MyDugsiStart learning

Surah At-Talaq in Sindhi: translation and audio

Surah 65 · الطلاق · The Divorce · 12 verses

Surah At-Talaq verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah At-Talaq word by word in English.

Verse 1

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ إِذَا طَلَّقْتُمُ ٱلنِّسَآءَ فَطَلِّقُوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحْصُوا۟ ٱلْعِدَّةَ ۖ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ رَبَّكُمْ ۖ لَا تُخْرِجُوهُنَّ مِنۢ بُيُوتِهِنَّ وَلَا يَخْرُجْنَ إِلَّآ أَن يَأْتِينَ بِفَـٰحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَتِلْكَ حُدُودُ ٱللَّهِ ۚ وَمَن يَتَعَدَّ حُدُودَ ٱللَّهِ فَقَدْ ظَلَمَ نَفْسَهُۥ ۚ لَا تَدْرِى لَعَلَّ ٱللَّهَ يُحْدِثُ بَعْدَ ذَٰلِكَ أَمْرًا

Transliteration yāayyuhā l-nabiyu idhā ṭallaqtumu l-nisāa faṭalliqūhunna liʿiddatihinna wa-aḥṣū l-ʿidata wa-ittaqū l-laha rabbakum lā tukh'rijūhunna min buyūtihinna walā yakhruj'na illā an yatīna bifāḥishatin mubayyinatin watil'ka ḥudūdu l-lahi waman yataʿadda ḥudūda l-lahi faqad ẓalama nafsahu lā tadrī laʿalla l-laha yuḥ'dithu baʿda dhālika amran

Sindhi اي پيغمبر (پنھنجي اُمت کي چؤ ته اوھين) جڏھن زالن کي طلاق ڏيڻ جو ارادو ڪريو تڏھن کين عِدت (جي شروع) ۾ طلاق ڏيو ۽ عِدَّت ڳڻيو، ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄو، کين سندن گھرن مان (عِدّت جي مُدّت ۾) پڌري بي حيائي جي ڪرڻ کانسواءِ نه ڪڍو ۽ (جڳائي ته) اُھي (پاڻ به) نه نڪرن، اھي الله جون (مُقرّر ڪيل) حدون آھن، ۽ جيڪو الله جون حدون (لتاڙي) لنگھندو تنھن بيشڪ پنھنجي جيءُ تي ظلم ڪيو، ڪوبه نه ڄاڻندو آھي ته اُن (طلاق ڏيڻ) کانپوءِ (متان) الله ڪو ٻيو رستو پيدا ڪري.

Verse 2

فَإِذَا بَلَغْنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمْسِكُوهُنَّ بِمَعْرُوفٍ أَوْ فَارِقُوهُنَّ بِمَعْرُوفٍ وَأَشْهِدُوا۟ ذَوَىْ عَدْلٍ مِّنكُمْ وَأَقِيمُوا۟ ٱلشَّهَـٰدَةَ لِلَّهِ ۚ ذَٰلِكُمْ يُوعَظُ بِهِۦ مَن كَانَ يُؤْمِنُ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ ۚ وَمَن يَتَّقِ ٱللَّهَ يَجْعَل لَّهُۥ مَخْرَجًا

Transliteration fa-idhā balaghna ajalahunna fa-amsikūhunna bimaʿrūfin aw fāriqūhunna bimaʿrūfin wa-ashhidū dhaway ʿadlin minkum wa-aqīmū l-shahādata lillahi dhālikum yūʿaẓu bihi man kāna yu'minu bil-lahi wal-yawmi l-ākhiri waman yattaqi l-laha yajʿal lahu makhrajan

Sindhi پوءِ جڏھن (طلاق واريون) پنھنجي مُدّت کي پھچن تڏھن چڱي طرح سان کين رکو يا چڱي طرح سان کين ڇڏي ڏيو ۽ پاڻ مان ٻه معتبر شاھد ڪريو ۽ الله لڳ شاھدي پوري ڏيو، انھيءَ (حُڪم) سان انھيءَ کي نصيحت ڏجي ٿي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندو ھجي ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جي نڪرڻ جي (الله) ڪا واھ ڪندو.

Verse 3

وَيَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لَا يَحْتَسِبُ ۚ وَمَن يَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ فَهُوَ حَسْبُهُۥٓ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ بَـٰلِغُ أَمْرِهِۦ ۚ قَدْ جَعَلَ ٱللَّهُ لِكُلِّ شَىْءٍ قَدْرًا

Transliteration wayarzuq'hu min ḥaythu lā yaḥtasibu waman yatawakkal ʿalā l-lahi fahuwa ḥasbuhu inna l-laha bālighu amrihi qad jaʿala l-lahu likulli shayin qadran

Sindhi ۽ کيس اُتاھون روزي ڏيندو جتان گمان ئي نه ھوندس، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو تنھن کي الله ڪافي آھي، بيشڪ الله پنھنجي ڪم کي پورو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ جو اندازو ڪيو آھي.

