Surah As-Sajdah in Sindhi: translation and audio
Surah 32 · السجدة · The Prostration · 30 verses
Surah As-Sajdah verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah As-Sajdah word by word in English.
Verse 1
الٓمٓ
Transliteration alif-lam-meem
Sindhi الٓمّٓ.
Verse 2
تَنزِيلُ ٱلْكِتَـٰبِ لَا رَيْبَ فِيهِ مِن رَّبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration tanzīlu l-kitābi lā rayba fīhi min rabbi l-ʿālamīna
Sindhi (ھن) ڪتاب جو لاھڻ جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي جھانن جي پالڻھار وٽان آھي.
Verse 3
أَمْ يَقُولُونَ ٱفْتَرَىٰهُ ۚ بَلْ هُوَ ٱلْحَقُّ مِن رَّبِّكَ لِتُنذِرَ قَوْمًا مَّآ أَتَىٰهُم مِّن نَّذِيرٍ مِّن قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُونَ
Transliteration am yaqūlūna if'tarāhu bal huwa l-ḥaqu min rabbika litundhira qawman mā atāhum min nadhīrin min qablika laʿallahum yahtadūna
Sindhi چوندا آھن ڇا ته اُن (قرآن) کي پاڻون ٺاھيو اٿس، (نه!) بلڪ اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچو (آيل) آھي (ھِن لاءِ) ته اُنھيءَ قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو آھي ته مانَ اُھي ھدايت لھن.
Verse 4
ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِى سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ ٱسْتَوَىٰ عَلَى ٱلْعَرْشِ ۖ مَا لَكُم مِّن دُونِهِۦ مِن وَلِىٍّ وَلَا شَفِيعٍ ۚ أَفَلَا تَتَذَكَّرُونَ
Transliteration al-lahu alladhī khalaqa l-samāwāti wal-arḍa wamā baynahumā fī sittati ayyāmin thumma is'tawā ʿalā l-ʿarshi mā lakum min dūnihi min waliyyin walā shafīʿin afalā tatadhakkarūna
Sindhi الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سوڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏانھن متوجه ٿيو، اُن کانسواءِ اوھان لاءِ نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو پارت ڪندڙ آھي، پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو ڇا؟
Verse 5
يُدَبِّرُ ٱلْأَمْرَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ إِلَى ٱلْأَرْضِ ثُمَّ يَعْرُجُ إِلَيْهِ فِى يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهُۥٓ أَلْفَ سَنَةٍ مِّمَّا تَعُدُّونَ
Transliteration yudabbiru l-amra mina l-samāi ilā l-arḍi thumma yaʿruju ilayhi fī yawmin kāna miq'dāruhu alfa sanatin mimmā taʿuddūna
Sindhi آسمان کان زمين ڏانھن ڪم جو بندوبست ڪندو آھي، وري (اُھو بندوبست) اُن ڏينھن ۾ ڏانھس مٿاھون ويندو آھي جنھن ڏينھن جو اندازو ھزار ورھ جيترو انھيءَ ليکي مان آھي جو ڳڻيندا آھيو.
Verse 6
ذَٰلِكَ عَـٰلِمُ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَـٰدَةِ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ
Transliteration dhālika ʿālimu l-ghaybi wal-shahādati l-ʿazīzu l-raḥīmu
Sindhi اِھو آھي جو ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب مھربان آھي.
Verse 7
ٱلَّذِىٓ أَحْسَنَ كُلَّ شَىْءٍ خَلَقَهُۥ ۖ وَبَدَأَ خَلْقَ ٱلْإِنسَـٰنِ مِن طِينٍ
Transliteration alladhī aḥsana kulla shayin khalaqahu wabada-a khalqa l-insāni min ṭīnin
Sindhi جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين.
Verse 8
ثُمَّ جَعَلَ نَسْلَهُۥ مِن سُلَـٰلَةٍ مِّن مَّآءٍ مَّهِينٍ
Transliteration thumma jaʿala naslahu min sulālatin min māin mahīnin
Sindhi وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين.
Verse 9
ثُمَّ سَوَّىٰهُ وَنَفَخَ فِيهِ مِن رُّوحِهِۦ ۖ وَجَعَلَ لَكُمُ ٱلسَّمْعَ وَٱلْأَبْصَـٰرَ وَٱلْأَفْـِٔدَةَ ۚ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ
Transliteration thumma sawwāhu wanafakha fīhi min rūḥihi wajaʿala lakumu l-samʿa wal-abṣāra wal-afidata qalīlan mā tashkurūna
Sindhi وري کيس سئين لڱين ڪيائين ۽ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، اوھين ٿورو شڪر ڪندا آھيو.
