MyDugsiStart learning

Surah An-Nisa in Sindhi: translation and audio

Surah 4 · النساء · The Women · 176 verses

Surah An-Nisa verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah An-Nisa word by word in English.

Verse 1

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ ٱتَّقُوا۟ رَبَّكُمُ ٱلَّذِى خَلَقَكُم مِّن نَّفْسٍ وَٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيرًا وَنِسَآءً ۚ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ ٱلَّذِى تَسَآءَلُونَ بِهِۦ وَٱلْأَرْحَامَ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيبًا

Transliteration yāayyuhā l-nāsu ittaqū rabbakumu alladhī khalaqakum min nafsin wāḥidatin wakhalaqa min'hā zawjahā wabatha min'humā rijālan kathīran wanisāan wa-ittaqū l-laha alladhī tasāalūna bihi wal-arḥāma inna l-laha kāna ʿalaykum raqīban

Sindhi اي ماڻھؤ اوھين اُنھيءَ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو جنھن اوھان کي ھڪ جِيءَ (آدم) مان پيدا ڪيو ۽ منجھانئس سندس زال پيدا ڪيائين ۽ اُنھن مان گھڻا مڙس ۽ زالون پکيڙيائين، ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن (جي نالي) سان (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کان گھرندا آھيو ۽ مائٽي (ڇنڻ) کان (به ڊڄو)، ڇوته الله اوھان تي نگھبان آھي.

Verse 2

وَءَاتُوا۟ ٱلْيَتَـٰمَىٰٓ أَمْوَٰلَهُمْ ۖ وَلَا تَتَبَدَّلُوا۟ ٱلْخَبِيثَ بِٱلطَّيِّبِ ۖ وَلَا تَأْكُلُوٓا۟ أَمْوَٰلَهُمْ إِلَىٰٓ أَمْوَٰلِكُمْ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ حُوبًا كَبِيرًا

Transliteration waātū l-yatāmā amwālahum walā tatabaddalū l-khabītha bil-ṭayibi walā takulū amwālahum ilā amwālikum innahu kāna ḥūban kabīran

Sindhi ۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ سٺي شيءِ کي بڇڙيءَ شيءِ سان نه مٽايو، ۽ اُنھن (يتيمن) جو مال پنھنجن مالن سان (گڏي) نه کائو، ڇوته اُھو وڏو ڏوہ آھي.

Verse 3

وَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا تُقْسِطُوا۟ فِى ٱلْيَتَـٰمَىٰ فَٱنكِحُوا۟ مَا طَابَ لَكُم مِّنَ ٱلنِّسَآءِ مَثْنَىٰ وَثُلَـٰثَ وَرُبَـٰعَ ۖ فَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا تَعْدِلُوا۟ فَوَٰحِدَةً أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُكُمْ ۚ ذَٰلِكَ أَدْنَىٰٓ أَلَّا تَعُولُوا۟

Transliteration wa-in khif'tum allā tuq'siṭū fī l-yatāmā fa-inkiḥū mā ṭāba lakum mina l-nisāi mathnā wathulātha warubāʿa fa-in khif'tum allā taʿdilū fawāḥidatan aw mā malakat aymānukum dhālika adnā allā taʿūlū

Sindhi ۽ جيڪڏھن ڊڄو ته يتيمن ڇوڪرين (جي نڪاح ڪرڻ) ۾ عدل نه ڪندؤ ته (ٻـين) زالن مان جيڪي اوھان کي وڻن سي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرڻيو، پوءِ جيڪڏھن ڊٺو ٿا ته اوھان کان انصاف ٿي نه سگھندو ته ھڪ (پرڻيو) يا اوھان جا ھٿ جنھن جا مالڪ ٿيا (سا ٻانھي رکو) اِھو ھن کي ويجھو آھي ته ڏاڍائي نه ڪريو.

Verse 4

وَءَاتُوا۟ ٱلنِّسَآءَ صَدُقَـٰتِهِنَّ نِحْلَةً ۚ فَإِن طِبْنَ لَكُمْ عَن شَىْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوهُ هَنِيٓـًٔا مَّرِيٓـًٔا

Transliteration waātū l-nisāa ṣaduqātihinna niḥ'latan fa-in ṭib'na lakum ʿan shayin min'hu nafsan fakulūhu hanīan marīan

Sindhi ۽ زالن کي سندن ٺھرايل ڪابين خوشيءَ سان ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي پاڻ خوشيءَ سان اُنھيءَ مان ڪجھ ڇڏين ته اُھا سُھائيندڙ وڻندڙ ڪري کائو.

Verse 5

وَلَا تُؤْتُوا۟ ٱلسُّفَهَآءَ أَمْوَٰلَكُمُ ٱلَّتِى جَعَلَ ٱللَّهُ لَكُمْ قِيَـٰمًا وَٱرْزُقُوهُمْ فِيهَا وَٱكْسُوهُمْ وَقُولُوا۟ لَهُمْ قَوْلًا مَّعْرُوفًا

Transliteration walā tu'tū l-sufahāa amwālakumu allatī jaʿala l-lahu lakum qiyāman wa-ur'zuqūhum fīhā wa-ik'sūhum waqūlū lahum qawlan maʿrūfan

Sindhi ۽ بي سمجھن کي پنھنجا اُھي مال نه ڏيو جن کي الله اوھان لاءِ گذران جو سبب بڻايو آھي ۽ منجھانئس کين کارايو ۽ کين پھرايو ۽ کين چڱي ڳالھ چئو.

Verse 6

وَٱبْتَلُوا۟ ٱلْيَتَـٰمَىٰ حَتَّىٰٓ إِذَا بَلَغُوا۟ ٱلنِّكَاحَ فَإِنْ ءَانَسْتُم مِّنْهُمْ رُشْدًا فَٱدْفَعُوٓا۟ إِلَيْهِمْ أَمْوَٰلَهُمْ ۖ وَلَا تَأْكُلُوهَآ إِسْرَافًا وَبِدَارًا أَن يَكْبَرُوا۟ ۚ وَمَن كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۖ وَمَن كَانَ فَقِيرًا فَلْيَأْكُلْ بِٱلْمَعْرُوفِ ۚ فَإِذَا دَفَعْتُمْ إِلَيْهِمْ أَمْوَٰلَهُمْ فَأَشْهِدُوا۟ عَلَيْهِمْ ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ حَسِيبًا

Transliteration wa-ib'talū l-yatāmā ḥattā idhā balaghū l-nikāḥa fa-in ānastum min'hum rush'dan fa-id'faʿū ilayhim amwālahum walā takulūhā is'rāfan wabidāran an yakbarū waman kāna ghaniyyan falyastaʿfif waman kāna faqīran falyakul bil-maʿrūfi fa-idhā dafaʿtum ilayhim amwālahum fa-ashhidū ʿalayhim wakafā bil-lahi ḥasīban

Sindhi ۽ ايستائين يتيمن کي پرکو جيستائين پرڻي (جي عمر) کي پھچن، پوءِ جيڪڏھن اُنھن ۾ ڪا سياڻپ لھو ته سندن مال کين ورائي ڏيو، ۽ اُھي (مال) اجايو ۽ (سندن) وڏي ٿيڻ جي ڀؤ کان تڪڙ ڪري نه کائو، ۽ جيڪو (سنڀاليندڙ) آسودو ھجي تنھن کي گھرجي ته پاسي رھي، ۽ جيڪو مسڪين ھجي سو مناسب (خدمت) آھر کائيندو رھي، پوءِ جڏھن سندس مال کين ورائي ڏيو تڏھن مٿن شاھد ڪريو، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي.

Verse 7

لِّلرِّجَالِ نَصِيبٌ مِّمَّا تَرَكَ ٱلْوَٰلِدَانِ وَٱلْأَقْرَبُونَ وَلِلنِّسَآءِ نَصِيبٌ مِّمَّا تَرَكَ ٱلْوَٰلِدَانِ وَٱلْأَقْرَبُونَ مِمَّا قَلَّ مِنْهُ أَوْ كَثُرَ ۚ نَصِيبًا مَّفْرُوضًا

Transliteration lilrrijāli naṣībun mimmā taraka l-wālidāni wal-aqrabūna walilnnisāi naṣībun mimmā taraka l-wālidāni wal-aqrabūna mimmā qalla min'hu aw kathura naṣīban mafrūḍan

Sindhi جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان مڙسن لاءِ حصّو آھي، ۽ جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان زالن لاءِ (به) حصو آھي اھو ڇڏيل مال ٿورو ھجي يا گھڻو، حصّا (الله جا) مقرر ڪيل آھن.

Verse 8

وَإِذَا حَضَرَ ٱلْقِسْمَةَ أُو۟لُوا۟ ٱلْقُرْبَىٰ وَٱلْيَتَـٰمَىٰ وَٱلْمَسَـٰكِينُ فَٱرْزُقُوهُم مِّنْهُ وَقُولُوا۟ لَهُمْ قَوْلًا مَّعْرُوفًا

Transliteration wa-idhā ḥaḍara l-qis'mata ulū l-qur'bā wal-yatāmā wal-masākīnu fa-ur'zuqūhum min'hu waqūlū lahum qawlan maʿrūfan

Sindhi ۽ جڏھن ورھاڱي مھل مائٽيءَ وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين تڏھن اُن (مال) مان اُنھن ماڻھن کي (ڪجھ) ڏيو ۽ اُنھن کي مٺي ڳالھ چئو.

Verse 9

وَلْيَخْشَ ٱلَّذِينَ لَوْ تَرَكُوا۟ مِنْ خَلْفِهِمْ ذُرِّيَّةً ضِعَـٰفًا خَافُوا۟ عَلَيْهِمْ فَلْيَتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَلْيَقُولُوا۟ قَوْلًا سَدِيدًا

Transliteration walyakhsha alladhīna law tarakū min khalfihim dhurriyyatan ḍiʿāfan khāfū ʿalayhim falyattaqū l-laha walyaqūlū qawlan sadīdan

Sindhi ۽ اُنھن کي (الله کان) ڊڄڻ گھرجي جيڪي جيڪڏھن پنھنجي پٺيان ھيڻو اولاد ڇڏين ته مٿن ڊڄن (ته ڪھڙو حال ٿيندن)، پوءِ گھرجي ته الله کان ڊڄن ۽ گھرجي ته سڌي ڳالھه چون.

Verse 10

إِنَّ ٱلَّذِينَ يَأْكُلُونَ أَمْوَٰلَ ٱلْيَتَـٰمَىٰ ظُلْمًا إِنَّمَا يَأْكُلُونَ فِى بُطُونِهِمْ نَارًا ۖ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيرًا

Transliteration inna alladhīna yakulūna amwāla l-yatāmā ẓul'man innamā yakulūna fī buṭūnihim nāran wasayaṣlawna saʿīran

Sindhi جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍ سان کائيندا آھن سي پنھنجن پيٽن ۾ رڳو باھ کائيندا آھن، ۽ دوزخ ۾ سگھو گھِڙندا.

Verse 11

يُوصِيكُمُ ٱللَّهُ فِىٓ أَوْلَـٰدِكُمْ ۖ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ ٱلْأُنثَيَيْنِ ۚ فَإِن كُنَّ نِسَآءً فَوْقَ ٱثْنَتَيْنِ فَلَهُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۖ وَإِن كَانَتْ وَٰحِدَةً فَلَهَا ٱلنِّصْفُ ۚ وَلِأَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَٰحِدٍ مِّنْهُمَا ٱلسُّدُسُ مِمَّا تَرَكَ إِن كَانَ لَهُۥ وَلَدٌ ۚ فَإِن لَّمْ يَكُن لَّهُۥ وَلَدٌ وَوَرِثَهُۥٓ أَبَوَاهُ فَلِأُمِّهِ ٱلثُّلُثُ ۚ فَإِن كَانَ لَهُۥٓ إِخْوَةٌ فَلِأُمِّهِ ٱلسُّدُسُ ۚ مِنۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُوصِى بِهَآ أَوْ دَيْنٍ ۗ ءَابَآؤُكُمْ وَأَبْنَآؤُكُمْ لَا تَدْرُونَ أَيُّهُمْ أَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۚ فَرِيضَةً مِّنَ ٱللَّهِ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلِيمًا حَكِيمًا

Transliteration yūṣīkumu l-lahu fī awlādikum lildhakari mith'lu ḥaẓẓi l-unthayayni fa-in kunna nisāan fawqa ith'natayni falahunna thuluthā mā taraka wa-in kānat wāḥidatan falahā l-niṣ'fu wali-abawayhi likulli wāḥidin min'humā l-sudusu mimmā taraka in kāna lahu waladun fa-in lam yakun lahu waladun wawarithahu abawāhu fali-ummihi l-thuluthu fa-in kāna lahu ikh'watun fali-ummihi l-sudusu min baʿdi waṣiyyatin yūṣī bihā aw daynin ābāukum wa-abnāukum lā tadrūna ayyuhum aqrabu lakum nafʿan farīḍatan mina l-lahi inna l-laha kāna ʿalīman ḥakīman

Sindhi الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، ته پُٽ لاءِ (حصّو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن ته (مُئَل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻه ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي ته اُن لاءِ اڌ آھي، ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نه ھُجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن ته ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو (۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن ته ماڻس لاءِ ڇھون حصّو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيّت (جي ادائيءَ کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيّت ڪيائين يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ (ڪرڻو) آھي، اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ته اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي، (اِھو ورھاڱو) الله جي (پارکان) فرض ڪيل آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 12

۞ وَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ أَزْوَٰجُكُمْ إِن لَّمْ يَكُن لَّهُنَّ وَلَدٌ ۚ فَإِن كَانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ ٱلرُّبُعُ مِمَّا تَرَكْنَ ۚ مِنۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُوصِينَ بِهَآ أَوْ دَيْنٍ ۚ وَلَهُنَّ ٱلرُّبُعُ مِمَّا تَرَكْتُمْ إِن لَّمْ يَكُن لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَإِن كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَهُنَّ ٱلثُّمُنُ مِمَّا تَرَكْتُم ۚ مِّنۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوصُونَ بِهَآ أَوْ دَيْنٍ ۗ وَإِن كَانَ رَجُلٌ يُورَثُ كَلَـٰلَةً أَوِ ٱمْرَأَةٌ وَلَهُۥٓ أَخٌ أَوْ أُخْتٌ فَلِكُلِّ وَٰحِدٍ مِّنْهُمَا ٱلسُّدُسُ ۚ فَإِن كَانُوٓا۟ أَكْثَرَ مِن ذَٰلِكَ فَهُمْ شُرَكَآءُ فِى ٱلثُّلُثِ ۚ مِنۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُوصَىٰ بِهَآ أَوْ دَيْنٍ غَيْرَ مُضَآرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ ٱللَّهِ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَلِيمٌ

Transliteration walakum niṣ'fu mā taraka azwājukum in lam yakun lahunna waladun fa-in kāna lahunna waladun falakumu l-rubuʿu mimmā tarakna min baʿdi waṣiyyatin yūṣīna bihā aw daynin walahunna l-rubuʿu mimmā taraktum in lam yakun lakum waladun fa-in kāna lakum waladun falahunna l-thumunu mimmā taraktum min baʿdi waṣiyyatin tūṣūna bihā aw daynin wa-in kāna rajulun yūrathu kalālatan awi im'ra-atun walahu akhun aw ukh'tun falikulli wāḥidin min'humā l-sudusu fa-in kānū akthara min dhālika fahum shurakāu fī l-thuluthi min baʿdi waṣiyyatin yūṣā bihā aw daynin ghayra muḍārrin waṣiyyatan mina l-lahi wal-lahu ʿalīmun ḥalīmun

Sindhi ۽ جيڪي (مال) اوھان جي زالن ڇڏيو تنھن جو اَڌ اوھان لاءِ آھي جيڪڏھن انھن کي ڪو وياءُ ڪونه ھجي، پر جيڪڏھن اُنھن کي ڪو وياءُ ھجي ته جيڪي ڇڏيائون تنھن مان چوٿون ڀاڱو وصيت (جي ادائيءَ کانپوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائون يا قرض جي ادائيءَ کان پوءِ اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان جيڪڏھن اوھان کي ڪو وياءُ ڪونھي ته اُنھن (زالن) لاءِ چوٿون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي وياءُ آھي ته جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان وصيت (جي ادائيءَ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪئي اَٿَوَ يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ اُنھن (زالن) لاءِ اٺون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو (مئل) مڙس يا زال ورثو ڇڏي (۽ اُھو) ڪلاله ھجي (يعني جنھنکي ماءُ پيءُ ۽ وياءُ نه ھجي) ۽ اُن کي (مائيتو) ھڪ ڀاءُ يا ھڪ ڀيڻ ھجي ته اُنھن منجھان ھر ھڪ لاءِ ڇھون حصو آھي، ۽ جيڪڏھن اِنھن کان وڌيڪ ھجي ته اُھي (سڀ) جا وصيت نقصان واري نه ڪئي ويئي ھجي تنھن يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ ٽھائيءَ ۾ ڀائيوار آھن، اُھو الله جو حُڪم آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.

Verse 13

تِلْكَ حُدُودُ ٱللَّهِ ۚ وَمَن يُطِعِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ يُدْخِلْهُ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَا ۚ وَذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ

Transliteration til'ka ḥudūdu l-lahi waman yuṭiʿi l-laha warasūlahu yud'khil'hu jannātin tajrī min taḥtihā l-anhāru khālidīna fīhā wadhālika l-fawzu l-ʿaẓīmu

Sindhi اِھي الله جون حدون آھن، ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

Verse 14

وَمَن يَعْصِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَيَتَعَدَّ حُدُودَهُۥ يُدْخِلْهُ نَارًا خَـٰلِدًا فِيهَا وَلَهُۥ عَذَابٌ مُّهِينٌ

Transliteration waman yaʿṣi l-laha warasūlahu wayataʿadda ḥudūdahu yud'khil'hu nāran khālidan fīhā walahu ʿadhābun muhīnun

Sindhi ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان ٻاھر نڪرندو تنھن کي باہ ۾ داخل ڪندو اُن ۾ سدائين رھڻ وارو آھي، ۽ اُن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.

Verse 15

وَٱلَّـٰتِى يَأْتِينَ ٱلْفَـٰحِشَةَ مِن نِّسَآئِكُمْ فَٱسْتَشْهِدُوا۟ عَلَيْهِنَّ أَرْبَعَةً مِّنكُمْ ۖ فَإِن شَهِدُوا۟ فَأَمْسِكُوهُنَّ فِى ٱلْبُيُوتِ حَتَّىٰ يَتَوَفَّىٰهُنَّ ٱلْمَوْتُ أَوْ يَجْعَلَ ٱللَّهُ لَهُنَّ سَبِيلًا

Transliteration wa-allātī yatīna l-fāḥishata min nisāikum fa-is'tashhidū ʿalayhinna arbaʿatan minkum fa-in shahidū fa-amsikūhunna fī l-buyūti ḥattā yatawaffāhunna l-mawtu aw yajʿala l-lahu lahunna sabīlan

Sindhi ۽ اُوھان جي زالن مان جيڪي بي حيائيءَ جو ڪم ڪن تن تي پاڻ مان چار (مڙس) شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (شاھد) شاھدي ڏين ته اُنھن کي ايستائين گھرن ۾ جھليو جيستائين کين موت ماري يا الله اُنھن لاءِ ڪا واٽ ڪري.

Verse 16

وَٱلَّذَانِ يَأْتِيَـٰنِهَا مِنكُمْ فَـَٔاذُوهُمَا ۖ فَإِن تَابَا وَأَصْلَحَا فَأَعْرِضُوا۟ عَنْهُمَآ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِيمًا

Transliteration wa-alladhāni yatiyānihā minkum faādhūhumā fa-in tābā wa-aṣlaḥā fa-aʿriḍū ʿanhumā inna l-laha kāna tawwāban raḥīman

Sindhi ۽ اوھان مان جيڪي ٻه (زاني ۽ زانياڻي) زنا ڪن تن کي مار ڏيو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته اُنھن (جي مار ڏيڻ) کان مُڙو، ڇوته الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.

