Surah Al-Hadid in Sindhi: translation and audio
Surah 57 · الحديد · The Iron · 29 verses
Surah Al-Hadid verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Al-Hadid word by word in English.
Verse 1
سَبَّحَ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Transliteration sabbaḥa lillahi mā fī l-samāwāti wal-arḍi wahuwa l-ʿazīzu l-ḥakīmu
Sindhi جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
Verse 2
لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ يُحْىِۦ وَيُمِيتُ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Transliteration lahu mul'ku l-samāwāti wal-arḍi yuḥ'yī wayumītu wahuwa ʿalā kulli shayin qadīrun
Sindhi آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، (اُھو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
Verse 3
هُوَ ٱلْأَوَّلُ وَٱلْـَٔاخِرُ وَٱلظَّـٰهِرُ وَٱلْبَاطِنُ ۖ وَهُوَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌ
Transliteration huwa l-awalu wal-ākhiru wal-ẓāhiru wal-bāṭinu wahuwa bikulli shayin ʿalīmun
Sindhi اُھو (سڀ کان) پھريون ۽ (سڀ کان) پويون ۽ پڌرو ۽ ڳجھو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.
Verse 4
هُوَ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ فِى سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ ٱسْتَوَىٰ عَلَى ٱلْعَرْشِ ۚ يَعْلَمُ مَا يَلِجُ فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنزِلُ مِنَ ٱلسَّمَآءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيهَا ۖ وَهُوَ مَعَكُمْ أَيْنَ مَا كُنتُمْ ۚ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
Transliteration huwa alladhī khalaqa l-samāwāti wal-arḍa fī sittati ayyāmin thumma is'tawā ʿalā l-ʿarshi yaʿlamu mā yaliju fī l-arḍi wamā yakhruju min'hā wamā yanzilu mina l-samāi wamā yaʿruju fīhā wahuwa maʿakum ayna mā kuntum wal-lahu bimā taʿmalūna baṣīrun
Sindhi (الله) اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش تي متوجه ٿيو، جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھي ويندو آھي سو (سڀ) اُھو ڄاڻندو آھي، ۽ جتي اوھين ھجو اُتي اھو اوھان سان گڏ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
Verse 5
لَّهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ وَإِلَى ٱللَّهِ تُرْجَعُ ٱلْأُمُورُ
Transliteration lahu mul'ku l-samāwāti wal-arḍi wa-ilā l-lahi tur'jaʿu l-umūru
Sindhi آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم ورايا وڃن ٿا.
Verse 6
يُولِجُ ٱلَّيْلَ فِى ٱلنَّهَارِ وَيُولِجُ ٱلنَّهَارَ فِى ٱلَّيْلِ ۚ وَهُوَ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ
Transliteration yūliju al-layla fī l-nahāri wayūliju l-nahāra fī al-layli wahuwa ʿalīmun bidhāti l-ṣudūri
Sindhi رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي، ۽ اُھوسِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.
Verse 7
ءَامِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَأَنفِقُوا۟ مِمَّا جَعَلَكُم مُّسْتَخْلَفِينَ فِيهِ ۖ فَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مِنكُمْ وَأَنفَقُوا۟ لَهُمْ أَجْرٌ كَبِيرٌ
Transliteration āminū bil-lahi warasūlihi wa-anfiqū mimmā jaʿalakum mus'takhlafīna fīhi fa-alladhīna āmanū minkum wa-anfaqū lahum ajrun kabīrun
Sindhi الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ مال مان خرچيو جنھن ۾ اوھان کي ٻـين جو وارث ڪيو اٿس، ۽ اوھان مان جن ايمان آندو ۽ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آھي.
Verse 8
وَمَا لَكُمْ لَا تُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ ۙ وَٱلرَّسُولُ يَدْعُوكُمْ لِتُؤْمِنُوا۟ بِرَبِّكُمْ وَقَدْ أَخَذَ مِيثَـٰقَكُمْ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
Transliteration wamā lakum lā tu'minūna bil-lahi wal-rasūlu yadʿūkum litu'minū birabbikum waqad akhadha mīthāqakum in kuntum mu'minīna
Sindhi ۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ حالانڪ پيغمبر اوھان کي سڏي ٿو ته اوھين پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو ۽ بيشڪ الله اوھان کان انجام ورتو آھي جيڪڏھن مڃڻ وارا آھيو.
