MyDugsiStart learning

Surah Al-Mumtahanah in Sindhi: translation and audio

Surah 60 · الممتحنة · She that is to be examined · 13 verses

Surah Al-Mumtahanah verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Al-Mumtahanah word by word in English.

Verse 1

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَتَّخِذُوا۟ عَدُوِّى وَعَدُوَّكُمْ أَوْلِيَآءَ تُلْقُونَ إِلَيْهِم بِٱلْمَوَدَّةِ وَقَدْ كَفَرُوا۟ بِمَا جَآءَكُم مِّنَ ٱلْحَقِّ يُخْرِجُونَ ٱلرَّسُولَ وَإِيَّاكُمْ ۙ أَن تُؤْمِنُوا۟ بِٱللَّهِ رَبِّكُمْ إِن كُنتُمْ خَرَجْتُمْ جِهَـٰدًا فِى سَبِيلِى وَٱبْتِغَآءَ مَرْضَاتِى ۚ تُسِرُّونَ إِلَيْهِم بِٱلْمَوَدَّةِ وَأَنَا۠ أَعْلَمُ بِمَآ أَخْفَيْتُمْ وَمَآ أَعْلَنتُمْ ۚ وَمَن يَفْعَلْهُ مِنكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَآءَ ٱلسَّبِيلِ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū lā tattakhidhū ʿaduwwī waʿaduwwakum awliyāa tul'qūna ilayhim bil-mawadati waqad kafarū bimā jāakum mina l-ḥaqi yukh'rijūna l-rasūla wa-iyyākum an tu'minū bil-lahi rabbikum in kuntum kharajtum jihādan fī sabīlī wa-ib'tighāa marḍātī tusirrūna ilayhim bil-mawadati wa-anā aʿlamu bimā akhfaytum wamā aʿlantum waman yafʿalhu minkum faqad ḍalla sawāa l-sabīli

Sindhi اي ايمان وارؤ منھنجي دشمنن ۽ پنھنجي دشمنن کي دوست (ڪري) نه وٺو اُنھن ڏانھن دوستي جي ڪري پيغام موڪليو ٿا حالانڪ جيڪو اوھان وٽ سچو دين آيو آھي تنھن جا اُھي مُنڪر ٿي چڪا آھن پيغمبر کي ۽ اوھان کي (پنھنجي وطن مان) ھن ڪري ڪڍين ٿا پنھنجي پالڻھار الله تي ايمان آندو اَٿو جيڪڏھن (خاص) منھنجيءَ واٽ ۾ جھاد ڪرڻ لاءِ ۽ منھنجي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آھيو انھن ڏانھن دوستي جي ڪري ڳُجھو پيغام ٿا موڪليو، حالانڪ جيڪي ڳجھو ڪريو ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريو ٿا سو آءٌ چڱي طرح ڄاڻندو آھيان، ۽ اوھان مان جيڪو ائين ڪندو سو بيشڪ سِڌو رستو ڀُلو.

Verse 2

إِن يَثْقَفُوكُمْ يَكُونُوا۟ لَكُمْ أَعْدَآءً وَيَبْسُطُوٓا۟ إِلَيْكُمْ أَيْدِيَهُمْ وَأَلْسِنَتَهُم بِٱلسُّوٓءِ وَوَدُّوا۟ لَوْ تَكْفُرُونَ

Transliteration in yathqafūkum yakūnū lakum aʿdāan wayabsuṭū ilaykum aydiyahum wa-alsinatahum bil-sūi wawaddū law takfurūna

Sindhi جيڪڏھن (ڪافر) اوھان کي لھندا ته اوھان جا پڪا ويري ھوندا ۽ اوھان ڏانھن پنھنجا ھٿ ۽ پنھنجيون زبانون ايذاءَ لاءِ ڊگھيون ڪندا ۽ گھُرندا ته جيڪر (ڪنھن طرح اوھين به) ڪافر ٿيو.

Verse 3

لَن تَنفَعَكُمْ أَرْحَامُكُمْ وَلَآ أَوْلَـٰدُكُمْ ۚ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ يَفْصِلُ بَيْنَكُمْ ۚ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ

Transliteration lan tanfaʿakum arḥāmukum walā awlādukum yawma l-qiyāmati yafṣilu baynakum wal-lahu bimā taʿmalūna baṣīrun

Sindhi ڪڏھن نه اوھان کي اوھان جا مائٽ ۽ نڪي اوھان جو اولاد قيامت جي ڏينھن ڪو فائدو ڏيندو، ۽ اوھان جي وچ ۾ (الله) فيصلو ڪندو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

