MyDugsiStart learning

Surah Al-Mujadila in Sindhi: translation and audio

Surah 58 · المجادلة · The Pleading Woman · 22 verses

Surah Al-Mujadila verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Al-Mujadila word by word in English.

Verse 1

قَدْ سَمِعَ ٱللَّهُ قَوْلَ ٱلَّتِى تُجَـٰدِلُكَ فِى زَوْجِهَا وَتَشْتَكِىٓ إِلَى ٱللَّهِ وَٱللَّهُ يَسْمَعُ تَحَاوُرَكُمَآ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌۢ بَصِيرٌ

Transliteration qad samiʿa l-lahu qawla allatī tujādiluka fī zawjihā watashtakī ilā l-lahi wal-lahu yasmaʿu taḥāwurakumā inna l-laha samīʿun baṣīrun

Sindhi بيشڪ الله انھيءَ (زال) جو ڳالھائڻ ٻڌو جنھن مڙس بابت توسان جھڳڙو ٿي ڪيو ۽ الله جي آڏو (پنھنجو) ڏک جو احوال (بيان) ٿي ڪيو، ۽ الله اوھان ٻنھي جو پاڻ ۾ ڳالھائڻ ٻڌو ٿي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

Verse 2

ٱلَّذِينَ يُظَـٰهِرُونَ مِنكُم مِّن نِّسَآئِهِم مَّا هُنَّ أُمَّهَـٰتِهِمْ ۖ إِنْ أُمَّهَـٰتُهُمْ إِلَّا ٱلَّـٰٓـِٔى وَلَدْنَهُمْ ۚ وَإِنَّهُمْ لَيَقُولُونَ مُنكَرًا مِّنَ ٱلْقَوْلِ وَزُورًا ۚ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفُورٌ

Transliteration alladhīna yuẓāhirūna minkum min nisāihim mā hunna ummahātihim in ummahātuhum illā allāī waladnahum wa-innahum layaqūlūna munkaran mina l-qawli wazūran wa-inna l-laha laʿafuwwun ghafūrun

Sindhi اوھان مان جيڪي پنھنجين زالن کي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن اُھي (زالون ڪي) اُنھن جون مائر نه آھن، سندن مائر (ته) اُھي آھن جن کين ڄڻيو آھي، بيشڪ اُھي (ائين چوندڙ) ھڪ اڻ جڳائيندڙ ڳالھ ۽ ڪوڙ چوندا آھن، ۽ بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.

Verse 3

وَٱلَّذِينَ يُظَـٰهِرُونَ مِن نِّسَآئِهِمْ ثُمَّ يَعُودُونَ لِمَا قَالُوا۟ فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مِّن قَبْلِ أَن يَتَمَآسَّا ۚ ذَٰلِكُمْ تُوعَظُونَ بِهِۦ ۚ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌ

Transliteration wa-alladhīna yuẓāhirūna min nisāihim thumma yaʿūdūna limā qālū fataḥrīru raqabatin min qabli an yatamāssā dhālikum tūʿaẓūna bihi wal-lahu bimā taʿmalūna khabīrun

Sindhi ۽ جيڪي پنھنجي زالن ئي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن سي وري جيڪي چيائون تنھن کان (پوئتي) موٽندا آھن ته ٻنھي (زال مڙس) جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ (ھڪ) ٻانھون آجو ڪرڻ واجب آھي، انھي (حُڪم) سان اوھان کي نصيحت ڏجي ٿي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.

Verse 4

فَمَن لَّمْ يَجِدْ فَصِيَامُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ مِن قَبْلِ أَن يَتَمَآسَّا ۖ فَمَن لَّمْ يَسْتَطِعْ فَإِطْعَامُ سِتِّينَ مِسْكِينًا ۚ ذَٰلِكَ لِتُؤْمِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ ۚ وَتِلْكَ حُدُودُ ٱللَّهِ ۗ وَلِلْكَـٰفِرِينَ عَذَابٌ أَلِيمٌ

Transliteration faman lam yajid faṣiyāmu shahrayni mutatābiʿayni min qabli an yatamāssā faman lam yastaṭiʿ fa-iṭ'ʿāmu sittīna mis'kīnan dhālika litu'minū bil-lahi warasūlihi watil'ka ḥudūdu l-lahi walil'kāfirīna ʿadhābun alīmun

Sindhi پوءِ جيڪو (ٻانھي کي) نه لھي (تنھن تي) ٻنھي جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ ٻه مھينا لڳولڳ روزا رکڻ (واجب) آھن، پوءِ جيڪي (روزا رکي) نه سگھي تنھن تي سٺ مسڪينن جو کارائڻ (واجب) آھي، اِھو (حُڪم) ھن لاءِ آھي ته (اوھين) الله ۽ سندس پيغمبر (جي حڪم) کي مڃيو، ۽ اھي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آھن، ۽ مُنڪرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