Verse 9
هُوَ ٱلَّذِى يُنَزِّلُ عَلَىٰ عَبْدِهِۦٓ ءَايَـٰتٍۭ بَيِّنَـٰتٍ لِّيُخْرِجَكُم مِّنَ ٱلظُّلُمَـٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ ۚ وَإِنَّ ٱللَّهَ بِكُمْ لَرَءُوفٌ رَّحِيمٌ
Transliteration huwa alladhī yunazzilu ʿalā ʿabdihi āyātin bayyinātin liyukh'rijakum mina l-ẓulumāti ilā l-nūri wa-inna l-laha bikum laraūfun raḥīmun
Sindhi (الله) اُھو آھي جيڪو پنھنجي ٻانھي (محمّد) تي پڌريون آيتون نازل ڪندو آھي ته (ڪفر جي) اونداھين مان (اسلام جي) سوجھري ڏانھن اوھان کي ڪڍي، ۽ بيشڪ الله اوھان تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي.
Verse 10
وَمَا لَكُمْ أَلَّا تُنفِقُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ وَلِلَّهِ مِيرَٰثُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ لَا يَسْتَوِى مِنكُم مَّنْ أَنفَقَ مِن قَبْلِ ٱلْفَتْحِ وَقَـٰتَلَ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ أَعْظَمُ دَرَجَةً مِّنَ ٱلَّذِينَ أَنفَقُوا۟ مِنۢ بَعْدُ وَقَـٰتَلُوا۟ ۚ وَكُلًّا وَعَدَ ٱللَّهُ ٱلْحُسْنَىٰ ۚ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌ
Transliteration wamā lakum allā tunfiqū fī sabīli l-lahi walillahi mīrāthu l-samāwāti wal-arḍi lā yastawī minkum man anfaqa min qabli l-fatḥi waqātala ulāika aʿẓamu darajatan mina alladhīna anfaqū min baʿdu waqātalū wakullan waʿada l-lahu l-ḥus'nā wal-lahu bimā taʿmalūna khabīrun
Sindhi ۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھيو حالانڪ آسمانن ۽ زمين جي ميراث خاص الله جي آھي، جنھن (مڪي جي) فتح کان اڳ خرچ ڪيو ۽ (الله جي دين لاءِ ڪافرن سان) وڙھيو تنھنجي برابر اوھان مان ڪوبه ڪونھي، اھي انھن کان تمام وڏي مرتبي وارا آھن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ (دين لاءِ) وڙھيا، ۽ ھر ھڪ کي الله چڱو انجام ڏنو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله (پوري) خبر رکندڙ آھي.
Verse 11
مَّن ذَا ٱلَّذِى يُقْرِضُ ٱللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا فَيُضَـٰعِفَهُۥ لَهُۥ وَلَهُۥٓ أَجْرٌ كَرِيمٌ
Transliteration man dhā alladhī yuq'riḍu l-laha qarḍan ḥasanan fayuḍāʿifahu lahu walahu ajrun karīmun
Sindhi اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض ڏئي پوءِ (الله) اُھو (قرض) اُن کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ اُن لاءِ سڳورو اجر آھي.
