MyDugsiStart learning

Surah Al-Ahzab in Sindhi: translation and audio

Surah 33 · الأحزاب · The Combined Forces · 73 verses

Surah Al-Ahzab verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Al-Ahzab word by word in English.

Verse 1

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ ٱتَّقِ ٱللَّهَ وَلَا تُطِعِ ٱلْكَـٰفِرِينَ وَٱلْمُنَـٰفِقِينَ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلِيمًا حَكِيمًا

Transliteration yāayyuhā l-nabiyu ittaqi l-laha walā tuṭiʿi l-kāfirīna wal-munāfiqīna inna l-laha kāna ʿalīman ḥakīman

Sindhi اي پيغمبر الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 2

وَٱتَّبِعْ مَا يُوحَىٰٓ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًا

Transliteration wa-ittabiʿ mā yūḥā ilayka min rabbika inna l-laha kāna bimā taʿmalūna khabīran

Sindhi ۽ جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھنجي تابعداري ڪر، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

Verse 3

وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًا

Transliteration watawakkal ʿalā l-lahi wakafā bil-lahi wakīlan

Sindhi ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي.

Verse 4

مَّا جَعَلَ ٱللَّهُ لِرَجُلٍ مِّن قَلْبَيْنِ فِى جَوْفِهِۦ ۚ وَمَا جَعَلَ أَزْوَٰجَكُمُ ٱلَّـٰٓـِٔى تُظَـٰهِرُونَ مِنْهُنَّ أُمَّهَـٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ أَدْعِيَآءَكُمْ أَبْنَآءَكُمْ ۚ ذَٰلِكُمْ قَوْلُكُم بِأَفْوَٰهِكُمْ ۖ وَٱللَّهُ يَقُولُ ٱلْحَقَّ وَهُوَ يَهْدِى ٱلسَّبِيلَ

Transliteration mā jaʿala l-lahu lirajulin min qalbayni fī jawfihi wamā jaʿala azwājakumu allāī tuẓāhirūna min'hunna ummahātikum wamā jaʿala adʿiyāakum abnāakum dhālikum qawlukum bi-afwāhikum wal-lahu yaqūlu l-ḥaqa wahuwa yahdī l-sabīla

Sindhi الله ڪنھن مڙس جي اندر ۾ ٻه دليون (پيدا) نه ڪيون آھن، ۽ نڪي اوھان جي انھن زالن کي جن کي اوھين ماءُ چئي ويٺا آھيو سي اوھان جون (حقيقي) مائر ڪيائين، ۽ نڪي اوھان جي پُٽيلن کي اوھان جا (حقيقي) پُٽ ڪيائين اھو اوھان جو چوڻ اوھان جي واتن جو آھي، ۽ الله سچ چوندو آھي ۽ اُھوئي (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي.

Verse 5

ٱدْعُوهُمْ لِـَٔابَآئِهِمْ هُوَ أَقْسَطُ عِندَ ٱللَّهِ ۚ فَإِن لَّمْ تَعْلَمُوٓا۟ ءَابَآءَهُمْ فَإِخْوَٰنُكُمْ فِى ٱلدِّينِ وَمَوَٰلِيكُمْ ۚ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيمَآ أَخْطَأْتُم بِهِۦ وَلَـٰكِن مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوبُكُمْ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration id'ʿūhum liābāihim huwa aqsaṭu ʿinda l-lahi fa-in lam taʿlamū ābāahum fa-ikh'wānukum fī l-dīni wamawālīkum walaysa ʿalaykum junāḥun fīmā akhṭatum bihi walākin mā taʿammadat qulūbukum wakāna l-lahu ghafūran raḥīman

Sindhi کين سندن پِين جا (پٽ ڪري) سڏيو اھو الله وٽ بلڪل انصاف آھي، پوءِ جيڪڏھن سندن پيئر نه ڄاڻندا ھجو ته اوھان جا دين ۾ ڀائر ۽ اوھان جا دوست آھن، ۽ جنھن ڳالھائڻ ۾ چوڪ ڪئي ھجيوَ تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي پر اوھان جي دلين جيڪي ڄاڻي واڻي ڪيو (تنھن ۾ گناھ آھي)، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 6

ٱلنَّبِىُّ أَوْلَىٰ بِٱلْمُؤْمِنِينَ مِنْ أَنفُسِهِمْ ۖ وَأَزْوَٰجُهُۥٓ أُمَّهَـٰتُهُمْ ۗ وَأُو۟لُوا۟ ٱلْأَرْحَامِ بَعْضُهُمْ أَوْلَىٰ بِبَعْضٍ فِى كِتَـٰبِ ٱللَّهِ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُهَـٰجِرِينَ إِلَّآ أَن تَفْعَلُوٓا۟ إِلَىٰٓ أَوْلِيَآئِكُم مَّعْرُوفًا ۚ كَانَ ذَٰلِكَ فِى ٱلْكِتَـٰبِ مَسْطُورًا

Transliteration al-nabiyu awlā bil-mu'minīna min anfusihim wa-azwājuhu ummahātuhum wa-ulū l-arḥāmi baʿḍuhum awlā bibaʿḍin fī kitābi l-lahi mina l-mu'minīna wal-muhājirīna illā an tafʿalū ilā awliyāikum maʿrūfan kāna dhālika fī l-kitābi masṭūran

Sindhi پيغمبر مؤمنن تي سندن جندن کان وڌيڪ حق رکندو آھي ۽ سندس زالون سندين مائر آھن، ۽ مائٽي وارا ھڪ ٻئي جا پاڻ ۾ الله جي ڪتاب ۾ (ٻـين) مؤمنن ۽ ھجرت ڪندڙن کان وڌيڪ ويجھا آھن پر پنھنجن دوستن سان احسان ڪريو (ته جائز آھي)، اِھو (حُڪم) ڪتاب ۾ لکيل آھي.

Verse 7

وَإِذْ أَخَذْنَا مِنَ ٱلنَّبِيِّـۧنَ مِيثَـٰقَهُمْ وَمِنكَ وَمِن نُّوحٍ وَإِبْرَٰهِيمَ وَمُوسَىٰ وَعِيسَى ٱبْنِ مَرْيَمَ ۖ وَأَخَذْنَا مِنْهُم مِّيثَـٰقًا غَلِيظًا

Transliteration wa-idh akhadhnā mina l-nabiyīna mīthāqahum waminka wamin nūḥin wa-ib'rāhīma wamūsā waʿīsā ib'ni maryama wa-akhadhnā min'hum mīthāqan ghalīẓan

Sindhi ۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبرن کان سندن انجام ورتوسون ۽ (پڻ) توکان ۽ نُوح ۽ ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عِيسىٰ پٽ مريم جي کان به، ۽ (ھن لاءِ) کانئن پڪو انجام ورتوسون.

Verse 8

لِّيَسْـَٔلَ ٱلصَّـٰدِقِينَ عَن صِدْقِهِمْ ۚ وَأَعَدَّ لِلْكَـٰفِرِينَ عَذَابًا أَلِيمًا

Transliteration liyasala l-ṣādiqīna ʿan ṣid'qihim wa-aʿadda lil'kāfirīna ʿadhāban alīman

Sindhi ته (الله) سچن کان سندين سچائي بابت پُڇي، ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.

Verse 9

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱذْكُرُوا۟ نِعْمَةَ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ جَآءَتْكُمْ جُنُودٌ فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًا وَجُنُودًا لَّمْ تَرَوْهَا ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū udh'kurū niʿ'mata l-lahi ʿalaykum idh jāatkum junūdun fa-arsalnā ʿalayhim rīḥan wajunūdan lam tarawhā wakāna l-lahu bimā taʿmalūna baṣīran

Sindhi اي ايمان وارؤ پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو جڏھن (ڪافرن جا) لشڪر اوھان تي (چڙھائي ڪري) آيا تڏھن مٿن واءُ کي موڪليوسون ۽ (اوھان جي مدد لاءِ ملائڪن جا) اھڙا لشڪر به جن کي اوھان نه ٿي ڏٺو (پوءِ ڪافرن کي ڀڄائي اوھان کي بچايوسون) ۽ جيڪي ڪريو ٿا سو الله ڏسندڙ آھي.