Verse 17

إِنَّمَا ٱلتَّوْبَةُ عَلَى ٱللَّهِ لِلَّذِينَ يَعْمَلُونَ ٱلسُّوٓءَ بِجَهَـٰلَةٍ ثُمَّ يَتُوبُونَ مِن قَرِيبٍ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ يَتُوبُ ٱللَّهُ عَلَيْهِمْ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا

Transliteration innamā l-tawbatu ʿalā l-lahi lilladhīna yaʿmalūna l-sūa bijahālatin thumma yatūbūna min qarībin fa-ulāika yatūbu l-lahu ʿalayhim wakāna l-lahu ʿalīman ḥakīman

Sindhi الله کي رڳو اُنھن جي توبه ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناہ ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبه ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 18

وَلَيْسَتِ ٱلتَّوْبَةُ لِلَّذِينَ يَعْمَلُونَ ٱلسَّيِّـَٔاتِ حَتَّىٰٓ إِذَا حَضَرَ أَحَدَهُمُ ٱلْمَوْتُ قَالَ إِنِّى تُبْتُ ٱلْـَٔـٰنَ وَلَا ٱلَّذِينَ يَمُوتُونَ وَهُمْ كُفَّارٌ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ أَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا

Transliteration walaysati l-tawbatu lilladhīna yaʿmalūna l-sayiāti ḥattā idhā ḥaḍara aḥadahumu l-mawtu qāla innī tub'tu l-āna walā alladhīna yamūtūna wahum kuffārun ulāika aʿtadnā lahum ʿadhāban alīman

Sindhi ۽ اُنھن جي توبه قبول ٿيڻي نه آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن (۽ نه ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي ته ھاڻي آءٌ توبه ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبه قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.

Verse 19

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا يَحِلُّ لَكُمْ أَن تَرِثُوا۟ ٱلنِّسَآءَ كَرْهًا ۖ وَلَا تَعْضُلُوهُنَّ لِتَذْهَبُوا۟ بِبَعْضِ مَآ ءَاتَيْتُمُوهُنَّ إِلَّآ أَن يَأْتِينَ بِفَـٰحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوهُنَّ بِٱلْمَعْرُوفِ ۚ فَإِن كَرِهْتُمُوهُنَّ فَعَسَىٰٓ أَن تَكْرَهُوا۟ شَيْـًٔا وَيَجْعَلَ ٱللَّهُ فِيهِ خَيْرًا كَثِيرًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū lā yaḥillu lakum an tarithū l-nisāa karhan walā taʿḍulūhunna litadhhabū bibaʿḍi mā ātaytumūhunna illā an yatīna bifāḥishatin mubayyinatin waʿāshirūhunna bil-maʿrūfi fa-in karih'tumūhunna faʿasā an takrahū shayan wayajʿala l-lahu fīhi khayran kathīran

Sindhi اي ايمان وارؤ! اوھان کي زالن جو (سندن) بي مرضيءَ وارث ٿيڻ روا نه آھي، ۽ نڪي سندن پڌري گناہ ڪرڻ کان سواءِ کين ھن لاءِ جھليو ته جيڪي کين ڏنو ھجيوَ تنھن مان ڪجھ ورائي وٺو، ۽ ساڻن ھلي چلي وانگر گذاريو، پوءِ جيڪڏھن اُھي اوھان کي نه وڻن ته (ڌيرج ڪريو ڇوته) جا شي اوھان کي نه وڻندي ھجي تنھن ۾ ٿيڻي آھي ته الله گھڻي چڱائي ڪري.

Verse 20

وَإِنْ أَرَدتُّمُ ٱسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ وَءَاتَيْتُمْ إِحْدَىٰهُنَّ قِنطَارًا فَلَا تَأْخُذُوا۟ مِنْهُ شَيْـًٔا ۚ أَتَأْخُذُونَهُۥ بُهْتَـٰنًا وَإِثْمًا مُّبِينًا

Transliteration wa-in aradttumu is'tib'dāla zawjin makāna zawjin waātaytum iḥ'dāhunna qinṭāran falā takhudhū min'hu shayan atakhudhūnahu buh'tānan wa-ith'man mubīnan

Sindhi ۽ جيڪڏھن (ھڪ) زال جي بجاءِ ٻي زال پرڻڻ جو ارادو ڪريو ۽ اُنھن مان ھڪڙيءَ کي گھڻو مال (ڪابين ۾) ڏنو ھجيوَ ته منجھانئس ڪجھ موٽائي نه وٺو، (اوھين) بھتان ۽ پڌري بدي لائي اُھو (مال) ڇو کسيندا آھيو؟

Verse 21

وَكَيْفَ تَأْخُذُونَهُۥ وَقَدْ أَفْضَىٰ بَعْضُكُمْ إِلَىٰ بَعْضٍ وَأَخَذْنَ مِنكُم مِّيثَـٰقًا غَلِيظًا

Transliteration wakayfa takhudhūnahu waqad afḍā baʿḍukum ilā baʿḍin wa-akhadhna minkum mīthāqan ghalīẓan

Sindhi ۽ بيشڪ اوھان ھڪ ٻئي کان نفعو وٺي چڪؤ ۽ (زالن به) اوھان کان (مھر ڏيڻ جو) پڪو انجام ورتو آھي اِنھيءَ ھوندي به اُھو (مال) ڪھڙي طرح کسيندا آھيو؟

Verse 22

وَلَا تَنكِحُوا۟ مَا نَكَحَ ءَابَآؤُكُم مِّنَ ٱلنِّسَآءِ إِلَّا مَا قَدْ سَلَفَ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ فَـٰحِشَةً وَمَقْتًا وَسَآءَ سَبِيلًا

Transliteration walā tankiḥū mā nakaḥa ābāukum mina l-nisāi illā mā qad salafa innahu kāna fāḥishatan wamaqtan wasāa sabīlan

Sindhi ۽ جيڪي زالون اوھان جي پيئن پرڻيون سي اوھين نه پرڻيو پر جيڪي اڳي گذريو آھي (سو گذريو) ڇوته اُھا بي حيائي ۽ گناہ آھي، ۽ اُھا بُڇڙي واٽ آھي.

Verse 23

حُرِّمَتْ عَلَيْكُمْ أُمَّهَـٰتُكُمْ وَبَنَاتُكُمْ وَأَخَوَٰتُكُمْ وَعَمَّـٰتُكُمْ وَخَـٰلَـٰتُكُمْ وَبَنَاتُ ٱلْأَخِ وَبَنَاتُ ٱلْأُخْتِ وَأُمَّهَـٰتُكُمُ ٱلَّـٰتِىٓ أَرْضَعْنَكُمْ وَأَخَوَٰتُكُم مِّنَ ٱلرَّضَـٰعَةِ وَأُمَّهَـٰتُ نِسَآئِكُمْ وَرَبَـٰٓئِبُكُمُ ٱلَّـٰتِى فِى حُجُورِكُم مِّن نِّسَآئِكُمُ ٱلَّـٰتِى دَخَلْتُم بِهِنَّ فَإِن لَّمْ تَكُونُوا۟ دَخَلْتُم بِهِنَّ فَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ وَحَلَـٰٓئِلُ أَبْنَآئِكُمُ ٱلَّذِينَ مِنْ أَصْلَـٰبِكُمْ وَأَن تَجْمَعُوا۟ بَيْنَ ٱلْأُخْتَيْنِ إِلَّا مَا قَدْ سَلَفَ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration ḥurrimat ʿalaykum ummahātukum wabanātukum wa-akhawātukum waʿammātukum wakhālātukum wabanātu l-akhi wabanātu l-ukh'ti wa-ummahātukumu allātī arḍaʿnakum wa-akhawātukum mina l-raḍāʿati wa-ummahātu nisāikum warabāibukumu allātī fī ḥujūrikum min nisāikumu allātī dakhaltum bihinna fa-in lam takūnū dakhaltum bihinna falā junāḥa ʿalaykum waḥalāilu abnāikumu alladhīna min aṣlābikum wa-an tajmaʿū bayna l-ukh'tayni illā mā qad salafa inna l-laha kāna ghafūran raḥīman

Sindhi (اي مسلمانؤ) اوھان تي اوھان جون مائر ۽ اوھانجون ڌيئر ۽ اوھانجون ڀينر ۽ اوھانجون پڦيون ۽ اوھانجون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اُھي اوھان جون مائر جن اوھان کي ٿڃ پياري ۽ اوھان جون رضائي (ٿڃ گڏ پيتل) ڀينر ۽ اوھان جي زالن جون مائر (يعني سَسون) ۽ اُھي اوھانجون اڳ ڄايون جيڪي اوھانجي ھنجن ۾ پليون (۽) اوھان جي اُنھن زالن مان ھجن جن کي اوھين ويجھا ويا آھيو پر جيڪڏھن اوھين اُنھن (سندن مائرن) کي ويجھا نه ويا آھيو ته اوھان تي گناہ نه آھي (اِھي سڀ) حرام ڪيون ويون آھن، ۽ اوھان جي اُنھن پُٽن جون زالون جيڪي (پٽ) اوھانجي پٺين مان (پيدا ٿيل) آھن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ پرڻڻ (حرام ڪيو ويو آھي) پر جيڪي اڳ گذريو آھي (سو گذريو) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 24

۞ وَٱلْمُحْصَنَـٰتُ مِنَ ٱلنِّسَآءِ إِلَّا مَا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُكُمْ ۖ كِتَـٰبَ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ ۚ وَأُحِلَّ لَكُم مَّا وَرَآءَ ذَٰلِكُمْ أَن تَبْتَغُوا۟ بِأَمْوَٰلِكُم مُّحْصِنِينَ غَيْرَ مُسَـٰفِحِينَ ۚ فَمَا ٱسْتَمْتَعْتُم بِهِۦ مِنْهُنَّ فَـَٔاتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ فَرِيضَةً ۚ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ فِيمَا تَرَٰضَيْتُم بِهِۦ مِنۢ بَعْدِ ٱلْفَرِيضَةِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلِيمًا حَكِيمًا

Transliteration wal-muḥ'ṣanātu mina l-nisāi illā mā malakat aymānukum kitāba l-lahi ʿalaykum wa-uḥilla lakum mā warāa dhālikum an tabtaghū bi-amwālikum muḥ'ṣinīna ghayra musāfiḥīna famā is'tamtaʿtum bihi min'hunna faātūhunna ujūrahunna farīḍatan walā junāḥa ʿalaykum fīmā tarāḍaytum bihi min baʿdi l-farīḍati inna l-laha kāna ʿalīman ḥakīman

Sindhi ۽ پرڻيل زالون (به حرام آھن) پر اوھان جا ھٿ جن جا مالڪ ٿيا آھن (سي حرام نه آھن)، اُھو حڪم الله اوھان تي لکيو آھي، ۽ اُنھن (حرام ڪيلن) کانسواءِ (ٻيون سڀ زالون) اوھان لاءِ حلال آھن جڏھن پنھنجن مالن سان (کين) پرڻيندڙ نه زنا جو ارادو ڪندڙ ھجو، اھو مال جنھن جي عوض انھن (زالن) کان فائدو ورتوَ تن کي سندن ڪابين مُقرر ڪيل ڏيو، ۽ ڪابين مقرر ڪرڻ کان پوءِ جيتري (ڪابين) ۾ اوھين پاڻ ۾ راضي ٿيو ته اوھان تي گناہ نه آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 25

وَمَن لَّمْ يَسْتَطِعْ مِنكُمْ طَوْلًا أَن يَنكِحَ ٱلْمُحْصَنَـٰتِ ٱلْمُؤْمِنَـٰتِ فَمِن مَّا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُكُم مِّن فَتَيَـٰتِكُمُ ٱلْمُؤْمِنَـٰتِ ۚ وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِإِيمَـٰنِكُم ۚ بَعْضُكُم مِّنۢ بَعْضٍ ۚ فَٱنكِحُوهُنَّ بِإِذْنِ أَهْلِهِنَّ وَءَاتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ بِٱلْمَعْرُوفِ مُحْصَنَـٰتٍ غَيْرَ مُسَـٰفِحَـٰتٍ وَلَا مُتَّخِذَٰتِ أَخْدَانٍ ۚ فَإِذَآ أُحْصِنَّ فَإِنْ أَتَيْنَ بِفَـٰحِشَةٍ فَعَلَيْهِنَّ نِصْفُ مَا عَلَى ٱلْمُحْصَنَـٰتِ مِنَ ٱلْعَذَابِ ۚ ذَٰلِكَ لِمَنْ خَشِىَ ٱلْعَنَتَ مِنكُمْ ۚ وَأَن تَصْبِرُوا۟ خَيْرٌ لَّكُمْ ۗ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Transliteration waman lam yastaṭiʿ minkum ṭawlan an yankiḥa l-muḥ'ṣanāti l-mu'mināti famin mā malakat aymānukum min fatayātikumu l-mu'mināti wal-lahu aʿlamu biīmānikum baʿḍukum min baʿḍin fa-inkiḥūhunna bi-idh'ni ahlihinna waātūhunna ujūrahunna bil-maʿrūfi muḥ'ṣanātin ghayra musāfiḥātin walā muttakhidhāti akhdānin fa-idhā uḥ'ṣinna fa-in atayna bifāḥishatin faʿalayhinna niṣ'fu mā ʿalā l-muḥ'ṣanāti mina l-ʿadhābi dhālika liman khashiya l-ʿanata minkum wa-an taṣbirū khayrun lakum wal-lahu ghafūrun raḥīmun

Sindhi ۽ اوھان مان جيڪو آجين مؤمنياڻين جي پرڻجڻ جي سگھ نه رکندو ھجي سو اُنھن مؤمنياڻين ٻانھين مان جن جا مالڪ اوھان (مؤمنن) مان آھن (ڪا پرڻجي ته عار نه آھي)، ۽ الله اوھان جي ايمان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اوھانجا ھڪڙا ٻـين مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني پاڻ ۾ ھڪ جنس آھيو)، پوءِ کين سندن مالڪن جي موڪل سان پرڻجو ۽ سندن ڪابين ھلي چليءَ وانگر کين ڏيو (اُھي) نڪاح ٻَڌلون نه زنا ڪندڙيون ۽ نڪي ڳجھن يارن وٺڻ واريون ھجن، پوءِ جڏھن نڪاح ۾ آيون تڏھن جيڪڏھن (اُھي) ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آجين تي آھي تنھن جو اڌ مٿن آھي، (اِھا ٻانھيءَ کي پرڻجڻ جي اجازت) اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو زنا (جي گناہ ۾ پوڻ) کان ڊڄي، ۽ اوھان جو صبر ڪرڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 26

يُرِيدُ ٱللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُمْ وَيَهْدِيَكُمْ سُنَنَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ وَيَتُوبَ عَلَيْكُمْ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ

Transliteration yurīdu l-lahu liyubayyina lakum wayahdiyakum sunana alladhīna min qablikum wayatūba ʿalaykum wal-lahu ʿalīmun ḥakīmun

Sindhi الله گھرندو آھي ته اوھان لاءِ کولي بيان ڪري ۽ جيڪي اوھان کان اڳ (گذريا) آھن تن جون واٽون اوھان کي ڏيکاري ۽ اوھان تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 27

وَٱللَّهُ يُرِيدُ أَن يَتُوبَ عَلَيْكُمْ وَيُرِيدُ ٱلَّذِينَ يَتَّبِعُونَ ٱلشَّهَوَٰتِ أَن تَمِيلُوا۟ مَيْلًا عَظِيمًا

Transliteration wal-lahu yurīdu an yatūba ʿalaykum wayurīdu alladhīna yattabiʿūna l-shahawāti an tamīlū maylan ʿaẓīman

Sindhi ۽ الله اوھان تي ٻاجھ سان موٽڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن جي پٺيان لڳندا آھن سي اوھان جو (سڌيءَ واٽ کان) تمام پري ٿڙي وڃڻ گھرندا آھن.

Verse 28

يُرِيدُ ٱللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُمْ ۚ وَخُلِقَ ٱلْإِنسَـٰنُ ضَعِيفًا

Transliteration yurīdu l-lahu an yukhaffifa ʿankum wakhuliqa l-insānu ḍaʿīfan

Sindhi الله اوھان تان بار ھلڪو ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ ماڻھو (اصل) ھيڻو پيدا ڪيو ويو آھي.

Verse 29

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَأْكُلُوٓا۟ أَمْوَٰلَكُم بَيْنَكُم بِٱلْبَـٰطِلِ إِلَّآ أَن تَكُونَ تِجَـٰرَةً عَن تَرَاضٍ مِّنكُمْ ۚ وَلَا تَقْتُلُوٓا۟ أَنفُسَكُمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِكُمْ رَحِيمًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū lā takulū amwālakum baynakum bil-bāṭili illā an takūna tijāratan ʿan tarāḍin minkum walā taqtulū anfusakum inna l-laha kāna bikum raḥīman

Sindhi اي ايمان وارؤ! اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائو پر پاڻ ۾ رضامندي سان واپار جي ڏيتي ليتي ھجي ته (ڀلي کائو)، ۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نه ڪريو، ڇوته الله اوھان تي مھربان آھي.

Verse 30

وَمَن يَفْعَلْ ذَٰلِكَ عُدْوَٰنًا وَظُلْمًا فَسَوْفَ نُصْلِيهِ نَارًا ۚ وَكَانَ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرًا

Transliteration waman yafʿal dhālika ʿud'wānan waẓul'man fasawfa nuṣ'līhi nāran wakāna dhālika ʿalā l-lahi yasīran

Sindhi ۽ جيڪو حد کان ٻاھر نڪرڻ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو تنھن کي باہ ۾ سگھو وجھنداسين، ۽ اھو ڪم الله تي سھنجو آھي.

Verse 31

إِن تَجْتَنِبُوا۟ كَبَآئِرَ مَا تُنْهَوْنَ عَنْهُ نُكَفِّرْ عَنكُمْ سَيِّـَٔاتِكُمْ وَنُدْخِلْكُم مُّدْخَلًا كَرِيمًا

Transliteration in tajtanibū kabāira mā tun'hawna ʿanhu nukaffir ʿankum sayyiātikum wanud'khil'kum mud'khalan karīman

Sindhi جيڪڏھن وڏن گناھن کان جن کان اوھانکي جھليو ويو پاسو ڪندا رھندؤ ته اوھان جيون (ھلڪيون) مدايون اوھان کان ميٽينداسين ۽ اوھان کي عزت واريءَ جاءِ ۾ داخل ڪنداسين.

Verse 32

وَلَا تَتَمَنَّوْا۟ مَا فَضَّلَ ٱللَّهُ بِهِۦ بَعْضَكُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ ۚ لِّلرِّجَالِ نَصِيبٌ مِّمَّا ٱكْتَسَبُوا۟ ۖ وَلِلنِّسَآءِ نَصِيبٌ مِّمَّا ٱكْتَسَبْنَ ۚ وَسْـَٔلُوا۟ ٱللَّهَ مِن فَضْلِهِۦٓ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمًا

Transliteration walā tatamannaw mā faḍḍala l-lahu bihi baʿḍakum ʿalā baʿḍin lilrrijāli naṣībun mimmā ik'tasabū walilnnisāi naṣībun mimmā ik'tasabna wasalū l-laha min faḍlihi inna l-laha kāna bikulli shayin ʿalīman

Sindhi جن شين سان الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان فضيلت ڏني آھي تن جي ريس نه ڪريو، مڙسن لاءِ جيترو (پاڻ) ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ زالن لاءِ جيترو پاڻ ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ الله کان سندس فضل گھرو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.

Verse 33

وَلِكُلٍّ جَعَلْنَا مَوَٰلِىَ مِمَّا تَرَكَ ٱلْوَٰلِدَانِ وَٱلْأَقْرَبُونَ ۚ وَٱلَّذِينَ عَقَدَتْ أَيْمَـٰنُكُمْ فَـَٔاتُوهُمْ نَصِيبَهُمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ شَهِيدًا

Transliteration walikullin jaʿalnā mawāliya mimmā taraka l-wālidāni wal-aqrabūna wa-alladhīna ʿaqadat aymānukum faātūhum naṣībahum inna l-laha kāna ʿalā kulli shayin shahīdan

Sindhi ۽ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جيڪي (مال) ڇڏيو تنھن سڀ لاءِ وارث مُقرّر ڪياسون، ۽ جن کي (مائٽيءَ جھڙي دوستيءَ ۾) اوھانجي قَسمن ٻَڌو آھي تن کي سندن حصّو ڏيو، ڇوته الله سڀڪنھن شي تي حاضر آھي.

