MyDugsiStart learning

Surah Qaf in Sindhi: translation and audio

Surah 50 · ق · The Letter "Qaf" · 45 verses

Surah Qaf verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Qaf word by word in English.

Verse 1

قٓ ۚ وَٱلْقُرْءَانِ ٱلْمَجِيدِ

Transliteration qaf wal-qur'āni l-majīdi

Sindhi قٓ، سڳوري قرآن جو قسم آھي.

Verse 2

بَلْ عَجِبُوٓا۟ أَن جَآءَهُم مُّنذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ ٱلْكَـٰفِرُونَ هَـٰذَا شَىْءٌ عَجِيبٌ

Transliteration bal ʿajibū an jāahum mundhirun min'hum faqāla l-kāfirūna hādhā shayon ʿajībun

Sindhi بلڪ ھن ڳالھ ڪري عجب ۾ پيا ته اُنھن وٽ اُنھن مان (ئي) ھڪ ڊيڄاريندڙ آيو ته پوءِ ڪافرن چيو ته ھي عجب ڳالھ آھي.

Verse 3

أَءِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۖ ذَٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيدٌ

Transliteration a-idhā mit'nā wakunnā turāban dhālika rajʿun baʿīdun

Sindhi ڀلا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون، اھو وري جيئرو ٿيڻ (عقل کان) پري آھي.

Verse 4

قَدْ عَلِمْنَا مَا تَنقُصُ ٱلْأَرْضُ مِنْهُمْ ۖ وَعِندَنَا كِتَـٰبٌ حَفِيظٌۢ

Transliteration qad ʿalim'nā mā tanquṣu l-arḍu min'hum waʿindanā kitābun ḥafīẓun

Sindhi انھن مان جيڪي زمين گھٽائيندي آھي سو بيشڪ ڄاتو اٿون، ۽ اسان وٽ ھڪ حفاظت رکندڙ ڪتاب آھي.

Verse 5

بَلْ كَذَّبُوا۟ بِٱلْحَقِّ لَمَّا جَآءَهُمْ فَهُمْ فِىٓ أَمْرٍ مَّرِيجٍ

Transliteration bal kadhabū bil-ḥaqi lammā jāahum fahum fī amrin marījin

Sindhi بلڪ سچو دين جڏھن وٽن آيو ته اُن کي ڪوڙ ڄاتائون پوءِ اُھي منجھيل ڪم ۾ آھن.

Verse 6

أَفَلَمْ يَنظُرُوٓا۟ إِلَى ٱلسَّمَآءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنَـٰهَا وَزَيَّنَّـٰهَا وَمَا لَهَا مِن فُرُوجٍ

Transliteration afalam yanẓurū ilā l-samāi fawqahum kayfa banaynāhā wazayyannāhā wamā lahā min furūjin

Sindhi پوءِ آسمان جو سندن مٿان آھي تنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته اُن کي ڪيئن بڻايو اٿون ۽ اُن کي (ڪيئن) سينگاريو اٿون ۽ اُن ۾ ڪا ڦوٽ نه آھي.

Verse 7

وَٱلْأَرْضَ مَدَدْنَـٰهَا وَأَلْقَيْنَا فِيهَا رَوَٰسِىَ وَأَنۢبَتْنَا فِيهَا مِن كُلِّ زَوْجٍۭ بَهِيجٍ

Transliteration wal-arḍa madadnāhā wa-alqaynā fīhā rawāsiya wa-anbatnā fīhā min kulli zawjin bahījin

Sindhi ۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل وڌاسون ۽ منجھس سڀڪنھن وڻندڙين جنسن مان سَلّا ڄماياسون.

Verse 8

تَبْصِرَةً وَذِكْرَىٰ لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيبٍ

Transliteration tabṣiratan wadhik'rā likulli ʿabdin munībin

Sindhi سڀڪنھن ورندڙ ٻانھي جي واٽ ڏيکارڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ.

Verse 9

وَنَزَّلْنَا مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً مُّبَـٰرَكًا فَأَنۢبَتْنَا بِهِۦ جَنَّـٰتٍ وَحَبَّ ٱلْحَصِيدِ

Transliteration wanazzalnā mina l-samāi māan mubārakan fa-anbatnā bihi jannātin waḥabba l-ḥaṣīdi

Sindhi ۽ آسمان کان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون پوءِ اُن سان باغ ۽ لڻڻ واري پوک جو اَن ڄمايوسون.