Verse 4

قَدْ كَانَتْ لَكُمْ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِىٓ إِبْرَٰهِيمَ وَٱلَّذِينَ مَعَهُۥٓ إِذْ قَالُوا۟ لِقَوْمِهِمْ إِنَّا بُرَءَٰٓؤُا۟ مِنكُمْ وَمِمَّا تَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ كَفَرْنَا بِكُمْ وَبَدَا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ ٱلْعَدَٰوَةُ وَٱلْبَغْضَآءُ أَبَدًا حَتَّىٰ تُؤْمِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَحْدَهُۥٓ إِلَّا قَوْلَ إِبْرَٰهِيمَ لِأَبِيهِ لَأَسْتَغْفِرَنَّ لَكَ وَمَآ أَمْلِكُ لَكَ مِنَ ٱللَّهِ مِن شَىْءٍ ۖ رَّبَّنَا عَلَيْكَ تَوَكَّلْنَا وَإِلَيْكَ أَنَبْنَا وَإِلَيْكَ ٱلْمَصِيرُ

Transliteration qad kānat lakum us'watun ḥasanatun fī ib'rāhīma wa-alladhīna maʿahu idh qālū liqawmihim innā buraāu minkum wamimmā taʿbudūna min dūni l-lahi kafarnā bikum wabadā baynanā wabaynakumu l-ʿadāwatu wal-baghḍāu abadan ḥattā tu'minū bil-lahi waḥdahu illā qawla ib'rāhīma li-abīhi la-astaghfiranna laka wamā amliku laka mina l-lahi min shayin rabbanā ʿalayka tawakkalnā wa-ilayka anabnā wa-ilayka l-maṣīru

Sindhi بيشڪ ابراھيم ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن جي طريقي ۾ اوھان لاءِ چڱي پيروي آھي، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائون ته بيشڪ اسين اوھان کان ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تن کان بيزار آھيون، اوھان جا مُنڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ھميشه دشمني ۽ وير پڌرو ٿي چڪو جيستائين ھڪ الله تي ايمان (نه) آڻيندؤ (ابراھيم جي پيروي چڱي آھي) سواءِ ھن (ڳالھ) جي ته ابراھيم جو پنھنجي پيءُ کي چوڻ ته تولاءِ ضرور بخشش گھرندس ۽ الله کان تولاءِ ڪجھ (ڪري) نه ٿو سگھان، (ابراھيم ۽ سندس ساٿين چيو ته) اي اسان جا پالڻھار توتي ڀروسو ڪيوسون ۽ توڏانھن موٽياسون ۽ تو ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي.

Verse 5

رَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَٱغْفِرْ لَنَا رَبَّنَآ ۖ إِنَّكَ أَنتَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ

Transliteration rabbanā lā tajʿalnā fit'natan lilladhīna kafarū wa-igh'fir lanā rabbanā innaka anta l-ʿazīzu l-ḥakīmu

Sindhi اي اسان جا پالڻھار اسان کي ڪافرن جو زيردست نه ڪر ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش، ڇوته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.

Verse 6

لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيهِمْ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ لِّمَن كَانَ يَرْجُوا۟ ٱللَّهَ وَٱلْيَوْمَ ٱلْـَٔاخِرَ ۚ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْغَنِىُّ ٱلْحَمِيدُ

Transliteration laqad kāna lakum fīhim us'watun ḥasanatun liman kāna yarjū l-laha wal-yawma l-ākhira waman yatawalla fa-inna l-laha huwa l-ghaniyu l-ḥamīdu

Sindhi بيشڪ انھيءَ (مٿينءَ) جماعت ۾ چڱي پيروي اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي لقاءَ) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي، ۽ جيڪو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله سڀ کان بي پرواھ ساراھيل آھي.

Verse 7

۞ عَسَى ٱللَّهُ أَن يَجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ ٱلَّذِينَ عَادَيْتُم مِّنْهُم مَّوَدَّةً ۚ وَٱللَّهُ قَدِيرٌ ۚ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Transliteration ʿasā l-lahu an yajʿala baynakum wabayna alladhīna ʿādaytum min'hum mawaddatan wal-lahu qadīrun wal-lahu ghafūrun raḥīmun

Sindhi ويجھو آھي ته الله اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري جن سان انھن منجھان دشمني رکي اٿوَ، ۽ الله سگھارو آھي، ۽ الله بخشڻھار آھي.

