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ ٱلْمَيِّتَ مِنَ ٱلْحَىِّ وَيُحْىِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ وَكَذَٰلِكَ تُخْرَجُونَ

Transliteration yukh'riju l-ḥaya mina l-mayiti wayukh'riju l-mayita mina l-ḥayi wayuḥ'yī l-arḍa baʿda mawtihā wakadhālika tukh'rajūna

Sindhi مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مئو ڪڍندو آھي ۽ زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، ۽ اھڙي طرح (اوھين قبرن مان) ڪڍبؤ.

Verse 20

وَمِنْ ءَايَـٰتِهِۦٓ أَنْ خَلَقَكُم مِّن تُرَابٍ ثُمَّ إِذَآ أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرُونَ

Transliteration wamin āyātihi an khalaqakum min turābin thumma idhā antum basharun tantashirūna

Sindhi ۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي جو اوھان کي مٽيءَ مان بڻايائين وري اُنھيءَ مھل اوھين ماڻھو ٿي گھمو ڦرو ٿا.

Verse 21

وَمِنْ ءَايَـٰتِهِۦٓ أَنْ خَلَقَ لَكُم مِّنْ أَنفُسِكُمْ أَزْوَٰجًا لِّتَسْكُنُوٓا۟ إِلَيْهَا وَجَعَلَ بَيْنَكُم مَّوَدَّةً وَرَحْمَةً ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ

Transliteration wamin āyātihi an khalaqa lakum min anfusikum azwājan litaskunū ilayhā wajaʿala baynakum mawaddatan waraḥmatan inna fī dhālika laāyātin liqawmin yatafakkarūna

Sindhi ۽ سندس نشانين مان ھيءُ (به) آھي جو اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ته انھن سان آرام وٺو ۽ اوھان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجھ پيدا ڪيائين، بيشڪ ھن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان رکندا آھن.

Verse 22

وَمِنْ ءَايَـٰتِهِۦ خَلْقُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَٱخْتِلَـٰفُ أَلْسِنَتِكُمْ وَأَلْوَٰنِكُمْ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّلْعَـٰلِمِينَ

Transliteration wamin āyātihi khalqu l-samāwāti wal-arḍi wa-ikh'tilāfu alsinatikum wa-alwānikum inna fī dhālika laāyātin lil'ʿālimīna

Sindhi آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ اوھان جي زبانن ۽ شڪلن جو قِسمين قِسمين ھجڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آھن.

Verse 23

وَمِنْ ءَايَـٰتِهِۦ مَنَامُكُم بِٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ وَٱبْتِغَآؤُكُم مِّن فَضْلِهِۦٓ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّقَوْمٍ يَسْمَعُونَ

Transliteration wamin āyātihi manāmukum bi-al-layli wal-nahāri wa-ib'tighāukum min faḍlihi inna fī dhālika laāyātin liqawmin yasmaʿūna

Sindhi ۽ اوھان جو رات ۽ ڏينھن ۾ سمھڻ ۽ اوھان جو سندس فضل مان روزي طلب ڪرڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ھن ۾ اُن قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ٻڌندا آھن.

Verse 24

وَمِنْ ءَايَـٰتِهِۦ يُرِيكُمُ ٱلْبَرْقَ خَوْفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً فَيُحْىِۦ بِهِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَآ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّقَوْمٍ يَعْقِلُونَ

Transliteration wamin āyātihi yurīkumu l-barqa khawfan waṭamaʿan wayunazzilu mina l-samāi māan fayuḥ'yī bihi l-arḍa baʿda mawtihā inna fī dhālika laāyātin liqawmin yaʿqilūna

Sindhi ۽ سندس نشانين مان (ھيءُ به) آھي جو اوھان کي ڊيڄارڻ ۽ اُميد رکڻ لاءِ وِڄ ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان کان پاڻي وسائيندو آھي پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، بيشڪ ھِن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن.

Verse 25

وَمِنْ ءَايَـٰتِهِۦٓ أَن تَقُومَ ٱلسَّمَآءُ وَٱلْأَرْضُ بِأَمْرِهِۦ ۚ ثُمَّ إِذَا دَعَاكُمْ دَعْوَةً مِّنَ ٱلْأَرْضِ إِذَآ أَنتُمْ تَخْرُجُونَ

Transliteration wamin āyātihi an taqūma l-samāu wal-arḍu bi-amrihi thumma idhā daʿākum daʿwatan mina l-arḍi idhā antum takhrujūna

Sindhi ۽ سندس حُڪم سان آسمان ۽ زمين جو بيھڻ سندس نشانين مان آھي، وري جنھن مھل اوھان کي زمين مان ھڪ ئي ڀيرو سڏيندو (تنھن مھل) جھٽ پٽ اوھين نڪرندؤ.