Verse 34

ٱلرِّجَالُ قَوَّٰمُونَ عَلَى ٱلنِّسَآءِ بِمَا فَضَّلَ ٱللَّهُ بَعْضَهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ وَبِمَآ أَنفَقُوا۟ مِنْ أَمْوَٰلِهِمْ ۚ فَٱلصَّـٰلِحَـٰتُ قَـٰنِتَـٰتٌ حَـٰفِظَـٰتٌ لِّلْغَيْبِ بِمَا حَفِظَ ٱللَّهُ ۚ وَٱلَّـٰتِى تَخَافُونَ نُشُوزَهُنَّ فَعِظُوهُنَّ وَٱهْجُرُوهُنَّ فِى ٱلْمَضَاجِعِ وَٱضْرِبُوهُنَّ ۖ فَإِنْ أَطَعْنَكُمْ فَلَا تَبْغُوا۟ عَلَيْهِنَّ سَبِيلًا ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلِيًّا كَبِيرًا

Transliteration al-rijālu qawwāmūna ʿalā l-nisāi bimā faḍḍala l-lahu baʿḍahum ʿalā baʿḍin wabimā anfaqū min amwālihim fal-ṣāliḥātu qānitātun ḥāfiẓātun lil'ghaybi bimā ḥafiẓa l-lahu wa-allātī takhāfūna nushūzahunna faʿiẓūhunna wa-uh'jurūhunna fī l-maḍājiʿi wa-iḍ'ribūhunna fa-in aṭaʿnakum falā tabghū ʿalayhinna sabīlan inna l-laha kāna ʿaliyyan kabīran

Sindhi مڙس زالن تي انھيءَ سببان حاڪم آھن جو الله انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيو آھي ۽ (ٻيو) ھن سببان جو پنھنجن مالن مان خرچيندا آھن، پوءِ ڀلاريون فرمانبردارڻيون پرپٺ نگاہ رکڻ واريون الله جي نگھباني موجب آھن، ۽ جن (زالن) جي بي فرماني معلوم ڪريو تن کي (زباني) نصيحت ڪريو ۽ پاٿارين ۾ کين ڌار ڪريو ۽ مار ڏيونِ، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي فرمانبرداري ڪن ته مٿن ڪا (ايذاءُ جي) واٽ نه ڳوليو، ڇوته الله وڏو وڏيءَ وڏائيءَ وارو آھي.

Verse 35

وَإِنْ خِفْتُمْ شِقَاقَ بَيْنِهِمَا فَٱبْعَثُوا۟ حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهِۦ وَحَكَمًا مِّنْ أَهْلِهَآ إِن يُرِيدَآ إِصْلَـٰحًا يُوَفِّقِ ٱللَّهُ بَيْنَهُمَآ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلِيمًا خَبِيرًا

Transliteration wa-in khif'tum shiqāqa baynihimā fa-ib'ʿathū ḥakaman min ahlihi waḥakaman min ahlihā in yurīdā iṣ'lāḥan yuwaffiqi l-lahu baynahumā inna l-laha kāna ʿalīman khabīran

Sindhi ۽ جيڪڏھن سندن وچ ۾ ڦيٽي کان ڊڄو ته ھِن جي گھراڻي مان ھڪ امين ۽ ھُن جي گھراڻي مان (به) ھڪ امين مُقرّر ڪريو، جيڪڏھن ٻئي (امين) صُلح ڪرائڻ گھرندا ته الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.

Verse 36

۞ وَٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ وَلَا تُشْرِكُوا۟ بِهِۦ شَيْـًٔا ۖ وَبِٱلْوَٰلِدَيْنِ إِحْسَـٰنًا وَبِذِى ٱلْقُرْبَىٰ وَٱلْيَتَـٰمَىٰ وَٱلْمَسَـٰكِينِ وَٱلْجَارِ ذِى ٱلْقُرْبَىٰ وَٱلْجَارِ ٱلْجُنُبِ وَٱلصَّاحِبِ بِٱلْجَنۢبِ وَٱبْنِ ٱلسَّبِيلِ وَمَا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُكُمْ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ مَن كَانَ مُخْتَالًا فَخُورًا

Transliteration wa-uʿ'budū l-laha walā tush'rikū bihi shayan wabil-wālidayni iḥ'sānan wabidhī l-qur'bā wal-yatāmā wal-masākīni wal-jāri dhī l-qur'bā wal-jāri l-junubi wal-ṣāḥibi bil-janbi wa-ib'ni l-sabīli wamā malakat aymānukum inna l-laha lā yuḥibbu man kāna mukh'tālan fakhūran

Sindhi ۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي.

Verse 37

ٱلَّذِينَ يَبْخَلُونَ وَيَأْمُرُونَ ٱلنَّاسَ بِٱلْبُخْلِ وَيَكْتُمُونَ مَآ ءَاتَىٰهُمُ ٱللَّهُ مِن فَضْلِهِۦ ۗ وَأَعْتَدْنَا لِلْكَـٰفِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا

Transliteration alladhīna yabkhalūna wayamurūna l-nāsa bil-bukh'li wayaktumūna mā ātāhumu l-lahu min faḍlihi wa-aʿtadnā lil'kāfirīna ʿadhāban muhīnan

Sindhi (۽ نڪي اُنھن کي) جيڪي (پاڻ) ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حُڪم ڪندا آھن ۽ الله پنھنجي فضل سان کين جيڪي ڏنو آھي سو لڪائيندا آھن، ۽ اھڙن نه مڃيندڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿئون.

Verse 38

وَٱلَّذِينَ يُنفِقُونَ أَمْوَٰلَهُمْ رِئَآءَ ٱلنَّاسِ وَلَا يُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَلَا بِٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ ۗ وَمَن يَكُنِ ٱلشَّيْطَـٰنُ لَهُۥ قَرِينًا فَسَآءَ قَرِينًا

Transliteration wa-alladhīna yunfiqūna amwālahum riāa l-nāsi walā yu'minūna bil-lahi walā bil-yawmi l-ākhiri waman yakuni l-shayṭānu lahu qarīnan fasāa qarīnan

Sindhi ۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي پنھنجن مالن کي ماڻھن جي ڏيکاريءَ لاءِ خرچيندا آھن ۽ نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن، ۽ جنھن جو سنگتي شيطان ٿيو ته اُھو سنگتي بڇڙو آھي.

Verse 39

وَمَاذَا عَلَيْهِمْ لَوْ ءَامَنُوا۟ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ وَأَنفَقُوا۟ مِمَّا رَزَقَهُمُ ٱللَّهُ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ بِهِمْ عَلِيمًا

Transliteration wamādhā ʿalayhim law āmanū bil-lahi wal-yawmi l-ākhiri wa-anfaqū mimmā razaqahumu l-lahu wakāna l-lahu bihim ʿalīman

Sindhi ۽ مٿن ڪھڙي (ڏکيائي) ھئي جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين ھا ۽ الله جيڪي کين ڏنو آھي ان مان خرچين ھا، ۽ الله انھن (جي حال) کي (چڱو) ڄاڻندڙ آھي.

Verse 40

إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَظْلِمُ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ ۖ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضَـٰعِفْهَا وَيُؤْتِ مِن لَّدُنْهُ أَجْرًا عَظِيمًا

Transliteration inna l-laha lā yaẓlimu mith'qāla dharratin wa-in taku ḥasanatan yuḍāʿif'hā wayu'ti min ladun'hu ajran ʿaẓīman

Sindhi الله ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن (ڪا) چڱائي ھوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو آھي ۽ پاڻ وٽان وڏو اجر ڏيندو آھي.

Verse 41

فَكَيْفَ إِذَا جِئْنَا مِن كُلِّ أُمَّةٍۭ بِشَهِيدٍ وَجِئْنَا بِكَ عَلَىٰ هَـٰٓؤُلَآءِ شَهِيدًا

Transliteration fakayfa idhā ji'nā min kulli ummatin bishahīdin waji'nā bika ʿalā hāulāi shahīdan

Sindhi پوءِ (تڏھن) ڪئن (ڪندا) جڏھن سڀڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد آڻينداسون ۽ (اي پيغمبر) توکي (به) ھن ٽوليءَ تي شاھد ڪري آڻينداسون.

Verse 42

يَوْمَئِذٍ يَوَدُّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَعَصَوُا۟ ٱلرَّسُولَ لَوْ تُسَوَّىٰ بِهِمُ ٱلْأَرْضُ وَلَا يَكْتُمُونَ ٱللَّهَ حَدِيثًا

Transliteration yawma-idhin yawaddu alladhīna kafarū waʿaṣawū l-rasūla law tusawwā bihimu l-arḍu walā yaktumūna l-laha ḥadīthan

Sindhi اُنھيءَ ڏينھن ڪافر ۽ جن پيغمبر جو چيو نه مڃيو سي گھرندا ته جيڪر مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي، ۽ الله کان ڪائي ڳالھ لڪائي نه سگھندا.

Verse 43

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَقْرَبُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَأَنتُمْ سُكَـٰرَىٰ حَتَّىٰ تَعْلَمُوا۟ مَا تَقُولُونَ وَلَا جُنُبًا إِلَّا عَابِرِى سَبِيلٍ حَتَّىٰ تَغْتَسِلُوا۟ ۚ وَإِن كُنتُم مَّرْضَىٰٓ أَوْ عَلَىٰ سَفَرٍ أَوْ جَآءَ أَحَدٌ مِّنكُم مِّنَ ٱلْغَآئِطِ أَوْ لَـٰمَسْتُمُ ٱلنِّسَآءَ فَلَمْ تَجِدُوا۟ مَآءً فَتَيَمَّمُوا۟ صَعِيدًا طَيِّبًا فَٱمْسَحُوا۟ بِوُجُوهِكُمْ وَأَيْدِيكُمْ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَفُوًّا غَفُورًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū lā taqrabū l-ṣalata wa-antum sukārā ḥattā taʿlamū mā taqūlūna walā junuban illā ʿābirī sabīlin ḥattā taghtasilū wa-in kuntum marḍā aw ʿalā safarin aw jāa aḥadun minkum mina l-ghāiṭi aw lāmastumu l-nisāa falam tajidū māan fatayammamū ṣaʿīdan ṭayyiban fa-im'saḥū biwujūhikum wa-aydīkum inna l-laha kāna ʿafuwwan ghafūran

Sindhi اي ايمان وارؤ! اوھان نشي ۾ ٿي ايستائين نماز کي ويجھا نه وڃو جيستائين جيڪي ڳالھايو ٿا سو سمجھو ۽ نڪي مسافرن کانسواءِ (مقيم) تڙ وارو (نماز پڙھي) جيسين تڙ ڪريو، ۽ جيڪڏھن اوھين بيمار ھجو يا مسافري تي ھجو يا اوھان مان ڪوئي جاءِ ضرور کان اچي يا زالن کي ويجھا ويا ھجو ۽ پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمّم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن ۽ پنھنجن ھٿن کي مک ڪريو، ڇوته الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.

Verse 44

أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ نَصِيبًا مِّنَ ٱلْكِتَـٰبِ يَشْتَرُونَ ٱلضَّلَـٰلَةَ وَيُرِيدُونَ أَن تَضِلُّوا۟ ٱلسَّبِيلَ

Transliteration alam tara ilā alladhīna ūtū naṣīban mina l-kitābi yashtarūna l-ḍalālata wayurīdūna an taḍillū l-sabīla

Sindhi (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان حصّو ڏنو ويو آھي اُھي گمراھي ڳنھندا آھن ۽ اوھان جو واٽ کان ڀلڻ (به) گھُرندا آھن.

Verse 45

وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِأَعْدَآئِكُمْ ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَلِيًّا وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ نَصِيرًا

Transliteration wal-lahu aʿlamu bi-aʿdāikum wakafā bil-lahi waliyyan wakafā bil-lahi naṣīran

Sindhi ۽ الله اوھان جي ويرين کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، ۽ الله (سڀني ڪمن جو) ڪارساز بس آھي، ۽ الله مددگار بس آھي.

Verse 46

مِّنَ ٱلَّذِينَ هَادُوا۟ يُحَرِّفُونَ ٱلْكَلِمَ عَن مَّوَاضِعِهِۦ وَيَقُولُونَ سَمِعْنَا وَعَصَيْنَا وَٱسْمَعْ غَيْرَ مُسْمَعٍ وَرَٰعِنَا لَيًّۢا بِأَلْسِنَتِهِمْ وَطَعْنًا فِى ٱلدِّينِ ۚ وَلَوْ أَنَّهُمْ قَالُوا۟ سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا وَٱسْمَعْ وَٱنظُرْنَا لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ وَأَقْوَمَ وَلَـٰكِن لَّعَنَهُمُ ٱللَّهُ بِكُفْرِهِمْ فَلَا يُؤْمِنُونَ إِلَّا قَلِيلًا

Transliteration mina alladhīna hādū yuḥarrifūna l-kalima ʿan mawāḍiʿihi wayaqūlūna samiʿ'nā waʿaṣaynā wa-is'maʿ ghayra mus'maʿin warāʿinā layyan bi-alsinatihim waṭaʿnan fī l-dīni walaw annahum qālū samiʿ'nā wa-aṭaʿnā wa-is'maʿ wa-unẓur'nā lakāna khayran lahum wa-aqwama walākin laʿanahumu l-lahu bikuf'rihim falā yu'minūna illā qalīlan

Sindhi يھودين مان ڪي (توريت ۾) لفظن کي سندن جاين کان مٽائيندا آھن ۽ سَمِعۡنَا وَ عَصَيۡنَا ۽ اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع ۽ رَاعِنَا (جي لفظن) کي (چوڻ وقت) پنھنجيون زبانون وچڙائي ۽ دين ۾ طعني ھڻڻ لاءِ چوندا آھن، ۽ جيڪڏھن (سَمِعۡنَا وَعَصَيۡنَا جي بجاءِ) سَمِعۡنَا وَاَطَعۡنَا (يعني ٻڌوسون ۽ فرمانبرداري ڪئيسون) ۽ (اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع جي ھنڌ) اِسۡمَعۡ (يعني ٻڌ) ۽ (رَاعِنَا لفظ جي بجاءِ لفظ) اُنۡظُرۡنَا (يعني اسان جو خيال رک) چون ھا ته اُنھن لاءِ ڀلو ۽ ڏاڍو سنئون ھجي ھا پر الله سندن ڪُفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) ايمان نه ٿا آڻين.

Verse 47

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَـٰبَ ءَامِنُوا۟ بِمَا نَزَّلْنَا مُصَدِّقًا لِّمَا مَعَكُم مِّن قَبْلِ أَن نَّطْمِسَ وُجُوهًا فَنَرُدَّهَا عَلَىٰٓ أَدْبَارِهَآ أَوْ نَلْعَنَهُمْ كَمَا لَعَنَّآ أَصْحَـٰبَ ٱلسَّبْتِ ۚ وَكَانَ أَمْرُ ٱللَّهِ مَفْعُولًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna ūtū l-kitāba āminū bimā nazzalnā muṣaddiqan limā maʿakum min qabli an naṭmisa wujūhan fanaruddahā ʿalā adbārihā aw nalʿanahum kamā laʿannā aṣḥāba l-sabti wakāna amru l-lahi mafʿūlan

Sindhi اي ڪتاب وارؤ جيڪو (قرآن) لاٿوسون جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن جو (اُھو) سچو ڪندڙ (به) آھي تنھنکي انھي کان اڳ مڃيو جو (اوھان جي) منھن جي صورت ميٽي ڇڏيون پوءِ ڦيرائي انھن کي ڪياڙي جي شڪل ڪريون يا مٿن اھڙي لعنت ڪريون جھڙي ڇنڇر وارن تي لعنت ڪئيسون، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (جاري ٿيندو آھي) سو ٿي چڪندو آھي.

Verse 48

إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَغْفِرُ أَن يُشْرَكَ بِهِۦ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَٰلِكَ لِمَن يَشَآءُ ۚ وَمَن يُشْرِكْ بِٱللَّهِ فَقَدِ ٱفْتَرَىٰٓ إِثْمًا عَظِيمًا

Transliteration inna l-laha lā yaghfiru an yush'raka bihi wayaghfiru mā dūna dhālika liman yashāu waman yush'rik bil-lahi faqadi if'tarā ith'man ʿaẓīman

Sindhi بيشڪ الله ھيءُ (ڏوہ) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي به) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ ٻيا (ڏوہ) جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي به) شريڪ بڻائيندو تنھن بيشڪ وڏي گناہ جو بُھتان ٻڌو.

Verse 49

أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ يُزَكُّونَ أَنفُسَهُم ۚ بَلِ ٱللَّهُ يُزَكِّى مَن يَشَآءُ وَلَا يُظْلَمُونَ فَتِيلًا

Transliteration alam tara ilā alladhīna yuzakkūna anfusahum bali l-lahu yuzakkī man yashāu walā yuẓ'lamūna fatīlan

Sindhi (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي پاڻون پاڻ کي پاڪ چوندا آھن، (نه) بلڪ الله جنھن کي گھرندو آھي پاڪ ڪندو آھي ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبن.

Verse 50

ٱنظُرْ كَيْفَ يَفْتَرُونَ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ ۖ وَكَفَىٰ بِهِۦٓ إِثْمًا مُّبِينًا

Transliteration unẓur kayfa yaftarūna ʿalā l-lahi l-kadhiba wakafā bihi ith'man mubīnan

Sindhi (اي پيغمبر) ڏس ته الله تي ڪيئن ڪوڙ ٺاھيندا آھن؟ ۽ اھو پڌرو گناہ بس آھي.

Verse 51

أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ نَصِيبًا مِّنَ ٱلْكِتَـٰبِ يُؤْمِنُونَ بِٱلْجِبْتِ وَٱلطَّـٰغُوتِ وَيَقُولُونَ لِلَّذِينَ كَفَرُوا۟ هَـٰٓؤُلَآءِ أَهْدَىٰ مِنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ سَبِيلًا

Transliteration alam tara ilā alladhīna ūtū naṣīban mina l-kitābi yu'minūna bil-jib'ti wal-ṭāghūti wayaqūlūna lilladhīna kafarū hāulāi ahdā mina alladhīna āmanū sabīlan

Sindhi (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان ڀاڱو ڏنو ويو ته اُھي بتن ۽ شيطان کي مڃيندا آھن ۽ ڪافرن لاءِ چوندا آھن ته ھيءَ ٽولي مؤمنن کان وڌيڪ سنئين واٽ واري آھي.

Verse 52

أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ لَعَنَهُمُ ٱللَّهُ ۖ وَمَن يَلْعَنِ ٱللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُۥ نَصِيرًا

Transliteration ulāika alladhīna laʿanahumu l-lahu waman yalʿani l-lahu falan tajida lahu naṣīran

Sindhi اِھي (اُھي) آھن جن تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ جنھن تي الله لعنت ڪندو آھي تنھن جو ڪو مددگار نه لھندين.

Verse 53

أَمْ لَهُمْ نَصِيبٌ مِّنَ ٱلْمُلْكِ فَإِذًا لَّا يُؤْتُونَ ٱلنَّاسَ نَقِيرًا

Transliteration am lahum naṣībun mina l-mul'ki fa-idhan lā yu'tūna l-nāsa naqīran

Sindhi اُنھن کي بادشاھيءَ مان ڪو ڀاڱو آھي ڇا؟ (جي کين کڻي ھجي به ته) اُن مھل ماڻھن کي تر جيترو (به) نه ڏين.

Verse 54

أَمْ يَحْسُدُونَ ٱلنَّاسَ عَلَىٰ مَآ ءَاتَىٰهُمُ ٱللَّهُ مِن فَضْلِهِۦ ۖ فَقَدْ ءَاتَيْنَآ ءَالَ إِبْرَٰهِيمَ ٱلْكِتَـٰبَ وَٱلْحِكْمَةَ وَءَاتَيْنَـٰهُم مُّلْكًا عَظِيمًا

Transliteration am yaḥsudūna l-nāsa ʿalā mā ātāhumu l-lahu min faḍlihi faqad ātaynā āla ib'rāhīma l-kitāba wal-ḥik'mata waātaynāhum mul'kan ʿaẓīman

Sindhi ويتر ماڻھن سان انھيءَ تي حسد ڪندا آھن جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي، پوءِ بيشڪ ابراھيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏنيسون ۽ کين وڏي بادشاھي ڏني سون.

Verse 55

فَمِنْهُم مَّنْ ءَامَنَ بِهِۦ وَمِنْهُم مَّن صَدَّ عَنْهُ ۚ وَكَفَىٰ بِجَهَنَّمَ سَعِيرًا

Transliteration famin'hum man āmana bihi wamin'hum man ṣadda ʿanhu wakafā bijahannama saʿīran

Sindhi پوءِ منجھائن ڪي آھن جن اُن ڪتاب کي مڃيو ۽ منجھائن ڪي آھن جي کانئس اٽڪي رھيا، ۽ (انھن لاءِ) ٻرندڙ دوزخ بس آھي.