Verse 5

إِنَّ ٱلَّذِينَ يُحَآدُّونَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ كُبِتُوا۟ كَمَا كُبِتَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ وَقَدْ أَنزَلْنَآ ءَايَـٰتٍۭ بَيِّنَـٰتٍ ۚ وَلِلْكَـٰفِرِينَ عَذَابٌ مُّهِينٌ

Transliteration inna alladhīna yuḥāddūna l-laha warasūlahu kubitū kamā kubita alladhīna min qablihim waqad anzalnā āyātin bayyinātin walil'kāfirīna ʿadhābun muhīnun

Sindhi بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندا آھن تن کي (ائين) خوار ڪيو ويو جيئن اُنھن کي خوار ڪيو ويو جيڪي کائن اڳ ھوا ۽ بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيون سون، ۽ مُنڪرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.

Verse 6

يَوْمَ يَبْعَثُهُمُ ٱللَّهُ جَمِيعًا فَيُنَبِّئُهُم بِمَا عَمِلُوٓا۟ ۚ أَحْصَىٰهُ ٱللَّهُ وَنَسُوهُ ۚ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ شَهِيدٌ

Transliteration yawma yabʿathuhumu l-lahu jamīʿan fayunabbi-uhum bimā ʿamilū aḥṣāhu l-lahu wanasūhu wal-lahu ʿalā kulli shayin shahīdun

Sindhi جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اُٿاريندو (تنھن ڏينھن) کين (انھيءَ جي) سُڌ ڏيندو جيڪي ڪمايو ھوائون، الله اُن کي ڳڻي رکيو آھي ۽ (ھنن) اُھو وساري ڇڏيو، ۽ الله ھر شيءِ تي خبر رکڻ وارو آھي.

Verse 7

أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۖ مَا يَكُونُ مِن نَّجْوَىٰ ثَلَـٰثَةٍ إِلَّا هُوَ رَابِعُهُمْ وَلَا خَمْسَةٍ إِلَّا هُوَ سَادِسُهُمْ وَلَآ أَدْنَىٰ مِن ذَٰلِكَ وَلَآ أَكْثَرَ إِلَّا هُوَ مَعَهُمْ أَيْنَ مَا كَانُوا۟ ۖ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِمَا عَمِلُوا۟ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌ

Transliteration alam tara anna l-laha yaʿlamu mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi mā yakūnu min najwā thalāthatin illā huwa rābiʿuhum walā khamsatin illā huwa sādisuhum walā adnā min dhālika walā akthara illā huwa maʿahum ayna mā kānū thumma yunabbi-uhum bimā ʿamilū yawma l-qiyāmati inna l-laha bikulli shayin ʿalīmun

Sindhi نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، (ڪٿي به پاڻ ۾) ٽن ڄڻن جي ڳُجھي صلاح ڪرڻ نه ھوندي آھي پر اُنھن مان چوٿون الله آھي ۽ نڪي پنجن (ڄڻن) جي پر انھن ۾ ڇھون الله آھي ۽ نڪي ان (ڳاڻاٽي) کان تمام گھٽ ۽ تمام وڌ آھن پر الله ساڻن آھي جتي به ھجن، وري جيڪي ڪيو اٿن (تنھنجي) قيامت جي ڏينھن کين سُڌ ڏيندو، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.

Verse 8

أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ نُهُوا۟ عَنِ ٱلنَّجْوَىٰ ثُمَّ يَعُودُونَ لِمَا نُهُوا۟ عَنْهُ وَيَتَنَـٰجَوْنَ بِٱلْإِثْمِ وَٱلْعُدْوَٰنِ وَمَعْصِيَتِ ٱلرَّسُولِ وَإِذَا جَآءُوكَ حَيَّوْكَ بِمَا لَمْ يُحَيِّكَ بِهِ ٱللَّهُ وَيَقُولُونَ فِىٓ أَنفُسِهِمْ لَوْلَا يُعَذِّبُنَا ٱللَّهُ بِمَا نَقُولُ ۚ حَسْبُهُمْ جَهَنَّمُ يَصْلَوْنَهَا ۖ فَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ

Transliteration alam tara ilā alladhīna nuhū ʿani l-najwā thumma yaʿūdūna limā nuhū ʿanhu wayatanājawna bil-ith'mi wal-ʿud'wāni wamaʿṣiyati l-rasūli wa-idhā jāūka ḥayyawka bimā lam yuḥayyika bihi l-lahu wayaqūlūna fī anfusihim lawlā yuʿadhibunā l-lahu bimā naqūlu ḥasbuhum jahannamu yaṣlawnahā fabi'sa l-maṣīru