Verse 26

وَلَهُۥ مَن فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ كُلٌّ لَّهُۥ قَـٰنِتُونَ

Transliteration walahu man fī l-samāwāti wal-arḍi kullun lahu qānitūna

Sindhi ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، سڀئي سندس فرمانبردار آھن.

Verse 27

وَهُوَ ٱلَّذِى يَبْدَؤُا۟ ٱلْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُۥ وَهُوَ أَهْوَنُ عَلَيْهِ ۚ وَلَهُ ٱلْمَثَلُ ٱلْأَعْلَىٰ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ

Transliteration wahuwa alladhī yabda-u l-khalqa thumma yuʿīduhu wahuwa ahwanu ʿalayhi walahu l-mathalu l-aʿlā fī l-samāwāti wal-arḍi wahuwa l-ʿazīzu l-ḥakīmu

Sindhi ۽ اُھوئي آھي جيڪو خلق کي نئين سِر بڻائيندو آھي وري اُن کي ورائي بڻائيندو ۽ اُھو کيس بلڪل سھنجو آھي، ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي صفت تمام مٿاھين آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي.

Verse 28

ضَرَبَ لَكُم مَّثَلًا مِّنْ أَنفُسِكُمْ ۖ هَل لَّكُم مِّن مَّا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُكُم مِّن شُرَكَآءَ فِى مَا رَزَقْنَـٰكُمْ فَأَنتُمْ فِيهِ سَوَآءٌ تَخَافُونَهُمْ كَخِيفَتِكُمْ أَنفُسَكُمْ ۚ كَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ ٱلْـَٔايَـٰتِ لِقَوْمٍ يَعْقِلُونَ

Transliteration ḍaraba lakum mathalan min anfusikum hal lakum min mā malakat aymānukum min shurakāa fī mā razaqnākum fa-antum fīhi sawāon takhāfūnahum kakhīfatikum anfusakum kadhālika nufaṣṣilu l-āyāti liqawmin yaʿqilūna

Sindhi (الله) اوھان لاءِ اوھان جي حال جو ھڪ مثال بيان ڪيو آھي، (ته) اوھان جا ھٿ جن (ٻانھن) جا مالڪ ٿيا آھن سي جيڪي (مال) اوھان کي ڏنوسين تنھن ۾ اوھان جا ڀائيوار آھن ڇا؟ جو اُھي ۽ اوھين اُن (مال) ۾ برابر (حصّي وارا) ھجو (۽ اوھين) انھن جي (دعوى) کان اھڙي طرح ڊڄندا آھيو جھڙي طرح اوھان کي پاڻ جھڙن (جي ڀائيواريءَ) کان ڀؤ آھي، اھڙي طرح انھيءَ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪندا آھيون جيڪي سمجھ رکندا آھن.

Verse 29

بَلِ ٱتَّبَعَ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوٓا۟ أَهْوَآءَهُم بِغَيْرِ عِلْمٍ ۖ فَمَن يَهْدِى مَنْ أَضَلَّ ٱللَّهُ ۖ وَمَا لَهُم مِّن نَّـٰصِرِينَ

Transliteration bali ittabaʿa alladhīna ẓalamū ahwāahum bighayri ʿil'min faman yahdī man aḍalla l-lahu wamā lahum min nāṣirīna

Sindhi بلڪ ظالم اَڻ ڄاڻائي سان پنھنجن سَڌن جا تابعدار ٿيا آھن، پوءِ جنھن کي الله گمراھ ڪيو تنھن کي ڪير ھدايت ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڪو مددگار ڪونھي.