Verse 10

إِذْ جَآءُوكُم مِّن فَوْقِكُمْ وَمِنْ أَسْفَلَ مِنكُمْ وَإِذْ زَاغَتِ ٱلْأَبْصَـٰرُ وَبَلَغَتِ ٱلْقُلُوبُ ٱلْحَنَاجِرَ وَتَظُنُّونَ بِٱللَّهِ ٱلظُّنُونَا۠

Transliteration idh jāūkum min fawqikum wamin asfala minkum wa-idh zāghati l-abṣāru wabalaghati l-qulūbu l-ḥanājira wataẓunnūna bil-lahi l-ẓunūnā

Sindhi جڏھن (اُھي) اوھان جي مٿان ۽ اوھان جي ھيٺان اوھان وٽ آيا ۽ اُنھيءَ مھل اکيون ٽِڙي ويون ۽ دليون (دھشت کان) نِڙ گھٽن کي پُھتيون ۽ الله جي به نسبت ڪيئي گمان ڀانيوَ ٿي.

Verse 11

هُنَالِكَ ٱبْتُلِىَ ٱلْمُؤْمِنُونَ وَزُلْزِلُوا۟ زِلْزَالًا شَدِيدًا

Transliteration hunālika ub'tuliya l-mu'minūna wazul'zilū zil'zālan shadīdan

Sindhi اُتي مُؤمنن کي پرکيو ويو ۽ کين تمام سخت لوڏيو ويو.

Verse 12

وَإِذْ يَقُولُ ٱلْمُنَـٰفِقُونَ وَٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥٓ إِلَّا غُرُورًا

Transliteration wa-idh yaqūlu l-munāfiqūna wa-alladhīna fī qulūbihim maraḍun mā waʿadanā l-lahu warasūluhu illā ghurūran

Sindhi ۽ اُنھيءَ مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن چيو ٿي ته الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انجام نه ڏنو آھي.

Verse 13

وَإِذْ قَالَت طَّآئِفَةٌ مِّنْهُمْ يَـٰٓأَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَٱرْجِعُوا۟ ۚ وَيَسْتَـْٔذِنُ فَرِيقٌ مِّنْهُمُ ٱلنَّبِىَّ يَقُولُونَ إِنَّ بُيُوتَنَا عَوْرَةٌ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ۖ إِن يُرِيدُونَ إِلَّا فِرَارًا

Transliteration wa-idh qālat ṭāifatun min'hum yāahla yathriba lā muqāma lakum fa-ir'jiʿū wayastadhinu farīqun min'humu l-nabiya yaqūlūna inna buyūtanā ʿawratun wamā hiya biʿawratin in yurīdūna illā firāran

Sindhi ۽ اُنھي مھل منجھانئن ھڪ ٽوليءَ چيو ته اي مديني وارؤ اوھان لاءِ (ھتي ترسڻ جي) ڪا جاءِ ڪانھي تنھنڪري موٽو، ۽ منجھانئن ھڪ ٽوليءَ پيغمبر کان موڪلايو ٿي ۽ چوڻ لڳا ته اسان جا گھر ھيڪلا آھن، حالانڪ اُھي ھيڪلا نه ھوا، ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نه ھون.

Verse 14

وَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِم مِّنْ أَقْطَارِهَا ثُمَّ سُئِلُوا۟ ٱلْفِتْنَةَ لَـَٔاتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوا۟ بِهَآ إِلَّا يَسِيرًا

Transliteration walaw dukhilat ʿalayhim min aqṭārihā thumma su-ilū l-fit'nata laātawhā wamā talabbathū bihā illā yasīran

Sindhi ۽ جيڪڏھن اُن (مديني) جي آس پاس کان مٿن ڪا (ڪافرن جي فوج) اچي ڪڙڪي ھا وري کانئن گھُرو جنگ گھُرڻ ۾ اچي ھا ته ضرور اُھا ڪن ھا ۽ اُن لاءِ ٿوري (دير) کان سواءِ ترسن ئي نه ھا.

Verse 15

وَلَقَدْ كَانُوا۟ عَـٰهَدُوا۟ ٱللَّهَ مِن قَبْلُ لَا يُوَلُّونَ ٱلْأَدْبَـٰرَ ۚ وَكَانَ عَهْدُ ٱللَّهِ مَسْـُٔولًا

Transliteration walaqad kānū ʿāhadū l-laha min qablu lā yuwallūna l-adbāra wakāna ʿahdu l-lahi masūlan

Sindhi ۽ (ھن کان) اڳ الله سان انجام ڪيو ھوائون ته (ڀڄڻ لاءِ) پٺيون نه ڦيريندا، ۽ الله جي انجام جي (ضرور) پُڇا ڪئي ويندي.

Verse 16

قُل لَّن يَنفَعَكُمُ ٱلْفِرَارُ إِن فَرَرْتُم مِّنَ ٱلْمَوْتِ أَوِ ٱلْقَتْلِ وَإِذًا لَّا تُمَتَّعُونَ إِلَّا قَلِيلًا

Transliteration qul lan yanfaʿakumu l-firāru in farartum mina l-mawti awi l-qatli wa-idhan lā tumattaʿūna illā qalīlan

Sindhi (کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين مرڻ يا مارجڻ کان ڀڄندؤ ته ڀڄڻ اوھان کي فائدو نه ڏيندو ۽ اُنھيءَ مھل بلڪل ٿورو فائدو ڏنو ويندوَ.

Verse 17

قُلْ مَن ذَا ٱلَّذِى يَعْصِمُكُم مِّنَ ٱللَّهِ إِنْ أَرَادَ بِكُمْ سُوٓءًا أَوْ أَرَادَ بِكُمْ رَحْمَةً ۚ وَلَا يَجِدُونَ لَهُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا

Transliteration qul man dhā alladhī yaʿṣimukum mina l-lahi in arāda bikum sūan aw arāda bikum raḥmatan walā yajidūna lahum min dūni l-lahi waliyyan walā naṣīran

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان کي الله (جي عذاب) کان ڪير بچائيندو جيڪڏھن اُھو اوھان کي ڪا اوکائي پھچائڻ گھري يا اوھان کي ڪا ٻاجھ پھچائڻ گھري (ته اُھا ڪير روڪيندو؟)، ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو دوست ۽ نڪو مددگار لھندا.

Verse 18

۞ قَدْ يَعْلَمُ ٱللَّهُ ٱلْمُعَوِّقِينَ مِنكُمْ وَٱلْقَآئِلِينَ لِإِخْوَٰنِهِمْ هَلُمَّ إِلَيْنَا ۖ وَلَا يَأْتُونَ ٱلْبَأْسَ إِلَّا قَلِيلًا

Transliteration qad yaʿlamu l-lahu l-muʿawiqīna minkum wal-qāilīna li-ikh'wānihim halumma ilaynā walā yatūna l-basa illā qalīlan

Sindhi اوھان مان (جھاد کان) جھليندڙن ۽ پنھنجن ڀائرن کي (ھئن) چوندڙن کي ته اسان ڏانھن اچو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) لڙائي ۾ نه ٿا اچن.

Verse 19

أَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ۖ فَإِذَا جَآءَ ٱلْخَوْفُ رَأَيْتَهُمْ يَنظُرُونَ إِلَيْكَ تَدُورُ أَعْيُنُهُمْ كَٱلَّذِى يُغْشَىٰ عَلَيْهِ مِنَ ٱلْمَوْتِ ۖ فَإِذَا ذَهَبَ ٱلْخَوْفُ سَلَقُوكُم بِأَلْسِنَةٍ حِدَادٍ أَشِحَّةً عَلَى ٱلْخَيْرِ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ لَمْ يُؤْمِنُوا۟ فَأَحْبَطَ ٱللَّهُ أَعْمَـٰلَهُمْ ۚ وَكَانَ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرًا

Transliteration ashiḥḥatan ʿalaykum fa-idhā jāa l-khawfu ra-aytahum yanẓurūna ilayka tadūru aʿyunuhum ka-alladhī yugh'shā ʿalayhi mina l-mawti fa-idhā dhahaba l-khawfu salaqūkum bi-alsinatin ḥidādin ashiḥḥatan ʿalā l-khayri ulāika lam yu'minū fa-aḥbaṭa l-lahu aʿmālahum wakāna dhālika ʿalā l-lahi yasīran

Sindhi (ھٿون) اوھان تي پبچائي ڪندڙ آھن، پوءِ جنھن مھل ڀَـوَ (جو وقت) اچي (تنھن مھل) کين ڏسين ته توڏانھن نھاريندا آھن جو سندن اکيون اُن (ماڻھوءَ) وانگر ڦِرنديون آھن جنھن تي موت (جي سڪرات) جي بيھوشي پھتي ھجي، پوءِ جنھن مھل (جنگ جو) ڀؤ لھندو آھي تنھن مھل (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوھان کي تکين زبانن سان ايذائيندا آھن، انھن ايمان نه آندو تنھنڪري الله سندن اعمال چَٽ ڪيا، ۽ اھو ڪم الله کي آسان آھي.