Verse 12
يَوْمَ تَرَى ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَـٰتِ يَسْعَىٰ نُورُهُم بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَبِأَيْمَـٰنِهِم بُشْرَىٰكُمُ ٱلْيَوْمَ جَنَّـٰتٌ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَا ۚ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
Transliteration yawma tarā l-mu'minīna wal-mu'mināti yasʿā nūruhum bayna aydīhim wabi-aymānihim bush'rākumu l-yawma jannātun tajrī min taḥtihā l-anhāru khālidīna fīhā dhālika huwa l-fawzu l-ʿaẓīmu
Sindhi (ياد ڪر) جنھن ڏينھن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (ھن حالت ۾) ڏسندين جو سندن نُور اُنھن جي اڳيان ۽ انھن جي ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو (چئبن ته) اوھان کي خوشخبري ھجي جو اڄ اوھان لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وَھن اُتي سدائين رھندؤ، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
Verse 13
يَوْمَ يَقُولُ ٱلْمُنَـٰفِقُونَ وَٱلْمُنَـٰفِقَـٰتُ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱنظُرُونَا نَقْتَبِسْ مِن نُّورِكُمْ قِيلَ ٱرْجِعُوا۟ وَرَآءَكُمْ فَٱلْتَمِسُوا۟ نُورًا فَضُرِبَ بَيْنَهُم بِسُورٍ لَّهُۥ بَابٌۢ بَاطِنُهُۥ فِيهِ ٱلرَّحْمَةُ وَظَـٰهِرُهُۥ مِن قِبَلِهِ ٱلْعَذَابُ
Transliteration yawma yaqūlu l-munāfiqūna wal-munāfiqātu lilladhīna āmanū unẓurūnā naqtabis min nūrikum qīla ir'jiʿū warāakum fal-tamisū nūran faḍuriba baynahum bisūrin lahu bābun bāṭinuhu fīhi l-raḥmatu waẓāhiruhu min qibalihi l-ʿadhābu
Sindhi جنھن ڏينھن منافق ۽ منافقياڻيون (گڏجي) مؤمنن کي چوندا ته ترسو (ته سھي) ته اوھان جي (ايماني) نُور مان (ڪجھ) روشني وٺون چيو ويندو ته اوھين پنھنجي پٺ تي (دنيا ڏانھن) موٽو پوءِ ڪو سوجھرو ڳوليو، پوءِ سندن وچ ۾ ھڪ اھڙي ڀت ھنئي ويندي جنھن کي دروازو ھوندو، اُن ڀت جي اندارن رحمت ھوندي ۽ ان جي ٻاھرين پاسي کان عذاب.
Verse 14
يُنَادُونَهُمْ أَلَمْ نَكُن مَّعَكُمْ ۖ قَالُوا۟ بَلَىٰ وَلَـٰكِنَّكُمْ فَتَنتُمْ أَنفُسَكُمْ وَتَرَبَّصْتُمْ وَٱرْتَبْتُمْ وَغَرَّتْكُمُ ٱلْأَمَانِىُّ حَتَّىٰ جَآءَ أَمْرُ ٱللَّهِ وَغَرَّكُم بِٱللَّهِ ٱلْغَرُورُ
Transliteration yunādūnahum alam nakun maʿakum qālū balā walākinnakum fatantum anfusakum watarabbaṣtum wa-ir'tabtum wagharratkumu l-amāniyu ḥattā jāa amru l-lahi wagharrakum bil-lahi l-gharūru
Sindhi منافق مُسلمانن کي سڏيندا ۽ چوندا ته اسين اوھان سان (دنيا ۾) گڏ نه ھواسون ڇا؟ (مُسلمان) چوندا ته ھائو پر پنھنجو پاڻ کي جوکي ۾ وڌوَ ۽ (ايمان آڻڻ ۾) دير ڪندا رھيؤ ۽ (نبوت ۾) شڪ آندو ۽ اوھان کي سَڌن ٺڳي ڇڏيو تان جو الله جو حُڪم آيو ۽ اوھان کي الله (جي حُڪم مڃڻ) کان (شيطان) ٺڳيندڙ ٺڳي ڇڏيو.
Verse 15
فَٱلْيَوْمَ لَا يُؤْخَذُ مِنكُمْ فِدْيَةٌ وَلَا مِنَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ۚ مَأْوَىٰكُمُ ٱلنَّارُ ۖ هِىَ مَوْلَىٰكُمْ ۖ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ
Transliteration fal-yawma lā yu'khadhu minkum fid'yatun walā mina alladhīna kafarū mawākumu l-nāru hiya mawlākum wabi'sa l-maṣīru
Sindhi تنھن ڪري (اي منافقؤ) اڄ نڪي اوھان کان ۽ نڪي ڪافرن کان ڪو بدلو وٺبو، اوھان جي جاءِ (دوزخ جي) باھ آھي، اھا اوھان جي لائق آھي، ۽ اھا موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آھي.