Verse 30

فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ حَنِيفًا ۚ فِطْرَتَ ٱللَّهِ ٱلَّتِى فَطَرَ ٱلنَّاسَ عَلَيْهَا ۚ لَا تَبْدِيلَ لِخَلْقِ ٱللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ ٱلدِّينُ ٱلْقَيِّمُ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ

Transliteration fa-aqim wajhaka lilddīni ḥanīfan fiṭ'rata l-lahi allatī faṭara l-nāsa ʿalayhā lā tabdīla likhalqi l-lahi dhālika l-dīnu l-qayimu walākinna akthara l-nāsi lā yaʿlamūna

Sindhi پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ کي ڪا مٽ سٽ نه آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

Verse 31

۞ مُنِيبِينَ إِلَيْهِ وَٱتَّقُوهُ وَأَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَلَا تَكُونُوا۟ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ

Transliteration munībīna ilayhi wa-ittaqūhu wa-aqīmū l-ṣalata walā takūnū mina l-mush'rikīna

Sindhi ڏانھس موٽندڙ ٿي (عبادت ڪريو) ۽ کانئس ڊڄو ۽ نماز پڙھندا رھو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو.

Verse 32

مِنَ ٱلَّذِينَ فَرَّقُوا۟ دِينَهُمْ وَكَانُوا۟ شِيَعًا ۖ كُلُّ حِزْبٍۭ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ

Transliteration mina alladhīna farraqū dīnahum wakānū shiyaʿan kullu ḥiz'bin bimā ladayhim fariḥūna

Sindhi اُنھن مان (نه ٿيو) جن پنھنجي دين کي ڌارو ڌار ڪيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا، سڀڪا ٽولي اُنھيءَ تي خوش آھي جيڪي وٽس آھي.

Verse 33

وَإِذَا مَسَّ ٱلنَّاسَ ضُرٌّ دَعَوْا۟ رَبَّهُم مُّنِيبِينَ إِلَيْهِ ثُمَّ إِذَآ أَذَاقَهُم مِّنْهُ رَحْمَةً إِذَا فَرِيقٌ مِّنْهُم بِرَبِّهِمْ يُشْرِكُونَ

Transliteration wa-idhā massa l-nāsa ḍurrun daʿaw rabbahum munībīna ilayhi thumma idhā adhāqahum min'hu raḥmatan idhā farīqun min'hum birabbihim yush'rikūna

Sindhi ۽ جڏھن ماڻھن کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) پنھنجي پالڻھار ڏي مُھاڙ ڪري کيس سڏيندا آھن وري جڏھن اُھو پاڻ وٽان کين ٻاجھ چکائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل منجھائن ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان (ھن لاءِ) شريڪ بڻائيندي آھي.

Verse 34

لِيَكْفُرُوا۟ بِمَآ ءَاتَيْنَـٰهُمْ ۚ فَتَمَتَّعُوا۟ فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ

Transliteration liyakfurū bimā ātaynāhum fatamattaʿū fasawfa taʿlamūna

Sindhi ته جيڪي کيس ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، پوءِ آسودا ٿيو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندؤ.

Verse 35

أَمْ أَنزَلْنَا عَلَيْهِمْ سُلْطَـٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِمَا كَانُوا۟ بِهِۦ يُشْرِكُونَ

Transliteration am anzalnā ʿalayhim sul'ṭānan fahuwa yatakallamu bimā kānū bihi yush'rikūna

Sindhi مٿن ڪا سَند لاٿي سون ڇا جو اُھا اُنھيءَ (شيء) جي (سچائي) بابت ڳالھائي ٿي جنھن شيءَ کي الله سان شريڪ ٺھرائيندا آھن.

Verse 36

وَإِذَآ أَذَقْنَا ٱلنَّاسَ رَحْمَةً فَرِحُوا۟ بِهَا ۖ وَإِن تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌۢ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ إِذَا هُمْ يَقْنَطُونَ

Transliteration wa-idhā adhaqnā l-nāsa raḥmatan fariḥū bihā wa-in tuṣib'hum sayyi-atun bimā qaddamat aydīhim idhā hum yaqnaṭūna

Sindhi ۽ جڏھن ماڻھن کي ٻاجھ چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان سَرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن انھي سببان جو سندن ھٿن (مدايون) اڳي موڪليون، کين ڪو ڏک پھچندو آھي ته اُنھي ئي مھل نا اُميد ٿيندا آھن.

Verse 37

أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّ ٱللَّهَ يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ وَيَقْدِرُ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ

Transliteration awalam yaraw anna l-laha yabsuṭu l-riz'qa liman yashāu wayaqdiru inna fī dhālika laāyātin liqawmin yu'minūna

Sindhi نه ڏٺو اٿن ڇا؟ ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.