Verse 20

يَحْسَبُونَ ٱلْأَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوا۟ ۖ وَإِن يَأْتِ ٱلْأَحْزَابُ يَوَدُّوا۟ لَوْ أَنَّهُم بَادُونَ فِى ٱلْأَعْرَابِ يَسْـَٔلُونَ عَنْ أَنۢبَآئِكُمْ ۖ وَلَوْ كَانُوا۟ فِيكُم مَّا قَـٰتَلُوٓا۟ إِلَّا قَلِيلًا

Transliteration yaḥsabūna l-aḥzāba lam yadhhabū wa-in yati l-aḥzābu yawaddū law annahum bādūna fī l-aʿrābi yasalūna ʿan anbāikum walaw kānū fīkum mā qātalū illā qalīlan

Sindhi (خوف جي ڪري) ڀائيندا آھن ته (ڪافرن جا) ڪٽڪ نه ويا آھن، ۽ جيڪڏھن (ڪافرن جا) ڪي ڪٽڪ اچن ھا ته (ھيءَ ڳالھ) گھُرن ھا ته اُھي جيڪر جھنگلن ۾ ويٺل ھجن ھا (۽) اوھان جون خبرون (ھرڪنھن کان) پڇندا رھن ھا، ۽ جيڪڏھن اوھان ۾ ھجن ته رڳو ٿورو (اچي) جنگ ۾ وڙھن.

Verse 21

لَّقَدْ كَانَ لَكُمْ فِى رَسُولِ ٱللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ لِّمَن كَانَ يَرْجُوا۟ ٱللَّهَ وَٱلْيَوْمَ ٱلْـَٔاخِرَ وَذَكَرَ ٱللَّهَ كَثِيرًا

Transliteration laqad kāna lakum fī rasūli l-lahi us'watun ḥasanatun liman kāna yarjū l-laha wal-yawma l-ākhira wadhakara l-laha kathīran

Sindhi بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر جي طريقي ۾ عمدي پيروي اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي رضا جي اُميد) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندو ھجي.

Verse 22

وَلَمَّا رَءَا ٱلْمُؤْمِنُونَ ٱلْأَحْزَابَ قَالُوا۟ هَـٰذَا مَا وَعَدَنَا ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥ وَصَدَقَ ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥ ۚ وَمَا زَادَهُمْ إِلَّآ إِيمَـٰنًا وَتَسْلِيمًا

Transliteration walammā raā l-mu'minūna l-aḥzāba qālū hādhā mā waʿadanā l-lahu warasūluhu waṣadaqa l-lahu warasūluhu wamā zādahum illā īmānan wataslīman

Sindhi ۽ جنھن مھل مؤمنن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو (تنھن مھل) چيائون ته ھي اُھو انجام آھي جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ڏنو ھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر سچ فرمايو ھو، ۽ اِنھيءَ (حالت) اُنھن کي ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ ھيڪارو وڌايو.

Verse 23

مِّنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ رِجَالٌ صَدَقُوا۟ مَا عَـٰهَدُوا۟ ٱللَّهَ عَلَيْهِ ۖ فَمِنْهُم مَّن قَضَىٰ نَحْبَهُۥ وَمِنْهُم مَّن يَنتَظِرُ ۖ وَمَا بَدَّلُوا۟ تَبْدِيلًا

Transliteration mina l-mu'minīna rijālun ṣadaqū mā ʿāhadū l-laha ʿalayhi famin'hum man qaḍā naḥbahu wamin'hum man yantaẓiru wamā baddalū tabdīlan

Sindhi مؤمنن مان ڪي اھڙا ماڻھو آھن جو جيڪو الله سان انجام ڪيو ھوائون تنھن کي سچو ڪيائون، پوءِ منجھانئن ڪن پنھنجو ذمون پورو ڪيو ۽ منجھانئن ڪو انتظار ڪندو آھي، ۽ (پنھنجي چوڻ کي) ڪنھن طرح نه مٽايائون.

Verse 24

لِّيَجْزِىَ ٱللَّهُ ٱلصَّـٰدِقِينَ بِصِدْقِهِمْ وَيُعَذِّبَ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ إِن شَآءَ أَوْ يَتُوبَ عَلَيْهِمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration liyajziya l-lahu l-ṣādiqīna biṣid'qihim wayuʿadhiba l-munāfiqīna in shāa aw yatūba ʿalayhim inna l-laha kāna ghafūran raḥīman

Sindhi (اھو ھن ڪري آھي) ته الله سچن کي سندن سچائي سببان بدلو ڏئي ۽ جيڪڏھن گھري ته منافقن کي عذاب ڪري يا (توبه جي توفيق ڏئڻ سان) مٿن ٻاجھ سان موٽي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 25

وَرَدَّ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِغَيْظِهِمْ لَمْ يَنَالُوا۟ خَيْرًا ۚ وَكَفَى ٱللَّهُ ٱلْمُؤْمِنِينَ ٱلْقِتَالَ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ قَوِيًّا عَزِيزًا

Transliteration waradda l-lahu alladhīna kafarū bighayẓihim lam yanālū khayran wakafā l-lahu l-mu'minīna l-qitāla wakāna l-lahu qawiyyan ʿazīzan

Sindhi ۽ الله ڪافرن کي سندن ڏمر سميت موٽايو جو ڪا چڱائي نه لڌائون، ۽ الله مؤمنن جي پاران ويڙھ لاءِ ڪافي ٿيو، ۽ الله سگھارو غالب آھي.

Verse 26

وَأَنزَلَ ٱلَّذِينَ ظَـٰهَرُوهُم مِّنْ أَهْلِ ٱلْكِتَـٰبِ مِن صَيَاصِيهِمْ وَقَذَفَ فِى قُلُوبِهِمُ ٱلرُّعْبَ فَرِيقًا تَقْتُلُونَ وَتَأْسِرُونَ فَرِيقًا

Transliteration wa-anzala alladhīna ẓāharūhum min ahli l-kitābi min ṣayāṣīhim waqadhafa fī qulūbihimu l-ruʿ'ba farīqan taqtulūna watasirūna farīqan

Sindhi ۽ ڪتاب وارن مان جن انھن (مشرڪن) جي مدد ڪئي ھئي تن کي (الله) سندن ڪوٽن مان لاٿو ۽ سندين دلين ۾ دھشت وڌائين (جو) ھڪ ٽوليءَ کي ڪُٺوَ ٿي ۽ ٻيءَ ٽوليءَ کي قيدي ڪيوَ ٿي.

Verse 27

وَأَوْرَثَكُمْ أَرْضَهُمْ وَدِيَـٰرَهُمْ وَأَمْوَٰلَهُمْ وَأَرْضًا لَّمْ تَطَـُٔوهَا ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرًا

Transliteration wa-awrathakum arḍahum wadiyārahum wa-amwālahum wa-arḍan lam taṭaūhā wakāna l-lahu ʿalā kulli shayin qadīran

Sindhi ۽ (نيٺ) اوھان کي سندين زمين ۽ سندين گھرن ۽ سندن انھيءَ زمين جو وارث ڪيائين جنھن تي پير (به) نه گھُمايو ھيوَ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

Verse 28

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ قُل لِّأَزْوَٰجِكَ إِن كُنتُنَّ تُرِدْنَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا وَزِينَتَهَا فَتَعَالَيْنَ أُمَتِّعْكُنَّ وَأُسَرِّحْكُنَّ سَرَاحًا جَمِيلًا

Transliteration yāayyuhā l-nabiyu qul li-azwājika in kuntunna turid'na l-ḥayata l-dun'yā wazīnatahā fataʿālayna umattiʿ'kunna wa-usarriḥ'kunna sarāḥan jamīlan

Sindhi اي پيغمبر پنھنجي زالن کي چؤ ته جيڪڏھن اوھين دنيا جي حياتي ۽ اُن جو سينگار گھرنديون ھجو ته اچو ته اوھان کي جورو ڏيان ۽ چڱي طرح ڇڏيان.