Verse 56

إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا سَوْفَ نُصْلِيهِمْ نَارًا كُلَّمَا نَضِجَتْ جُلُودُهُم بَدَّلْنَـٰهُمْ جُلُودًا غَيْرَهَا لِيَذُوقُوا۟ ٱلْعَذَابَ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَزِيزًا حَكِيمًا

Transliteration inna alladhīna kafarū biāyātinā sawfa nuṣ'līhim nāran kullamā naḍijat julūduhum baddalnāhum julūdan ghayrahā liyadhūqū l-ʿadhāba inna l-laha kāna ʿazīzan ḥakīman

Sindhi جن اسان جي آيتن کي نه مڃيو تن کي سگھو باہ ۾ گھيرينداسون، جڏھن ڪڏھن سندن کلون ڀُڄنديون (تڏھن) سندن ٻيون کلون ھن لاءِ پيا مٽائينداسون ته ڀلي عذاب (جو مزو) چکن، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.

Verse 57

وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ سَنُدْخِلُهُمْ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا ۖ لَّهُمْ فِيهَآ أَزْوَٰجٌ مُّطَهَّرَةٌ ۖ وَنُدْخِلُهُمْ ظِلًّا ظَلِيلًا

Transliteration wa-alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti sanud'khiluhum jannātin tajrī min taḥtihā l-anhāru khālidīna fīhā abadan lahum fīhā azwājun muṭahharatun wanud'khiluhum ẓillan ẓalīlan

Sindhi جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (اُنھن) باغن ۾ سگھو داخل ڪنداسون جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن اصلي سدائين رھڻ وارا آھن، اُنھن لاءِ منجھن پاڪ زالون آھن، ۽ کين گھاٽين ڇانون ۾ داخل ڪنداسون.

Verse 58

۞ إِنَّ ٱللَّهَ يَأْمُرُكُمْ أَن تُؤَدُّوا۟ ٱلْأَمَـٰنَـٰتِ إِلَىٰٓ أَهْلِهَا وَإِذَا حَكَمْتُم بَيْنَ ٱلنَّاسِ أَن تَحْكُمُوا۟ بِٱلْعَدْلِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ نِعِمَّا يَعِظُكُم بِهِۦٓ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ سَمِيعًۢا بَصِيرًا

Transliteration inna l-laha yamurukum an tu-addū l-amānāti ilā ahlihā wa-idhā ḥakamtum bayna l-nāsi an taḥkumū bil-ʿadli inna l-laha niʿimmā yaʿiẓukum bihi inna l-laha kāna samīʿan baṣīran

Sindhi بيشڪ الله اوھان کي حُڪم ٿو ڪري ته امانتون سندن مالڪن کي پھچائي ڏيو ۽ جڏھن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو (تڏھن) انصاف سان حڪم ڪريو، بيشڪ الله اوھان کي جيڪا نصيحت ڪري ٿو سا چڱي آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

Verse 59

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُوا۟ ٱلرَّسُولَ وَأُو۟لِى ٱلْأَمْرِ مِنكُمْ ۖ فَإِن تَنَـٰزَعْتُمْ فِى شَىْءٍ فَرُدُّوهُ إِلَى ٱللَّهِ وَٱلرَّسُولِ إِن كُنتُمْ تُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ ۚ ذَٰلِكَ خَيْرٌ وَأَحْسَنُ تَأْوِيلًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū aṭīʿū l-laha wa-aṭīʿū l-rasūla wa-ulī l-amri minkum fa-in tanāzaʿtum fī shayin faruddūhu ilā l-lahi wal-rasūli in kuntum tu'minūna bil-lahi wal-yawmi l-ākhiri dhālika khayrun wa-aḥsanu tawīlan

Sindhi اي ايمان وارؤ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوھان مان جيڪو حاڪم ھجي تنھن جي (به) پوءِ جيڪڏھن ڪنھن شيءِ بابت جھڳڙو ڪريو ته جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته ان کي الله ۽ پيغمبر جي حُڪم ڏانھن رجوع ڪريو، اِھو ڀلو ۽ نتيجي جي ڪري ڏاڍو چڱو آھي.

Verse 60

أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ يَزْعُمُونَ أَنَّهُمْ ءَامَنُوا۟ بِمَآ أُنزِلَ إِلَيْكَ وَمَآ أُنزِلَ مِن قَبْلِكَ يُرِيدُونَ أَن يَتَحَاكَمُوٓا۟ إِلَى ٱلطَّـٰغُوتِ وَقَدْ أُمِرُوٓا۟ أَن يَكْفُرُوا۟ بِهِۦ وَيُرِيدُ ٱلشَّيْطَـٰنُ أَن يُضِلَّهُمْ ضَلَـٰلًۢا بَعِيدًا

Transliteration alam tara ilā alladhīna yazʿumūna annahum āmanū bimā unzila ilayka wamā unzila min qablika yurīdūna an yataḥākamū ilā l-ṭāghūti waqad umirū an yakfurū bihi wayurīdu l-shayṭānu an yuḍillahum ḍalālan baʿīdan

Sindhi (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي ڀائيندا آھن ته جيڪي تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو تنھن کي پاڻ مڃيو اٿن اھي ھن ھوندي به طاغوت (يعني غير خدا) ڏانھن (مقد مونيئي) فيصلو ڪرائڻ گھرندا آھن حالانڪ ان جي نه مڃڻ جو حڪم ڪيو ويو اٿن، ۽ شيطان کين وڏي ڀُل ۾ ڀُلائڻ گھرندو آھي.

Verse 61

وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ تَعَالَوْا۟ إِلَىٰ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ وَإِلَى ٱلرَّسُولِ رَأَيْتَ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ يَصُدُّونَ عَنكَ صُدُودًا

Transliteration wa-idhā qīla lahum taʿālaw ilā mā anzala l-lahu wa-ilā l-rasūli ra-ayta l-munāfiqīna yaṣuddūna ʿanka ṣudūdan

Sindhi ۽ جڏھن کين چئجي ته جيڪي الله لاٿو تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو ته منافقن کي ڏٺئي ته توکان پوري طرح جھلجي ويندا آھن.

Verse 62

فَكَيْفَ إِذَآ أَصَـٰبَتْهُم مُّصِيبَةٌۢ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ ثُمَّ جَآءُوكَ يَحْلِفُونَ بِٱللَّهِ إِنْ أَرَدْنَآ إِلَّآ إِحْسَـٰنًا وَتَوْفِيقًا

Transliteration fakayfa idhā aṣābathum muṣībatun bimā qaddamat aydīhim thumma jāūka yaḥlifūna bil-lahi in aradnā illā iḥ'sānan watawfīqan

Sindhi پوءِ (تڏھن) ڪئن (ڪندا) جڏھن کين ڪا اوکائي اُنھيءَ سببان پھچندي جو سندن ھٿن اڳي ڪيو آھي ته وري تو وٽ اچي الله جو قسم کڻندا ته اسان جو چڱائي ۽ ٺھراءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نه ھو.

Verse 63

أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ يَعْلَمُ ٱللَّهُ مَا فِى قُلُوبِهِمْ فَأَعْرِضْ عَنْهُمْ وَعِظْهُمْ وَقُل لَّهُمْ فِىٓ أَنفُسِهِمْ قَوْلًۢا بَلِيغًا

Transliteration ulāika alladhīna yaʿlamu l-lahu mā fī qulūbihim fa-aʿriḍ ʿanhum waʿiẓ'hum waqul lahum fī anfusihim qawlan balīghan

Sindhi اِھي (اُھي) آھن جن جي دلين ۾ جيڪي (ڪفر ۽ نفاق) آھي سو الله ڄاڻندو آھي، پوءِ کانئن مُڙ ۽ کين نصيحت ڪر ۽ کين سندين دلين ۾ پھچندڙ ڳالھه چؤ.

Verse 64

وَمَآ أَرْسَلْنَا مِن رَّسُولٍ إِلَّا لِيُطَاعَ بِإِذْنِ ٱللَّهِ ۚ وَلَوْ أَنَّهُمْ إِذ ظَّلَمُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ جَآءُوكَ فَٱسْتَغْفَرُوا۟ ٱللَّهَ وَٱسْتَغْفَرَ لَهُمُ ٱلرَّسُولُ لَوَجَدُوا۟ ٱللَّهَ تَوَّابًا رَّحِيمًا

Transliteration wamā arsalnā min rasūlin illā liyuṭāʿa bi-idh'ni l-lahi walaw annahum idh ẓalamū anfusahum jāūka fa-is'taghfarū l-laha wa-is'taghfara lahumu l-rasūlu lawajadū l-laha tawwāban raḥīman

Sindhi ڪوئي پيغمبر نه موڪليوسون پر ھن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي، ۽ جڏھن انھن (ماڻھن) پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر انھن لاءِ بخشش گھري ھا ته الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان لھن ھا.

Verse 65

فَلَا وَرَبِّكَ لَا يُؤْمِنُونَ حَتَّىٰ يُحَكِّمُوكَ فِيمَا شَجَرَ بَيْنَهُمْ ثُمَّ لَا يَجِدُوا۟ فِىٓ أَنفُسِهِمْ حَرَجًا مِّمَّا قَضَيْتَ وَيُسَلِّمُوا۟ تَسْلِيمًا

Transliteration falā warabbika lā yu'minūna ḥattā yuḥakkimūka fīmā shajara baynahum thumma lā yajidū fī anfusihim ḥarajan mimmā qaḍayta wayusallimū taslīman

Sindhi پوءِ تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته (اھي ماڻھو) مسلمان نه آھن جيستائين انھي معاملي ۾ جو سندن وچ ۾ پيو آھي توکان فيصلو ڪرائن پوءِ (تون) جيڪو نبيرو ڪرين تنھن کان پنھنجي دلين ۾ اڙکُڙ نه ڏسن ۽ پوري طرح مڃين.

Verse 66

وَلَوْ أَنَّا كَتَبْنَا عَلَيْهِمْ أَنِ ٱقْتُلُوٓا۟ أَنفُسَكُمْ أَوِ ٱخْرُجُوا۟ مِن دِيَـٰرِكُم مَّا فَعَلُوهُ إِلَّا قَلِيلٌ مِّنْهُمْ ۖ وَلَوْ أَنَّهُمْ فَعَلُوا۟ مَا يُوعَظُونَ بِهِۦ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ وَأَشَدَّ تَثْبِيتًا

Transliteration walaw annā katabnā ʿalayhim ani uq'tulū anfusakum awi ukh'rujū min diyārikum mā faʿalūhu illā qalīlun min'hum walaw annahum faʿalū mā yūʿaẓūna bihi lakāna khayran lahum wa-ashadda tathbītan

Sindhi ۽ جيڪڏھن اسين مٿن لازم ڪريون ھا ته اوھين پاڻ کي ڪُھو يا پنھنجن ديسن مان نڪرو ته منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (ٻِيا) اُھو نه ڪن ھا، ۽ جيڪا نصيحت ڪئي وين تنھن موجب جيڪڏھن اُھي ڪم ڪن ھا ته اُنھن لاءِ ضرور ڀلو ۽ (ايمان کي) زيادہ پڪي ڪرڻ وارو ھجي ھا.

Verse 67

وَإِذًا لَّـَٔاتَيْنَـٰهُم مِّن لَّدُنَّآ أَجْرًا عَظِيمًا

Transliteration wa-idhan laātaynāhum min ladunnā ajran ʿaẓīman

Sindhi ۽ انھيءَ وقت پاڻ وٽان وڏو اجر کين ضرور ڏيون ھا.

Verse 68

وَلَهَدَيْنَـٰهُمْ صِرَٰطًا مُّسْتَقِيمًا

Transliteration walahadaynāhum ṣirāṭan mus'taqīman

Sindhi ۽ ضرور کين سڌي واٽ وٺايون ھا.

Verse 69

وَمَن يُطِعِ ٱللَّهَ وَٱلرَّسُولَ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ مَعَ ٱلَّذِينَ أَنْعَمَ ٱللَّهُ عَلَيْهِم مِّنَ ٱلنَّبِيِّـۧنَ وَٱلصِّدِّيقِينَ وَٱلشُّهَدَآءِ وَٱلصَّـٰلِحِينَ ۚ وَحَسُنَ أُو۟لَـٰٓئِكَ رَفِيقًا

Transliteration waman yuṭiʿi l-laha wal-rasūla fa-ulāika maʿa alladhīna anʿama l-lahu ʿalayhim mina l-nabiyīna wal-ṣidīqīna wal-shuhadāi wal-ṣāliḥīna waḥasuna ulāika rafīqan

Sindhi ۽ جيڪي الله ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪندا سي انھن سان گڏ رھندڙ آھن جن تي الله فضل ڪيو آھي (يعني) پيغمبر ۽ صديق ۽ شھيد ۽ صالح، ۽ اُھي چڱا سنگتي آھن.

Verse 70

ذَٰلِكَ ٱلْفَضْلُ مِنَ ٱللَّهِ ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ عَلِيمًا

Transliteration dhālika l-faḍlu mina l-lahi wakafā bil-lahi ʿalīman

Sindhi اِھو فضل الله جي طرفان آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بس آھي.

Verse 71

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ خُذُوا۟ حِذْرَكُمْ فَٱنفِرُوا۟ ثُبَاتٍ أَوِ ٱنفِرُوا۟ جَمِيعًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū khudhū ḥidh'rakum fa-infirū thubātin awi infirū jamīʿan

Sindhi اي ايمان وارؤ پنھنجي بچاءُ جو سامان وٺو پوءِ لڙائيءَ لاءِ ٽولي ٽولي ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو.

Verse 72

وَإِنَّ مِنكُمْ لَمَن لَّيُبَطِّئَنَّ فَإِنْ أَصَـٰبَتْكُم مُّصِيبَةٌ قَالَ قَدْ أَنْعَمَ ٱللَّهُ عَلَىَّ إِذْ لَمْ أَكُن مَّعَهُمْ شَهِيدًا

Transliteration wa-inna minkum laman layubaṭṭi-anna fa-in aṣābatkum muṣībatun qāla qad anʿama l-lahu ʿalayya idh lam akun maʿahum shahīdan

Sindhi ۽ بيشڪ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو (ڄاڻي واڻي) دير ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي ڪو اھنج پھچندو ته چوندو آھي ته بيشڪ الله مون تي احسان ڪيو جو (آءٌ) ساڻن نه حاضر ھوس.

Verse 73

وَلَئِنْ أَصَـٰبَكُمْ فَضْلٌ مِّنَ ٱللَّهِ لَيَقُولَنَّ كَأَن لَّمْ تَكُنۢ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُۥ مَوَدَّةٌ يَـٰلَيْتَنِى كُنتُ مَعَهُمْ فَأَفُوزَ فَوْزًا عَظِيمًا

Transliteration wala-in aṣābakum faḍlun mina l-lahi layaqūlanna ka-an lam takun baynakum wabaynahu mawaddatun yālaytanī kuntu maʿahum fa-afūza fawzan ʿaẓīman

Sindhi ۽ جيڪڏھن الله (جي پار) کان ڪو احسان اوھان کي پھچي ته (انھيءَ وانگر جو) ڄڻ ته اوھان جي ۽ سندس وچ ۾ دوستي نه ھئي ضرور چوندو آھي ته مون کي ارمان آھي جيڪر ساڻن ھجان ھا ته وڏي مراد ماڻيان ھا.

Verse 74

۞ فَلْيُقَـٰتِلْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ٱلَّذِينَ يَشْرُونَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا بِٱلْـَٔاخِرَةِ ۚ وَمَن يُقَـٰتِلْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ فَيُقْتَلْ أَوْ يَغْلِبْ فَسَوْفَ نُؤْتِيهِ أَجْرًا عَظِيمًا

Transliteration falyuqātil fī sabīli l-lahi alladhīna yashrūna l-ḥayata l-dun'yā bil-ākhirati waman yuqātil fī sabīli l-lahi fayuq'tal aw yaghlib fasawfa nu'tīhi ajran ʿaẓīman

Sindhi پوءِ اُنھن (مؤمنن) کي جڳائي ته الله جي واٽ ۾ وڙھن جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت سان وڪڻندا آھن، ۽ جيڪو الله جي واٽ ۾ وڙھندو پوءِ ماريو ويو يا غالب ٿيو تنھن کي وڏو اجر سگھوئي ڏينداسون.

Verse 75

وَمَا لَكُمْ لَا تُقَـٰتِلُونَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ وَٱلْمُسْتَضْعَفِينَ مِنَ ٱلرِّجَالِ وَٱلنِّسَآءِ وَٱلْوِلْدَٰنِ ٱلَّذِينَ يَقُولُونَ رَبَّنَآ أَخْرِجْنَا مِنْ هَـٰذِهِ ٱلْقَرْيَةِ ٱلظَّالِمِ أَهْلُهَا وَٱجْعَل لَّنَا مِن لَّدُنكَ وَلِيًّا وَٱجْعَل لَّنَا مِن لَّدُنكَ نَصِيرًا

Transliteration wamā lakum lā tuqātilūna fī sabīli l-lahi wal-mus'taḍʿafīna mina l-rijāli wal-nisāi wal-wil'dāni alladhīna yaqūlūna rabbanā akhrij'nā min hādhihi l-qaryati l-ẓālimi ahluhā wa-ij'ʿal lanā min ladunka waliyyan wa-ij'ʿal lanā min ladunka naṣīran

Sindhi ۽ (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله جي واٽ ۾ نٿا وڙھو؟ حالانڪ ھيڻن مڙسن ۽ زالن ۽ ٻارن مان اُھي آھن جي چون ٿا ته اي اسان جا پالڻھار ھن شھر مان جنھن جا رھاڪو ظالم آھن اسان کي (ٻاھر) ڪڍ، ۽ پاڻ وٽان اسان جو (ڪو) سنڀاليندڙ ڪر، ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو مددگار ڪر.

Verse 76

ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ يُقَـٰتِلُونَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ۖ وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ يُقَـٰتِلُونَ فِى سَبِيلِ ٱلطَّـٰغُوتِ فَقَـٰتِلُوٓا۟ أَوْلِيَآءَ ٱلشَّيْطَـٰنِ ۖ إِنَّ كَيْدَ ٱلشَّيْطَـٰنِ كَانَ ضَعِيفًا

Transliteration alladhīna āmanū yuqātilūna fī sabīli l-lahi wa-alladhīna kafarū yuqātilūna fī sabīli l-ṭāghūti faqātilū awliyāa l-shayṭāni inna kayda l-shayṭāni kāna ḍaʿīfan

Sindhi جيڪي مؤمن آھن سي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن، ۽ جيڪي ڪافر آھن سي شيطان جي واٽ ۾ وڙھندا آھن تنھنڪري شيطان جي ساٿين کي ماريو، ڇوته شيطان جي ٺڳي ھيڻي آھي.

Verse 77

أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ قِيلَ لَهُمْ كُفُّوٓا۟ أَيْدِيَكُمْ وَأَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتُوا۟ ٱلزَّكَوٰةَ فَلَمَّا كُتِبَ عَلَيْهِمُ ٱلْقِتَالُ إِذَا فَرِيقٌ مِّنْهُمْ يَخْشَوْنَ ٱلنَّاسَ كَخَشْيَةِ ٱللَّهِ أَوْ أَشَدَّ خَشْيَةً ۚ وَقَالُوا۟ رَبَّنَا لِمَ كَتَبْتَ عَلَيْنَا ٱلْقِتَالَ لَوْلَآ أَخَّرْتَنَآ إِلَىٰٓ أَجَلٍ قَرِيبٍ ۗ قُلْ مَتَـٰعُ ٱلدُّنْيَا قَلِيلٌ وَٱلْـَٔاخِرَةُ خَيْرٌ لِّمَنِ ٱتَّقَىٰ وَلَا تُظْلَمُونَ فَتِيلًا

Transliteration alam tara ilā alladhīna qīla lahum kuffū aydiyakum wa-aqīmū l-ṣalata waātū l-zakata falammā kutiba ʿalayhimu l-qitālu idhā farīqun min'hum yakhshawna l-nāsa kakhashyati l-lahi aw ashadda khashyatan waqālū rabbanā lima katabta ʿalaynā l-qitāla lawlā akhartanā ilā ajalin qarībin qul matāʿu l-dun'yā qalīlun wal-ākhiratu khayrun limani ittaqā walā tuẓ'lamūna fatīlan

Sindhi (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي چيو ويو ته پنھنجن ھٿن کي (ويڙھ کان) جھليو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪٰوة ڏيو، پوءِ جنھن مھل مٿن ويڙھ لازم ڪئي ويئي تنھن مھل منجھانئن اوچتو ھڪ ٽولي الله جي خوف وانگر ماڻھن کان ڊڄي ٿي بلڪ ان کان به وڌيڪ ڊڄي ٿي، ۽ چوڻ لڳا ته اي اسانجا پالڻھار ڇالاءِ اسان تي ويڙھ لازم ڪئي اٿيئي، ويجھي وقت تائين تو اسان کي ڇونه ڍر ڏني؟ (اي پيغمبر) چؤ ته دنيا جو سامان ٿورڙو آھي، ۽ آخرت انھيءَ لاءِ ڀلي آھي جيڪو پرھيزگاري ڪندو، ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبو.