Verse 4

وَٱلَّـٰٓـِٔى يَئِسْنَ مِنَ ٱلْمَحِيضِ مِن نِّسَآئِكُمْ إِنِ ٱرْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلَـٰثَةُ أَشْهُرٍ وَٱلَّـٰٓـِٔى لَمْ يَحِضْنَ ۚ وَأُو۟لَـٰتُ ٱلْأَحْمَالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۚ وَمَن يَتَّقِ ٱللَّهَ يَجْعَل لَّهُۥ مِنْ أَمْرِهِۦ يُسْرًا

Transliteration wa-allāī ya-is'na mina l-maḥīḍi min nisāikum ini ir'tabtum faʿiddatuhunna thalāthatu ashhurin wa-allāī lam yaḥiḍ'na wa-ulātu l-aḥmāli ajaluhunna an yaḍaʿna ḥamlahunna waman yattaqi l-laha yajʿal lahu min amrihi yus'ran

Sindhi ۽ اوھان جي (طلاق ڏنل) زالن مان جيڪي حيض کان نااُميد ٿيون ھجن (تن جي عِدّت بابت) جيڪڏھن شڪ ۾ پيا آھيو ته انھن جي عِدّت ٽي مھينا آھي ۽ جيڪي اڃا حيض واريون نه ٿيون آھن (تن جي به)، ۽ پيٽ وارين زالن جي عِدّت اِھا آھي جو ٻار ڄڻين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن لاءِ الله سندس ڪم ۾ آساني ڪندو.

Verse 5

ذَٰلِكَ أَمْرُ ٱللَّهِ أَنزَلَهُۥٓ إِلَيْكُمْ ۚ وَمَن يَتَّقِ ٱللَّهَ يُكَفِّرْ عَنْهُ سَيِّـَٔاتِهِۦ وَيُعْظِمْ لَهُۥٓ أَجْرًا

Transliteration dhālika amru l-lahi anzalahu ilaykum waman yattaqi l-laha yukaffir ʿanhu sayyiātihi wayuʿ'ẓim lahu ajran

Sindhi اھو الله جو حُڪم آھي جو اوھان ڏانھن ڏانھن نازل ڪيائين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جون مدايون الله کانئن ميٽيندو ۽ ان کي اجر وڌيڪ ڏيندو.

Verse 6

أَسْكِنُوهُنَّ مِنْ حَيْثُ سَكَنتُم مِّن وُجْدِكُمْ وَلَا تُضَآرُّوهُنَّ لِتُضَيِّقُوا۟ عَلَيْهِنَّ ۚ وَإِن كُنَّ أُو۟لَـٰتِ حَمْلٍ فَأَنفِقُوا۟ عَلَيْهِنَّ حَتَّىٰ يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۚ فَإِنْ أَرْضَعْنَ لَكُمْ فَـَٔاتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ ۖ وَأْتَمِرُوا۟ بَيْنَكُم بِمَعْرُوفٍ ۖ وَإِن تَعَاسَرْتُمْ فَسَتُرْضِعُ لَهُۥٓ أُخْرَىٰ

Transliteration askinūhunna min ḥaythu sakantum min wuj'dikum walā tuḍārrūhunna lituḍayyiqū ʿalayhinna wa-in kunna ulāti ḥamlin fa-anfiqū ʿalayhinna ḥattā yaḍaʿna ḥamlahunna fa-in arḍaʿna lakum faātūhunna ujūrahunna watamirū baynakum bimaʿrūfin wa-in taʿāsartum fasatur'ḍiʿu lahu ukh'rā

Sindhi جتي پنھنجي وس آھر (اوھين) ٽڪندا آھيو تتي انھن کي (عدت جا ڏينھن) ٽڪايو ۽ کين ھن لاءِ نه ايذايو ته انھن کي تنگ ڪريو، ۽ جيڪڏھن پيٽ سان ھجن ته جيسين پنھنجو ٻار ڄڻين (تيسين) کين خرچ ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي حُڪم موجب (اُھي ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن مزوري ڏيو، ۽ ھلي چليءَ موجب پاڻ ۾ صلاح ڪريو، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ سختي ڪريو ته اُن کي ٻي (ڪا) کير پياري.

Verse 7

لِيُنفِقْ ذُو سَعَةٍ مِّن سَعَتِهِۦ ۖ وَمَن قُدِرَ عَلَيْهِ رِزْقُهُۥ فَلْيُنفِقْ مِمَّآ ءَاتَىٰهُ ٱللَّهُ ۚ لَا يُكَلِّفُ ٱللَّهُ نَفْسًا إِلَّا مَآ ءَاتَىٰهَا ۚ سَيَجْعَلُ ٱللَّهُ بَعْدَ عُسْرٍ يُسْرًا

Transliteration liyunfiq dhū saʿatin min saʿatihi waman qudira ʿalayhi riz'quhu falyunfiq mimmā ātāhu l-lahu lā yukallifu l-lahu nafsan illā mā ātāhā sayajʿalu l-lahu baʿda ʿus'rin yus'ran

Sindhi جڳائي ته وس وارو پنھنجي وس آھي خرچ ڪري، ۽ جنھن تي روزي تنگ ڪئي ويئي آھي تنھن کي جڳائي ته جيڪي الله کيس ڏنو آھي تنھن مان خرچ ڪري، ڪنھن کي الله تڪليف نه ڏيندو آھي پر (اوتري قدر) جيتري قدر کيس الله ڏنو آھي، سگھوئي الله ڏکيائيءَ کانپوءِ سکيائي ظاھر ڪندو.