Sindhi (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن کي ڳُجھين صلاحن ڪرڻ کان جھليو ويو وري جنھن کان جھليا ويا سوئي ڪندا آھن ۽ گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرماني ڪرڻ بابت پاڻ ۾ ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، ۽ جڏھن تو وٽ ايندا آھن (تڏھن) توکي انھي (لفظ) سان سلام ڪندا آھن جنھن سان توکي الله سلام نه ڪيو آھي ۽ پنھنجين دلين ۾ چوندا آھن ته جيڪي چوندا آھيون تنھن جي ڪري الله اسان کي ڇونه ٿو عذاب ڪري؟ کين دوزخ بس آھي، ان ۾ پوندا، پوءِ (دوزخ) بڇڙي جاءِ آھي.

Verse 9

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا تَنَـٰجَيْتُمْ فَلَا تَتَنَـٰجَوْا۟ بِٱلْإِثْمِ وَٱلْعُدْوَٰنِ وَمَعْصِيَتِ ٱلرَّسُولِ وَتَنَـٰجَوْا۟ بِٱلْبِرِّ وَٱلتَّقْوَىٰ ۖ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ ٱلَّذِىٓ إِلَيْهِ تُحْشَرُونَ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū idhā tanājaytum falā tatanājaw bil-ith'mi wal-ʿud'wāni wamaʿṣiyati l-rasūli watanājaw bil-biri wal-taqwā wa-ittaqū l-laha alladhī ilayhi tuḥ'sharūna

Sindhi اي ايمان وارؤ جڏھن (اوھين) پاڻ ۾ (ڪا) ڳُجھي صلاح ڪريو ته گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرمانيءَ بابت (ڪابه) پاڻ ۾ صلاح نه ڪريو ۽ پاڻ ۾ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ بابت صلاح ڪريو، ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.

Verse 10

إِنَّمَا ٱلنَّجْوَىٰ مِنَ ٱلشَّيْطَـٰنِ لِيَحْزُنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَلَيْسَ بِضَآرِّهِمْ شَيْـًٔا إِلَّا بِإِذْنِ ٱللَّهِ ۚ وَعَلَى ٱللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ ٱلْمُؤْمِنُونَ

Transliteration innamā l-najwā mina l-shayṭāni liyaḥzuna alladhīna āmanū walaysa biḍārrihim shayan illā bi-idh'ni l-lahi waʿalā l-lahi falyatawakkali l-mu'minūna

Sindhi بڇڙي صلاح ڪرڻ ته شيطان جو ڪم آھي ھن لاءِ ته مؤمنن کي دلگير ڪري ۽ ھو الله جي حُڪم کانسواءِ کين ڪجھ به نُقصان پُھچائڻ وارو نه آھي، ۽ جڳائي ته مؤمن الله تي ڀروسو ڪن.

Verse 11

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا قِيلَ لَكُمْ تَفَسَّحُوا۟ فِى ٱلْمَجَـٰلِسِ فَٱفْسَحُوا۟ يَفْسَحِ ٱللَّهُ لَكُمْ ۖ وَإِذَا قِيلَ ٱنشُزُوا۟ فَٱنشُزُوا۟ يَرْفَعِ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مِنكُمْ وَٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ دَرَجَـٰتٍ ۚ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū idhā qīla lakum tafassaḥū fī l-majālisi fa-if'saḥū yafsaḥi l-lahu lakum wa-idhā qīla unshuzū fa-unshuzū yarfaʿi l-lahu alladhīna āmanū minkum wa-alladhīna ūtū l-ʿil'ma darajātin wal-lahu bimā taʿmalūna khabīrun

Sindhi اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان کي چئجي ته (پنھنجين) مجلسن ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو پوءِ (جاءِ) ڪشادي ڪريو ته الله به اوھان جي لاءِ ڪشادگي ڪري، ۽ جڏھن چئجي ته اُٿو تڏھن اُٿو ته اوھان مان جن ايمان آندو آھي ۽ جن کي علم ڏنو ويو تن جا مرتبا الله وڏا ڪري، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.