Verse 78

أَيْنَمَا تَكُونُوا۟ يُدْرِككُّمُ ٱلْمَوْتُ وَلَوْ كُنتُمْ فِى بُرُوجٍ مُّشَيَّدَةٍ ۗ وَإِن تُصِبْهُمْ حَسَنَةٌ يَقُولُوا۟ هَـٰذِهِۦ مِنْ عِندِ ٱللَّهِ ۖ وَإِن تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌ يَقُولُوا۟ هَـٰذِهِۦ مِنْ عِندِكَ ۚ قُلْ كُلٌّ مِّنْ عِندِ ٱللَّهِ ۖ فَمَالِ هَـٰٓؤُلَآءِ ٱلْقَوْمِ لَا يَكَادُونَ يَفْقَهُونَ حَدِيثًا

Transliteration aynamā takūnū yud'rikkumu l-mawtu walaw kuntum fī burūjin mushayyadatin wa-in tuṣib'hum ḥasanatun yaqūlū hādhihi min ʿindi l-lahi wa-in tuṣib'hum sayyi-atun yaqūlū hādhihi min ʿindika qul kullun min ʿindi l-lahi famāli hāulāi l-qawmi lā yakādūna yafqahūna ḥadīthan

Sindhi جتي ھوندؤ اُتي اوھان کي موت پھچندو جيتوڻيڪ مُحڪم ڪوٽن ۾ ھوندؤ، ۽ جيڪڏھن کين ڪا چڱائي پھچندي آھي ته چوندا آھن ته ھي الله وٽان (پھتي) آھي، ۽ جيڪڏھن کين ڪو اھنج پھچندو آھي ته ھي تو وٽان پھتو آھي، (کين) چؤ ته (ڏک سک) سڀ الله وٽان آھي، پوءِ ھن قوم کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو ڳالھ جي سمجھڻ کي ويجھو (ئي) نه آھن.

Verse 79

مَّآ أَصَابَكَ مِنْ حَسَنَةٍ فَمِنَ ٱللَّهِ ۖ وَمَآ أَصَابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَّفْسِكَ ۚ وَأَرْسَلْنَـٰكَ لِلنَّاسِ رَسُولًا ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ شَهِيدًا

Transliteration mā aṣābaka min ḥasanatin famina l-lahi wamā aṣābaka min sayyi-atin famin nafsika wa-arsalnāka lilnnāsi rasūlan wakafā bil-lahi shahīdan

Sindhi توکي جيڪا ڪا چڱائي پھچي ٿي سا الله وٽان (ڄاڻ)، ۽ توکي جيڪو ڪو اھنج پھچي ٿو سو پنھنجي نفس (جي ڪمن جي شامت) کان (ڀانءِ)، ۽ توکي ماڻھن لاءِ پيغمبر ڪري موڪليوسون، ۽ الله شاھد بس آھي.

Verse 80

مَّن يُطِعِ ٱلرَّسُولَ فَقَدْ أَطَاعَ ٱللَّهَ ۖ وَمَن تَوَلَّىٰ فَمَآ أَرْسَلْنَـٰكَ عَلَيْهِمْ حَفِيظًا

Transliteration man yuṭiʿi l-rasūla faqad aṭāʿa l-laha waman tawallā famā arsalnāka ʿalayhim ḥafīẓan

Sindhi جيڪو پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ الله جي فرمانبرداري ڪئي، ۽ جيڪو ڦرندو تن تي توکي نگھبان ڪري نه موڪليو اٿئون.

Verse 81

وَيَقُولُونَ طَاعَةٌ فَإِذَا بَرَزُوا۟ مِنْ عِندِكَ بَيَّتَ طَآئِفَةٌ مِّنْهُمْ غَيْرَ ٱلَّذِى تَقُولُ ۖ وَٱللَّهُ يَكْتُبُ مَا يُبَيِّتُونَ ۖ فَأَعْرِضْ عَنْهُمْ وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًا

Transliteration wayaqūlūna ṭāʿatun fa-idhā barazū min ʿindika bayyata ṭāifatun min'hum ghayra alladhī taqūlu wal-lahu yaktubu mā yubayyitūna fa-aʿriḍ ʿanhum watawakkal ʿalā l-lahi wakafā bil-lahi wakīlan

Sindhi ۽ (منافق تو وٽ) چوندا آھن فرمانبرداري (ڪنداسون) پوءِ جڏھن تو وٽان ھليا ويندا آھن تڏھن منجھانئن ھڪ ٽولي تنھنجي ڳالھين جي ابتڙ رات جو صلاحون ڪندي آھي، ۽ جيڪي رات جو صلاحون ڪندا آھن سي الله لکندو آھي، تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله وڪيل بس آھي.

Verse 82

أَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ ٱلْقُرْءَانَ ۚ وَلَوْ كَانَ مِنْ عِندِ غَيْرِ ٱللَّهِ لَوَجَدُوا۟ فِيهِ ٱخْتِلَـٰفًا كَثِيرًا

Transliteration afalā yatadabbarūna l-qur'āna walaw kāna min ʿindi ghayri l-lahi lawajadū fīhi ikh'tilāfan kathīran

Sindhi قرآن ۾ ڇونه سوچ ڪندا آھن، جيڪڏھن الله کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) وٽان ھجي ھا ته منجھس گھڻو اختلاف لھن ھا.

Verse 83

وَإِذَا جَآءَهُمْ أَمْرٌ مِّنَ ٱلْأَمْنِ أَوِ ٱلْخَوْفِ أَذَاعُوا۟ بِهِۦ ۖ وَلَوْ رَدُّوهُ إِلَى ٱلرَّسُولِ وَإِلَىٰٓ أُو۟لِى ٱلْأَمْرِ مِنْهُمْ لَعَلِمَهُ ٱلَّذِينَ يَسْتَنۢبِطُونَهُۥ مِنْهُمْ ۗ وَلَوْلَا فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُۥ لَٱتَّبَعْتُمُ ٱلشَّيْطَـٰنَ إِلَّا قَلِيلًا

Transliteration wa-idhā jāahum amrun mina l-amni awi l-khawfi adhāʿū bihi walaw raddūhu ilā l-rasūli wa-ilā ulī l-amri min'hum laʿalimahu alladhīna yastanbiṭūnahu min'hum walawlā faḍlu l-lahi ʿalaykum waraḥmatuhu la-ittabaʿtumu l-shayṭāna illā qalīlan

Sindhi ۽ جڏھن وٽن امن جي يا ڀَو جي ڪا خبر ايندي آھي ته ان کي پڌرو ڪندا آھن، ۽ جيڪڏھن ان کي پيغمبر ڏانھن ۽ پنھنجن (مسلمانن) مان اميرن ڏانھن پھچائين ھا ته منجھائن جيڪي اُنکي جاچيندا آھن سي ضرور ان کي (چڱي طرح) ڄاڻن ھا، ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ اوھان تي نه ھجي ھا ته ٿورڙن کانسواءِ ضرور شيطان جي پٺيان لڳو ھا.

Verse 84

فَقَـٰتِلْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ لَا تُكَلَّفُ إِلَّا نَفْسَكَ ۚ وَحَرِّضِ ٱلْمُؤْمِنِينَ ۖ عَسَى ٱللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأْسَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ۚ وَٱللَّهُ أَشَدُّ بَأْسًا وَأَشَدُّ تَنكِيلًا

Transliteration faqātil fī sabīli l-lahi lā tukallafu illā nafsaka waḥarriḍi l-mu'minīna ʿasā l-lahu an yakuffa basa alladhīna kafarū wal-lahu ashaddu basan wa-ashaddu tankīlan

Sindhi پوءِ (اي پيغمبر) الله جي واٽ ۾ ويڙھ ڪر، تنھنجي سِر کانسواءِ توتي بار نه رکيو ويو آھي ۽ مؤمنن کي ھمٿاءِ، ويجھو ئي الله ڪافرن جي ويڙھ کي روڪڻ تي آھي، ۽ الله ويڙھ جي ڪري ڏاڍو زور وارو ۽ سزا ڏيڻ ۾ (به) ڏاڍو زور وارو آھي.

Verse 85

مَّن يَشْفَعْ شَفَـٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَّهُۥ نَصِيبٌ مِّنْهَا ۖ وَمَن يَشْفَعْ شَفَـٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَّهُۥ كِفْلٌ مِّنْهَا ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ مُّقِيتًا

Transliteration man yashfaʿ shafāʿatan ḥasanatan yakun lahu naṣībun min'hā waman yashfaʿ shafāʿatan sayyi-atan yakun lahu kif'lun min'hā wakāna l-lahu ʿalā kulli shayin muqītan

Sindhi جيڪو چڱيءَ ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصّو آھي، جيڪي بڇڙي ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصّو آھي، ۽ الله سڀ شيءِ تي نگھبان آھي.

Verse 86

وَإِذَا حُيِّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيُّوا۟ بِأَحْسَنَ مِنْهَآ أَوْ رُدُّوهَآ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ حَسِيبًا

Transliteration wa-idhā ḥuyyītum bitaḥiyyatin faḥayyū bi-aḥsana min'hā aw ruddūhā inna l-laha kāna ʿalā kulli shayin ḥasīban

Sindhi ۽ جڏھن اوھانکي سلام ڪرڻ سان تعظيم ڏني وڃي ته ان کان بھتر تعظيم سان (سلام) ورايو يا اوترو ورايو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ جو حساب ڪندڙ آھي.

Verse 87

ٱللَّهُ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ۚ لَيَجْمَعَنَّكُمْ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيهِ ۗ وَمَنْ أَصْدَقُ مِنَ ٱللَّهِ حَدِيثًا

Transliteration al-lahu lā ilāha illā huwa layajmaʿannakum ilā yawmi l-qiyāmati lā rayba fīhi waman aṣdaqu mina l-lahi ḥadīthan

Sindhi الله (اُھو آھي) جو اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ (ڪو) شڪ نه آھي اوھان کي ضرور گڏ ڪندو، ۽ الله کان ڪير (پنھنجي) ڳالھ ۾ زور سچو آھي.

Verse 88

۞ فَمَا لَكُمْ فِى ٱلْمُنَـٰفِقِينَ فِئَتَيْنِ وَٱللَّهُ أَرْكَسَهُم بِمَا كَسَبُوٓا۟ ۚ أَتُرِيدُونَ أَن تَهْدُوا۟ مَنْ أَضَلَّ ٱللَّهُ ۖ وَمَن يُضْلِلِ ٱللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُۥ سَبِيلًا

Transliteration famā lakum fī l-munāfiqīna fi-atayni wal-lahu arkasahum bimā kasabū aturīdūna an tahdū man aḍalla l-lahu waman yuḍ'lili l-lahu falan tajida lahu sabīlan

Sindhi اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو منافقن جي بابت ٻه ٽوليون (ٿي پيا) آھيو ۽ الله سندن ڪرتوتن سببان کين اونڌو ڪيو آھي، جنھن کي الله ڀلايو تنھن کي اوھين ھدايت ڪرڻ گھُرندا آھيو ڇا؟ جنھن کي الله ڀلائيندو آھي تنھن لاءِ ڪا واٽ ڪڏھن نه لھندين.

Verse 89

وَدُّوا۟ لَوْ تَكْفُرُونَ كَمَا كَفَرُوا۟ فَتَكُونُونَ سَوَآءً ۖ فَلَا تَتَّخِذُوا۟ مِنْهُمْ أَوْلِيَآءَ حَتَّىٰ يُهَاجِرُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ۚ فَإِن تَوَلَّوْا۟ فَخُذُوهُمْ وَٱقْتُلُوهُمْ حَيْثُ وَجَدتُّمُوهُمْ ۖ وَلَا تَتَّخِذُوا۟ مِنْهُمْ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا

Transliteration waddū law takfurūna kamā kafarū fatakūnūna sawāan falā tattakhidhū min'hum awliyāa ḥattā yuhājirū fī sabīli l-lahi fa-in tawallaw fakhudhūhum wa-uq'tulūhum ḥaythu wajadttumūhum walā tattakhidhū min'hum waliyyan walā naṣīran

Sindhi (اُھي) گھرندا آھن ته جيڪر اوھين ڪافر ٿيو جھڙا پاڻ ڪافر آھن ته سڀ ھڪ جھڙا ٿيون پوءِ منجھائن ڪنھن کي ايستائين دوست ڪري نه وٺو جيستائين الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏين، پوءِ جيڪڏھن ڦري وڃن ته پڪڙيونِ ۽ جتي لھونِ تتي قتل ڪريونِ، ۽ منجھائن ڪنھنکي نڪي دوست ۽ نڪي مددگار ڪري وٺو.

Verse 90

إِلَّا ٱلَّذِينَ يَصِلُونَ إِلَىٰ قَوْمٍۭ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُم مِّيثَـٰقٌ أَوْ جَآءُوكُمْ حَصِرَتْ صُدُورُهُمْ أَن يُقَـٰتِلُوكُمْ أَوْ يُقَـٰتِلُوا۟ قَوْمَهُمْ ۚ وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ لَسَلَّطَهُمْ عَلَيْكُمْ فَلَقَـٰتَلُوكُمْ ۚ فَإِنِ ٱعْتَزَلُوكُمْ فَلَمْ يُقَـٰتِلُوكُمْ وَأَلْقَوْا۟ إِلَيْكُمُ ٱلسَّلَمَ فَمَا جَعَلَ ٱللَّهُ لَكُمْ عَلَيْهِمْ سَبِيلًا

Transliteration illā alladhīna yaṣilūna ilā qawmin baynakum wabaynahum mīthāqun aw jāūkum ḥaṣirat ṣudūruhum an yuqātilūkum aw yuqātilū qawmahum walaw shāa l-lahu lasallaṭahum ʿalaykum falaqātalūkum fa-ini iʿ'tazalūkum falam yuqātilūkum wa-alqaw ilaykumu l-salama famā jaʿala l-lahu lakum ʿalayhim sabīlan

Sindhi پر (انھن سان نه وڙھو) جيڪي اھڙيءَ قوم سان ڳنڍيل ھجن جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ انجام ٿيل ھجي يا اوھان وٽ ھن حال ۾ اچن جو اوھان سان وڙھڻ يا پنھنجي قوم سان وڙھڻ کان سندن سينا دِڪ ٿيا ھجن، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته کين اوھان تي غالب ڪري ھا پوءِ اوھان کي ضرور مارين ھا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو ڪن ۽ اوھان سان نه وڙھن ۽ اوھان ڏانھن صُلح (جي پيغام) کي اُڇلين پوءِ الله اوھان لاءِ مٿن ڪا ويڙھ جي واٽ نه ڪئي آھي.

Verse 91

سَتَجِدُونَ ءَاخَرِينَ يُرِيدُونَ أَن يَأْمَنُوكُمْ وَيَأْمَنُوا۟ قَوْمَهُمْ كُلَّ مَا رُدُّوٓا۟ إِلَى ٱلْفِتْنَةِ أُرْكِسُوا۟ فِيهَا ۚ فَإِن لَّمْ يَعْتَزِلُوكُمْ وَيُلْقُوٓا۟ إِلَيْكُمُ ٱلسَّلَمَ وَيَكُفُّوٓا۟ أَيْدِيَهُمْ فَخُذُوهُمْ وَٱقْتُلُوهُمْ حَيْثُ ثَقِفْتُمُوهُمْ ۚ وَأُو۟لَـٰٓئِكُمْ جَعَلْنَا لَكُمْ عَلَيْهِمْ سُلْطَـٰنًا مُّبِينًا

Transliteration satajidūna ākharīna yurīdūna an yamanūkum wayamanū qawmahum kulla mā ruddū ilā l-fit'nati ur'kisū fīhā fa-in lam yaʿtazilūkum wayul'qū ilaykumu l-salama wayakuffū aydiyahum fakhudhūhum wa-uq'tulūhum ḥaythu thaqif'tumūhum wa-ulāikum jaʿalnā lakum ʿalayhim sul'ṭānan mubīnan

Sindhi ٻيءَ ٽوليءَ کي (اوھين) سگھوئي لھندؤ جو اوھان کان امن ۾ ھجڻ گھرندا ۽ پنھنجيءَ قوم کان (به) امن ۾ ھجڻ گھرندا، جڏھن ڪڏھن ڪنھن فتني ڏانھن سڏيا ويندا تڏھن منجھس جھٽ پٽ اونڌي منھن ڪري پوندا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو نه ڪن ۽ نڪي اوھان ڏانھن صُلح جي پيغام کي اُڇلين ۽ نڪي پنھنجي ھٿن کي (ويڙھ کان) جھلين ته انھن کي پڪڙيو ۽ جتي انھن کي لھو تِتي اُنھن کي ماريو، ۽ انھن تي اسان اوھان کي پڌرو غلبو ڏنو آھي.

Verse 92

وَمَا كَانَ لِمُؤْمِنٍ أَن يَقْتُلَ مُؤْمِنًا إِلَّا خَطَـًٔا ۚ وَمَن قَتَلَ مُؤْمِنًا خَطَـًٔا فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُّؤْمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُّسَلَّمَةٌ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦٓ إِلَّآ أَن يَصَّدَّقُوا۟ ۚ فَإِن كَانَ مِن قَوْمٍ عَدُوٍّ لَّكُمْ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُّؤْمِنَةٍ ۖ وَإِن كَانَ مِن قَوْمٍۭ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُم مِّيثَـٰقٌ فَدِيَةٌ مُّسَلَّمَةٌ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ وَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُّؤْمِنَةٍ ۖ فَمَن لَّمْ يَجِدْ فَصِيَامُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ تَوْبَةً مِّنَ ٱللَّهِ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا

Transliteration wamā kāna limu'minin an yaqtula mu'minan illā khaṭa-an waman qatala mu'minan khaṭa-an fataḥrīru raqabatin mu'minatin wadiyatun musallamatun ilā ahlihi illā an yaṣṣaddaqū fa-in kāna min qawmin ʿaduwwin lakum wahuwa mu'minun fataḥrīru raqabatin mu'minatin wa-in kāna min qawmin baynakum wabaynahum mīthāqun fadiyatun musallamatun ilā ahlihi wataḥrīru raqabatin mu'minatin faman lam yajid faṣiyāmu shahrayni mutatābiʿayni tawbatan mina l-lahi wakāna l-lahu ʿalīman ḥakīman

Sindhi ۽ مؤمنن جو مارڻ ڪنھن مؤمن کي ڀُل چُڪ کانسواءِ (ڪنھن حال ۾) نه جڳائي، ۽ جيڪو مؤمن ڀُل چُڪ سان ماري ته (ھڪ ته) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪري ۽ (ٻيو ته) چَٽي سندس وارثن کي پھچائي پر جي بخشين (ته انھن کي اختيار آھي)، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي ويرين جي قوم مان آھي ۽ اُھو مؤمن ھجي ته (ڇڙو) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي (۽ چٽي معاف آھي)، ۽ جيڪڏھن انھيءَ قوم مان آھي جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ پڪو انجام ٿيل آھي ته چٽي سندس وارثن کي پھچائجي ۽ مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي، ۽ جيڪو نه لھي ته ٻه مھينا لڳو لڳ روزا رکي، (اھو ڪُفّارو) الله (جي پار) کان توبه جي (قبول ٿيڻ) ٿيڻ لاءِ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 93

وَمَن يَقْتُلْ مُؤْمِنًا مُّتَعَمِّدًا فَجَزَآؤُهُۥ جَهَنَّمُ خَـٰلِدًا فِيهَا وَغَضِبَ ٱللَّهُ عَلَيْهِ وَلَعَنَهُۥ وَأَعَدَّ لَهُۥ عَذَابًا عَظِيمًا

Transliteration waman yaqtul mu'minan mutaʿammidan fajazāuhu jahannamu khālidan fīhā waghaḍiba l-lahu ʿalayhi walaʿanahu wa-aʿadda lahu ʿadhāban ʿaẓīman

Sindhi ۽ جيڪو مؤمن کي ڄاڻي واڻي ماريندو تنھن جي سزا دوزخ آھي منجھس سدائين رھڻ وارو آھي ۽ الله مٿس ڏمربو ۽ مٿس لعنت ڪندو ۽ اُن لاءِ وڏو عذاب تيار ڪيو اٿس.