Verse 10
وَقَالُوٓا۟ أَءِذَا ضَلَلْنَا فِى ٱلْأَرْضِ أَءِنَّا لَفِى خَلْقٍ جَدِيدٍۭ ۚ بَلْ هُم بِلِقَآءِ رَبِّهِمْ كَـٰفِرُونَ
Transliteration waqālū a-idhā ḍalalnā fī l-arḍi a-innā lafī khalqin jadīdin bal hum biliqāi rabbihim kāfirūna
Sindhi ۽ چون ٿا ته جڏھن زمين ۾ رلي ملي وياسون (تڏھن به) اسين وري نئين سر بڻباسين ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان منڪر آھن.
Verse 11
۞ قُلْ يَتَوَفَّىٰكُم مَّلَكُ ٱلْمَوْتِ ٱلَّذِى وُكِّلَ بِكُمْ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّكُمْ تُرْجَعُونَ
Transliteration qul yatawaffākum malaku l-mawti alladhī wukkila bikum thumma ilā rabbikum tur'jaʿūna
Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪو موت جو فرشتو اوھان تي مقرّر ڪيل آھي سو اوھان جو روح ڪڍندو وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽائبؤ.
Verse 12
وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذِ ٱلْمُجْرِمُونَ نَاكِسُوا۟ رُءُوسِهِمْ عِندَ رَبِّهِمْ رَبَّنَآ أَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَٱرْجِعْنَا نَعْمَلْ صَـٰلِحًا إِنَّا مُوقِنُونَ
Transliteration walaw tarā idhi l-muj'rimūna nākisū ruūsihim ʿinda rabbihim rabbanā abṣarnā wasamiʿ'nā fa-ir'jiʿ'nā naʿmal ṣāliḥan innā mūqinūna
Sindhi ۽ (اُنھي مھل) جيڪڏھن ڏسين جنھن مھل گنھگار پنھنجي پالڻھار جي سامھون پنھنجا ڪنڌ اونڌا ڪندڙ ھوندا (ته عجب ڪرين)، (۽ چوندا ته) اي اسانجا پالڻھار ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون ھاڻي اسان کي (دُنيا ۾) موٽاءِ ته چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آھيون.
Verse 13
وَلَوْ شِئْنَا لَـَٔاتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدَىٰهَا وَلَـٰكِنْ حَقَّ ٱلْقَوْلُ مِنِّى لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ ٱلْجِنَّةِ وَٱلنَّاسِ أَجْمَعِينَ
Transliteration walaw shi'nā laātaynā kulla nafsin hudāhā walākin ḥaqqa l-qawlu minnī la-amla-anna jahannama mina l-jinati wal-nāsi ajmaʿīna
Sindhi ۽ جيڪڏھن گھُرون ھا ته سڀڪنھن شخص کي ھدايت ڪريون ھا پر مون وٽان (ھي) حُڪم ٺھرائجي چڪو آھي ته جِنّن ۽ ماڻھن (انھن ئي) مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.
Verse 14
فَذُوقُوا۟ بِمَا نَسِيتُمْ لِقَآءَ يَوْمِكُمْ هَـٰذَآ إِنَّا نَسِينَـٰكُمْ ۖ وَذُوقُوا۟ عَذَابَ ٱلْخُلْدِ بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Transliteration fadhūqū bimā nasītum liqāa yawmikum hādhā innā nasīnākum wadhūqū ʿadhāba l-khul'di bimā kuntum taʿmalūna
Sindhi پوءِ ھن ڏينھن جي ملڻ کي جو وساريو ھيؤ تنھن سببان عذاب چکو، بيشڪ اسان (به) اوھان کي وساريو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان ھميشگيءَ جو عذاب چکو.
Verse 15
إِنَّمَا يُؤْمِنُ بِـَٔايَـٰتِنَا ٱلَّذِينَ إِذَا ذُكِّرُوا۟ بِهَا خَرُّوا۟ سُجَّدًا وَسَبَّحُوا۟ بِحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُونَ ۩
Transliteration innamā yu'minu biāyātinā alladhīna idhā dhukkirū bihā kharrū sujjadan wasabbaḥū biḥamdi rabbihim wahum lā yastakbirūna
Sindhi اسان جي آيتن تي رڳو اُھي ايمان آڻيندا جن کي اُنھن (آيتن) سان جڏھن نصيحت ڏبي آھي تڏھن سجدو ڪندڙ ٿي ڪِرندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ پاڪائي سان بيان ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.