Verse 10

وَٱلنَّخْلَ بَاسِقَـٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيدٌ

Transliteration wal-nakhla bāsiqātin lahā ṭalʿun naḍīdun

Sindhi ۽ ڊگھيون کجيون (به) جن جا گوشا تہ ٿيل آھن.

Verse 11

رِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۖ وَأَحْيَيْنَا بِهِۦ بَلْدَةً مَّيْتًا ۚ كَذَٰلِكَ ٱلْخُرُوجُ

Transliteration riz'qan lil'ʿibādi wa-aḥyaynā bihi baldatan maytan kadhālika l-khurūju

Sindhi ٻانھن جي روزي (ڏيڻ) لاءِ ۽ اُن سان ويران شھر کي آباد ڪيوسون، ۽ اھڙي طرح (قبرن مان) نڪرڻ آھي.

Verse 12

كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَأَصْحَـٰبُ ٱلرَّسِّ وَثَمُودُ

Transliteration kadhabat qablahum qawmu nūḥin wa-aṣḥābu l-rasi wathamūdu

Sindhi کائن اڳ نوح جي قوم ۽ رس (جي شھر) وارن ۽ ثمود (قوم) ڪوڙو ڀانيو.

Verse 13

وَعَادٌ وَفِرْعَوْنُ وَإِخْوَٰنُ لُوطٍ

Transliteration waʿādun wafir'ʿawnu wa-ikh'wānu lūṭin

Sindhi ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لُوط جي ڀائرن.

Verse 14

وَأَصْحَـٰبُ ٱلْأَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۚ كُلٌّ كَذَّبَ ٱلرُّسُلَ فَحَقَّ وَعِيدِ

Transliteration wa-aṣḥābu l-aykati waqawmu tubbaʿin kullun kadhaba l-rusula faḥaqqa waʿīdi

Sindhi ۽ ايڪه وارن ۽ تُبّع جي قوم، ھر ھڪ پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو پوءِ (مٿن) منھنجي عذاب جو انجام لازم ٿيو.

Verse 15

أَفَعَيِينَا بِٱلْخَلْقِ ٱلْأَوَّلِ ۚ بَلْ هُمْ فِى لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيدٍ

Transliteration afaʿayīnā bil-khalqi l-awali bal hum fī labsin min khalqin jadīdin

Sindhi پھرين ڀيري (جي) خلقڻ ۾ (ڪو) ٿڪا آھيو ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آھن.

Verse 16

وَلَقَدْ خَلَقْنَا ٱلْإِنسَـٰنَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهِۦ نَفْسُهُۥ ۖ وَنَحْنُ أَقْرَبُ إِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ ٱلْوَرِيدِ

Transliteration walaqad khalaqnā l-insāna wanaʿlamu mā tuwaswisu bihi nafsuhu wanaḥnu aqrabu ilayhi min ḥabli l-warīdi

Sindhi ۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين ڏانھس (سندس) ساہ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون.

Verse 17

إِذْ يَتَلَقَّى ٱلْمُتَلَقِّيَانِ عَنِ ٱلْيَمِينِ وَعَنِ ٱلشِّمَالِ قَعِيدٌ

Transliteration idh yatalaqqā l-mutalaqiyāni ʿani l-yamīni waʿani l-shimāli qaʿīdun

Sindhi جڏھن جو ٻه لکندڙ (ھڪ) سڄي پاسي کان ۽ (ٻيو) کٻي پاسي کان وھندڙ لکندا آھن.

Verse 18

مَّا يَلْفِظُ مِن قَوْلٍ إِلَّا لَدَيْهِ رَقِيبٌ عَتِيدٌ

Transliteration mā yalfiẓu min qawlin illā ladayhi raqībun ʿatīdun

Sindhi ڪا ڳالھ نه ڳالھائيندو آھي جنھن جي لاءِ وٽس ھڪ نگھبان موجود نه آھي.