Verse 8

لَّا يَنْهَىٰكُمُ ٱللَّهُ عَنِ ٱلَّذِينَ لَمْ يُقَـٰتِلُوكُمْ فِى ٱلدِّينِ وَلَمْ يُخْرِجُوكُم مِّن دِيَـٰرِكُمْ أَن تَبَرُّوهُمْ وَتُقْسِطُوٓا۟ إِلَيْهِمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلْمُقْسِطِينَ

Transliteration lā yanhākumu l-lahu ʿani alladhīna lam yuqātilūkum fī l-dīni walam yukh'rijūkum min diyārikum an tabarrūhum watuq'siṭū ilayhim inna l-laha yuḥibbu l-muq'siṭīna

Sindhi الله اوھان کي انھن (سان ڳنڍڻ) کان نٿو جھلي جن اوھان سان دين (جي ڳالھ) ۾ نه جنگ ڪئي آھي ۽ نڪي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي (۽ ھن ڳالھ کان به نٿو جھلي) ته ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي.

Verse 9

إِنَّمَا يَنْهَىٰكُمُ ٱللَّهُ عَنِ ٱلَّذِينَ قَـٰتَلُوكُمْ فِى ٱلدِّينِ وَأَخْرَجُوكُم مِّن دِيَـٰرِكُمْ وَظَـٰهَرُوا۟ عَلَىٰٓ إِخْرَاجِكُمْ أَن تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَن يَتَوَلَّهُمْ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلظَّـٰلِمُونَ

Transliteration innamā yanhākumu l-lahu ʿani alladhīna qātalūkum fī l-dīni wa-akhrajūkum min diyārikum waẓāharū ʿalā ikh'rājikum an tawallawhum waman yatawallahum fa-ulāika humu l-ẓālimūna

Sindhi الله اوھان کي رڳو انھن (سان ڳنڍڻ) کان جھلي ٿو جن اوھان سان دين بابت ويڙھ ڪئي ۽ اوھان کي اوھان جي گھرن مان ڪڍيو آھي ۽ اوھان جي ڪڍڻ ۾ (ٻـين جي) مدد ڪئي آھي (ھن کان منع ڪري ٿو) ته ساڻن دوستي رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي ظالم آھن.

Verse 10

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا جَآءَكُمُ ٱلْمُؤْمِنَـٰتُ مُهَـٰجِرَٰتٍ فَٱمْتَحِنُوهُنَّ ۖ ٱللَّهُ أَعْلَمُ بِإِيمَـٰنِهِنَّ ۖ فَإِنْ عَلِمْتُمُوهُنَّ مُؤْمِنَـٰتٍ فَلَا تَرْجِعُوهُنَّ إِلَى ٱلْكُفَّارِ ۖ لَا هُنَّ حِلٌّ لَّهُمْ وَلَا هُمْ يَحِلُّونَ لَهُنَّ ۖ وَءَاتُوهُم مَّآ أَنفَقُوا۟ ۚ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ أَن تَنكِحُوهُنَّ إِذَآ ءَاتَيْتُمُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ ۚ وَلَا تُمْسِكُوا۟ بِعِصَمِ ٱلْكَوَافِرِ وَسْـَٔلُوا۟ مَآ أَنفَقْتُمْ وَلْيَسْـَٔلُوا۟ مَآ أَنفَقُوا۟ ۚ ذَٰلِكُمْ حُكْمُ ٱللَّهِ ۖ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ ۚ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū idhā jāakumu l-mu'minātu muhājirātin fa-im'taḥinūhunna l-lahu aʿlamu biīmānihinna fa-in ʿalim'tumūhunna mu'minātin falā tarjiʿūhunna ilā l-kufāri lā hunna ḥillun lahum walā hum yaḥillūna lahunna waātūhum mā anfaqū walā junāḥa ʿalaykum an tankiḥūhunna idhā ātaytumūhunna ujūrahunna walā tum'sikū biʿiṣami l-kawāfiri wasalū mā anfaqtum walyasalū mā anfaqū dhālikum ḥuk'mu l-lahi yaḥkumu baynakum wal-lahu ʿalīmun ḥakīmun

Sindhi اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان وٽ مؤمنياڻيون وطن ڇڏي اچن تڏھن کين جانچيو، الله انھن جي ايمان کي چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ جيڪڏھن کين مؤمنياڻيون ڄاڻو ته انھن کي ڪافرن ڏانھن موٽائي نه موڪليو، نڪي اُھي (مُسلمان زالون) اُنھن (جي مڙسن ڪافرن) کي حلال آھن ۽ نڪي اُھي (ڪافر مڙس) انھن (مسلمان زالن) کي حلال آھن، ۽ جيڪي (ڪابين بابت) خرچ ڪيائون سو اُنھن مڙسن کي ڏيو، ۽ جڏھن کين سندن ڪابين ڏيو ته انھن جي نڪاح ڪرڻ ۾ اوھان تي (ڪو) گناھ نه آھي، ۽ پاڻ وٽ نه جھليو ڪافرياڻين جي لاڳاپن کي (به) ۽ جيڪي اوھان (پنھنجين زالن تي ڪابين) خرچ ڪيو سو جڳائي ته انھن کان گھرو ۽ جيڪي انھن (ڪافرن) پنھنجين زالن تي خرچ ڪيو سو ڀلي ته اُھي (اوھان کان) گھرن، اھو الله جو حُڪم آھي، جو اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 11

