MyDugsiStart learning

Surah Al-Ma'arij in Sindhi: translation and audio

Surah 70 · المعارج · The Ascending Stairways · 44 verses

Surah Al-Ma'arij verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Al-Ma'arij word by word in English.

Verse 1

سَأَلَ سَآئِلٌۢ بِعَذَابٍ وَاقِعٍ

Transliteration sa-ala sāilun biʿadhābin wāqiʿin

Sindhi ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.

Verse 2

لِّلْكَـٰفِرِينَ لَيْسَ لَهُۥ دَافِعٌ

Transliteration lil'kāfirīna laysa lahu dāfiʿun

Sindhi جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.

Verse 3

مِّنَ ٱللَّهِ ذِى ٱلْمَعَارِجِ

Transliteration mina l-lahi dhī l-maʿāriji

Sindhi جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.

Verse 4

تَعْرُجُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ وَٱلرُّوحُ إِلَيْهِ فِى يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهُۥ خَمْسِينَ أَلْفَ سَنَةٍ

Transliteration taʿruju l-malāikatu wal-rūḥu ilayhi fī yawmin kāna miq'dāruhu khamsīna alfa sanatin

Sindhi جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.

Verse 5

فَٱصْبِرْ صَبْرًا جَمِيلًا

Transliteration fa-iṣ'bir ṣabran jamīlan

Sindhi تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.

Verse 6

إِنَّهُمْ يَرَوْنَهُۥ بَعِيدًا

Transliteration innahum yarawnahu baʿīdan

Sindhi ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.

Verse 7

وَنَرَىٰهُ قَرِيبًا

Transliteration wanarāhu qarīban

Sindhi ۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.

Verse 8

يَوْمَ تَكُونُ ٱلسَّمَآءُ كَٱلْمُهْلِ

Transliteration yawma takūnu l-samāu kal-muh'li

Sindhi جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.

Verse 9

وَتَكُونُ ٱلْجِبَالُ كَٱلْعِهْنِ

Transliteration watakūnu l-jibālu kal-ʿih'ni

Sindhi ۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.

Verse 10

وَلَا يَسْـَٔلُ حَمِيمٌ حَمِيمًا

Transliteration walā yasalu ḥamīmun ḥamīman

Sindhi ۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.

Verse 11

يُبَصَّرُونَهُمْ ۚ يَوَدُّ ٱلْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِى مِنْ عَذَابِ يَوْمِئِذٍۭ بِبَنِيهِ

Transliteration yubaṣṣarūnahum yawaddu l-muj'rimu law yaftadī min ʿadhābi yawmi-idhin bibanīhi

Sindhi (توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.

Verse 12

وَصَـٰحِبَتِهِۦ وَأَخِيهِ

Transliteration waṣāḥibatihi wa-akhīhi

Sindhi ۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).

Verse 13

وَفَصِيلَتِهِ ٱلَّتِى تُـْٔوِيهِ

Transliteration wafaṣīlatihi allatī tu'wīhi

Sindhi ۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.

Verse 14

وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًا ثُمَّ يُنجِيهِ

Transliteration waman fī l-arḍi jamīʿan thumma yunjīhi

Sindhi ۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.

Verse 15

كَلَّآ ۖ إِنَّهَا لَظَىٰ

Transliteration kallā innahā laẓā

Sindhi ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.

Verse 16

نَزَّاعَةً لِّلشَّوَىٰ

Transliteration nazzāʿatan lilshawā

Sindhi مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.

Verse 17

تَدْعُوا۟ مَنْ أَدْبَرَ وَتَوَلَّىٰ

Transliteration tadʿū man adbara watawallā

Sindhi جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.

Verse 18

وَجَمَعَ فَأَوْعَىٰٓ

Transliteration wajamaʿa fa-awʿā

Sindhi ۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.

Verse 19

۞ إِنَّ ٱلْإِنسَـٰنَ خُلِقَ هَلُوعًا

Transliteration inna l-insāna khuliqa halūʿan

Sindhi بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.

Verse 20

إِذَا مَسَّهُ ٱلشَّرُّ جَزُوعًا

Transliteration idhā massahu l-sharu jazūʿan

Sindhi جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.

Verse 21

وَإِذَا مَسَّهُ ٱلْخَيْرُ مَنُوعًا

Transliteration wa-idhā massahu l-khayru manūʿan

Sindhi ۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.

Verse 22

إِلَّا ٱلْمُصَلِّينَ

Transliteration illā l-muṣalīna

Sindhi پر (اُھي) نمازي (نه).

Verse 23

ٱلَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ دَآئِمُونَ

Transliteration alladhīna hum ʿalā ṣalātihim dāimūna

Sindhi جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.

Verse 24

وَٱلَّذِينَ فِىٓ أَمْوَٰلِهِمْ حَقٌّ مَّعْلُومٌ

Transliteration wa-alladhīna fī amwālihim ḥaqqun maʿlūmun

Sindhi ۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.

Verse 25

لِّلسَّآئِلِ وَٱلْمَحْرُومِ

Transliteration lilssāili wal-maḥrūmi

Sindhi سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.