Verse 38

فَـَٔاتِ ذَا ٱلْقُرْبَىٰ حَقَّهُۥ وَٱلْمِسْكِينَ وَٱبْنَ ٱلسَّبِيلِ ۚ ذَٰلِكَ خَيْرٌ لِّلَّذِينَ يُرِيدُونَ وَجْهَ ٱللَّهِ ۖ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ

Transliteration faāti dhā l-qur'bā ḥaqqahu wal-mis'kīna wa-ib'na l-sabīli dhālika khayrun lilladhīna yurīdūna wajha l-lahi wa-ulāika humu l-muf'liḥūna

Sindhi تنھنڪري مائٽي واري ۽ مِسڪين ۽ مُسافر کي سندس حق ڏي، اھو انھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي الله جو راضپو گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.

Verse 39

وَمَآ ءَاتَيْتُم مِّن رِّبًا لِّيَرْبُوَا۟ فِىٓ أَمْوَٰلِ ٱلنَّاسِ فَلَا يَرْبُوا۟ عِندَ ٱللَّهِ ۖ وَمَآ ءَاتَيْتُم مِّن زَكَوٰةٍ تُرِيدُونَ وَجْهَ ٱللَّهِ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُضْعِفُونَ

Transliteration wamā ātaytum min riban liyarbuwā fī amwāli l-nāsi falā yarbū ʿinda l-lahi wamā ātaytum min zakatin turīdūna wajha l-lahi fa-ulāika humu l-muḍ'ʿifūna

Sindhi ۽ وياج مان جيڪي ڏنو ھجيوَ ته ماڻھن جي مال ۾ وَڌي سو الله وٽ نه وڌندو، ۽ الله جو راضپو گھرندڙ ٿي زڪوٰة مان جيڪي ڏنو ھجيوَ پوءِ اُھي ئي ٻيڻو ڪندڙ آھن.

Verse 40

ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَكُمْ ثُمَّ رَزَقَكُمْ ثُمَّ يُمِيتُكُمْ ثُمَّ يُحْيِيكُمْ ۖ هَلْ مِن شُرَكَآئِكُم مَّن يَفْعَلُ مِن ذَٰلِكُم مِّن شَىْءٍ ۚ سُبْحَـٰنَهُۥ وَتَعَـٰلَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ

Transliteration al-lahu alladhī khalaqakum thumma razaqakum thumma yumītukum thumma yuḥ'yīkum hal min shurakāikum man yafʿalu min dhālikum min shayin sub'ḥānahu wataʿālā ʿammā yush'rikūna

Sindhi الله اُھو آھي جنھن اوھان کي بڻايو وري اوھان کي روزي ڏنائين وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو، اوھان جي (ٺھرايل) شريڪن مان ڪو اھڙو آھي ڇا جو اھڙن ڪَمن مان ڪجھ ڪري (سگھي)؟ الله پاڪ آھي ۽ اُن کان مٿاھون آھي جنھن کي (ساڻس) شريڪ ٺھرائيندا آھن.

Verse 41

ظَهَرَ ٱلْفَسَادُ فِى ٱلْبَرِّ وَٱلْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ أَيْدِى ٱلنَّاسِ لِيُذِيقَهُم بَعْضَ ٱلَّذِى عَمِلُوا۟ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ

Transliteration ẓahara l-fasādu fī l-bari wal-baḥri bimā kasabat aydī l-nāsi liyudhīqahum baʿḍa alladhī ʿamilū laʿallahum yarjiʿūna

Sindhi ماڻھن جي ھٿن جي ڪئي سببان بَر ۽ بَحر ۾ فساد ھن لاءِ پڌرو ٿيو آھي ته جيڪي (مَدا ڪم) ڪيائون تنھن جي ڪُجھ (سزا) کين چکائي ته مانَ اُھي موٽن.

Verse 42

قُلْ سِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَٱنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلُ ۚ كَانَ أَكْثَرُهُم مُّشْرِكِينَ

Transliteration qul sīrū fī l-arḍi fa-unẓurū kayfa kāna ʿāqibatu alladhīna min qablu kāna aktharuhum mush'rikīna

Sindhi چؤ ته مُلڪ ۾ گھُمو پوءِ ڏسو ته جيڪي اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪئن ٿي، منجھائن گھڻا مشرڪ ھوا.