Verse 12

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا نَـٰجَيْتُمُ ٱلرَّسُولَ فَقَدِّمُوا۟ بَيْنَ يَدَىْ نَجْوَىٰكُمْ صَدَقَةً ۚ ذَٰلِكَ خَيْرٌ لَّكُمْ وَأَطْهَرُ ۚ فَإِن لَّمْ تَجِدُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū idhā nājaytumu l-rasūla faqaddimū bayna yaday najwākum ṣadaqatan dhālika khayrun lakum wa-aṭharu fa-in lam tajidū fa-inna l-laha ghafūrun raḥīmun

Sindhi اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين (گھرو ته) پيغمبر سان ڪا ڳجھي ڳالھ ڪريو تڏھن پنھنجي ڳجھي ڳالھ ڪرڻ کان اڳ پھريائين خيرات ڏيو، اھو (ڪم) اوھان لاءِ ڀَلو ۽ تمام سٺو آھي، پوءِ جيڪڏھن ڪُجھ نه لھو ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربا آھي.

Verse 13

ءَأَشْفَقْتُمْ أَن تُقَدِّمُوا۟ بَيْنَ يَدَىْ نَجْوَىٰكُمْ صَدَقَـٰتٍ ۚ فَإِذْ لَمْ تَفْعَلُوا۟ وَتَابَ ٱللَّهُ عَلَيْكُمْ فَأَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتُوا۟ ٱلزَّكَوٰةَ وَأَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ ۚ وَٱللَّهُ خَبِيرٌۢ بِمَا تَعْمَلُونَ

Transliteration a-ashfaqtum an tuqaddimū bayna yaday najwākum ṣadaqātin fa-idh lam tafʿalū watāba l-lahu ʿalaykum fa-aqīmū l-ṣalata waātū l-zakata wa-aṭīʿū l-laha warasūlahu wal-lahu khabīrun bimā taʿmalūna

Sindhi اوھين (انھي ڳالھ کان) ڊڄي ويؤ ڇا ته پنھنجي ڳالھ چوڻ کان اڳي خيرات ڏيو، پوءِ جڏھن اوھان نه ڪيو ۽ الله اوھان کان ٽارو ڪيو تڏھن نماز پڙھندا رھو ۽ زڪوٰة ڏيندا رھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيو، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

Verse 14

۞ أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ تَوَلَّوْا۟ قَوْمًا غَضِبَ ٱللَّهُ عَلَيْهِم مَّا هُم مِّنكُمْ وَلَا مِنْهُمْ وَيَحْلِفُونَ عَلَى ٱلْكَذِبِ وَهُمْ يَعْلَمُونَ

Transliteration alam tara ilā alladhīna tawallaw qawman ghaḍiba l-lahu ʿalayhim mā hum minkum walā min'hum wayaḥlifūna ʿalā l-kadhibi wahum yaʿlamūna

Sindhi (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن ھڪ اھڙي قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڏمريو آھي، نڪي اُھي (يعني منافق) اوھان مان آھن ۽ نڪي اُنھن (يھودين) مان آھن، ۽ اُھي ڄاڻي ٻجھي ڪوڙ تي قسم کڻندا آھن.

Verse 15

أَعَدَّ ٱللَّهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيدًا ۖ إِنَّهُمْ سَآءَ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Transliteration aʿadda l-lahu lahum ʿadhāban shadīdan innahum sāa mā kānū yaʿmalūna

Sindhi اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

Verse 16

ٱتَّخَذُوٓا۟ أَيْمَـٰنَهُمْ جُنَّةً فَصَدُّوا۟ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ فَلَهُمْ عَذَابٌ مُّهِينٌ

Transliteration ittakhadhū aymānahum junnatan faṣaddū ʿan sabīli l-lahi falahum ʿadhābun muhīnun

Sindhi پنھنجن قَسمن کي ڍال ڪري ورتو اٿن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليائون تنھنڪري انھن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي.

Verse 17

لَّن تُغْنِىَ عَنْهُمْ أَمْوَٰلُهُمْ وَلَآ أَوْلَـٰدُهُم مِّنَ ٱللَّهِ شَيْـًٔا ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ أَصْحَـٰبُ ٱلنَّارِ ۖ هُمْ فِيهَا خَـٰلِدُونَ

Transliteration lan tugh'niya ʿanhum amwāluhum walā awlāduhum mina l-lahi shayan ulāika aṣḥābu l-nāri hum fīhā khālidūna

Sindhi الله (جي عذاب) کان نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد کانئن ڪجھ به ٽاريندو، اُھي دوزخي آھن، اِھي اُن ۾ سدائين رھندا.