Verse 29

وَإِن كُنتُنَّ تُرِدْنَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَٱلدَّارَ ٱلْـَٔاخِرَةَ فَإِنَّ ٱللَّهَ أَعَدَّ لِلْمُحْسِنَـٰتِ مِنكُنَّ أَجْرًا عَظِيمًا

Transliteration wa-in kuntunna turid'na l-laha warasūlahu wal-dāra l-ākhirata fa-inna l-laha aʿadda lil'muḥ'sināti minkunna ajran ʿaẓīman

Sindhi ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ سندس پيغمبر ۽ آخرت جي گھر (يعني بھشت) کي گھرو ٿيون ته بيشڪ اوھان مان نيڪ بختن لاءِ الله وڏو اجر تيار ڪيو آھي.

Verse 30

يَـٰنِسَآءَ ٱلنَّبِىِّ مَن يَأْتِ مِنكُنَّ بِفَـٰحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ يُضَـٰعَفْ لَهَا ٱلْعَذَابُ ضِعْفَيْنِ ۚ وَكَانَ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرًا

Transliteration yānisāa l-nabiyi man yati minkunna bifāḥishatin mubayyinatin yuḍāʿaf lahā l-ʿadhābu ḍiʿ'fayni wakāna dhālika ʿalā l-lahi yasīran

Sindhi اي پيغمبر جون زالون اوھان مان جيڪا پڌري بي حيائي ڪندي تنھن کي وڌائي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، ۽ اِھو الله تي آسان آھي.

Verse 31

۞ وَمَن يَقْنُتْ مِنكُنَّ لِلَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَتَعْمَلْ صَـٰلِحًا نُّؤْتِهَآ أَجْرَهَا مَرَّتَيْنِ وَأَعْتَدْنَا لَهَا رِزْقًا كَرِيمًا

Transliteration waman yaqnut minkunna lillahi warasūlihi wataʿmal ṣāliḥan nu'tihā ajrahā marratayni wa-aʿtadnā lahā riz'qan karīman

Sindhi ۽ اوھان مان جيڪا الله ۽ سندس پيغمبر جي تابعداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي تنھن کي سندس اجر ٻه ڀيرا ڏينداسين ۽ اُن لاءِ عزت واري روزي تيار ڪنداسين.

Verse 32

يَـٰنِسَآءَ ٱلنَّبِىِّ لَسْتُنَّ كَأَحَدٍ مِّنَ ٱلنِّسَآءِ ۚ إِنِ ٱتَّقَيْتُنَّ فَلَا تَخْضَعْنَ بِٱلْقَوْلِ فَيَطْمَعَ ٱلَّذِى فِى قَلْبِهِۦ مَرَضٌ وَقُلْنَ قَوْلًا مَّعْرُوفًا

Transliteration yānisāa l-nabiyi lastunna ka-aḥadin mina l-nisāi ini ittaqaytunna falā takhḍaʿna bil-qawli fayaṭmaʿa alladhī fī qalbihi maraḍun waqul'na qawlan maʿrūfan

Sindhi اي پيغمبر جون زالون اوھين ڪن ٻـين زالن جھڙيون نه آھيو جيڪڏھن اوھين (الله کان) ڊڄنديون آھيو ته (ڪنھن ڌارئي ماڻھوءَ سان) ڳالھائڻ ۾ ھيٺاھين نه ڪريو ڇوته جنھن جي دل ۾ بيماري آھي سو (متان) طمع ڪري ۽ چڱو سُخن ڳالھايو.

Verse 33

وَقَرْنَ فِى بُيُوتِكُنَّ وَلَا تَبَرَّجْنَ تَبَرُّجَ ٱلْجَـٰهِلِيَّةِ ٱلْأُولَىٰ ۖ وَأَقِمْنَ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتِينَ ٱلزَّكَوٰةَ وَأَطِعْنَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥٓ ۚ إِنَّمَا يُرِيدُ ٱللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنكُمُ ٱلرِّجْسَ أَهْلَ ٱلْبَيْتِ وَيُطَهِّرَكُمْ تَطْهِيرًا

Transliteration waqarna fī buyūtikunna walā tabarrajna tabarruja l-jāhiliyati l-ūlā wa-aqim'na l-ṣalata waātīna l-zakata wa-aṭiʿ'na l-laha warasūlahu innamā yurīdu l-lahu liyudh'hiba ʿankumu l-rij'sa ahla l-bayti wayuṭahhirakum taṭhīran

Sindhi ۽ پنھنجن گھرن ۾ رھو ۽ پھرينءَ جاھليت جي سينگار وانگر سينگار نه ڪريو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، اي پيغمبر جا گھر وارؤ الله رڳو ھي گھرندو آھي ته اوھان کان پليتي دور ڪري ۽ ته اوھان کي چڱي طرح پاڪ ڪري.

Verse 34

وَٱذْكُرْنَ مَا يُتْلَىٰ فِى بُيُوتِكُنَّ مِنْ ءَايَـٰتِ ٱللَّهِ وَٱلْحِكْمَةِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ لَطِيفًا خَبِيرًا

Transliteration wa-udh'kur'na mā yut'lā fī buyūtikunna min āyāti l-lahi wal-ḥik'mati inna l-laha kāna laṭīfan khabīran

Sindhi ۽ اوھان جي گھرن ۾ جيڪي الله جي آيتن ۽ دانائيءَ جي ڳالھين مان پڙھيو وڃي ٿو سو ياد ڪريو، بيشڪ الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي.

Verse 35

إِنَّ ٱلْمُسْلِمِينَ وَٱلْمُسْلِمَـٰتِ وَٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَـٰتِ وَٱلْقَـٰنِتِينَ وَٱلْقَـٰنِتَـٰتِ وَٱلصَّـٰدِقِينَ وَٱلصَّـٰدِقَـٰتِ وَٱلصَّـٰبِرِينَ وَٱلصَّـٰبِرَٰتِ وَٱلْخَـٰشِعِينَ وَٱلْخَـٰشِعَـٰتِ وَٱلْمُتَصَدِّقِينَ وَٱلْمُتَصَدِّقَـٰتِ وَٱلصَّـٰٓئِمِينَ وَٱلصَّـٰٓئِمَـٰتِ وَٱلْحَـٰفِظِينَ فُرُوجَهُمْ وَٱلْحَـٰفِظَـٰتِ وَٱلذَّٰكِرِينَ ٱللَّهَ كَثِيرًا وَٱلذَّٰكِرَٰتِ أَعَدَّ ٱللَّهُ لَهُم مَّغْفِرَةً وَأَجْرًا عَظِيمًا

Transliteration inna l-mus'limīna wal-mus'limāti wal-mu'minīna wal-mu'mināti wal-qānitīna wal-qānitāti wal-ṣādiqīna wal-ṣādiqāti wal-ṣābirīna wal-ṣābirāti wal-khāshiʿīna wal-khāshiʿāti wal-mutaṣadiqīna wal-mutaṣadiqāti wal-ṣāimīna wal-ṣāimāti wal-ḥāfiẓīna furūjahum wal-ḥāfiẓāti wal-dhākirīna l-laha kathīran wal-dhākirāti aʿadda l-lahu lahum maghfiratan wa-ajran ʿaẓīman

Sindhi بيشڪ مُسلمان مرد ۽ مُسلمان زالون ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون ۽ فرمانبردار ۽ فرمانبردارڻيون ۽ سچا ۽ سچيون ۽ صبر وارا ۽ صبر واريون ۽ (خدا کان) ڊڄندڙ ۽ (خدا کان) ڊڄندڙيون ۽ خيرات ڪرڻ وارا ۽ خيرات ڪرڻ واريون ۽ روزي رکڻ وارا ۽ روزي رکڻ واريون ۽ پنھنجي اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا ۽ نگاھ رکڻ واريون ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندڙ ۽ ياد ڪندڙيون انھن (سڀني) لاءِ الله بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آھي.