Verse 16
تَتَجَافَىٰ جُنُوبُهُمْ عَنِ ٱلْمَضَاجِعِ يَدْعُونَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَطَمَعًا وَمِمَّا رَزَقْنَـٰهُمْ يُنفِقُونَ
Transliteration tatajāfā junūbuhum ʿani l-maḍājiʿi yadʿūna rabbahum khawfan waṭamaʿan wamimmā razaqnāhum yunfiqūna
Sindhi سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ ٿي پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.
Verse 17
فَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ أُخْفِىَ لَهُم مِّن قُرَّةِ أَعْيُنٍ جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Transliteration falā taʿlamu nafsun mā ukh'fiya lahum min qurrati aʿyunin jazāan bimā kānū yaʿmalūna
Sindhi پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انھن لاءِ لڪايو ويو آھي سو ڪو جيء نه ڄاڻندو آھي، اُھو بدلو ھنن جيڪي ڪمايو ھو تنھن سببان آھي.
Verse 18
أَفَمَن كَانَ مُؤْمِنًا كَمَن كَانَ فَاسِقًا ۚ لَّا يَسْتَوُۥنَ
Transliteration afaman kāna mu'minan kaman kāna fāsiqan lā yastawūna
Sindhi جيڪو مؤمن آھي سو بدڪار جي برابر آھي ڇا؟ (اُھي ٻئي ڪڏھن) برابر نه ٿيندا.
Verse 19
أَمَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ فَلَهُمْ جَنَّـٰتُ ٱلْمَأْوَىٰ نُزُلًۢا بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Transliteration ammā alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti falahum jannātu l-mawā nuzulan bimā kānū yaʿmalūna
Sindhi جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تِن لاءِ بھشت (جا باغ) مھماني طور رھڻ جو ھنڌ آھي اُنھي سببان جو (چڱا) ڪم ڪندا رھيا.
Verse 20
وَأَمَّا ٱلَّذِينَ فَسَقُوا۟ فَمَأْوَىٰهُمُ ٱلنَّارُ ۖ كُلَّمَآ أَرَادُوٓا۟ أَن يَخْرُجُوا۟ مِنْهَآ أُعِيدُوا۟ فِيهَا وَقِيلَ لَهُمْ ذُوقُوا۟ عَذَابَ ٱلنَّارِ ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
Transliteration wa-ammā alladhīna fasaqū famawāhumu l-nāru kullamā arādū an yakhrujū min'hā uʿīdū fīhā waqīla lahum dhūqū ʿadhāba l-nāri alladhī kuntum bihi tukadhibūna
Sindhi پر جن بڇڙائي ڪئي تن جي رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي، جنھن مھل منجھانئس نڪرڻ جو ارادو ڪندا (تنھن مھل) منجھس ورائي (پيا وجھبا) ۽ کين چئبو ته اُن باھ جو عذاب چکو جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھئؤ.
Verse 21
وَلَنُذِيقَنَّهُم مِّنَ ٱلْعَذَابِ ٱلْأَدْنَىٰ دُونَ ٱلْعَذَابِ ٱلْأَكْبَرِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
Transliteration walanudhīqannahum mina l-ʿadhābi l-adnā dūna l-ʿadhābi l-akbari laʿallahum yarjiʿūna
Sindhi ۽ کين وڏي عذاب کانسواءِ ھلڪي سزا (دنيا ۾ به) ضرور چکائينداسون ته مانَ اُھي (سڌي واٽ ڏانھن) ورن.
Verse 22
وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـَٔايَـٰتِ رَبِّهِۦ ثُمَّ أَعْرَضَ عَنْهَآ ۚ إِنَّا مِنَ ٱلْمُجْرِمِينَ مُنتَقِمُونَ
Transliteration waman aẓlamu mimman dhukkira biāyāti rabbihi thumma aʿraḍa ʿanhā innā mina l-muj'rimīna muntaqimūna
Sindhi ۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏجي ته وري اُن کان مُنھن موڙي، بيشڪ اسين ڏوھارين کان بدلو وٺندڙ آھيون.
Verse 23
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَـٰبَ فَلَا تَكُن فِى مِرْيَةٍ مِّن لِّقَآئِهِۦ ۖ وَجَعَلْنَـٰهُ هُدًى لِّبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ
Transliteration walaqad ātaynā mūsā l-kitāba falā takun fī mir'yatin min liqāihi wajaʿalnāhu hudan libanī is'rāīla
Sindhi ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ تون اُن (قرآن) جي ملڻ کان شڪ ۾ نه ٿج ۽ اُن موسىٰ کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت بڻايوسون.