Verse 19

وَجَآءَتْ سَكْرَةُ ٱلْمَوْتِ بِٱلْحَقِّ ۖ ذَٰلِكَ مَا كُنتَ مِنْهُ تَحِيدُ

Transliteration wajāat sakratu l-mawti bil-ḥaqi dhālika mā kunta min'hu taḥīdu

Sindhi ۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي، (چئبو ته) اِھا اُھا شيءِ آھي جنھن کان پاسو ڪندو ھُئين.

Verse 20

وَنُفِخَ فِى ٱلصُّورِ ۚ ذَٰلِكَ يَوْمُ ٱلْوَعِيدِ

Transliteration wanufikha fī l-ṣūri dhālika yawmu l-waʿīdi

Sindhi ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، اھو عذاب جو ڏينھن آھي.

Verse 21

وَجَآءَتْ كُلُّ نَفْسٍ مَّعَهَا سَآئِقٌ وَشَهِيدٌ

Transliteration wajāat kullu nafsin maʿahā sāiqun washahīdun

Sindhi ۽ سڀڪو جيءَ ايندو جو ساڻس ھڪ ھڪليندڙ ۽ ھڪ شاھِد ھوندو.

Verse 22

لَّقَدْ كُنتَ فِى غَفْلَةٍ مِّنْ هَـٰذَا فَكَشَفْنَا عَنكَ غِطَآءَكَ فَبَصَرُكَ ٱلْيَوْمَ حَدِيدٌ

Transliteration laqad kunta fī ghaflatin min hādhā fakashafnā ʿanka ghiṭāaka fabaṣaruka l-yawma ḥadīdun

Sindhi (چئبو ته) بيشڪ ھن (ڏينھن) کان بي خبريءَ ۾ ھُئين ھاڻي توکان تنھنجو پردو کوليوسون تنھنڪري اڄ تنھنجي نگاھ تِکي آھي.

Verse 23

وَقَالَ قَرِينُهُۥ هَـٰذَا مَا لَدَىَّ عَتِيدٌ

Transliteration waqāla qarīnuhu hādhā mā ladayya ʿatīdun

Sindhi ۽ سندس سنگتي (ملائڪ) چوندو ته جيڪي مون وٽ (لکيل) موجود ھو سو ھي آھي.

Verse 24

أَلْقِيَا فِى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفَّارٍ عَنِيدٍ

Transliteration alqiyā fī jahannama kulla kaffārin ʿanīdin

Sindhi (چئبو ته) اي ٻئي (ملائڪؤ) سڀڪنھن ناشڪر ھٺيلي کي دوزخ ۾ اُڇليو.

Verse 25

مَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ مُّرِيبٍ

Transliteration mannāʿin lil'khayri muʿ'tadin murībin

Sindhi (جو) خير کان جھليندڙ حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي.

Verse 26

ٱلَّذِى جَعَلَ مَعَ ٱللَّهِ إِلَـٰهًا ءَاخَرَ فَأَلْقِيَاهُ فِى ٱلْعَذَابِ ٱلشَّدِيدِ

Transliteration alladhī jaʿala maʿa l-lahi ilāhan ākhara fa-alqiyāhu fī l-ʿadhābi l-shadīdi

Sindhi جنھن الله سان ٻيو معبود ٺھرايو اھڙي (ھر ھڪ) کي سخت عذاب ۾ اُڇليو.

Verse 27

۞ قَالَ قَرِينُهُۥ رَبَّنَا مَآ أَطْغَيْتُهُۥ وَلَـٰكِن كَانَ فِى ضَلَـٰلٍۭ بَعِيدٍ

Transliteration qāla qarīnuhu rabbanā mā aṭghaytuhu walākin kāna fī ḍalālin baʿīdin

Sindhi سندس سنگتي (شيطان) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون اُن کي گمراھ نه ڪيو ھو پر اُھو (پاڻ) وڏي گمراھيءَ ۾ (پيل) ھو.

Verse 28

قَالَ لَا تَخْتَصِمُوا۟ لَدَىَّ وَقَدْ قَدَّمْتُ إِلَيْكُم بِٱلْوَعِيدِ

Transliteration qāla lā takhtaṣimū ladayya waqad qaddamtu ilaykum bil-waʿīdi

Sindhi (الله) چوندو ته مون وٽ جھڳڙو نه ڪريو ھن ھوندي جو بيشڪ اوھان ڏانھن عذاب جو انجام (ھن کان) اڳي موڪليو ھوم.