Verse 36

وَمَا كَانَ لِمُؤْمِنٍ وَلَا مُؤْمِنَةٍ إِذَا قَضَى ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥٓ أَمْرًا أَن يَكُونَ لَهُمُ ٱلْخِيَرَةُ مِنْ أَمْرِهِمْ ۗ وَمَن يَعْصِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ فَقَدْ ضَلَّ ضَلَـٰلًا مُّبِينًا

Transliteration wamā kāna limu'minin walā mu'minatin idhā qaḍā l-lahu warasūluhu amran an yakūna lahumu l-khiyaratu min amrihim waman yaʿṣi l-laha warasūlahu faqad ḍalla ḍalālan mubīnan

Sindhi ۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڪنھن ڪم بابت حُڪم ڪري (تڏھن) ڪنھن مؤمن ۽ ڪنھن مؤمنياڻيءَ کي انھي پنھنجي ڪم ۾ ڪو اختيار ھجڻ نه جڳائي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو سو بيشڪ پڌريءَ ڀُل ۾ ڀُلو.

Verse 37

وَإِذْ تَقُولُ لِلَّذِىٓ أَنْعَمَ ٱللَّهُ عَلَيْهِ وَأَنْعَمْتَ عَلَيْهِ أَمْسِكْ عَلَيْكَ زَوْجَكَ وَٱتَّقِ ٱللَّهَ وَتُخْفِى فِى نَفْسِكَ مَا ٱللَّهُ مُبْدِيهِ وَتَخْشَى ٱلنَّاسَ وَٱللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخْشَىٰهُ ۖ فَلَمَّا قَضَىٰ زَيْدٌ مِّنْهَا وَطَرًا زَوَّجْنَـٰكَهَا لِكَىْ لَا يَكُونَ عَلَى ٱلْمُؤْمِنِينَ حَرَجٌ فِىٓ أَزْوَٰجِ أَدْعِيَآئِهِمْ إِذَا قَضَوْا۟ مِنْهُنَّ وَطَرًا ۚ وَكَانَ أَمْرُ ٱللَّهِ مَفْعُولًا

Transliteration wa-idh taqūlu lilladhī anʿama l-lahu ʿalayhi wa-anʿamta ʿalayhi amsik ʿalayka zawjaka wa-ittaqi l-laha watukh'fī fī nafsika mā l-lahu mub'dīhi watakhshā l-nāsa wal-lahu aḥaqqu an takhshāhu falammā qaḍā zaydun min'hā waṭaran zawwajnākahā likay lā yakūna ʿalā l-mu'minīna ḥarajun fī azwāji adʿiyāihim idhā qaḍaw min'hunna waṭaran wakāna amru l-lahi mafʿūlan

Sindhi ۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جڏھن تو اُنھيءَ شخص کي چيو ٿي جنھن تي الله فضل ڪيو آھي ۽ تو (به) مٿس احسان ڪيو ته پنھنجيءَ زال کي جھل (۽ طلاق نه ڏي) ۽ الله کان ڊڄ ۽ تون پنھنجي دل ۾ اُھا ڳالھ لڪائين ٿو جنھن کي الله پڌرو ڪندو آھي ۽ ماڻھن کان ڊنين ٿي، حالانڪ الله (ھن ڳالھ جو) وڌيڪ حقدار آھي جو اُن کان ڊڄين، پوءِ جنھن مھل زيد اُن (عورت) کان پنھنجي حاجت پوري ڪئي (يعني طلاق ڏنائين تنھن مھل) اُن کي توسان پرڻايوسون (ھن لاءِ) ته مؤمنن تي پنھنجي پٽيلين جي زالن پرڻجڻ ۾ ڪا اوکائي نه رھي جڏھن (اُھي) اُنھن کان پنھنجي حاجت پوري ڪن (يعني طلاق ڏين)، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (آھي سو) ٿيڻو آھي.

Verse 38

مَّا كَانَ عَلَى ٱلنَّبِىِّ مِنْ حَرَجٍ فِيمَا فَرَضَ ٱللَّهُ لَهُۥ ۖ سُنَّةَ ٱللَّهِ فِى ٱلَّذِينَ خَلَوْا۟ مِن قَبْلُ ۚ وَكَانَ أَمْرُ ٱللَّهِ قَدَرًا مَّقْدُورًا

Transliteration mā kāna ʿalā l-nabiyi min ḥarajin fīmā faraḍa l-lahu lahu sunnata l-lahi fī alladhīna khalaw min qablu wakāna amru l-lahi qadaran maqdūran

Sindhi پيغمبر تي اُنھيءَ ۾ ڪا اوکائي نه آھي جيڪي الله اُن (پيغمبر) لاءِ حلال ڪيو آھي، جيڪي اڳ گذري ويا تن ۾ (به) الله جو اھو دستور ھو، ۽ الله جو حُڪم ٺھرايل (اُنھن لاءِ) مُقرّر آھي.

Verse 39

ٱلَّذِينَ يُبَلِّغُونَ رِسَـٰلَـٰتِ ٱللَّهِ وَيَخْشَوْنَهُۥ وَلَا يَخْشَوْنَ أَحَدًا إِلَّا ٱللَّهَ ۗ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ حَسِيبًا

Transliteration alladhīna yuballighūna risālāti l-lahi wayakhshawnahu walā yakhshawna aḥadan illā l-laha wakafā bil-lahi ḥasīban

Sindhi جيڪي الله جا پيغام پھچائيندا آھن ۽ کانئس ڊڄندا آھن ۽ الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن کان نه ڊڄندا آھن، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي.

Verse 40

مَّا كَانَ مُحَمَّدٌ أَبَآ أَحَدٍ مِّن رِّجَالِكُمْ وَلَـٰكِن رَّسُولَ ٱللَّهِ وَخَاتَمَ ٱلنَّبِيِّـۧنَ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمًا

Transliteration mā kāna muḥammadun abā aḥadin min rijālikum walākin rasūla l-lahi wakhātama l-nabiyīna wakāna l-lahu bikulli shayin ʿalīman

Sindhi ﷴ (ﷺ) اوھان جي مردن مان ڪنھن ھڪ جو پيءُ نه آھي پر الله جو پيغمبر ۽ سڀني پيغمبرن کان پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو آھي، ۽ الله ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

Verse 41

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱذْكُرُوا۟ ٱللَّهَ ذِكْرًا كَثِيرًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū udh'kurū l-laha dhik'ran kathīran

Sindhi اي ايمان وارؤ الله کي تمام گھڻو ياد ڪريو.

Verse 42

وَسَبِّحُوهُ بُكْرَةً وَأَصِيلًا

Transliteration wasabbiḥūhu buk'ratan wa-aṣīlan

Sindhi ۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو کيس پاڪائيءَ سان واکاڻيو.

Verse 43

هُوَ ٱلَّذِى يُصَلِّى عَلَيْكُمْ وَمَلَـٰٓئِكَتُهُۥ لِيُخْرِجَكُم مِّنَ ٱلظُّلُمَـٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ ۚ وَكَانَ بِٱلْمُؤْمِنِينَ رَحِيمًا

Transliteration huwa alladhī yuṣallī ʿalaykum wamalāikatuhu liyukh'rijakum mina l-ẓulumāti ilā l-nūri wakāna bil-mu'minīna raḥīman

Sindhi ھو اُھو آھي جو اوھان تي رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ به اوھان لاءِ رحمت جي دُعا گھرندا آھن ته اوھان کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ الله مؤمنن تي مھربان آھي.

Verse 44

تَحِيَّتُهُمْ يَوْمَ يَلْقَوْنَهُۥ سَلَـٰمٌ ۚ وَأَعَدَّ لَهُمْ أَجْرًا كَرِيمًا

Transliteration taḥiyyatuhum yawma yalqawnahu salāmun wa-aʿadda lahum ajran karīman

Sindhi جنھن ڏينھن الله کي ملندا (تنھن ڏينھن) سندن کِيڪر سلام آھي، ۽ اُنھن لاءِ عزت وارو اجر تيار ڪيو اٿس.

Verse 45

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ إِنَّآ أَرْسَلْنَـٰكَ شَـٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذِيرًا

Transliteration yāayyuhā l-nabiyu innā arsalnāka shāhidan wamubashiran wanadhīran

Sindhi اي پيغمبر بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.

Verse 46

وَدَاعِيًا إِلَى ٱللَّهِ بِإِذْنِهِۦ وَسِرَاجًا مُّنِيرًا

Transliteration wadāʿiyan ilā l-lahi bi-idh'nihi wasirājan munīran

Sindhi ۽ الله ڏانھن سندس حُڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو (ڪري موڪليوسون).