Verse 94

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا ضَرَبْتُمْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ فَتَبَيَّنُوا۟ وَلَا تَقُولُوا۟ لِمَنْ أَلْقَىٰٓ إِلَيْكُمُ ٱلسَّلَـٰمَ لَسْتَ مُؤْمِنًا تَبْتَغُونَ عَرَضَ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا فَعِندَ ٱللَّهِ مَغَانِمُ كَثِيرَةٌ ۚ كَذَٰلِكَ كُنتُم مِّن قَبْلُ فَمَنَّ ٱللَّهُ عَلَيْكُمْ فَتَبَيَّنُوٓا۟ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū idhā ḍarabtum fī sabīli l-lahi fatabayyanū walā taqūlū liman alqā ilaykumu l-salāma lasta mu'minan tabtaghūna ʿaraḍa l-ḥayati l-dun'yā faʿinda l-lahi maghānimu kathīratun kadhālika kuntum min qablu famanna l-lahu ʿalaykum fatabayyanū inna l-laha kāna bimā taʿmalūna khabīran

Sindhi اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) مسافري ڪريو تڏھن پوري طرح جاچيو ۽ جيڪو اوھانکي اَلسَّلام ڪري تنھن کي اوھين دنيا جي حياتيءَ جو سامان طلبيندڙ ٿي نه چؤ ته تون مؤمن نه آھين، ڇوته الله وٽ گھڻيون غنيمتون آھن، اڳ اوھين به اھڙا ھيؤ پوءِ الله اوھان تي احسان ڪيو پوءِ اوھين (پوري طرح) جاچيو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

Verse 95

لَّا يَسْتَوِى ٱلْقَـٰعِدُونَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ غَيْرُ أُو۟لِى ٱلضَّرَرِ وَٱلْمُجَـٰهِدُونَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ بِأَمْوَٰلِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ ۚ فَضَّلَ ٱللَّهُ ٱلْمُجَـٰهِدِينَ بِأَمْوَٰلِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ عَلَى ٱلْقَـٰعِدِينَ دَرَجَةً ۚ وَكُلًّا وَعَدَ ٱللَّهُ ٱلْحُسْنَىٰ ۚ وَفَضَّلَ ٱللَّهُ ٱلْمُجَـٰهِدِينَ عَلَى ٱلْقَـٰعِدِينَ أَجْرًا عَظِيمًا

Transliteration lā yastawī l-qāʿidūna mina l-mu'minīna ghayru ulī l-ḍarari wal-mujāhidūna fī sabīli l-lahi bi-amwālihim wa-anfusihim faḍḍala l-lahu l-mujāhidīna bi-amwālihim wa-anfusihim ʿalā l-qāʿidīna darajatan wakullan waʿada l-lahu l-ḥus'nā wafaḍḍala l-lahu l-mujāhidīna ʿalā l-qāʿidīna ajran ʿaẓīman

Sindhi مؤمنن مان ڪنھن عذر ڌاران (جھاد کان گھر ۾) ويھي رھندڙ ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجي مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙ (اِھي ٻئي) برابر نه آھن، پنھنجن مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙن کي الله (گھر ۾) ويھي رھندڙن کان مرتبي ۾ ڀلو ڪيو آھي، ۽ الله ھر ھڪ کي چڱائيءَ جو وعدو ڏنو آھي، ۽ الله جھاد ڪندڙن کي ويھي رھندڙن کان وڏي اجر جي ڪري ڀلو ڪيو آھي.

Verse 96

دَرَجَـٰتٍ مِّنْهُ وَمَغْفِرَةً وَرَحْمَةً ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration darajātin min'hu wamaghfiratan waraḥmatan wakāna l-lahu ghafūran raḥīman

Sindhi پاڻ وٽان درجا ۽ بخشش ۽ ٻاجھ ڪئي اٿس، ۽ الله بخشڻھار ۽ مھربان آھي.

Verse 97

إِنَّ ٱلَّذِينَ تَوَفَّىٰهُمُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ ظَالِمِىٓ أَنفُسِهِمْ قَالُوا۟ فِيمَ كُنتُمْ ۖ قَالُوا۟ كُنَّا مُسْتَضْعَفِينَ فِى ٱلْأَرْضِ ۚ قَالُوٓا۟ أَلَمْ تَكُنْ أَرْضُ ٱللَّهِ وَٰسِعَةً فَتُهَاجِرُوا۟ فِيهَا ۚ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ مَأْوَىٰهُمْ جَهَنَّمُ ۖ وَسَآءَتْ مَصِيرًا

Transliteration inna alladhīna tawaffāhumu l-malāikatu ẓālimī anfusihim qālū fīma kuntum qālū kunnā mus'taḍʿafīna fī l-arḍi qālū alam takun arḍu l-lahi wāsiʿatan fatuhājirū fīhā fa-ulāika mawāhum jahannamu wasāat maṣīran

Sindhi بيشڪ جن پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تن کي ملائڪ مارڻ مھل چوندا آھن ته اوھين ڪھڙي (حال) ۾ ھيؤ؟ اُھي چوندا ته اسين مُلڪ ۾ عاجز هُئاسون، (ملائڪ کين) چوندا ته الله جو مُلڪ ويڪرو نه ھو ڇا؟ جو اُن ۾ لڏي وڃو ھا، پوءِ اُنھن جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھو ھنڌ بڇڙو آھي.

Verse 98

إِلَّا ٱلْمُسْتَضْعَفِينَ مِنَ ٱلرِّجَالِ وَٱلنِّسَآءِ وَٱلْوِلْدَٰنِ لَا يَسْتَطِيعُونَ حِيلَةً وَلَا يَهْتَدُونَ سَبِيلًا

Transliteration illā l-mus'taḍʿafīna mina l-rijāli wal-nisāi wal-wil'dāni lā yastaṭīʿūna ḥīlatan walā yahtadūna sabīlan

Sindhi پر مڙسن ۽ زالن ۽ ٻارن مان ھيڻا جو ڪا واہ لھي نه سگھندا آھن ۽ نڪا نڪرڻ جي ڪا واٽ وٺي سگھندا آھن.

Verse 99

فَأُو۟لَـٰٓئِكَ عَسَى ٱللَّهُ أَن يَعْفُوَ عَنْهُمْ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ عَفُوًّا غَفُورًا

Transliteration fa-ulāika ʿasā l-lahu an yaʿfuwa ʿanhum wakāna l-lahu ʿafuwwan ghafūran

Sindhi ويجھو انھن کي الله معاف ڪرڻ تي آھي، ۽ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.

Verse 100

۞ وَمَن يُهَاجِرْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ يَجِدْ فِى ٱلْأَرْضِ مُرَٰغَمًا كَثِيرًا وَسَعَةً ۚ وَمَن يَخْرُجْ مِنۢ بَيْتِهِۦ مُهَاجِرًا إِلَى ٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ ثُمَّ يُدْرِكْهُ ٱلْمَوْتُ فَقَدْ وَقَعَ أَجْرُهُۥ عَلَى ٱللَّهِ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration waman yuhājir fī sabīli l-lahi yajid fī l-arḍi murāghaman kathīran wasaʿatan waman yakhruj min baytihi muhājiran ilā l-lahi warasūlihi thumma yud'rik'hu l-mawtu faqad waqaʿa ajruhu ʿalā l-lahi wakāna l-lahu ghafūran raḥīman

Sindhi جيڪو الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندو سو زمين ۾ گھڻيون رھڻ جون جايون ۽ (روزيءَ) جي ڪشادگي لھندو، ۽ جيڪو الله (جي واٽ ۾) ۽ سندس پيغمبر ڏانھن ھجرت ڪندڙ ٿي پنھنجي گھر کان نڪرندو پوءِ کيس موت پھچندو تنھن جو اجر بيشڪ الله تي (لازم) آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 101

وَإِذَا ضَرَبْتُمْ فِى ٱلْأَرْضِ فَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ أَن تَقْصُرُوا۟ مِنَ ٱلصَّلَوٰةِ إِنْ خِفْتُمْ أَن يَفْتِنَكُمُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ ۚ إِنَّ ٱلْكَـٰفِرِينَ كَانُوا۟ لَكُمْ عَدُوًّا مُّبِينًا

Transliteration wa-idhā ḍarabtum fī l-arḍi falaysa ʿalaykum junāḥun an taqṣurū mina l-ṣalati in khif'tum an yaftinakumu alladhīna kafarū inna l-kāfirīna kānū lakum ʿaduwwan mubīnan

Sindhi ۽ جڏھن اوھين ملڪ ۾ مسافري ڪريو تڏھن جيڪڏھن ڊڄو ٿا ته ڪافر اوھان کي پريشان ڪندا ته نماز مان ڪجھ گھٽائڻ ۾ اوھان تي گناہ ڪونھي، ڇوته ڪافر اوھان جا پڌرا ويري آھن.

Verse 102

وَإِذَا كُنتَ فِيهِمْ فَأَقَمْتَ لَهُمُ ٱلصَّلَوٰةَ فَلْتَقُمْ طَآئِفَةٌ مِّنْهُم مَّعَكَ وَلْيَأْخُذُوٓا۟ أَسْلِحَتَهُمْ فَإِذَا سَجَدُوا۟ فَلْيَكُونُوا۟ مِن وَرَآئِكُمْ وَلْتَأْتِ طَآئِفَةٌ أُخْرَىٰ لَمْ يُصَلُّوا۟ فَلْيُصَلُّوا۟ مَعَكَ وَلْيَأْخُذُوا۟ حِذْرَهُمْ وَأَسْلِحَتَهُمْ ۗ وَدَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَوْ تَغْفُلُونَ عَنْ أَسْلِحَتِكُمْ وَأَمْتِعَتِكُمْ فَيَمِيلُونَ عَلَيْكُم مَّيْلَةً وَٰحِدَةً ۚ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ إِن كَانَ بِكُمْ أَذًى مِّن مَّطَرٍ أَوْ كُنتُم مَّرْضَىٰٓ أَن تَضَعُوٓا۟ أَسْلِحَتَكُمْ ۖ وَخُذُوا۟ حِذْرَكُمْ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ أَعَدَّ لِلْكَـٰفِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا

Transliteration wa-idhā kunta fīhim fa-aqamta lahumu l-ṣalata faltaqum ṭāifatun min'hum maʿaka walyakhudhū asliḥatahum fa-idhā sajadū falyakūnū min warāikum waltati ṭāifatun ukh'rā lam yuṣallū falyuṣallū maʿaka walyakhudhū ḥidh'rahum wa-asliḥatahum wadda alladhīna kafarū law taghfulūna ʿan asliḥatikum wa-amtiʿatikum fayamīlūna ʿalaykum maylatan wāḥidatan walā junāḥa ʿalaykum in kāna bikum adhan min maṭarin aw kuntum marḍā an taḍaʿū asliḥatakum wakhudhū ḥidh'rakum inna l-laha aʿadda lil'kāfirīna ʿadhāban muhīnan

Sindhi ۽ (اي پيغمبر ويڙھ مھل) جڏھن منجھن ھجين پوءِ کين نماز پڙھائين ته منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي توسان (نماز ۾) بيھڻ گھرجي ۽ پنھنجن ھٿيارن کي (ساڻ) وٺڻ گھرجين، پوءِ جنھن مھل (اُھي) سجدو ڏيئي رھن (تنھن مھل) اوھان جي پوئتان ٿين، ۽ جنھن ٻئي ٽوليءَ نماز نه پڙھي آھي سي اچن تن کي توسان نماز پڙھڻ گھرجي ۽ پنھنجي بچاءَ (جي شين) ۽ پنھنجن ھٿيارن کي وٺڻ گھرجين، ڪافر گھرندا آھن ته جيڪر اوھين پنھنجن ھٿيارن ۽ پنھنجي سامان کان (ڪجھ) بي خبر ٿيو ته اوھان تي ھڪ ئي ڀيري حملو ڪن، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مينھن کان ڪو اھنج ھجي يا اوھين بيمار ھجو ته اوھان تي گناہ نه آھي ته پنھنجا ھٿيار لاھي رکو، ۽ پنھنجي بچاءَ جون شيون (ساڻ) وٺو، بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آھي.

Verse 103

فَإِذَا قَضَيْتُمُ ٱلصَّلَوٰةَ فَٱذْكُرُوا۟ ٱللَّهَ قِيَـٰمًا وَقُعُودًا وَعَلَىٰ جُنُوبِكُمْ ۚ فَإِذَا ٱطْمَأْنَنتُمْ فَأَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ ۚ إِنَّ ٱلصَّلَوٰةَ كَانَتْ عَلَى ٱلْمُؤْمِنِينَ كِتَـٰبًا مَّوْقُوتًا

Transliteration fa-idhā qaḍaytumu l-ṣalata fa-udh'kurū l-laha qiyāman waquʿūdan waʿalā junūbikum fa-idhā iṭ'manantum fa-aqīmū l-ṣalata inna l-ṣalata kānat ʿalā l-mu'minīna kitāban mawqūtan

Sindhi پوءِ جڏھن نماز پوري ڪريو (تڏھن) بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجي پاسن ڀر الله کي ياد ڪريو، پوءِ جڏھن اوھين دلجاءِ ڪريو ته پوءِ (اصلي دستور تي) نماز پڙھو، بيشڪ نماز مؤمنن تي ٺھرايل وقت ۾ فرض آھي.

Verse 104

وَلَا تَهِنُوا۟ فِى ٱبْتِغَآءِ ٱلْقَوْمِ ۖ إِن تَكُونُوا۟ تَأْلَمُونَ فَإِنَّهُمْ يَأْلَمُونَ كَمَا تَأْلَمُونَ ۖ وَتَرْجُونَ مِنَ ٱللَّهِ مَا لَا يَرْجُونَ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا

Transliteration walā tahinū fī ib'tighāi l-qawmi in takūnū talamūna fa-innahum yalamūna kamā talamūna watarjūna mina l-lahi mā lā yarjūna wakāna l-lahu ʿalīman ḥakīman

Sindhi ۽ ڪافرن جي ڳول ڦول ۾ سُستي نه ڪريو، جيڪڏھن اوھين ڏکوئبا آھيو ته اُھي به اوھان جھڙا ڏکوئبا آھن، ۽ اوھين الله ۾ اھا اميد ٿا رکو جا اميد انھن کي نه آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 105

إِنَّآ أَنزَلْنَآ إِلَيْكَ ٱلْكِتَـٰبَ بِٱلْحَقِّ لِتَحْكُمَ بَيْنَ ٱلنَّاسِ بِمَآ أَرَىٰكَ ٱللَّهُ ۚ وَلَا تَكُن لِّلْخَآئِنِينَ خَصِيمًا

Transliteration innā anzalnā ilayka l-kitāba bil-ḥaqi litaḥkuma bayna l-nāsi bimā arāka l-lahu walā takun lil'khāinīna khaṣīman

Sindhi (اي پيغمبر) بيشڪ اسان توڏانھن سچو ڪتاب ھن لاءِ لاٿو آھي ته جئن الله توکي سيکاريو آھي تئن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين، ۽ خيانت ڪندڙن جي پاس نه ڪر.

Verse 106

وَٱسْتَغْفِرِ ٱللَّهَ ۖ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration wa-is'taghfiri l-laha inna l-laha kāna ghafūran raḥīman

Sindhi ۽ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله تعالىٰ بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 107

وَلَا تُجَـٰدِلْ عَنِ ٱلَّذِينَ يَخْتَانُونَ أَنفُسَهُمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ مَن كَانَ خَوَّانًا أَثِيمًا

Transliteration walā tujādil ʿani alladhīna yakhtānūna anfusahum inna l-laha lā yuḥibbu man kāna khawwānan athīman

Sindhi ۽ جيڪي پنھنجن نفسن سان خيانت ڪندا آھن تن جي پاران (تون) نه جھيڙ، بيشڪ الله خيانتي گنھگار کي دوست نه رکندو آھي.

Verse 108

يَسْتَخْفُونَ مِنَ ٱلنَّاسِ وَلَا يَسْتَخْفُونَ مِنَ ٱللَّهِ وَهُوَ مَعَهُمْ إِذْ يُبَيِّتُونَ مَا لَا يَرْضَىٰ مِنَ ٱلْقَوْلِ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ بِمَا يَعْمَلُونَ مُحِيطًا

Transliteration yastakhfūna mina l-nāsi walā yastakhfūna mina l-lahi wahuwa maʿahum idh yubayyitūna mā lā yarḍā mina l-qawli wakāna l-lahu bimā yaʿmalūna muḥīṭan

Sindhi ماڻھن کان لڪندا آھن ۽ الله کان لڪي نه سگھندا ۽ جڏھن رات جو اُھا صلاح ڪندا آھن جنھن صلاح کان الله راضي نه آھي (تڏھن) اُھو (الله) ساڻن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي.

Verse 109

هَـٰٓأَنتُمْ هَـٰٓؤُلَآءِ جَـٰدَلْتُمْ عَنْهُمْ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا فَمَن يُجَـٰدِلُ ٱللَّهَ عَنْهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ أَم مَّن يَكُونُ عَلَيْهِمْ وَكِيلًا

Transliteration hāantum hāulāi jādaltum ʿanhum fī l-ḥayati l-dun'yā faman yujādilu l-laha ʿanhum yawma l-qiyāmati am man yakūnu ʿalayhim wakīlan

Sindhi خبردار اوھين اھڙي قوم آھيو جو دنيا جي حياتي ۾ (ته) سندن پاران بحث ڪندا آھيو، پوءِ قيامت جي ڏينھن سندن پاران الله سان ڪير جھيڙو ڪندو؟ يا مٿن ڪير ڀرجھلو ٿيندو؟

Verse 110

وَمَن يَعْمَلْ سُوٓءًا أَوْ يَظْلِمْ نَفْسَهُۥ ثُمَّ يَسْتَغْفِرِ ٱللَّهَ يَجِدِ ٱللَّهَ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration waman yaʿmal sūan aw yaẓlim nafsahu thumma yastaghfiri l-laha yajidi l-laha ghafūran raḥīman

Sindhi ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪندو يا پاڻ تي ظلم ڪندو وري الله کان بخشش گھرندو سو الله کي بخشڻھار مھربان لھندو.

Verse 111

وَمَن يَكْسِبْ إِثْمًا فَإِنَّمَا يَكْسِبُهُۥ عَلَىٰ نَفْسِهِۦ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا

Transliteration waman yaksib ith'man fa-innamā yaksibuhu ʿalā nafsihi wakāna l-lahu ʿalīman ḥakīman

Sindhi ۽ جيڪوئي گناہ ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ ئي ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 112

وَمَن يَكْسِبْ خَطِيٓـَٔةً أَوْ إِثْمًا ثُمَّ يَرْمِ بِهِۦ بَرِيٓـًٔا فَقَدِ ٱحْتَمَلَ بُهْتَـٰنًا وَإِثْمًا مُّبِينًا

Transliteration waman yaksib khaṭīatan aw ith'man thumma yarmi bihi barīan faqadi iḥ'tamala buh'tānan wa-ith'man mubīnan

Sindhi ۽ جيڪو ڪا خطا يا گناہ ڪري وري اُھا (تھمت) ڪنھن بيگناہ تي ھڻي تنھن بيشڪ بُھتان ۽ پڌرو گناہ کنيو.

Verse 113

وَلَوْلَا فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكَ وَرَحْمَتُهُۥ لَهَمَّت طَّآئِفَةٌ مِّنْهُمْ أَن يُضِلُّوكَ وَمَا يُضِلُّونَ إِلَّآ أَنفُسَهُمْ ۖ وَمَا يَضُرُّونَكَ مِن شَىْءٍ ۚ وَأَنزَلَ ٱللَّهُ عَلَيْكَ ٱلْكِتَـٰبَ وَٱلْحِكْمَةَ وَعَلَّمَكَ مَا لَمْ تَكُن تَعْلَمُ ۚ وَكَانَ فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكَ عَظِيمًا

Transliteration walawlā faḍlu l-lahi ʿalayka waraḥmatuhu lahammat ṭāifatun min'hum an yuḍillūka wamā yuḍillūna illā anfusahum wamā yaḍurrūnaka min shayin wa-anzala l-lahu ʿalayka l-kitāba wal-ḥik'mata waʿallamaka mā lam takun taʿlamu wakāna faḍlu l-lahi ʿalayka ʿaẓīman

Sindhi ۽ جيڪڏھن توتي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته منجھانئن ھڪ ٽوليءَ توکي غلطي ۾ وجھڻ جي پڪي نيت ڪئي ھئي، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ (ڪنھن کي) نه ڀلائيندا آھن ۽ توکي ڪوبه ضرر نه پھچائيندا، ۽ الله توتي ڪتاب ۽ دانائي لاٿي آھي ۽ جيڪي تون نه ڄاڻندو ھئين سو توکي سيکاريائين، ۽ توتي الله جو وڏو فضل آھي.