Verse 8

وَكَأَيِّن مِّن قَرْيَةٍ عَتَتْ عَنْ أَمْرِ رَبِّهَا وَرُسُلِهِۦ فَحَاسَبْنَـٰهَا حِسَابًا شَدِيدًا وَعَذَّبْنَـٰهَا عَذَابًا نُّكْرًا

Transliteration waka-ayyin min qaryatin ʿatat ʿan amri rabbihā warusulihi faḥāsabnāhā ḥisāban shadīdan waʿadhabnāhā ʿadhāban nuk'ran

Sindhi ۽ (اھڙا) گھڻائي ڳوٺ (ھوا) جن پنھنجي پالڻھار جي حُڪم ۽ سندس پيغمبرن (جي حڪم) کان نافرماني ڪئي پوءِ سخت عذاب سان انھن کي پڪڙيوسون ۽ سخت عذاب سان کين عذاب ڪيوسون.

Verse 9

فَذَاقَتْ وَبَالَ أَمْرِهَا وَكَانَ عَـٰقِبَةُ أَمْرِهَا خُسْرًا

Transliteration fadhāqat wabāla amrihā wakāna ʿāqibatu amrihā khus'ran

Sindhi پوءِ انھن (ڳوٺ وارن) پنھنجي ڪم جي سزا چکي ۽ انھن جي ڪم جي پڇاڙي خراب ٿي.

Verse 10

أَعَدَّ ٱللَّهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيدًا ۖ فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ يَـٰٓأُو۟لِى ٱلْأَلْبَـٰبِ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ۚ قَدْ أَنزَلَ ٱللَّهُ إِلَيْكُمْ ذِكْرًا

Transliteration aʿadda l-lahu lahum ʿadhāban shadīdan fa-ittaqū l-laha yāulī l-albābi alladhīna āmanū qad anzala l-lahu ilaykum dhik'ran

Sindhi انھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي تنھنڪري اي عقل وارا مؤمنؤ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله اوھان ڏانھن ھڪ نصيحت موڪلي آھي.

Verse 11

رَّسُولًا يَتْلُوا۟ عَلَيْكُمْ ءَايَـٰتِ ٱللَّهِ مُبَيِّنَـٰتٍ لِّيُخْرِجَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ مِنَ ٱلظُّلُمَـٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ ۚ وَمَن يُؤْمِنۢ بِٱللَّهِ وَيَعْمَلْ صَـٰلِحًا يُدْخِلْهُ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا ۖ قَدْ أَحْسَنَ ٱللَّهُ لَهُۥ رِزْقًا

Transliteration rasūlan yatlū ʿalaykum āyāti l-lahi mubayyinātin liyukh'rija alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti mina l-ẓulumāti ilā l-nūri waman yu'min bil-lahi wayaʿmal ṣāliḥan yud'khil'hu jannātin tajrī min taḥtihā l-anhāru khālidīna fīhā abadan qad aḥsana l-lahu lahu riz'qan

Sindhi جو رسول آھي جو اوھان تي الله جون پڌريون آيتون (ھن لاءِ) پڙھندو آھي ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اونداھين کان سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي ھميشه رھندا، بيشڪ اُن جي روزي چڱي طرح ٺاھي آھي.

Verse 12

ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَ سَبْعَ سَمَـٰوَٰتٍ وَمِنَ ٱلْأَرْضِ مِثْلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ ٱلْأَمْرُ بَيْنَهُنَّ لِتَعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ وَأَنَّ ٱللَّهَ قَدْ أَحَاطَ بِكُلِّ شَىْءٍ عِلْمًۢا

Transliteration al-lahu alladhī khalaqa sabʿa samāwātin wamina l-arḍi mith'lahunna yatanazzalu l-amru baynahunna litaʿlamū anna l-laha ʿalā kulli shayin qadīrun wa-anna l-laha qad aḥāṭa bikulli shayin ʿil'man

Sindhi الله اُھو آھي جنھن ستن آسمانن کي بڻايو ۽ اوتريون زمينون به، اُنھن جي وچ ۾ اُن جو حُڪم نازل ٿيندو آھي ته ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي ۽ ته الله عِلم سان سڀڪنھن شيءِ کي وڪوڙيو آھي.

Read Surah At-Talaq in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.