وَإِن فَاتَكُمْ شَىْءٌ مِّنْ أَزْوَٰجِكُمْ إِلَى ٱلْكُفَّارِ فَعَاقَبْتُمْ فَـَٔاتُوا۟ ٱلَّذِينَ ذَهَبَتْ أَزْوَٰجُهُم مِّثْلَ مَآ أَنفَقُوا۟ ۚ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ ٱلَّذِىٓ أَنتُم بِهِۦ مُؤْمِنُونَ

Transliteration wa-in fātakum shayon min azwājikum ilā l-kufāri faʿāqabtum faātū alladhīna dhahabat azwājuhum mith'la mā anfaqū wa-ittaqū l-laha alladhī antum bihi mu'minūna

Sindhi ۽ جيڪڏھن اوھان جي زالن مان ڪا ڪافرن ڏانھن (مُرتد ٿي) وئي ھجي پوءِ (ڪافرن کي) ايذايو ته جن جون زالون ويئون ھجن تن کي (اُن مال مان) اوترو ڏيو جيترو انھن (ڪابين ۾) خرچ ڪيو ھو، ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو جو جنھن تي اوھين ويساھ رکندڙ آھيو.

Verse 12

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ إِذَا جَآءَكَ ٱلْمُؤْمِنَـٰتُ يُبَايِعْنَكَ عَلَىٰٓ أَن لَّا يُشْرِكْنَ بِٱللَّهِ شَيْـًٔا وَلَا يَسْرِقْنَ وَلَا يَزْنِينَ وَلَا يَقْتُلْنَ أَوْلَـٰدَهُنَّ وَلَا يَأْتِينَ بِبُهْتَـٰنٍ يَفْتَرِينَهُۥ بَيْنَ أَيْدِيهِنَّ وَأَرْجُلِهِنَّ وَلَا يَعْصِينَكَ فِى مَعْرُوفٍ ۙ فَبَايِعْهُنَّ وَٱسْتَغْفِرْ لَهُنَّ ٱللَّهَ ۖ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Transliteration yāayyuhā l-nabiyu idhā jāaka l-mu'minātu yubāyiʿ'naka ʿalā an lā yush'rik'na bil-lahi shayan walā yasriq'na walā yaznīna walā yaqtul'na awlādahunna walā yatīna bibuh'tānin yaftarīnahu bayna aydīhinna wa-arjulihinna walā yaʿṣīnaka fī maʿrūfin fabāyiʿ'hunna wa-is'taghfir lahunna l-laha inna l-laha ghafūrun raḥīmun

Sindhi اي پيغمبر جڏھن تو وٽ مؤمن زالون اچن ھن (شرط) تي ته توسان بيعت ڪن ته ڪنھن کي الله سان شريڪ مُقرّر نه ڪنديون ۽ نڪي چوري ڪنديون ۽ نڪي زنا ڪنديون ۽ نڪي پنھنجي اولاد کي ڪُھنديون ۽ نڪي اھڙي ڪوڙي تھمت آڻينديون جنھن کي پنھنجن ھٿن ۽ پنھنجن پيرن سان ٺاھيو ھجين ۽ نڪي ڪنھن چڱي ڪم ۾ تنھنجي نافرماني ڪنديون تڏھن سندن بيعت قبول ڪر ۽ انھن لاءِ الله کان بخشش گھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 13

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَتَوَلَّوْا۟ قَوْمًا غَضِبَ ٱللَّهُ عَلَيْهِمْ قَدْ يَئِسُوا۟ مِنَ ٱلْـَٔاخِرَةِ كَمَا يَئِسَ ٱلْكُفَّارُ مِنْ أَصْحَـٰبِ ٱلْقُبُورِ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū lā tatawallaw qawman ghaḍiba l-lahu ʿalayhim qad ya-isū mina l-ākhirati kamā ya-isa l-kufāru min aṣḥābi l-qubūri

Sindhi اي ايمان وارؤ اوھين انھيءَ قوم سان دوستي نه رکو جنھن تي الله ڏمريو آھي بيشڪ اُھي آخرت (جي ثواب) کان (اھڙو) نا اُميد ٿيا آھن جھڙوڪ ڪافر قبرن وارن کان نا اُميد ٿيا آھن.

Read Surah Al-Mumtahanah in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.