Verse 114

۞ لَّا خَيْرَ فِى كَثِيرٍ مِّن نَّجْوَىٰهُمْ إِلَّا مَنْ أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَوْ مَعْرُوفٍ أَوْ إِصْلَـٰحٍۭ بَيْنَ ٱلنَّاسِ ۚ وَمَن يَفْعَلْ ذَٰلِكَ ٱبْتِغَآءَ مَرْضَاتِ ٱللَّهِ فَسَوْفَ نُؤْتِيهِ أَجْرًا عَظِيمًا

Transliteration lā khayra fī kathīrin min najwāhum illā man amara biṣadaqatin aw maʿrūfin aw iṣ'lāḥin bayna l-nāsi waman yafʿal dhālika ib'tighāa marḍāti l-lahi fasawfa nu'tīhi ajran ʿaẓīman

Sindhi سندين گھڻين ڳجھين صلاحن ۾ ڪا چڱائي نه آھي پر جنھن خيرات ڏيڻ يا چڱي ڪم يا ماڻھن جي وچ ۾ سڌاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو (تنھن جي صلاح ۾ چڱائي آھي)، ۽ جيڪو اُھو ڪم الله جي رضامندي ڳولڻ لاءِ ڪندو پوءِ سگھوئي اُن کي وڏو اجر ڏينداسون.

Verse 115

وَمَن يُشَاقِقِ ٱلرَّسُولَ مِنۢ بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُ ٱلْهُدَىٰ وَيَتَّبِعْ غَيْرَ سَبِيلِ ٱلْمُؤْمِنِينَ نُوَلِّهِۦ مَا تَوَلَّىٰ وَنُصْلِهِۦ جَهَنَّمَ ۖ وَسَآءَتْ مَصِيرًا

Transliteration waman yushāqiqi l-rasūla min baʿdi mā tabayyana lahu l-hudā wayattabiʿ ghayra sabīli l-mu'minīna nuwallihi mā tawallā wanuṣ'lihi jahannama wasāat maṣīran

Sindhi ۽ جيڪو رستي جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪندو ۽ مؤمنن جي واٽ کانسواءِ ٻي واٽ وٺندو سو جيڏانھن متوجه ٿيو آھي تيڏانھن کيس ڦيرينداسون ۽ کيس دوزخ ۾ گھيرينداسون، ۽ (اھا) جاءِ بڇڙي آھي.

Verse 116

إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَغْفِرُ أَن يُشْرَكَ بِهِۦ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَٰلِكَ لِمَن يَشَآءُ ۚ وَمَن يُشْرِكْ بِٱللَّهِ فَقَدْ ضَلَّ ضَلَـٰلًۢا بَعِيدًا

Transliteration inna l-laha lā yaghfiru an yush'raka bihi wayaghfiru mā dūna dhālika liman yashāu waman yush'rik bil-lahi faqad ḍalla ḍalālan baʿīdan

Sindhi بيشڪ الله ھيءُ (ڏوہ) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ (ٻيو گناہ) جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي) شريڪ بڻائيندو سو بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀلو.

Verse 117

إِن يَدْعُونَ مِن دُونِهِۦٓ إِلَّآ إِنَـٰثًا وَإِن يَدْعُونَ إِلَّا شَيْطَـٰنًا مَّرِيدًا

Transliteration in yadʿūna min dūnihi illā ināthan wa-in yadʿūna illā shayṭānan marīdan

Sindhi (ھيءُ مشرڪ) ان (الله) کانسواءِ عورتن کي ئي سڏيندا آھن، ۽ (حقيقت ۾) تڙيل شيطان کانسواءِ ٻئي کي نه سڏيندا آھن.

Verse 118

لَّعَنَهُ ٱللَّهُ ۘ وَقَالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِنْ عِبَادِكَ نَصِيبًا مَّفْرُوضًا

Transliteration laʿanahu l-lahu waqāla la-attakhidhanna min ʿibādika naṣīban mafrūḍan

Sindhi ان تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ (شيطان) چيو ته تنھنجي ٻانھن مان مُقرّر ڪيل حصّو ضرور وٺندس.

Verse 119

وَلَأُضِلَّنَّهُمْ وَلَأُمَنِّيَنَّهُمْ وَلَـَٔامُرَنَّهُمْ فَلَيُبَتِّكُنَّ ءَاذَانَ ٱلْأَنْعَـٰمِ وَلَـَٔامُرَنَّهُمْ فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلْقَ ٱللَّهِ ۚ وَمَن يَتَّخِذِ ٱلشَّيْطَـٰنَ وَلِيًّا مِّن دُونِ ٱللَّهِ فَقَدْ خَسِرَ خُسْرَانًا مُّبِينًا

Transliteration wala-uḍillannahum wala-umanniyannahum walaāmurannahum falayubattikunna ādhāna l-anʿāmi walaāmurannahum falayughayyirunna khalqa l-lahi waman yattakhidhi l-shayṭāna waliyyan min dūni l-lahi faqad khasira khus'rānan mubīnan

Sindhi ۽ کين ضرور گمراہ ڪندس ۽ کين ضرور سَڌن ۾ وجھندس ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس پوءِ ضرور ڍورن جي ڪنن کي چيريندا ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس ته الله جي جوڙيل (صورت) کي ڦٽائيندا (رھندا) ۽ جيڪو الله کانسواءِ شيطان کي دوست ڪري وٺندو تنھن بيشڪ پڌرو ڇيو پاتو.

Verse 120

يَعِدُهُمْ وَيُمَنِّيهِمْ ۖ وَمَا يَعِدُهُمُ ٱلشَّيْطَـٰنُ إِلَّا غُرُورًا

Transliteration yaʿiduhum wayumannīhim wamā yaʿiduhumu l-shayṭānu illā ghurūran

Sindhi شيطان کين انجام ڏيندو آھي ۽ کين سَڌن ۾ وجھندو آھي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو ڪو) انجام نه ڏيندو اٿن.

Verse 121

أُو۟لَـٰٓئِكَ مَأْوَىٰهُمْ جَهَنَّمُ وَلَا يَجِدُونَ عَنْهَا مَحِيصًا

Transliteration ulāika mawāhum jahannamu walā yajidūna ʿanhā maḥīṣan

Sindhi اھڙن (ماڻھن) جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُن کان ڀڄڻ جي ڪا واہ نه لھندا.

Verse 122

وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ سَنُدْخِلُهُمْ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا ۖ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقًّا ۚ وَمَنْ أَصْدَقُ مِنَ ٱللَّهِ قِيلًا

Transliteration wa-alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti sanud'khiluhum jannātin tajrī min taḥtihā l-anhāru khālidīna fīhā abadan waʿda l-lahi ḥaqqan waman aṣdaqu mina l-lahi qīlan

Sindhi ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سگھوئي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، (اھو) الله جو پڪو انجام آھي، ۽ انجام ڏيڻ ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير آھي.

Verse 123

لَّيْسَ بِأَمَانِيِّكُمْ وَلَآ أَمَانِىِّ أَهْلِ ٱلْكِتَـٰبِ ۗ مَن يَعْمَلْ سُوٓءًا يُجْزَ بِهِۦ وَلَا يَجِدْ لَهُۥ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا

Transliteration laysa bi-amāniyyikum walā amāniyyi ahli l-kitābi man yaʿmal sūan yuj'za bihi walā yajid lahu min dūni l-lahi waliyyan walā naṣīran

Sindhi (۽) نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا مدائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندو.

Verse 124

وَمَن يَعْمَلْ مِنَ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ مِن ذَكَرٍ أَوْ أُنثَىٰ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ يَدْخُلُونَ ٱلْجَنَّةَ وَلَا يُظْلَمُونَ نَقِيرًا

Transliteration waman yaʿmal mina l-ṣāliḥāti min dhakarin aw unthā wahuwa mu'minun fa-ulāika yadkhulūna l-janata walā yuẓ'lamūna naqīran

Sindhi ۽ جيڪي (ماڻھو) مرد يا زال مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪندا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ تر جيترو به ظلم نه ڪبن.

Verse 125

وَمَنْ أَحْسَنُ دِينًا مِّمَّنْ أَسْلَمَ وَجْهَهُۥ لِلَّهِ وَهُوَ مُحْسِنٌ وَٱتَّبَعَ مِلَّةَ إِبْرَٰهِيمَ حَنِيفًا ۗ وَٱتَّخَذَ ٱللَّهُ إِبْرَٰهِيمَ خَلِيلًا

Transliteration waman aḥsanu dīnan mimman aslama wajhahu lillahi wahuwa muḥ'sinun wa-ittabaʿa millata ib'rāhīma ḥanīfan wa-ittakhadha l-lahu ib'rāhīma khalīlan

Sindhi ۽ دين جي ڪري انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ جنھن پنھنجو مُنھن (سر) الله لاءِ نوايو ۽ اُھو چڱائي ڪندڙ آھي ۽ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي پيروي ڪئي اٿس، ۽ الله ابراھيم کي پنھنجو خاص دوست بڻايو ھو.

Verse 126

وَلِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ مُّحِيطًا

Transliteration walillahi mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi wakāna l-lahu bikulli shayin muḥīṭan

Sindhi جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي گھيرو ڪندڙ آھي.

Verse 127

وَيَسْتَفْتُونَكَ فِى ٱلنِّسَآءِ ۖ قُلِ ٱللَّهُ يُفْتِيكُمْ فِيهِنَّ وَمَا يُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ فِى ٱلْكِتَـٰبِ فِى يَتَـٰمَى ٱلنِّسَآءِ ٱلَّـٰتِى لَا تُؤْتُونَهُنَّ مَا كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرْغَبُونَ أَن تَنكِحُوهُنَّ وَٱلْمُسْتَضْعَفِينَ مِنَ ٱلْوِلْدَٰنِ وَأَن تَقُومُوا۟ لِلْيَتَـٰمَىٰ بِٱلْقِسْطِ ۚ وَمَا تَفْعَلُوا۟ مِنْ خَيْرٍ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِهِۦ عَلِيمًا

Transliteration wayastaftūnaka fī l-nisāi quli l-lahu yuf'tīkum fīhinna wamā yut'lā ʿalaykum fī l-kitābi fī yatāmā l-nisāi allātī lā tu'tūnahunna mā kutiba lahunna watarghabūna an tankiḥūhunna wal-mus'taḍʿafīna mina l-wil'dāni wa-an taqūmū lil'yatāmā bil-qis'ṭi wamā tafʿalū min khayrin fa-inna l-laha kāna bihi ʿalīman

Sindhi (اي پيغمبر) زالن بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله انھن بابت اوھان کي حُڪم ڪري ٿو ۽ (پڻ) جيڪي اوھان کي (ھن) ڪتاب ۾ (اڳ) پڙھي ٻڌايو ويو آھي سو انھن يتيمن زالن بابت آھي جن کي سندن حق جيڪو انھن لاءِ لازم ڪيو ويو سو نه ڏيندا آھيو ۽ کين پرڻجڻ جي خواھش ڪندا آھيو ۽ (پڻ) ھيڻن ٻارن بابت (سو اُھو حُڪم قائم آھي) ۽ يتيمن (جي حقن ادا ڪرڻ) لاءِ انصاف تي بيھڪ وٺو، ۽ اوھين جيڪا ڪا چڱائي ڪندؤ تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي.

Verse 128

وَإِنِ ٱمْرَأَةٌ خَافَتْ مِنۢ بَعْلِهَا نُشُوزًا أَوْ إِعْرَاضًا فَلَا جُنَاحَ عَلَيْهِمَآ أَن يُصْلِحَا بَيْنَهُمَا صُلْحًا ۚ وَٱلصُّلْحُ خَيْرٌ ۗ وَأُحْضِرَتِ ٱلْأَنفُسُ ٱلشُّحَّ ۚ وَإِن تُحْسِنُوا۟ وَتَتَّقُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًا

Transliteration wa-ini im'ra-atun khāfat min baʿlihā nushūzan aw iʿ'rāḍan falā junāḥa ʿalayhimā an yuṣ'liḥā baynahumā ṣul'ḥan wal-ṣul'ḥu khayrun wa-uḥ'ḍirati l-anfusu l-shuḥa wa-in tuḥ'sinū watattaqū fa-inna l-laha kāna bimā taʿmalūna khabīran

Sindhi ۽ جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس جي بي پرواھيءَ يا منھن موڙڻ کان ڊڄي ته ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ صُلح ڪن (ڪنھن به قسم جو صُلح) ته ٻنھين تي گناھ نه آھي، ۽ صُلح ڀلو آھي، ۽ نفس (ته) بخل کي ويجھو ڪيا ويا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ۽ پرھيزگار ٿيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

Verse 129

وَلَن تَسْتَطِيعُوٓا۟ أَن تَعْدِلُوا۟ بَيْنَ ٱلنِّسَآءِ وَلَوْ حَرَصْتُمْ ۖ فَلَا تَمِيلُوا۟ كُلَّ ٱلْمَيْلِ فَتَذَرُوهَا كَٱلْمُعَلَّقَةِ ۚ وَإِن تُصْلِحُوا۟ وَتَتَّقُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration walan tastaṭīʿū an taʿdilū bayna l-nisāi walaw ḥaraṣtum falā tamīlū kulla l-mayli fatadharūhā kal-muʿalaqati wa-in tuṣ'liḥū watattaqū fa-inna l-laha kāna ghafūran raḥīman

Sindhi ۽ اوھين زالن جي وچ ۾ ڪڏھن به برابري رکي نه سگھندؤ توڻيڪ گھڻي خواھش ڪريو تنھنڪري اوھين (ھڪ پاسي اھڙو) سارو لاڙو نه لڙو جو ٻيءَ کي لڙڪيل وانگر ڇڏيو، ۽ جيڪڏھن اوھين (پاڻ ۾) صُلح ڪريو ۽ پرھيزگار ٿيو ته الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 130

وَإِن يَتَفَرَّقَا يُغْنِ ٱللَّهُ كُلًّا مِّن سَعَتِهِۦ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ وَٰسِعًا حَكِيمًا

Transliteration wa-in yatafarraqā yugh'ni l-lahu kullan min saʿatihi wakāna l-lahu wāsiʿan ḥakīman

Sindhi ۽ جيڪڏھن ٻئي جدا ٿيندا ته الله پنھنجي فضل سان ھر ڪنھن کي آسودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو حڪمت وارو آھي.

Verse 131

وَلِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۗ وَلَقَدْ وَصَّيْنَا ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَـٰبَ مِن قَبْلِكُمْ وَإِيَّاكُمْ أَنِ ٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ ۚ وَإِن تَكْفُرُوا۟ فَإِنَّ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ غَنِيًّا حَمِيدًا

Transliteration walillahi mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi walaqad waṣṣaynā alladhīna ūtū l-kitāba min qablikum wa-iyyākum ani ittaqū l-laha wa-in takfurū fa-inna lillahi mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi wakāna l-lahu ghaniyyan ḥamīdan

Sindhi جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ اوھان کان اڳ ڪتاب وارن کي ۽ (ھاڻي) خلاصو اوھان کي بيشڪ وصيت ڪئي اٿئون ته الله کان ڊڄو، ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ ته (سمجھو ته) جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله بي پرواہ ساراھيل آھي.

Verse 132

وَلِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًا

Transliteration walillahi mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi wakafā bil-lahi wakīlan

Sindhi ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله ڀرجھلو بس آھي.

Verse 133

إِن يَشَأْ يُذْهِبْكُمْ أَيُّهَا ٱلنَّاسُ وَيَأْتِ بِـَٔاخَرِينَ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلَىٰ ذَٰلِكَ قَدِيرًا

Transliteration in yasha yudh'hib'kum ayyuhā l-nāsu wayati biākharīna wakāna l-lahu ʿalā dhālika qadīran

Sindhi اي ماڻھؤ جيڪڏھن الله گھري ته اوھان کي فنا ڪري ڇڏي ۽ ٻـين کي پيدا ڪري، ۽ الله انھيءَ (ڪم) تي وس وارو آھي.

Verse 134

مَّن كَانَ يُرِيدُ ثَوَابَ ٱلدُّنْيَا فَعِندَ ٱللَّهِ ثَوَابُ ٱلدُّنْيَا وَٱلْـَٔاخِرَةِ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ سَمِيعًۢا بَصِيرًا

Transliteration man kāna yurīdu thawāba l-dun'yā faʿinda l-lahi thawābu l-dun'yā wal-ākhirati wakāna l-lahu samīʿan baṣīran

Sindhi جيڪو دنيا ۾ (پنھنجين چڱائين جو) ثواب گھرندو آھي ته الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو ثواب آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

Verse 135

۞ يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ كُونُوا۟ قَوَّٰمِينَ بِٱلْقِسْطِ شُهَدَآءَ لِلَّهِ وَلَوْ عَلَىٰٓ أَنفُسِكُمْ أَوِ ٱلْوَٰلِدَيْنِ وَٱلْأَقْرَبِينَ ۚ إِن يَكُنْ غَنِيًّا أَوْ فَقِيرًا فَٱللَّهُ أَوْلَىٰ بِهِمَا ۖ فَلَا تَتَّبِعُوا۟ ٱلْهَوَىٰٓ أَن تَعْدِلُوا۟ ۚ وَإِن تَلْوُۥٓا۟ أَوْ تُعْرِضُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū kūnū qawwāmīna bil-qis'ṭi shuhadāa lillahi walaw ʿalā anfusikum awi l-wālidayni wal-aqrabīna in yakun ghaniyyan aw faqīran fal-lahu awlā bihimā falā tattabiʿū l-hawā an taʿdilū wa-in talwū aw tuʿ'riḍū fa-inna l-laha kāna bimā taʿmalūna khabīran

Sindhi اي ايمان وارؤ! انصاف تي بيھندڙ الله ڪارڻ شاھدي ڏيندڙ ھجو توڻيڪ اوھان کي پاڻ تي يا ماءُ پيءُ يا مٽن تي ھجي، جيڪڏھن (اُھو ماڻھو جنھن تي حق ثابت ٿئي ٿو سو) آسودو ھجي يا سڃو ته الله اُنھن تي وڌيڪ مھربان آھي، پوءِ انصاف ڪرڻ ۾ سَڌن جي پٺيان نه لڳو، ۽ جيڪڏھن اوھين وچڙائي ڳالھائيندؤ يا منھن موڙيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.

Verse 136

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ ءَامِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَٱلْكِتَـٰبِ ٱلَّذِى نَزَّلَ عَلَىٰ رَسُولِهِۦ وَٱلْكِتَـٰبِ ٱلَّذِىٓ أَنزَلَ مِن قَبْلُ ۚ وَمَن يَكْفُرْ بِٱللَّهِ وَمَلَـٰٓئِكَتِهِۦ وَكُتُبِهِۦ وَرُسُلِهِۦ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ فَقَدْ ضَلَّ ضَلَـٰلًۢا بَعِيدًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū āminū bil-lahi warasūlihi wal-kitābi alladhī nazzala ʿalā rasūlihi wal-kitābi alladhī anzala min qablu waman yakfur bil-lahi wamalāikatihi wakutubihi warusulihi wal-yawmi l-ākhiri faqad ḍalla ḍalālan baʿīdan

Sindhi اي مسلمانؤ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ جيڪو ڪتاب پنھنجي پيغمبر تي لاٿائين ۽ جيڪو کانئس اڳ لاٿائين تنھن کي (به مڃيو)، ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس پيغمبرن ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندو سو بيشڪ وڏيءَ ڀل ۾ ڀلو.

Verse 137

إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ثُمَّ كَفَرُوا۟ ثُمَّ ءَامَنُوا۟ ثُمَّ كَفَرُوا۟ ثُمَّ ٱزْدَادُوا۟ كُفْرًا لَّمْ يَكُنِ ٱللَّهُ لِيَغْفِرَ لَهُمْ وَلَا لِيَهْدِيَهُمْ سَبِيلًۢا

Transliteration inna alladhīna āmanū thumma kafarū thumma āmanū thumma kafarū thumma iz'dādū kuf'ran lam yakuni l-lahu liyaghfira lahum walā liyahdiyahum sabīlan

Sindhi جن ايمان آندو وري ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون وري ڪفر ۾ وڌندا ويا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو ۽ نڪي کين ڪا واٽ ڏيکاريندو.