Verse 16
۞ أَلَمْ يَأْنِ لِلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَن تَخْشَعَ قُلُوبُهُمْ لِذِكْرِ ٱللَّهِ وَمَا نَزَلَ مِنَ ٱلْحَقِّ وَلَا يَكُونُوا۟ كَٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَـٰبَ مِن قَبْلُ فَطَالَ عَلَيْهِمُ ٱلْأَمَدُ فَقَسَتْ قُلُوبُهُمْ ۖ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ فَـٰسِقُونَ
Transliteration alam yani lilladhīna āmanū an takhshaʿa qulūbuhum lidhik'ri l-lahi wamā nazala mina l-ḥaqi walā yakūnū ka-alladhīna ūtū l-kitāba min qablu faṭāla ʿalayhimu l-amadu faqasat qulūbuhum wakathīrun min'hum fāsiqūna
Sindhi اڃا مؤمنن لاءِ اُھو وقت نه آيو آھي ڇا؟ جو الله جي ياد ڪرڻ وقت ۽ وحي الٰھيءَ مان جيڪو نازل ٿيو تنھن (جي ياد) آڻڻ وقت سندن دليون آزي ڪن ۽ انھن وانگر نه ٿين جن کي ھن کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو پوءِ مٿن ڊگھي مدت گذري تنھنڪري سندن دليون سخت ٿي ويون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.
Verse 17
ٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ يُحْىِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ قَدْ بَيَّنَّا لَكُمُ ٱلْـَٔايَـٰتِ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ
Transliteration iʿ'lamū anna l-laha yuḥ'yī l-arḍa baʿda mawtihā qad bayyannā lakumu l-āyāti laʿallakum taʿqilūna
Sindhi ڄاڻو ته الله زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪندو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ چٽيون نشانيون بيان ڪيون آھن ته مانَ اوھين پرجھو.
Verse 18
إِنَّ ٱلْمُصَّدِّقِينَ وَٱلْمُصَّدِّقَـٰتِ وَأَقْرَضُوا۟ ٱللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا يُضَـٰعَفُ لَهُمْ وَلَهُمْ أَجْرٌ كَرِيمٌ
Transliteration inna l-muṣadiqīna wal-muṣadiqāti wa-aqraḍū l-laha qarḍan ḥasanan yuḍāʿafu lahum walahum ajrun karīmun
Sindhi بيشڪ خيرات ڏيندڙن ۽ خيرات ڏيندڙن کي، ۽ جن الله کي سھڻو قرض ڏنو آھي تن کي ٻيڻو ڪري ڏبو ۽ اُنھن لاءِ سڳورو اجر آھي.
Verse 19
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦٓ أُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلصِّدِّيقُونَ ۖ وَٱلشُّهَدَآءُ عِندَ رَبِّهِمْ لَهُمْ أَجْرُهُمْ وَنُورُهُمْ ۖ وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَآ أُو۟لَـٰٓئِكَ أَصْحَـٰبُ ٱلْجَحِيمِ
Transliteration wa-alladhīna āmanū bil-lahi warusulihi ulāika humu l-ṣidīqūna wal-shuhadāu ʿinda rabbihim lahum ajruhum wanūruhum wa-alladhīna kafarū wakadhabū biāyātinā ulāika aṣḥābu l-jaḥīmi
Sindhi ۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو آھي اُھي ئي پنھنجي پالڻھار وٽ بلڪل سچا ۽ شھيد آھن، اُنھن لاءِ سندن اجر ۽ سندن نُور آھي، ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڀانيو اُھي دوزخي آھن.