Verse 43

فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ ٱلْقَيِّمِ مِن قَبْلِ أَن يَأْتِىَ يَوْمٌ لَّا مَرَدَّ لَهُۥ مِنَ ٱللَّهِ ۖ يَوْمَئِذٍ يَصَّدَّعُونَ

Transliteration fa-aqim wajhaka lilddīni l-qayimi min qabli an yatiya yawmun lā maradda lahu mina l-lahi yawma-idhin yaṣṣaddaʿūna

Sindhi پوءِ پنھنجي منھن کي اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ بيھار جو الله وٽان اُن (ڏينھن) کي رد ٿيڻو نه آھي اُن ڏينھن (ماڻھو) الڳ الڳ ٿيندا.

Verse 44

مَن كَفَرَ فَعَلَيْهِ كُفْرُهُۥ ۖ وَمَنْ عَمِلَ صَـٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِمْ يَمْهَدُونَ

Transliteration man kafara faʿalayhi kuf'ruhu waman ʿamila ṣāliḥan fali-anfusihim yamhadūna

Sindhi جيڪو ڪافر ٿيو تنھن تي سندس ڪفر آھي، ۽ جن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ھنڌ وڇائين ٿا.

Verse 45

لِيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ مِن فَضْلِهِۦٓ ۚ إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلْكَـٰفِرِينَ

Transliteration liyajziya alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti min faḍlihi innahu lā yuḥibbu l-kāfirīna

Sindhi ته جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله فضل سان بدلو ڏئي، بيشڪ اُھو ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي.

Verse 46

وَمِنْ ءَايَـٰتِهِۦٓ أَن يُرْسِلَ ٱلرِّيَاحَ مُبَشِّرَٰتٍ وَلِيُذِيقَكُم مِّن رَّحْمَتِهِۦ وَلِتَجْرِىَ ٱلْفُلْكُ بِأَمْرِهِۦ وَلِتَبْتَغُوا۟ مِن فَضْلِهِۦ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ

Transliteration wamin āyātihi an yur'sila l-riyāḥa mubashirātin waliyudhīqakum min raḥmatihi walitajriya l-ful'ku bi-amrihi walitabtaghū min faḍlihi walaʿallakum tashkurūna

Sindhi ۽ سندس نشانين مان ھي آھي ته خوشخبري ڏيندڙ ھيرون گھُلائيندو آھي ۽ ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان ڪجھ چکائي ۽ ته سندس حُڪم سان ٻيڙيون تَرن ۽ ته سندس فضل مان روزي طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.

Verse 47

وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ رُسُلًا إِلَىٰ قَوْمِهِمْ فَجَآءُوهُم بِٱلْبَيِّنَـٰتِ فَٱنتَقَمْنَا مِنَ ٱلَّذِينَ أَجْرَمُوا۟ ۖ وَكَانَ حَقًّا عَلَيْنَا نَصْرُ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Transliteration walaqad arsalnā min qablika rusulan ilā qawmihim fajāūhum bil-bayināti fa-intaqamnā mina alladhīna ajramū wakāna ḥaqqan ʿalaynā naṣru l-mu'minīna

Sindhi ۽ بيشڪ توکان اڳ گھڻن پيغمبرن کي سندن قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ وٽن مُعجزن سان آيا پوءِ جن نافرماني ڪئي تن کان بدلو ورتوسون، ۽ مؤمنن کي مدد ڪرڻ اسان تي حق آھي.

Verse 48

ٱللَّهُ ٱلَّذِى يُرْسِلُ ٱلرِّيَـٰحَ فَتُثِيرُ سَحَابًا فَيَبْسُطُهُۥ فِى ٱلسَّمَآءِ كَيْفَ يَشَآءُ وَيَجْعَلُهُۥ كِسَفًا فَتَرَى ٱلْوَدْقَ يَخْرُجُ مِنْ خِلَـٰلِهِۦ ۖ فَإِذَآ أَصَابَ بِهِۦ مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦٓ إِذَا هُمْ يَسْتَبْشِرُونَ

Transliteration al-lahu alladhī yur'silu l-riyāḥa fatuthīru saḥāban fayabsuṭuhu fī l-samāi kayfa yashāu wayajʿaluhu kisafan fatarā l-wadqa yakhruju min khilālihi fa-idhā aṣāba bihi man yashāu min ʿibādihi idhā hum yastabshirūna