Verse 24
وَجَعَلْنَا مِنْهُمْ أَئِمَّةً يَهْدُونَ بِأَمْرِنَا لَمَّا صَبَرُوا۟ ۖ وَكَانُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا يُوقِنُونَ
Transliteration wajaʿalnā min'hum a-immatan yahdūna bi-amrinā lammā ṣabarū wakānū biāyātinā yūqinūna
Sindhi منجھانئن پيشوا ڪيا (ھوا) سون جي اسان جي حُڪم سان سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا جڏھن جو (اُھي ڏکن تي) صبر ڪندا رھيا، ۽ اُھي اسان جي آيتن تي يقين رکندا ھوا.
Verse 25
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ فِيمَا كَانُوا۟ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
Transliteration inna rabbaka huwa yafṣilu baynahum yawma l-qiyāmati fīmā kānū fīhi yakhtalifūna
Sindhi بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ انھيءَ (ڳالھ) جو نبيرو ڪندو جنھن بابت جھڳڙو ڪندا ھوا.
Verse 26
أَوَلَمْ يَهْدِ لَهُمْ كَمْ أَهْلَكْنَا مِن قَبْلِهِم مِّنَ ٱلْقُرُونِ يَمْشُونَ فِى مَسَـٰكِنِهِمْ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ ۖ أَفَلَا يَسْمَعُونَ
Transliteration awalam yahdi lahum kam ahlaknā min qablihim mina l-qurūni yamshūna fī masākinihim inna fī dhālika laāyātin afalā yasmaʿūna
Sindhi کين پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته کانئن اڳ ڪيترا (ئي) جُڳ ناس ڪياسون جن جي گھرن ۾ (اُھي) گھُمندا آھن، بيشڪ ھن (ڳالھ) ۾ وڏيون نشانيون آھن، پوءِ نه ٻڌندا آھن پا؟
Verse 27
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّا نَسُوقُ ٱلْمَآءَ إِلَى ٱلْأَرْضِ ٱلْجُرُزِ فَنُخْرِجُ بِهِۦ زَرْعًا تَأْكُلُ مِنْهُ أَنْعَـٰمُهُمْ وَأَنفُسُهُمْ ۖ أَفَلَا يُبْصِرُونَ
Transliteration awalam yaraw annā nasūqu l-māa ilā l-arḍi l-juruzi fanukh'riju bihi zarʿan takulu min'hu anʿāmuhum wa-anfusuhum afalā yub'ṣirūna
Sindhi نه ڏٺائون ڇا ته اسين اُٻڙٺ زمين ڏانھن پاڻي وھائيندا آھيون پوءِ اُن سان پوک ڄمائيندا آھيون جنھن مان سندن ڍور ۽ اُھي پاڻ کائيندا آھن، پوءِ نه ڏسندا آھن ڇا؟
Verse 28
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَـٰذَا ٱلْفَتْحُ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ
Transliteration wayaqūlūna matā hādhā l-fatḥu in kuntum ṣādiqīna
Sindhi ۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو فيصلو ڪڏھن ٿيندو؟
Verse 29
قُلْ يَوْمَ ٱلْفَتْحِ لَا يَنفَعُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِيمَـٰنُهُمْ وَلَا هُمْ يُنظَرُونَ
Transliteration qul yawma l-fatḥi lā yanfaʿu alladhīna kafarū īmānuhum walā hum yunẓarūna
Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته فيصلي جي ڏينھن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي.
Verse 30
فَأَعْرِضْ عَنْهُمْ وَٱنتَظِرْ إِنَّهُم مُّنتَظِرُونَ
Transliteration fa-aʿriḍ ʿanhum wa-intaẓir innahum muntaẓirūna
Sindhi پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي (به) انتظار ڪڍندڙ آھن.
Read Surah As-Sajdah in another language
- English (word by word)
- Albanian
- Amazigh
- Amharic
- Assamese
- Azerbaijani
- Bambara
- Bangla
- Bosnian
- Bulgarian
- Chechen
- Chinese
- Czech
- Dari
- Dhivehi
- Dutch
- Finnish
- French
- German
- Gujarati
- Hausa
- Hebrew
- Hindi
- Indonesian
- Italian
- Japanese
- Kannada
- Kazakh
- Khmer
- Kinyarwanda
- Korean
- Kurdish
- Luganda
- Malay
- Malayalam
- Maranao
- Marathi
- Nepali
- Norwegian
- Oromo
- Pashto
- Persian
- Polish
- Portuguese
- Romanian
- Russian
- Sinhala
- Somali
- Spanish
- Swahili
- Swedish
- Tagalog
- Tajik
- Tamil
- Tatar
- Telugu
- Thai
- Turkish
- Ukrainian
- Urdu
- Uyghur
- Uzbek
- Vietnamese
- Yao
- Yoruba
All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.
Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.