Verse 20
ٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّمَا ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا لَعِبٌ وَلَهْوٌ وَزِينَةٌ وَتَفَاخُرٌۢ بَيْنَكُمْ وَتَكَاثُرٌ فِى ٱلْأَمْوَٰلِ وَٱلْأَوْلَـٰدِ ۖ كَمَثَلِ غَيْثٍ أَعْجَبَ ٱلْكُفَّارَ نَبَاتُهُۥ ثُمَّ يَهِيجُ فَتَرَىٰهُ مُصْفَرًّا ثُمَّ يَكُونُ حُطَـٰمًا ۖ وَفِى ٱلْـَٔاخِرَةِ عَذَابٌ شَدِيدٌ وَمَغْفِرَةٌ مِّنَ ٱللَّهِ وَرِضْوَٰنٌ ۚ وَمَا ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَآ إِلَّا مَتَـٰعُ ٱلْغُرُورِ
Transliteration iʿ'lamū annamā l-ḥayatu l-dun'yā laʿibun walahwun wazīnatun watafākhurun baynakum watakāthurun fī l-amwāli wal-awlādi kamathali ghaythin aʿjaba l-kufāra nabātuhu thumma yahīju fatarāhu muṣ'farran thumma yakūnu ḥuṭāman wafī l-ākhirati ʿadhābun shadīdun wamaghfiratun mina l-lahi wariḍ'wānun wamā l-ḥayatu l-dun'yā illā matāʿu l-ghurūri
Sindhi ڄاڻو ته دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ بي فائدِي ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ (ھڪ ٻئي کان) گھڻائي طلبڻ آھي، (انھيءَ جو مثال) انھيءَ مينھن وانگر (آھي) جنھن جو سلو (ڄمائڻ) ڪڙمين کي عجب ۾ وجھي وري سُڪي وڃي پوءِ اُن کي پيلو ٿيل ڏسين وري ڀُري وڃي، ۽ آخرت ۾ (الله جي دشمنن لاءِ) سخت عذاب آھي ۽ (الله جي دوستن لاءِ) الله کان بخشش ۽ رضامندي آھي، ۽ دنيا جي حياتي رڳو ٺڳيءَ جو سامان آھي.
Verse 21
سَابِقُوٓا۟ إِلَىٰ مَغْفِرَةٍ مِّن رَّبِّكُمْ وَجَنَّةٍ عَرْضُهَا كَعَرْضِ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ أُعِدَّتْ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ ۚ ذَٰلِكَ فَضْلُ ٱللَّهِ يُؤْتِيهِ مَن يَشَآءُ ۚ وَٱللَّهُ ذُو ٱلْفَضْلِ ٱلْعَظِيمِ
Transliteration sābiqū ilā maghfiratin min rabbikum wajannatin ʿarḍuhā kaʿarḍi l-samāi wal-arḍi uʿiddat lilladhīna āmanū bil-lahi warusulihi dhālika faḍlu l-lahi yu'tīhi man yashāu wal-lahu dhū l-faḍli l-ʿaẓīmi
Sindhi پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ انھي بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي وانگر آھي انھن لاءِ تيار ڪيو ويو آھي جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
Verse 22
مَآ أَصَابَ مِن مُّصِيبَةٍ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَا فِىٓ أَنفُسِكُمْ إِلَّا فِى كِتَـٰبٍ مِّن قَبْلِ أَن نَّبْرَأَهَآ ۚ إِنَّ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرٌ
Transliteration mā aṣāba min muṣībatin fī l-arḍi walā fī anfusikum illā fī kitābin min qabli an nabra-ahā inna dhālika ʿalā l-lahi yasīrun
Sindhi ڪابه مُصيبت نڪي زمين ۾ ۽ نڪي اوھان جي جندن ۾ پھچندي آھي پر اُنھي کان اڳ اُن کي پيدا ڪريون ھڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي، بيشڪ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.
Verse 23
لِّكَيْلَا تَأْسَوْا۟ عَلَىٰ مَا فَاتَكُمْ وَلَا تَفْرَحُوا۟ بِمَآ ءَاتَىٰكُمْ ۗ وَٱللَّهُ لَا يُحِبُّ كُلَّ مُخْتَالٍ فَخُورٍ
Transliteration likaylā tasaw ʿalā mā fātakum walā tafraḥū bimā ātākum wal-lahu lā yuḥibbu kulla mukh'tālin fakhūrin
Sindhi ھن ڪري (اھا خبر ڏني اٿون) ته جيڪي اوھان جي ھٿن مان ويو تنھن تي ارمان نه ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيائين تنھن تي خوشي نه ڪريو، ۽ الله سڀڪنھن ھٺيلي پاڻ سڏائيندڙ کي دوست نه رکندو آھي.