Sindhi الله اُھو آھي جيڪو وائن کي موڪليندو آھي پوءِ (اُھي) ڪڪر کي کڻنديون آھن پوءِ جئن الله گھرندو آھي تئن آسمان ۾ اُن (ڪڪر) کي کنڊرائيندو آھي پوءِ اُن کي تَه تَه ڪندو آھي پوءِ (تون) ڦُڙين کي ڏسندو آھين جو اُن (ڪڪر) جي وچ مان نڪرنديون آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي وڻندو اٿس تنھن تي اُھو (مينھن) پھچائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل اُھي خوش ٿيندا آھن.

Verse 49

وَإِن كَانُوا۟ مِن قَبْلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيْهِم مِّن قَبْلِهِۦ لَمُبْلِسِينَ

Transliteration wa-in kānū min qabli an yunazzala ʿalayhim min qablihi lamub'lisīna

Sindhi ۽ جيتوڻيڪ ان (مينھن) جي مٿن وَسائجڻ کان اڳ اڳيئي نااُميد ٿيندا ھوا.

Verse 50

فَٱنظُرْ إِلَىٰٓ ءَاثَـٰرِ رَحْمَتِ ٱللَّهِ كَيْفَ يُحْىِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَآ ۚ إِنَّ ذَٰلِكَ لَمُحْىِ ٱلْمَوْتَىٰ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ

Transliteration fa-unẓur ilā āthāri raḥmati l-lahi kayfa yuḥ'yī l-arḍa baʿda mawtihā inna dhālika lamuḥ'yī l-mawtā wahuwa ʿalā kulli shayin qadīrun

Sindhi پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار ته ڪھڙي طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

Verse 51

وَلَئِنْ أَرْسَلْنَا رِيحًا فَرَأَوْهُ مُصْفَرًّا لَّظَلُّوا۟ مِنۢ بَعْدِهِۦ يَكْفُرُونَ

Transliteration wala-in arsalnā rīḥan fara-awhu muṣ'farran laẓallū min baʿdihi yakfurūna

Sindhi ۽ جيڪڏھن ڪو واءُ (جو جھولو) گھُلايون پوءِ اُن (پوک) کي ھيڊو ٿيندو ڏسن ته اُن کانپوءِ بي شڪري ڪرڻ لڳندا آھن.

Verse 52

فَإِنَّكَ لَا تُسْمِعُ ٱلْمَوْتَىٰ وَلَا تُسْمِعُ ٱلصُّمَّ ٱلدُّعَآءَ إِذَا وَلَّوْا۟ مُدْبِرِينَ

Transliteration fa-innaka lā tus'miʿu l-mawtā walā tus'miʿu l-ṣuma l-duʿāa idhā wallaw mud'birīna

Sindhi پوءِ (اي پيغمبر) تون سڏُ نڪي مئن کي ٻڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻَوڙن کي ٻڌائي سگھندين جڏھن ته اُھي پٺي ڏئي مُنھن ڦيرائين.

Verse 53

وَمَآ أَنتَ بِهَـٰدِ ٱلْعُمْىِ عَن ضَلَـٰلَتِهِمْ ۖ إِن تُسْمِعُ إِلَّا مَن يُؤْمِنُ بِـَٔايَـٰتِنَا فَهُم مُّسْلِمُونَ

Transliteration wamā anta bihādi l-ʿum'yi ʿan ḍalālatihim in tus'miʿu illā man yu'minu biāyātinā fahum mus'limūna

Sindhi ۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (روڪي) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، تون ته رڳو اُنھيءَ کي ٻڌائي سگھندين جنھن اسان جي آيتن تي ايمان آندو پوءِ اُھي فرمانبردار به آھن.

Verse 54

۞ ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَكُم مِّن ضَعْفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنۢ بَعْدِ ضَعْفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِنۢ بَعْدِ قُوَّةٍ ضَعْفًا وَشَيْبَةً ۚ يَخْلُقُ مَا يَشَآءُ ۖ وَهُوَ ٱلْعَلِيمُ ٱلْقَدِيرُ

Transliteration al-lahu alladhī khalaqakum min ḍaʿfin thumma jaʿala min baʿdi ḍaʿfin quwwatan thumma jaʿala min baʿdi quwwatin ḍaʿfan washaybatan yakhluqu mā yashāu wahuwa l-ʿalīmu l-qadīru

Sindhi الله اُھو آھي جنھن اوھان کي (پھرين) ھيڻائي (واري شيء) مان خلقيو آھي وري ھيڻائيءَ کان پوءِ (اوھان ۾) سگھ پيدا ڪيائين وري سگھ کان پوءِ (اوھان کي) ھيڻائي ۽ ٻڍاپو ڏنائين، جئن گھرندو آھي تئن بڻائيندو آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.