Verse 26

وَٱلَّذِينَ يُصَدِّقُونَ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ

Transliteration wa-alladhīna yuṣaddiqūna biyawmi l-dīni

Sindhi ۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.

Verse 27

وَٱلَّذِينَ هُم مِّنْ عَذَابِ رَبِّهِم مُّشْفِقُونَ

Transliteration wa-alladhīna hum min ʿadhābi rabbihim mush'fiqūna

Sindhi ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.

Verse 28

إِنَّ عَذَابَ رَبِّهِمْ غَيْرُ مَأْمُونٍ

Transliteration inna ʿadhāba rabbihim ghayru mamūnin

Sindhi بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.

Verse 29

وَٱلَّذِينَ هُمْ لِفُرُوجِهِمْ حَـٰفِظُونَ

Transliteration wa-alladhīna hum lifurūjihim ḥāfiẓūna

Sindhi ۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.

Verse 30

إِلَّا عَلَىٰٓ أَزْوَٰجِهِمْ أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُهُمْ فَإِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُومِينَ

Transliteration illā ʿalā azwājihim aw mā malakat aymānuhum fa-innahum ghayru malūmīna

Sindhi پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.

Verse 31

فَمَنِ ٱبْتَغَىٰ وَرَآءَ ذَٰلِكَ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْعَادُونَ

Transliteration famani ib'taghā warāa dhālika fa-ulāika humu l-ʿādūna

Sindhi پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.

Verse 32

وَٱلَّذِينَ هُمْ لِأَمَـٰنَـٰتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رَٰعُونَ

Transliteration wa-alladhīna hum li-amānātihim waʿahdihim rāʿūna

Sindhi ۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.

Verse 33

وَٱلَّذِينَ هُم بِشَهَـٰدَٰتِهِمْ قَآئِمُونَ

Transliteration wa-alladhīna hum bishahādātihim qāimūna

Sindhi ۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.

Verse 34

وَٱلَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ يُحَافِظُونَ

Transliteration wa-alladhīna hum ʿalā ṣalātihim yuḥāfiẓūna

Sindhi ۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.

Verse 35

أُو۟لَـٰٓئِكَ فِى جَنَّـٰتٍ مُّكْرَمُونَ

Transliteration ulāika fī jannātin muk'ramūna

Sindhi اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.

Verse 36

فَمَالِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ قِبَلَكَ مُهْطِعِينَ

Transliteration famāli alladhīna kafarū qibalaka muh'ṭiʿīna

Sindhi پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.

Verse 37

عَنِ ٱلْيَمِينِ وَعَنِ ٱلشِّمَالِ عِزِينَ

Transliteration ʿani l-yamīni waʿani l-shimāli ʿizīna

Sindhi سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.

Verse 38

أَيَطْمَعُ كُلُّ ٱمْرِئٍ مِّنْهُمْ أَن يُدْخَلَ جَنَّةَ نَعِيمٍ

Transliteration ayaṭmaʿu kullu im'ri-in min'hum an yud'khala jannata naʿīmin

Sindhi منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟

Verse 39

كَلَّآ ۖ إِنَّا خَلَقْنَـٰهُم مِّمَّا يَعْلَمُونَ

Transliteration kallā innā khalaqnāhum mimmā yaʿlamūna

Sindhi ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.

Verse 40

فَلَآ أُقْسِمُ بِرَبِّ ٱلْمَشَـٰرِقِ وَٱلْمَغَـٰرِبِ إِنَّا لَقَـٰدِرُونَ

Transliteration falā uq'simu birabbi l-mashāriqi wal-maghāribi innā laqādirūna

Sindhi پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.

Verse 41

عَلَىٰٓ أَن نُّبَدِّلَ خَيْرًا مِّنْهُمْ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ

Transliteration ʿalā an nubaddila khayran min'hum wamā naḥnu bimasbūqīna

Sindhi ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.

Verse 42

فَذَرْهُمْ يَخُوضُوا۟ وَيَلْعَبُوا۟ حَتَّىٰ يُلَـٰقُوا۟ يَوْمَهُمُ ٱلَّذِى يُوعَدُونَ

Transliteration fadharhum yakhūḍū wayalʿabū ḥattā yulāqū yawmahumu alladhī yūʿadūna

Sindhi پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.

Verse 43

يَوْمَ يَخْرُجُونَ مِنَ ٱلْأَجْدَاثِ سِرَاعًا كَأَنَّهُمْ إِلَىٰ نُصُبٍ يُوفِضُونَ

Transliteration yawma yakhrujūna mina l-ajdāthi sirāʿan ka-annahum ilā nuṣubin yūfiḍūna

Sindhi جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.

Verse 44

خَـٰشِعَةً أَبْصَـٰرُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ ۚ ذَٰلِكَ ٱلْيَوْمُ ٱلَّذِى كَانُوا۟ يُوعَدُونَ

Transliteration khāshiʿatan abṣāruhum tarhaquhum dhillatun dhālika l-yawmu alladhī kānū yūʿadūna

Sindhi ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.

Read Surah Al-Ma'arij in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.