Verse 24
ٱلَّذِينَ يَبْخَلُونَ وَيَأْمُرُونَ ٱلنَّاسَ بِٱلْبُخْلِ ۗ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْغَنِىُّ ٱلْحَمِيدُ
Transliteration alladhīna yabkhalūna wayamurūna l-nāsa bil-bukh'li waman yatawalla fa-inna l-laha huwa l-ghaniyu l-ḥamīdu
Sindhi جيڪي پيچائي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به پيچائي ڏسيندا آھن، ۽ جيڪو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله ئي بي پرواھ ساراھيل آھي.
Verse 25
لَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِٱلْبَيِّنَـٰتِ وَأَنزَلْنَا مَعَهُمُ ٱلْكِتَـٰبَ وَٱلْمِيزَانَ لِيَقُومَ ٱلنَّاسُ بِٱلْقِسْطِ ۖ وَأَنزَلْنَا ٱلْحَدِيدَ فِيهِ بَأْسٌ شَدِيدٌ وَمَنَـٰفِعُ لِلنَّاسِ وَلِيَعْلَمَ ٱللَّهُ مَن يَنصُرُهُۥ وَرُسُلَهُۥ بِٱلْغَيْبِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ قَوِىٌّ عَزِيزٌ
Transliteration laqad arsalnā rusulanā bil-bayināti wa-anzalnā maʿahumu l-kitāba wal-mīzāna liyaqūma l-nāsu bil-qis'ṭi wa-anzalnā l-ḥadīda fīhi basun shadīdun wamanāfiʿu lilnnāsi waliyaʿlama l-lahu man yanṣuruhu warusulahu bil-ghaybi inna l-laha qawiyyun ʿazīzun
Sindhi بيشڪ پنھنجن پيغمبرن کي پڌرين نشانين سان موڪليوسون ۽ ساڻن ڪتاب ۽ تارازي ھن لاءِ موڪليوسون ته ماڻھو انصاف سان بيھڪ وٺن، ۽ لوھ موڪليوسون جنھن جي ڪري سخت ويڙھ آھي ۽ ماڻھن لاءِ (ٻيا) فائدا (به) آھن ۽ ته جيڪو الله ۽ سندس پيغمبرن کي پرپُٺ مدد ڏئي تنھن کي الله معلوم ڪري، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.
Verse 26
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا وَإِبْرَٰهِيمَ وَجَعَلْنَا فِى ذُرِّيَّتِهِمَا ٱلنُّبُوَّةَ وَٱلْكِتَـٰبَ ۖ فَمِنْهُم مُّهْتَدٍ ۖ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ فَـٰسِقُونَ
Transliteration walaqad arsalnā nūḥan wa-ib'rāhīma wajaʿalnā fī dhurriyyatihimā l-nubuwata wal-kitāba famin'hum muh'tadin wakathīrun min'hum fāsiqūna
Sindhi ۽ بيشڪ نُوح ۽ ابراھيم کي موڪليوسون ۽ سندن اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب (امانت) رکيوسون پوءِ منجھائن ڪي ھدايت وارا آھن، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.