Verse 18

يَوْمَ يَبْعَثُهُمُ ٱللَّهُ جَمِيعًا فَيَحْلِفُونَ لَهُۥ كَمَا يَحْلِفُونَ لَكُمْ ۖ وَيَحْسَبُونَ أَنَّهُمْ عَلَىٰ شَىْءٍ ۚ أَلَآ إِنَّهُمْ هُمُ ٱلْكَـٰذِبُونَ

Transliteration yawma yabʿathuhumu l-lahu jamīʿan fayaḥlifūna lahu kamā yaḥlifūna lakum wayaḥsabūna annahum ʿalā shayin alā innahum humu l-kādhibūna

Sindhi جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اٿاريندو تنھن ڏينھن سندس آڏو (ائين) قسم کڻندا جئن اوھان جي آڏو قَسم کڻندا آھن ۽ ڀائيندا آھن ته اُھي ڪنھن چڱي ڳالھ تي آھن، خبردار ٿيو بيشڪ اُھي اصل ڪوڙا آھن.

Verse 19

ٱسْتَحْوَذَ عَلَيْهِمُ ٱلشَّيْطَـٰنُ فَأَنسَىٰهُمْ ذِكْرَ ٱللَّهِ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ حِزْبُ ٱلشَّيْطَـٰنِ ۚ أَلَآ إِنَّ حِزْبَ ٱلشَّيْطَـٰنِ هُمُ ٱلْخَـٰسِرُونَ

Transliteration is'taḥwadha ʿalayhimu l-shayṭānu fa-ansāhum dhik'ra l-lahi ulāika ḥiz'bu l-shayṭāni alā inna ḥiz'ba l-shayṭāni humu l-khāsirūna

Sindhi مٿن شيطان غالب ٿي ويو آھي پوءِ اُنھن (جي دل) کان الله جي يادگيري وساريائين، اِھي (ماڻھو) شيطان جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ شيطان جي جماعت ئي ٽوٽي واري آھي.

Verse 20

إِنَّ ٱلَّذِينَ يُحَآدُّونَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥٓ أُو۟لَـٰٓئِكَ فِى ٱلْأَذَلِّينَ

Transliteration inna alladhīna yuḥāddūna l-laha warasūlahu ulāika fī l-adhalīna

Sindhi بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر (جي حُڪم) کان مخالفت ڪندا آھن سي تمام خواريءَ وارن (ماڻھن) ۾ آھن.

Verse 21

كَتَبَ ٱللَّهُ لَأَغْلِبَنَّ أَنَا۠ وَرُسُلِىٓ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ قَوِىٌّ عَزِيزٌ

Transliteration kataba l-lahu la-aghlibanna anā warusulī inna l-laha qawiyyun ʿazīzun

Sindhi الله لکي ڇڏيو آھي ته آءٌ ضرور غالب رھندس ۽ منھنجا پيغمبر به، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.

Verse 22

لَّا تَجِدُ قَوْمًا يُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ يُوَآدُّونَ مَنْ حَآدَّ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَلَوْ كَانُوٓا۟ ءَابَآءَهُمْ أَوْ أَبْنَآءَهُمْ أَوْ إِخْوَٰنَهُمْ أَوْ عَشِيرَتَهُمْ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ كَتَبَ فِى قُلُوبِهِمُ ٱلْإِيمَـٰنَ وَأَيَّدَهُم بِرُوحٍ مِّنْهُ ۖ وَيُدْخِلُهُمْ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَا ۚ رَضِىَ ٱللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا۟ عَنْهُ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ حِزْبُ ٱللَّهِ ۚ أَلَآ إِنَّ حِزْبَ ٱللَّهِ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ

Transliteration lā tajidu qawman yu'minūna bil-lahi wal-yawmi l-ākhiri yuwāddūna man ḥādda l-laha warasūlahu walaw kānū ābāahum aw abnāahum aw ikh'wānahum aw ʿashīratahum ulāika kataba fī qulūbihimu l-īmāna wa-ayyadahum birūḥin min'hu wayud'khiluhum jannātin tajrī min taḥtihā l-anhāru khālidīna fīhā raḍiya l-lahu ʿanhum waraḍū ʿanhu ulāika ḥiz'bu l-lahi alā inna ḥiz'ba l-lahi humu l-muf'liḥūna

Sindhi (اي پيغمبر) اھڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندي ھجي تنھن کي تون (ھن وصف سان) نه ڏسندين ته جنھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي آھي تنھن سان دوستي رکندا ھجن توڙيڪ اُھي سندن پيئر يا سندن پُٽ يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ ھجن، اِھي (مؤمن اُھي) آھن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آھي ۽ جن کي پنھنجي فيض سان سگھ ڏني اٿس، ۽ انھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ھو اُنھيءَ ۾ سدائين رھندا، الله کانئن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اُھي الله جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ الله جي جماعت ئي ڇُٽڻ واري آھي.

Read Surah Al-Mujadila in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.