Verse 29

مَا يُبَدَّلُ ٱلْقَوْلُ لَدَىَّ وَمَآ أَنَا۠ بِظَلَّـٰمٍ لِّلْعَبِيدِ

Transliteration mā yubaddalu l-qawlu ladayya wamā anā biẓallāmin lil'ʿabīdi

Sindhi نڪي مون وٽ انجام ڦيرائبو آھي ۽ نڪي آءٌ ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھيان.

Verse 30

يَوْمَ نَقُولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ ٱمْتَلَأْتِ وَتَقُولُ هَلْ مِن مَّزِيدٍ

Transliteration yawma naqūlu lijahannama hali im'talati wataqūlu hal min mazīdin

Sindhi جنھن ڏينھن دوزخ کي چونداسون ته ڀريو آھين (يا نه!) ۽ (دوزخ) چوندو ته (ٻيو به) ڪجھ (اڃا) ھن کان وڌيڪ آھي ڇا؟

Verse 31

وَأُزْلِفَتِ ٱلْجَنَّةُ لِلْمُتَّقِينَ غَيْرَ بَعِيدٍ

Transliteration wa-uz'lifati l-janatu lil'muttaqīna ghayra baʿīdin

Sindhi ۽ بھشت پرھيزگارن لاءِ ويجھو ڪبو نه پري.

Verse 32

هَـٰذَا مَا تُوعَدُونَ لِكُلِّ أَوَّابٍ حَفِيظٍ

Transliteration hādhā mā tūʿadūna likulli awwābin ḥafīẓin

Sindhi (چئبو ته) جنھن جو اوھان کي سڀڪنھن (الله ڏانھن) رجوع ڪرڻ واري ۽ ادب نگاھ رکڻ واري لاءِ انجام ڏبو ھو سو ھي آھي.

Verse 33

مَّنْ خَشِىَ ٱلرَّحْمَـٰنَ بِٱلْغَيْبِ وَجَآءَ بِقَلْبٍ مُّنِيبٍ

Transliteration man khashiya l-raḥmāna bil-ghaybi wajāa biqalbin munībin

Sindhi جيڪو پرپٺ ٻاجھاري (الله) کان ڊنو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ٿيل دل سان آيو.

Verse 34

ٱدْخُلُوهَا بِسَلَـٰمٍ ۖ ذَٰلِكَ يَوْمُ ٱلْخُلُودِ

Transliteration ud'khulūhā bisalāmin dhālika yawmu l-khulūdi

Sindhi (چئبو ته) سلامتيءَ سان بھشت ۾ گھڙو، اھو سدائين رھڻ جو ڏينھن آھي.

Verse 35

لَهُم مَّا يَشَآءُونَ فِيهَا وَلَدَيْنَا مَزِيدٌ

Transliteration lahum mā yashāūna fīhā waladaynā mazīdun

Sindhi جيڪي گھرندا سو منجھس انھن لاءِ (موجود) آھي ۽ اسان وٽ (اُن کان) وڌيڪ به آھي.

Verse 36

وَكَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُم مِّن قَرْنٍ هُمْ أَشَدُّ مِنْهُم بَطْشًا فَنَقَّبُوا۟ فِى ٱلْبِلَـٰدِ هَلْ مِن مَّحِيصٍ

Transliteration wakam ahlaknā qablahum min qarnin hum ashaddu min'hum baṭshan fanaqqabū fī l-bilādi hal min maḥīṣin

Sindhi ۽ انھن کان اڳ ڪيترائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون جي پڪڙ ۾ اُنھن کان به تمام ڏاڍا ھوا پوءِ شھرن ۾ ڳولا ڪرڻ لڳا، ته ڪا (بچڻ جي) واھ آھي؟

Verse 37

إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَذِكْرَىٰ لِمَن كَانَ لَهُۥ قَلْبٌ أَوْ أَلْقَى ٱلسَّمْعَ وَهُوَ شَهِيدٌ

Transliteration inna fī dhālika ladhik'rā liman kāna lahu qalbun aw alqā l-samʿa wahuwa shahīdun

Sindhi بيشڪ انھيءَ ڳالھ ۾ اُنھي لاءِ نصيحت آھي جنھن کي دل ھجي يا جو دل لائي ڪن ڏئي.