Verse 47

وَبَشِّرِ ٱلْمُؤْمِنِينَ بِأَنَّ لَهُم مِّنَ ٱللَّهِ فَضْلًا كَبِيرًا

Transliteration wabashiri l-mu'minīna bi-anna lahum mina l-lahi faḍlan kabīran

Sindhi ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ الله جي پار کان وڏو فضل آھي.

Verse 48

وَلَا تُطِعِ ٱلْكَـٰفِرِينَ وَٱلْمُنَـٰفِقِينَ وَدَعْ أَذَىٰهُمْ وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًا

Transliteration walā tuṭiʿi l-kāfirīna wal-munāfiqīna wadaʿ adhāhum watawakkal ʿalā l-lahi wakafā bil-lahi wakīlan

Sindhi ۽ ڪافرن ۽ مُنافقن جو چيو نه مڃ ۽ سندن ايذائڻ (جي خيال) کي ڇڏ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله ڪارساز بس آھي.

Verse 49

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا نَكَحْتُمُ ٱلْمُؤْمِنَـٰتِ ثُمَّ طَلَّقْتُمُوهُنَّ مِن قَبْلِ أَن تَمَسُّوهُنَّ فَمَا لَكُمْ عَلَيْهِنَّ مِنْ عِدَّةٍ تَعْتَدُّونَهَا ۖ فَمَتِّعُوهُنَّ وَسَرِّحُوهُنَّ سَرَاحًا جَمِيلًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū idhā nakaḥtumu l-mu'mināti thumma ṭallaqtumūhunna min qabli an tamassūhunna famā lakum ʿalayhinna min ʿiddatin taʿtaddūnahā famattiʿūhunna wasarriḥūhunna sarāḥan jamīlan

Sindhi اي ايمان وارؤ جڏھن مؤمنياڻين کي پرڻجو (۽) وري کين ھٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏيو تڏھن مٿن ڪا عِدّت اوھان لاءِ ڪانھي جنھن کي (اوھين) ڳڻيو، پوءِ کين (ڇڙو) جورو ڏيو ۽ چڱيءَ طرح سان کين ڇڏيو.

Verse 50

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ إِنَّآ أَحْلَلْنَا لَكَ أَزْوَٰجَكَ ٱلَّـٰتِىٓ ءَاتَيْتَ أُجُورَهُنَّ وَمَا مَلَكَتْ يَمِينُكَ مِمَّآ أَفَآءَ ٱللَّهُ عَلَيْكَ وَبَنَاتِ عَمِّكَ وَبَنَاتِ عَمَّـٰتِكَ وَبَنَاتِ خَالِكَ وَبَنَاتِ خَـٰلَـٰتِكَ ٱلَّـٰتِى هَاجَرْنَ مَعَكَ وَٱمْرَأَةً مُّؤْمِنَةً إِن وَهَبَتْ نَفْسَهَا لِلنَّبِىِّ إِنْ أَرَادَ ٱلنَّبِىُّ أَن يَسْتَنكِحَهَا خَالِصَةً لَّكَ مِن دُونِ ٱلْمُؤْمِنِينَ ۗ قَدْ عَلِمْنَا مَا فَرَضْنَا عَلَيْهِمْ فِىٓ أَزْوَٰجِهِمْ وَمَا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُهُمْ لِكَيْلَا يَكُونَ عَلَيْكَ حَرَجٌ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration yāayyuhā l-nabiyu innā aḥlalnā laka azwājaka allātī ātayta ujūrahunna wamā malakat yamīnuka mimmā afāa l-lahu ʿalayka wabanāti ʿammika wabanāti ʿammātika wabanāti khālika wabanāti khālātika allātī hājarna maʿaka wa-im'ra-atan mu'minatan in wahabat nafsahā lilnnabiyyi in arāda l-nabiyu an yastankiḥahā khāliṣatan laka min dūni l-mu'minīna qad ʿalim'nā mā faraḍnā ʿalayhim fī azwājihim wamā malakat aymānuhum likaylā yakūna ʿalayka ḥarajun wakāna l-lahu ghafūran raḥīman

Sindhi اي پيغمبر بيشڪ اسان تولاءِ اُھي زالون حلال ڪيون جن کي تو سندن ڪابين ڏنو ۽ جيڪي ٻانھيون الله توتي عنايت ڪيون تن مان جن تي تنھنجو ھٿ مالڪ ٿيو سي ۽ تنھنجي چاچي جون ڌيئر ۽ تنھنجي پڦين جون ڌيئر ۽ ۽ تنھنجي مامي جون ڌيئر ۽ تنھنجي ماسين جون ڌيئر جن توسان ھجرت ڪئي حلال ڪيوسون، ۽ اُھا مؤمنياڻي زال به (حلال ڪئي سون) جيڪا پنھنجي جِند پيغمبر کي (سواءِ مھر وٺڻ جي) بخشي بشرطيڪ پيغمبر کيس پرڻجڻ جو ارادو ڪري، (اھو ڪم) مؤمنن کانسواءِ خلاصو تولاءِ آھي، انھن (مؤمنن) تي سندن زالن ۽ سندن ٻانھين بابت جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن جيڪي (ڪابين ۽ خرچ ڏيڻ) فرض ڪيو اٿون سو بيشڪ ڄاتو اٿون (اھو) ھن ڪري ته توتي ڪا اوکائي نه ھجي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 51

۞ تُرْجِى مَن تَشَآءُ مِنْهُنَّ وَتُـْٔوِىٓ إِلَيْكَ مَن تَشَآءُ ۖ وَمَنِ ٱبْتَغَيْتَ مِمَّنْ عَزَلْتَ فَلَا جُنَاحَ عَلَيْكَ ۚ ذَٰلِكَ أَدْنَىٰٓ أَن تَقَرَّ أَعْيُنُهُنَّ وَلَا يَحْزَنَّ وَيَرْضَيْنَ بِمَآ ءَاتَيْتَهُنَّ كُلُّهُنَّ ۚ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ مَا فِى قُلُوبِكُمْ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلِيمًا حَلِيمًا

Transliteration tur'jī man tashāu min'hunna watu'wī ilayka man tashāu wamani ib'taghayta mimman ʿazalta falā junāḥa ʿalayka dhālika adnā an taqarra aʿyunuhunna walā yaḥzanna wayarḍayna bimā ātaytahunna kulluhunna wal-lahu yaʿlamu mā fī qulūbikum wakāna l-lahu ʿalīman ḥalīman

Sindhi منجھانئن جنھن کي گھرين تنھن کي ڇڏي ڏئين ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي پاڻ وٽ جاءِ ڏئين، ۽ جن کي تو پاسي ڪيو تن مان وري جنھن کي طلب ڪرين ته توتي ڪو گناھ نه آھي، اِھو (اختيار) ھن (ڳالھ) کي تمام ويجھو آھي ته سندن اکيون ٺرن ۽ (اُھي) غمگين نه ٿين ۽ جيڪي تون کين ڏئين تنھن کان اُھي سڀ خوش ٿين، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.

Verse 52

لَّا يَحِلُّ لَكَ ٱلنِّسَآءُ مِنۢ بَعْدُ وَلَآ أَن تَبَدَّلَ بِهِنَّ مِنْ أَزْوَٰجٍ وَلَوْ أَعْجَبَكَ حُسْنُهُنَّ إِلَّا مَا مَلَكَتْ يَمِينُكَ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ رَّقِيبًا

Transliteration lā yaḥillu laka l-nisāu min baʿdu walā an tabaddala bihinna min azwājin walaw aʿjabaka ḥus'nuhunna illā mā malakat yamīnuka wakāna l-lahu ʿalā kulli shayin raqīban

Sindhi (اي پيغمبر) انھن (ٻن قسمن) کانپوءِ توکي ٻيون زالون حلال نه آھن ۽ نڪي انھن جي بدلي (ٻيون) زالون نڪاح ڪرين جيتوڻيڪ سندن سونھن توکي پسند اچي پر تنھنجو ھٿ جنھن جو مالڪ ٿيو آھي (تنھن ۾ توکي اختيار آھي)، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي نگھبان آھي.