Verse 55

وَيَوْمَ تَقُومُ ٱلسَّاعَةُ يُقْسِمُ ٱلْمُجْرِمُونَ مَا لَبِثُوا۟ غَيْرَ سَاعَةٍ ۚ كَذَٰلِكَ كَانُوا۟ يُؤْفَكُونَ

Transliteration wayawma taqūmu l-sāʿatu yuq'simu l-muj'rimūna mā labithū ghayra sāʿatin kadhālika kānū yu'fakūna

Sindhi ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي (تنھن ڏينھن) قسم کڻندا ته (دنيا ۾) ھڪ گھڙي کانسواءِ (وڌيڪ) نه رھيا ھواسون، اھڙي طرح (رستي کان) ڦيرايا ويندا ھوا.

Verse 56

وَقَالَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ وَٱلْإِيمَـٰنَ لَقَدْ لَبِثْتُمْ فِى كِتَـٰبِ ٱللَّهِ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْبَعْثِ ۖ فَهَـٰذَا يَوْمُ ٱلْبَعْثِ وَلَـٰكِنَّكُمْ كُنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ

Transliteration waqāla alladhīna ūtū l-ʿil'ma wal-īmāna laqad labith'tum fī kitābi l-lahi ilā yawmi l-baʿthi fahādhā yawmu l-baʿthi walākinnakum kuntum lā taʿlamūna

Sindhi ۽ جن کي عِلم ۽ ايمان ڏنو ويو آھي سي کين چوندا ته الله جي ڪتاب ۾ لکي موافق جيئري ٿي اُٿڻ جي ڏينھن توڻي (دنيا ۾) رھيا آھيو، پوءِ ھي جيئري ٿي اُٿڻ جو ڏينھن آھي پر اوھين نه ڄاڻندا ھيؤ.

Verse 57

فَيَوْمَئِذٍ لَّا يَنفَعُ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ مَعْذِرَتُهُمْ وَلَا هُمْ يُسْتَعْتَبُونَ

Transliteration fayawma-idhin lā yanfaʿu alladhīna ẓalamū maʿdhiratuhum walā hum yus'taʿtabūna

Sindhi پوءِ اُن ڏينھن ظالمن کي سندن عذر ڪرڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي انھن کان توبه طلب ڪبي.

Verse 58

وَلَقَدْ ضَرَبْنَا لِلنَّاسِ فِى هَـٰذَا ٱلْقُرْءَانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ ۚ وَلَئِن جِئْتَهُم بِـَٔايَةٍ لَّيَقُولَنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا مُبْطِلُونَ

Transliteration walaqad ḍarabnā lilnnāsi fī hādhā l-qur'āni min kulli mathalin wala-in ji'tahum biāyatin layaqūlanna alladhīna kafarū in antum illā mub'ṭilūna

Sindhi ۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ سڀڪنھن جنس جا مثال بيان ڪياسون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪا نشاني (تون) آڻين ته ڪافر ضرور چوندا ته اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو.

Verse 59

كَذَٰلِكَ يَطْبَعُ ٱللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِ ٱلَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ

Transliteration kadhālika yaṭbaʿu l-lahu ʿalā qulūbi alladhīna lā yaʿlamūna

Sindhi اھڙيءَ طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي دلين تي الله مُھر ھڻندو آھي.

Verse 60

فَٱصْبِرْ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّ ۖ وَلَا يَسْتَخِفَّنَّكَ ٱلَّذِينَ لَا يُوقِنُونَ

Transliteration fa-iṣ'bir inna waʿda l-lahi ḥaqqun walā yastakhiffannaka alladhīna lā yūqinūna

Sindhi پوءِ (اي پيغمبر) صبر ڪر ڇوته الله جو واعدو سچ آھي ۽ جيڪي يقين نه رکندا آھن سي توکي ھلڪو نه ڪن.

Read Surah Ar-Rum in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.