Verse 38

وَلَقَدْ خَلَقْنَا ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِى سِتَّةِ أَيَّامٍ وَمَا مَسَّنَا مِن لُّغُوبٍ

Transliteration walaqad khalaqnā l-samāwāti wal-arḍa wamā baynahumā fī sittati ayyāmin wamā massanā min lughūbin

Sindhi ۽ بيشڪ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايوسون، ۽ اسان کي ڪو ٿَڪ نه ٿيو.

Verse 39

فَٱصْبِرْ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ قَبْلَ طُلُوعِ ٱلشَّمْسِ وَقَبْلَ ٱلْغُرُوبِ

Transliteration fa-iṣ'bir ʿalā mā yaqūlūna wasabbiḥ biḥamdi rabbika qabla ṭulūʿi l-shamsi waqabla l-ghurūbi

Sindhi پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي (ڪافر) چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان بيان ڪر.

Verse 40

وَمِنَ ٱلَّيْلِ فَسَبِّحْهُ وَأَدْبَـٰرَ ٱلسُّجُودِ

Transliteration wamina al-layli fasabbiḥ'hu wa-adbāra l-sujūdi

Sindhi ۽ ڪجھ (مھل) رات جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھ ۽ نماز کان پوءِ به.

Verse 41

وَٱسْتَمِعْ يَوْمَ يُنَادِ ٱلْمُنَادِ مِن مَّكَانٍ قَرِيبٍ

Transliteration wa-is'tamiʿ yawma yunādi l-munādi min makānin qarībin

Sindhi ۽ (ھي ڳالھ) ٻُڌ ته جنھن ڏينھن ويجھي ھنڌ کان سڏيندڙ سڏيندو.

Verse 42

يَوْمَ يَسْمَعُونَ ٱلصَّيْحَةَ بِٱلْحَقِّ ۚ ذَٰلِكَ يَوْمُ ٱلْخُرُوجِ

Transliteration yawma yasmaʿūna l-ṣayḥata bil-ḥaqi dhālika yawmu l-khurūji

Sindhi جنھن ڏينھن سچ پچ سخت ھَڪل ٻُڌندا، اُھو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينھن آھي.

Verse 43

إِنَّا نَحْنُ نُحْىِۦ وَنُمِيتُ وَإِلَيْنَا ٱلْمَصِيرُ

Transliteration innā naḥnu nuḥ'yī wanumītu wa-ilaynā l-maṣīru

Sindhi بيشڪ اسين جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽڻ آھي.

Verse 44

يَوْمَ تَشَقَّقُ ٱلْأَرْضُ عَنْهُمْ سِرَاعًا ۚ ذَٰلِكَ حَشْرٌ عَلَيْنَا يَسِيرٌ

Transliteration yawma tashaqqaqu l-arḍu ʿanhum sirāʿan dhālika ḥashrun ʿalaynā yasīrun

Sindhi جنھن ڏينھن زمين انھن کان ڦاٽندي (تنھن ڏينھن) تڪڙا وڃڻ وارا ھوندا، اِھو گڏ ڪرڻ اسان کي آسان آھي.

Verse 45

نَّحْنُ أَعْلَمُ بِمَا يَقُولُونَ ۖ وَمَآ أَنتَ عَلَيْهِم بِجَبَّارٍ ۖ فَذَكِّرْ بِٱلْقُرْءَانِ مَن يَخَافُ وَعِيدِ

Transliteration naḥnu aʿlamu bimā yaqūlūna wamā anta ʿalayhim bijabbārin fadhakkir bil-qur'āni man yakhāfu waʿīdi

Sindhi جيڪي (ڪافر) چوندا آھن سو اسين چڱي طرح ڄاڻندا آھيون ۽ تون مٿن (ڪو) ڏاڍ ڪرڻ وارو نه آھين، پوءِ جيڪو منھنجي عذاب جي ڌمڪيءَ کان ڊڄي تنھن کي قرآن سان سمجھاءِ.

Read Surah Qaf in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.