Verse 27
ثُمَّ قَفَّيْنَا عَلَىٰٓ ءَاثَـٰرِهِم بِرُسُلِنَا وَقَفَّيْنَا بِعِيسَى ٱبْنِ مَرْيَمَ وَءَاتَيْنَـٰهُ ٱلْإِنجِيلَ وَجَعَلْنَا فِى قُلُوبِ ٱلَّذِينَ ٱتَّبَعُوهُ رَأْفَةً وَرَحْمَةً وَرَهْبَانِيَّةً ٱبْتَدَعُوهَا مَا كَتَبْنَـٰهَا عَلَيْهِمْ إِلَّا ٱبْتِغَآءَ رِضْوَٰنِ ٱللَّهِ فَمَا رَعَوْهَا حَقَّ رِعَايَتِهَا ۖ فَـَٔاتَيْنَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مِنْهُمْ أَجْرَهُمْ ۖ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ فَـٰسِقُونَ
Transliteration thumma qaffaynā ʿalā āthārihim birusulinā waqaffaynā biʿīsā ib'ni maryama waātaynāhu l-injīla wajaʿalnā fī qulūbi alladhīna ittabaʿūhu rafatan waraḥmatan warahbāniyyatan ib'tadaʿūhā mā katabnāhā ʿalayhim illā ib'tighāa riḍ'wāni l-lahi famā raʿawhā ḥaqqa riʿāyatihā faātaynā alladhīna āmanū min'hum ajrahum wakathīrun min'hum fāsiqūna
Sindhi وري پٺيانئن پنھنجا (ٻيا) پيغمبر موڪلياسون ۽ پوئتان عيسىٰ پُٽ مريم جي کي موڪليوسون ۽ کيس انجيل ڏنوسون، ۽ جن سندس تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ ٻاجھ رکي سون، ۽ اُھا گوشه نشيني جا پاڻ ٺاھي ھوائون سا اسان مٿن فرض نه ڪئي ھُئي پر الله جي رضامندي جي طلب لاءِ پاڻ ٺاھي ھوائون پوءِ اُن جو پورو حق نظر نه رکيائون، پوءِ منجھائن جن ايمان آندو تن کي سندن اجر ڏنوسون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.
Verse 28
يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَءَامِنُوا۟ بِرَسُولِهِۦ يُؤْتِكُمْ كِفْلَيْنِ مِن رَّحْمَتِهِۦ وَيَجْعَل لَّكُمْ نُورًا تَمْشُونَ بِهِۦ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ۚ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū ittaqū l-laha waāminū birasūlihi yu'tikum kif'layni min raḥmatihi wayajʿal lakum nūran tamshūna bihi wayaghfir lakum wal-lahu ghafūrun raḥīmun
Sindhi اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان به ڀاڱا ڏئي ۽ اوھان کي اھڙو نُور ڏئي جنھن سان (رستو) ھلو ۽ اوھان کي بخشي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
Verse 29
لِّئَلَّا يَعْلَمَ أَهْلُ ٱلْكِتَـٰبِ أَلَّا يَقْدِرُونَ عَلَىٰ شَىْءٍ مِّن فَضْلِ ٱللَّهِ ۙ وَأَنَّ ٱلْفَضْلَ بِيَدِ ٱللَّهِ يُؤْتِيهِ مَن يَشَآءُ ۚ وَٱللَّهُ ذُو ٱلْفَضْلِ ٱلْعَظِيمِ
Transliteration li-allā yaʿlama ahlu l-kitābi allā yaqdirūna ʿalā shayin min faḍli l-lahi wa-anna l-faḍla biyadi l-lahi yu'tīhi man yashāu wal-lahu dhū l-faḍli l-ʿaẓīmi
Sindhi ھن ڪري (الله ھي خبر ڏني) ته اھل ڪتاب جا ڄاڻن ته اُھي الله جي فضل مان ڪنھن شيءَ تي سگھ رکي نه سگھندا آھن ۽ ته فضل الله جي ھٿ ۾ آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
Read Surah Al-Hadid in another language
- English (word by word)
- Albanian
- Amazigh
- Amharic
- Assamese
- Azerbaijani
- Bambara
- Bangla
- Bosnian
- Bulgarian
- Chechen
- Chinese
- Czech
- Dari
- Dhivehi
- Dutch
- Finnish
- French
- German
- Gujarati
- Hausa
- Hebrew
- Hindi
- Indonesian
- Italian
- Japanese
- Kannada
- Kazakh
- Khmer
- Kinyarwanda
- Korean
- Kurdish
- Luganda
- Malay
- Malayalam
- Maranao
- Marathi
- Nepali
- Norwegian
- Oromo
- Pashto
- Persian
- Polish
- Portuguese
- Romanian
- Russian
- Sinhala
- Somali
- Spanish
- Swahili
- Swedish
- Tagalog
- Tajik
- Tamil
- Tatar
- Telugu
- Thai
- Turkish
- Ukrainian
- Urdu
- Uyghur
- Uzbek
- Vietnamese
- Yao
- Yoruba
All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.
Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.