Verse 53

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَدْخُلُوا۟ بُيُوتَ ٱلنَّبِىِّ إِلَّآ أَن يُؤْذَنَ لَكُمْ إِلَىٰ طَعَامٍ غَيْرَ نَـٰظِرِينَ إِنَىٰهُ وَلَـٰكِنْ إِذَا دُعِيتُمْ فَٱدْخُلُوا۟ فَإِذَا طَعِمْتُمْ فَٱنتَشِرُوا۟ وَلَا مُسْتَـْٔنِسِينَ لِحَدِيثٍ ۚ إِنَّ ذَٰلِكُمْ كَانَ يُؤْذِى ٱلنَّبِىَّ فَيَسْتَحْىِۦ مِنكُمْ ۖ وَٱللَّهُ لَا يَسْتَحْىِۦ مِنَ ٱلْحَقِّ ۚ وَإِذَا سَأَلْتُمُوهُنَّ مَتَـٰعًا فَسْـَٔلُوهُنَّ مِن وَرَآءِ حِجَابٍ ۚ ذَٰلِكُمْ أَطْهَرُ لِقُلُوبِكُمْ وَقُلُوبِهِنَّ ۚ وَمَا كَانَ لَكُمْ أَن تُؤْذُوا۟ رَسُولَ ٱللَّهِ وَلَآ أَن تَنكِحُوٓا۟ أَزْوَٰجَهُۥ مِنۢ بَعْدِهِۦٓ أَبَدًا ۚ إِنَّ ذَٰلِكُمْ كَانَ عِندَ ٱللَّهِ عَظِيمًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū lā tadkhulū buyūta l-nabiyi illā an yu'dhana lakum ilā ṭaʿāmin ghayra nāẓirīna ināhu walākin idhā duʿītum fa-ud'khulū fa-idhā ṭaʿim'tum fa-intashirū walā mus'tanisīna liḥadīthin inna dhālikum kāna yu'dhī l-nabiya fayastaḥyī minkum wal-lahu lā yastaḥyī mina l-ḥaqi wa-idhā sa-altumūhunna matāʿan fasalūhunna min warāi ḥijābin dhālikum aṭharu liqulūbikum waqulūbihinna wamā kāna lakum an tu'dhū rasūla l-lahi walā an tankiḥū azwājahu min baʿdihi abadan inna dhālikum kāna ʿinda l-lahi ʿaẓīman

Sindhi اي مؤمنو پيغمبر جي گھرن ۾ اُنھيءَ (وقت) کانسواءِ اندر نه وڃو (جنھن وقت) اوھان کي ڪنھن طعام (کائڻ) لاءِ اچڻ جي موڪل ڏني وڃي ۽ (اھڙي وقت وڃو جو) ان جي تيار ٿيڻ جو انتظار ڪندڙ نه ھجو پر جڏھن اوھان کي سڏيو وڃي تڏھن اندر وڃو پوءِ جڏھن کائي رھو تڏھن نڪري وڃو ۽ ڪنھن ڳالھ ۾ ريجھي ويھي نه رھو، ڇوته انھيءَ (ڪم) پيغمبر کي ايذايو ٿي پوءِ (ھن) اوھان کان لڄ ڪئي ٿي، ۽ الله حق (چوڻ) کان لڄ نه ڪندو آھي، ۽ جڏھن انھن (پيغمبر جي بيبين) کان ڪا شيء گھرو تڏھن پردي جي ٻاھران کانئن گھرو، اھو (ڪم) اوھان جي دلين ۽ انھن جي دلين لاءِ ڏاڍو پاڪ آھي، ۽ اوھان کي نه جڳائيندو آھي ته الله جي پيغمبر کي ايذايو ۽ نڪي (جڳائيندو آھي) ته اُن کانپوءِ سندس زالون اوھين ڪڏھن پرڻجو، ڇوته اُھو (ڪم) الله وٽ وڏو (گناھ) آھي.

Verse 54

إِن تُبْدُوا۟ شَيْـًٔا أَوْ تُخْفُوهُ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمًا

Transliteration in tub'dū shayan aw tukh'fūhu fa-inna l-laha kāna bikulli shayin ʿalīman

Sindhi جيڪڏھن ڪنھن ڳالھ کي پڌرو ڪريو يا اُن کي لڪايو ته بيشڪ الله ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

Verse 55

لَّا جُنَاحَ عَلَيْهِنَّ فِىٓ ءَابَآئِهِنَّ وَلَآ أَبْنَآئِهِنَّ وَلَآ إِخْوَٰنِهِنَّ وَلَآ أَبْنَآءِ إِخْوَٰنِهِنَّ وَلَآ أَبْنَآءِ أَخَوَٰتِهِنَّ وَلَا نِسَآئِهِنَّ وَلَا مَا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُهُنَّ ۗ وَٱتَّقِينَ ٱللَّهَ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ شَهِيدًا

Transliteration lā junāḥa ʿalayhinna fī ābāihinna walā abnāihinna walā ikh'wānihinna walā abnāi ikh'wānihinna walā abnāi akhawātihinna walā nisāihinna walā mā malakat aymānuhunna wa-ittaqīna l-laha inna l-laha kāna ʿalā kulli shayin shahīdan

Sindhi زالن تي نڪي پنھنجن پين ۽ نڪي پنھنجن پٽن ۽ نڪي پنھنجن ڀائرن ۽ نڪي پنھنجن ڀاٽين ۽ نڪي پنھنج ڀاڻيجن ۽ نڪي پاڻ جھڙين زالن ۽ نڪي جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن تن جي اڳيان (پردي نه ڪرڻ ۾) گناھ آھي، ۽ (اي زالون) الله کان ڊڄو ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي حاضر آھي.

Verse 56

إِنَّ ٱللَّهَ وَمَلَـٰٓئِكَتَهُۥ يُصَلُّونَ عَلَى ٱلنَّبِىِّ ۚ يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ صَلُّوا۟ عَلَيْهِ وَسَلِّمُوا۟ تَسْلِيمًا

Transliteration inna l-laha wamalāikatahu yuṣallūna ʿalā l-nabiyi yāayyuhā alladhīna āmanū ṣallū ʿalayhi wasallimū taslīman

Sindhi بيشڪ الله ۽ سندس ملائڪ پيغمبر تي رحمت موڪليندا آھن، اي ايمان وارؤ اوھين به مٿس صلوات پڙھو ۽ پوري طرح سلام چئو.

Verse 57

إِنَّ ٱلَّذِينَ يُؤْذُونَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ لَعَنَهُمُ ٱللَّهُ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْـَٔاخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُمْ عَذَابًا مُّهِينًا

Transliteration inna alladhīna yu'dhūna l-laha warasūlahu laʿanahumu l-lahu fī l-dun'yā wal-ākhirati wa-aʿadda lahum ʿadhāban muhīnan

Sindhi بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آھي ۽ اُنھن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿس.

Verse 58

وَٱلَّذِينَ يُؤْذُونَ ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَـٰتِ بِغَيْرِ مَا ٱكْتَسَبُوا۟ فَقَدِ ٱحْتَمَلُوا۟ بُهْتَـٰنًا وَإِثْمًا مُّبِينًا

Transliteration wa-alladhīna yu'dhūna l-mu'minīna wal-mu'mināti bighayri mā ik'tasabū faqadi iḥ'tamalū buh'tānan wa-ith'man mubīnan

Sindhi ۽ جيڪي (ماڻھو) م‍ؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙي ڪم (جي تھمت) سان ايذائيندا آھن جو اُنھن نه ڪيو ھجي تن بيشڪ ڪوڙي ٺاھ ۽ پڌري گناھ جو بار کنيو.

Verse 59

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ قُل لِّأَزْوَٰجِكَ وَبَنَاتِكَ وَنِسَآءِ ٱلْمُؤْمِنِينَ يُدْنِينَ عَلَيْهِنَّ مِن جَلَـٰبِيبِهِنَّ ۚ ذَٰلِكَ أَدْنَىٰٓ أَن يُعْرَفْنَ فَلَا يُؤْذَيْنَ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration yāayyuhā l-nabiyu qul li-azwājika wabanātika wanisāi l-mu'minīna yud'nīna ʿalayhinna min jalābībihinna dhālika adnā an yuʿ'rafna falā yu'dhayna wakāna l-lahu ghafūran raḥīman

Sindhi اي پيغمبر پنھنجين زالن ۽ پنھنجين ڌيئرن ۽ مؤمنن جي زالن کي چؤ ته (جيڪڏھن ٻاھر نڪرن ته) پاڻ تي پنھنجون چادرون وجھن، اِھو (ھِن ڳالھ کي) تمام ويجھو آھي ته اُھي سڃاتيون وڃن پوءِ کين ايذاءُ نه ڏنو وڃي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 60

۞ لَّئِن لَّمْ يَنتَهِ ٱلْمُنَـٰفِقُونَ وَٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ وَٱلْمُرْجِفُونَ فِى ٱلْمَدِينَةِ لَنُغْرِيَنَّكَ بِهِمْ ثُمَّ لَا يُجَاوِرُونَكَ فِيهَآ إِلَّا قَلِيلًا

Transliteration la-in lam yantahi l-munāfiqūna wa-alladhīna fī qulūbihim maraḍun wal-mur'jifūna fī l-madīnati lanugh'riyannaka bihim thumma lā yujāwirūnaka fīhā illā qalīlan

Sindhi منافق ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي سي ۽ مديني ۾ ڪوڙين ڳالھين پکيڙڻ وارا جيڪڏھن (پنھنجي عادت کان) نه جھلبا ته مٿن توکي بڇينداسون وري ٿورن (ڏينھن) کانسواءِ اُن (يعني مديني) ۾ تنھنجا پاڙيسري نه ٿيندا.

Verse 61

مَّلْعُونِينَ ۖ أَيْنَمَا ثُقِفُوٓا۟ أُخِذُوا۟ وَقُتِّلُوا۟ تَقْتِيلًا

Transliteration malʿūnīna aynamā thuqifū ukhidhū waquttilū taqtīlan

Sindhi لعنت ڪيل آھن، جتي لڀندا تِتي پڪڙبا ۽ چڱي طرح ماربا.

Verse 62

سُنَّةَ ٱللَّهِ فِى ٱلَّذِينَ خَلَوْا۟ مِن قَبْلُ ۖ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ ٱللَّهِ تَبْدِيلًا

Transliteration sunnata l-lahi fī alladhīna khalaw min qablu walan tajida lisunnati l-lahi tabdīlan

Sindhi جيڪي (ھن کان) گذري ويا تن ۾ (به) الله جو اھو دستور ھو، ۽ الله جي دستور کي ڪڏھن مت سٽ نه ڏسندين.

Verse 63

يَسْـَٔلُكَ ٱلنَّاسُ عَنِ ٱلسَّاعَةِ ۖ قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِندَ ٱللَّهِ ۚ وَمَا يُدْرِيكَ لَعَلَّ ٱلسَّاعَةَ تَكُونُ قَرِيبًا

Transliteration yasaluka l-nāsu ʿani l-sāʿati qul innamā ʿil'muhā ʿinda l-lahi wamā yud'rīka laʿalla l-sāʿata takūnu qarīban

Sindhi ماڻھو توکان قيامت بابت پڇن ٿا، (کين) چؤ ته اُن جي خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ ڪھڙيءَ (ڳالھ) توکي ڄاڻايو متان قيامت ويجھڙو ئي ٿيندي ھجي.

Verse 64

إِنَّ ٱللَّهَ لَعَنَ ٱلْكَـٰفِرِينَ وَأَعَدَّ لَهُمْ سَعِيرًا

Transliteration inna l-laha laʿana l-kāfirīna wa-aʿadda lahum saʿīran

Sindhi بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آھي ۽ انھن لاءِ ساڙيندڙ باھ تيار ڪئي اٿس.

Verse 65

خَـٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا ۖ لَّا يَجِدُونَ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا

Transliteration khālidīna fīhā abadan lā yajidūna waliyyan walā naṣīran

Sindhi منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو مددگار لھندا.

Verse 66

يَوْمَ تُقَلَّبُ وُجُوهُهُمْ فِى ٱلنَّارِ يَقُولُونَ يَـٰلَيْتَنَآ أَطَعْنَا ٱللَّهَ وَأَطَعْنَا ٱلرَّسُولَا۠

Transliteration yawma tuqallabu wujūhuhum fī l-nāri yaqūlūna yālaytanā aṭaʿnā l-laha wa-aṭaʿnā l-rasūlā

Sindhi جنھن ڏينھن سندن منھن باھ ۾ اونڌا ڪبا (تنھن ڏينھن) چوندا ته اسان لاءِ ھيءَ ارمان (جيڪر) الله جي فرمانبرداري ڪريون ھا ۽ پيغمبر جي (به) فرمانبرداري ڪريون ھا (ته چڱو ھو).

Verse 67

وَقَالُوا۟ رَبَّنَآ إِنَّآ أَطَعْنَا سَادَتَنَا وَكُبَرَآءَنَا فَأَضَلُّونَا ٱلسَّبِيلَا۠

Transliteration waqālū rabbanā innā aṭaʿnā sādatanā wakubarāanā fa-aḍallūnā l-sabīlā

Sindhi ۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان پنھنجن سردارن ۽ پنھنجن وڏن جي فرمانبرداري ڪئي ته انھن اسان کي واٽ کان ڀُلايو.

Verse 68

رَبَّنَآ ءَاتِهِمْ ضِعْفَيْنِ مِنَ ٱلْعَذَابِ وَٱلْعَنْهُمْ لَعْنًا كَبِيرًا

Transliteration rabbanā ātihim ḍiʿ'fayni mina l-ʿadhābi wal-ʿanhum laʿnan kabīran

Sindhi اي اسانجا پالڻھار کين ٻيڻو عذاب ڪر ۽ مٿن تمام وڏي لعنت ڪر.

Verse 69

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَكُونُوا۟ كَٱلَّذِينَ ءَاذَوْا۟ مُوسَىٰ فَبَرَّأَهُ ٱللَّهُ مِمَّا قَالُوا۟ ۚ وَكَانَ عِندَ ٱللَّهِ وَجِيهًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū lā takūnū ka-alladhīna ādhaw mūsā fabarra-ahu l-lahu mimmā qālū wakāna ʿinda l-lahi wajīhan

Sindhi اي ايمان وارؤ (اوھين) اُنھن وانگر نه ٿيو جن مُوسىٰ کي ايذايو پوءِ جيڪي چيائون تنھن کان الله کيس پاڪ ڪيو، ۽ (اھو) الله وٽ مانَ وارن مان ھو.

Verse 70

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَقُولُوا۟ قَوْلًا سَدِيدًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū ittaqū l-laha waqūlū qawlan sadīdan

Sindhi اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سڌي ڳالھ چئو.

Verse 71

يُصْلِحْ لَكُمْ أَعْمَـٰلَكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ ۗ وَمَن يُطِعِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ فَقَدْ فَازَ فَوْزًا عَظِيمًا

Transliteration yuṣ'liḥ lakum aʿmālakum wayaghfir lakum dhunūbakum waman yuṭiʿi l-laha warasūlahu faqad fāza fawzan ʿaẓīman

Sindhi (ته) اوھان جا عمل اوھان لاءِ سُڌاري ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ وڏي مراد ماڻي.

Verse 72

إِنَّا عَرَضْنَا ٱلْأَمَانَةَ عَلَى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَٱلْجِبَالِ فَأَبَيْنَ أَن يَحْمِلْنَهَا وَأَشْفَقْنَ مِنْهَا وَحَمَلَهَا ٱلْإِنسَـٰنُ ۖ إِنَّهُۥ كَانَ ظَلُومًا جَهُولًا

Transliteration innā ʿaraḍnā l-amānata ʿalā l-samāwāti wal-arḍi wal-jibāli fa-abayna an yaḥmil'nahā wa-ashfaqna min'hā waḥamalahā l-insānu innahu kāna ẓalūman jahūlan

Sindhi بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن کي امانت آڇي ته اُن جي کڻڻ کان انڪار ڪيائون ۽ کانئس ڊنا ۽ اُن کي انسان کنيو، بيشڪ اُھو تمام ظالم جاھل آھي.

Verse 73

لِّيُعَذِّبَ ٱللَّهُ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ وَٱلْمُنَـٰفِقَـٰتِ وَٱلْمُشْرِكِينَ وَٱلْمُشْرِكَـٰتِ وَيَتُوبَ ٱللَّهُ عَلَى ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَـٰتِ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًۢا

Transliteration liyuʿadhiba l-lahu l-munāfiqīna wal-munāfiqāti wal-mush'rikīna wal-mush'rikāti wayatūba l-lahu ʿalā l-mu'minīna wal-mu'mināti wakāna l-lahu ghafūran raḥīman

Sindhi (ھيءَ آڇ ھن لاءِ آھي) ته الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري ۽ الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

Read Surah Al-Ahzab in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.