Verse 138

بَشِّرِ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ بِأَنَّ لَهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا

Transliteration bashiri l-munāfiqīna bi-anna lahum ʿadhāban alīman

Sindhi (اي پيغمبر) انھن منافقن کي (ھيءَ) سڌ ڏي ته انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

Verse 139

ٱلَّذِينَ يَتَّخِذُونَ ٱلْكَـٰفِرِينَ أَوْلِيَآءَ مِن دُونِ ٱلْمُؤْمِنِينَ ۚ أَيَبْتَغُونَ عِندَهُمُ ٱلْعِزَّةَ فَإِنَّ ٱلْعِزَّةَ لِلَّهِ جَمِيعًا

Transliteration alladhīna yattakhidhūna l-kāfirīna awliyāa min dūni l-mu'minīna ayabtaghūna ʿindahumu l-ʿizata fa-inna l-ʿizata lillahi jamīʿan

Sindhi جيڪي مؤمنن ڌاران ڪافرن کي دوست ڪري وٺندا آھن، اُنھن وٽان مانُ گھرندا آھن ڇا؟ ڇوته ھيڪاندو مانُ الله جوئي آھي.

Verse 140

وَقَدْ نَزَّلَ عَلَيْكُمْ فِى ٱلْكِتَـٰبِ أَنْ إِذَا سَمِعْتُمْ ءَايَـٰتِ ٱللَّهِ يُكْفَرُ بِهَا وَيُسْتَهْزَأُ بِهَا فَلَا تَقْعُدُوا۟ مَعَهُمْ حَتَّىٰ يَخُوضُوا۟ فِى حَدِيثٍ غَيْرِهِۦٓ ۚ إِنَّكُمْ إِذًا مِّثْلُهُمْ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ جَامِعُ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ وَٱلْكَـٰفِرِينَ فِى جَهَنَّمَ جَمِيعًا

Transliteration waqad nazzala ʿalaykum fī l-kitābi an idhā samiʿ'tum āyāti l-lahi yuk'faru bihā wayus'tahza-u bihā falā taqʿudū maʿahum ḥattā yakhūḍū fī ḥadīthin ghayrihi innakum idhan mith'luhum inna l-laha jāmiʿu l-munāfiqīna wal-kāfirīna fī jahannama jamīʿan

Sindhi ۽ بيشڪ الله اوھان تي ڪتاب ۾ (ھيءُ حڪم) لاٿو آھي ته جڏھن (اوھين) ٻڌو ته الله جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿن ٺـٺولي ڪئي وڃي ٿي تڏھن (اوھين) ساڻن ايسين نه ويھو جيسين ٻيءَ ڪنھن ڳالھ ۾ بحث نه ڪن، اوھين اُنھيءَ مھل (جي وھندؤ ته) انھن جھڙا ٿيندؤ، ڇوته الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي دوزخ ۾ گڏ ڪندڙ آھي.

Verse 141

ٱلَّذِينَ يَتَرَبَّصُونَ بِكُمْ فَإِن كَانَ لَكُمْ فَتْحٌ مِّنَ ٱللَّهِ قَالُوٓا۟ أَلَمْ نَكُن مَّعَكُمْ وَإِن كَانَ لِلْكَـٰفِرِينَ نَصِيبٌ قَالُوٓا۟ أَلَمْ نَسْتَحْوِذْ عَلَيْكُمْ وَنَمْنَعْكُم مِّنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ ۚ فَٱللَّهُ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ ۗ وَلَن يَجْعَلَ ٱللَّهُ لِلْكَـٰفِرِينَ عَلَى ٱلْمُؤْمِنِينَ سَبِيلًا

Transliteration alladhīna yatarabbaṣūna bikum fa-in kāna lakum fatḥun mina l-lahi qālū alam nakun maʿakum wa-in kāna lil'kāfirīna naṣībun qālū alam nastaḥwidh ʿalaykum wanamnaʿkum mina l-mu'minīna fal-lahu yaḥkumu baynakum yawma l-qiyāmati walan yajʿala l-lahu lil'kāfirīna ʿalā l-mu'minīna sabīlan

Sindhi اھي (منافق) اوھان جو انتظار ڪڍندا آھن، پوءِ جيڪڏھن الله (جي پارکان) اوھان لاءِ ڪا فتح آھي ته چون ٿا ته (اسين) اوھان سان گڏ نه هُئاسون ڇا؟ ۽ جيڪڏھن (سوڀ جو) ڀاڱو ڪافرن جو آھي ته ڪافرن کي چون ٿا ته اسين اوھان تي غالب نه آھيون ڇا؟ ۽ مؤمنن کان اوھان کي نه بچايوسون ڇا؟ پوءِ الله قيامت جي ڏينھن اوھانجي وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ الله ڪافرن کي مؤمنن تي غلبي جي (ڪا) واٽ نه ڪندو.

Verse 142

إِنَّ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ يُخَـٰدِعُونَ ٱللَّهَ وَهُوَ خَـٰدِعُهُمْ وَإِذَا قَامُوٓا۟ إِلَى ٱلصَّلَوٰةِ قَامُوا۟ كُسَالَىٰ يُرَآءُونَ ٱلنَّاسَ وَلَا يَذْكُرُونَ ٱللَّهَ إِلَّا قَلِيلًا

Transliteration inna l-munāfiqīna yukhādiʿūna l-laha wahuwa khādiʿuhum wa-idhā qāmū ilā l-ṣalati qāmū kusālā yurāūna l-nāsa walā yadhkurūna l-laha illā qalīlan

Sindhi منافق (پنھنجي ڀانئڻ ۾) الله کي دلبو ڏيندا آھن ۽ (حقيقت ڪري) الله کين دلبو ڏيندڙ آھي، ۽ جڏھن نماز ڏانھن اٿندا آھن تڏھن آرسي ٿي اُٿندا آھن رڳو ماڻھن کي ڏيکاريندا آھن ۽ ٿورڙي کانسواءِ الله کي ياد نه ڪندا آھن.

Verse 143

مُّذَبْذَبِينَ بَيْنَ ذَٰلِكَ لَآ إِلَىٰ هَـٰٓؤُلَآءِ وَلَآ إِلَىٰ هَـٰٓؤُلَآءِ ۚ وَمَن يُضْلِلِ ٱللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُۥ سَبِيلًا

Transliteration mudhabdhabīna bayna dhālika lā ilā hāulāi walā ilā hāulāi waman yuḍ'lili l-lahu falan tajida lahu sabīlan

Sindhi نه ھِن ٽولي ڏانھن آھن ۽ نڪي ھُن ٽولي ڏانھن آھن انھيءَ وچ ۾ حيران آھن، ۽ جنھن کي الله ڀلائيندو تنھن لاءِ ڪڏھن واٽ نه لھندين.

Verse 144

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَتَّخِذُوا۟ ٱلْكَـٰفِرِينَ أَوْلِيَآءَ مِن دُونِ ٱلْمُؤْمِنِينَ ۚ أَتُرِيدُونَ أَن تَجْعَلُوا۟ لِلَّهِ عَلَيْكُمْ سُلْطَـٰنًا مُّبِينًا

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū lā tattakhidhū l-kāfirīna awliyāa min dūni l-mu'minīna aturīdūna an tajʿalū lillahi ʿalaykum sul'ṭānan mubīnan

Sindhi اي ايمان وارؤ اوھين ڪافرن کي مؤمنن کانسواءِ دوست ڪري نه وٺو، پاڻ تي الله جو پڌرو الزام ثابت ڪرڻ گھرندا آھيو ڇا؟

Verse 145

إِنَّ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ فِى ٱلدَّرْكِ ٱلْأَسْفَلِ مِنَ ٱلنَّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُمْ نَصِيرًا

Transliteration inna l-munāfiqīna fī l-darki l-asfali mina l-nāri walan tajida lahum naṣīran

Sindhi بيشڪ مُنافق باھ جي ھيٺين طبقي ۾ ھوندا، ۽ انھن جو مددگار ڪوئي نه لھندين.

Verse 146

إِلَّا ٱلَّذِينَ تَابُوا۟ وَأَصْلَحُوا۟ وَٱعْتَصَمُوا۟ بِٱللَّهِ وَأَخْلَصُوا۟ دِينَهُمْ لِلَّهِ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ مَعَ ٱلْمُؤْمِنِينَ ۖ وَسَوْفَ يُؤْتِ ٱللَّهُ ٱلْمُؤْمِنِينَ أَجْرًا عَظِيمًا

Transliteration illā alladhīna tābū wa-aṣlaḥū wa-iʿ'taṣamū bil-lahi wa-akhlaṣū dīnahum lillahi fa-ulāika maʿa l-mu'minīna wasawfa yu'ti l-lahu l-mu'minīna ajran ʿaẓīman

Sindhi پر جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي چنبڙي ورتو ۽ خالص الله جا حُڪم مڃيا سي مؤمنن سان آھن، ۽ الله مؤمنن کي وڏو اجر سگھو ڏيندو.

Verse 147

مَّا يَفْعَلُ ٱللَّهُ بِعَذَابِكُمْ إِن شَكَرْتُمْ وَءَامَنتُمْ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ شَاكِرًا عَلِيمًا

Transliteration mā yafʿalu l-lahu biʿadhābikum in shakartum waāmantum wakāna l-lahu shākiran ʿalīman

Sindhi جيڪڏھن (سندس نعمتون ڄاڻي) شڪر ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ ته الله اوھانکي ڇالاءِ عذاب ڪندو؟ ۽ الله ته قدر سڃاڻندڙ ڄاڻندڙ آھي.

Verse 148

۞ لَّا يُحِبُّ ٱللَّهُ ٱلْجَهْرَ بِٱلسُّوٓءِ مِنَ ٱلْقَوْلِ إِلَّا مَن ظُلِمَ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ سَمِيعًا عَلِيمًا

Transliteration lā yuḥibbu l-lahu l-jahra bil-sūi mina l-qawli illā man ẓulima wakāna l-lahu samīʿan ʿalīman

Sindhi الله مظلوم کانسواءِ ٻئي ڪنھن جو (ڪنھين کي) وڏي سڏ (۽ کليل طرح) بڇڙو ڳالھائڻ پسند نه ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

Verse 149

إِن تُبْدُوا۟ خَيْرًا أَوْ تُخْفُوهُ أَوْ تَعْفُوا۟ عَن سُوٓءٍ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَفُوًّا قَدِيرًا

Transliteration in tub'dū khayran aw tukh'fūhu aw taʿfū ʿan sūin fa-inna l-laha kāna ʿafuwwan qadīran

Sindhi جيڪڏھن اوھين ڪا چڱائي پڌري طرح ڪندا آھيو يا اُھا لڪائي ڪندا آھيو يا مدائي کان ٽارو ڪندا آھيو ته بيشڪ الله معافي ڏيندڙ وس وارو آھي.

Verse 150

إِنَّ ٱلَّذِينَ يَكْفُرُونَ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ وَيُرِيدُونَ أَن يُفَرِّقُوا۟ بَيْنَ ٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ وَيَقُولُونَ نُؤْمِنُ بِبَعْضٍ وَنَكْفُرُ بِبَعْضٍ وَيُرِيدُونَ أَن يَتَّخِذُوا۟ بَيْنَ ذَٰلِكَ سَبِيلًا

Transliteration inna alladhīna yakfurūna bil-lahi warusulihi wayurīdūna an yufarriqū bayna l-lahi warusulihi wayaqūlūna nu'minu bibaʿḍin wanakfuru bibaʿḍin wayurīdūna an yattakhidhū bayna dhālika sabīlan

Sindhi بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبرن کي نه مڃيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبرن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گھرندا آھن ۽ چوندا آھن ته ڪن پيغمبرن کي مڃيون ٿا ۽ ڪن (پيغمبرن) کي نه ٿا مڃيون ۽ اُنھيءَ وچ ۾ ڪا ٻي واٽ وٺڻ گھرندا آھن.

Verse 151

أُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْكَـٰفِرُونَ حَقًّا ۚ وَأَعْتَدْنَا لِلْكَـٰفِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا

Transliteration ulāika humu l-kāfirūna ḥaqqan wa-aʿtadnā lil'kāfirīna ʿadhāban muhīnan

Sindhi اُھي شخص سي پڪ ڪافر آھن، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.

Verse 152

وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ وَلَمْ يُفَرِّقُوا۟ بَيْنَ أَحَدٍ مِّنْهُمْ أُو۟لَـٰٓئِكَ سَوْفَ يُؤْتِيهِمْ أُجُورَهُمْ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا

Transliteration wa-alladhīna āmanū bil-lahi warusulihi walam yufarriqū bayna aḥadin min'hum ulāika sawfa yu'tīhim ujūrahum wakāna l-lahu ghafūran raḥīman

Sindhi ۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو ۽ منجھانئن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ فرق نه ڪيو اُنھن کي الله سندن اجر سگھو ڏيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 153

يَسْـَٔلُكَ أَهْلُ ٱلْكِتَـٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيْهِمْ كِتَـٰبًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ ۚ فَقَدْ سَأَلُوا۟ مُوسَىٰٓ أَكْبَرَ مِن ذَٰلِكَ فَقَالُوٓا۟ أَرِنَا ٱللَّهَ جَهْرَةً فَأَخَذَتْهُمُ ٱلصَّـٰعِقَةُ بِظُلْمِهِمْ ۚ ثُمَّ ٱتَّخَذُوا۟ ٱلْعِجْلَ مِنۢ بَعْدِ مَا جَآءَتْهُمُ ٱلْبَيِّنَـٰتُ فَعَفَوْنَا عَن ذَٰلِكَ ۚ وَءَاتَيْنَا مُوسَىٰ سُلْطَـٰنًا مُّبِينًا

Transliteration yasaluka ahlu l-kitābi an tunazzila ʿalayhim kitāban mina l-samāi faqad sa-alū mūsā akbara min dhālika faqālū arinā l-laha jahratan fa-akhadhathumu l-ṣāʿiqatu biẓul'mihim thumma ittakhadhū l-ʿij'la min baʿdi mā jāathumu l-bayinātu faʿafawnā ʿan dhālika waātaynā mūsā sul'ṭānan mubīnan

Sindhi (اي پيغمبر) ڪتاب وارا توکي سوال ٿا ڪن ته آسمان کان (ھڪ ئي ڀيري) مٿن ڪتاب لاھين (ان جو خيال نه ڪر) پوءِ تحقيق ان کان (به) وڏو سوال موسىٰ کان ڪيو ھوائون پوءِ چيائون ته اسان کي الله (اکين سان) چٽو ڏيکار پوءِ سندن گناہ سببان مٿن وڄ ڪري، وري پاڻ وٽ مُعجزن جي اچڻ کانپوءِ گابي کي (خُدا ڪري) ورتائون پوءِ اُن (سندن ڏوھ) کان معافي ڏنيسون، ۽ موسىٰ کي پڌرو غلبو ڏنوسون.

Verse 154

وَرَفَعْنَا فَوْقَهُمُ ٱلطُّورَ بِمِيثَـٰقِهِمْ وَقُلْنَا لَهُمُ ٱدْخُلُوا۟ ٱلْبَابَ سُجَّدًا وَقُلْنَا لَهُمْ لَا تَعْدُوا۟ فِى ٱلسَّبْتِ وَأَخَذْنَا مِنْهُم مِّيثَـٰقًا غَلِيظًا

Transliteration warafaʿnā fawqahumu l-ṭūra bimīthāqihim waqul'nā lahumu ud'khulū l-bāba sujjadan waqul'nā lahum lā taʿdū fī l-sabti wa-akhadhnā min'hum mīthāqan ghalīẓan

Sindhi ۽ کانئن انجام وٺڻ لاءِ سندن مٿان (جبل) طُور کڙو ڪيوسون ۽ کين چيوسون ته (شھر جي) دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي گھڙو ۽ کين (ھيءُ به) فرمايوسون ته ڇنڇر (جي ڏينھن مڇي نه مارڻ جي حڪم ڪيل) ۾ حد کان نه لنگھو ۽ کانئن پڪو انجام ورتوسون.

Verse 155

فَبِمَا نَقْضِهِم مِّيثَـٰقَهُمْ وَكُفْرِهِم بِـَٔايَـٰتِ ٱللَّهِ وَقَتْلِهِمُ ٱلْأَنۢبِيَآءَ بِغَيْرِ حَقٍّ وَقَوْلِهِمْ قُلُوبُنَا غُلْفٌۢ ۚ بَلْ طَبَعَ ٱللَّهُ عَلَيْهَا بِكُفْرِهِمْ فَلَا يُؤْمِنُونَ إِلَّا قَلِيلًا

Transliteration fabimā naqḍihim mīthāqahum wakuf'rihim biāyāti l-lahi waqatlihimu l-anbiyāa bighayri ḥaqqin waqawlihim qulūbunā ghul'fun bal ṭabaʿa l-lahu ʿalayhā bikuf'rihim falā yu'minūna illā qalīlan

Sindhi پوءِ سندن انجام ڀڃڻ ۽ الله جي آيتن کي سندن نه مڃڻ ۽ پيغمبرن کي سندن ناحق مارڻ (سببان سزا جوڳا ٿيا) ۽ سندن (انھيءَ) چوڻ سببان ته اسان جو دليون ڍڪيل آھن، (نه!) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن مُھر ھنئي آھي تنھنڪري ٿورن کانسواءِ ايمان نه آڻيندا.

Verse 156

وَبِكُفْرِهِمْ وَقَوْلِهِمْ عَلَىٰ مَرْيَمَ بُهْتَـٰنًا عَظِيمًا

Transliteration wabikuf'rihim waqawlihim ʿalā maryama buh'tānan ʿaẓīman

Sindhi ۽ سندن ڪفر سببان ۽ مريم تي سندن وڏي بُھتان چوڻ سببان.

Verse 157

وَقَوْلِهِمْ إِنَّا قَتَلْنَا ٱلْمَسِيحَ عِيسَى ٱبْنَ مَرْيَمَ رَسُولَ ٱللَّهِ وَمَا قَتَلُوهُ وَمَا صَلَبُوهُ وَلَـٰكِن شُبِّهَ لَهُمْ ۚ وَإِنَّ ٱلَّذِينَ ٱخْتَلَفُوا۟ فِيهِ لَفِى شَكٍّ مِّنْهُ ۚ مَا لَهُم بِهِۦ مِنْ عِلْمٍ إِلَّا ٱتِّبَاعَ ٱلظَّنِّ ۚ وَمَا قَتَلُوهُ يَقِينًۢا

Transliteration waqawlihim innā qatalnā l-masīḥa ʿīsā ib'na maryama rasūla l-lahi wamā qatalūhu wamā ṣalabūhu walākin shubbiha lahum wa-inna alladhīna ikh'talafū fīhi lafī shakkin min'hu mā lahum bihi min ʿil'min illā ittibāʿa l-ẓani wamā qatalūhu yaqīnan

Sindhi ۽ سندن ھن چوڻ سببان ته الله جي پيغمبر مَسِيح عيسىٰ پٽ مريم جي کي ڪُٺو اٿئون، حالانڪ نه کيس ڪُٺائون ۽ نڪي کيس سوريءَ تي چاڙھيائون پر انھن کي شُبه ۾ وڌو ويو، ۽ بيشڪ جن ان بابت تڪرار ڪيو سي کانئس شڪ ۾ آھن، گمان کانسواءِ کين ان جي ڪا پڪي ڄاڻپ نه آھي، ۽ پڪ سان نه ڪُٺو اٿن.

Verse 158

بَل رَّفَعَهُ ٱللَّهُ إِلَيْهِ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ عَزِيزًا حَكِيمًا

Transliteration bal rafaʿahu l-lahu ilayhi wakāna l-lahu ʿazīzan ḥakīman

Sindhi بلڪ الله کيس پاڻ ڏانھن مٿي کڻي ورتو، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

Verse 159

وَإِن مِّنْ أَهْلِ ٱلْكِتَـٰبِ إِلَّا لَيُؤْمِنَنَّ بِهِۦ قَبْلَ مَوْتِهِۦ ۖ وَيَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ يَكُونُ عَلَيْهِمْ شَهِيدًا

Transliteration wa-in min ahli l-kitābi illā layu'minanna bihi qabla mawtihi wayawma l-qiyāmati yakūnu ʿalayhim shahīdan

Sindhi ۽ ڪتاب وارن مان ڪوئي نه رھندو پر سندس موت کان اڳ (سڀئي) مٿس ضرور ايمان آڻيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن (عيسى) مٿن شاھد ھوندو.

Verse 160

فَبِظُلْمٍ مِّنَ ٱلَّذِينَ هَادُوا۟ حَرَّمْنَا عَلَيْهِمْ طَيِّبَـٰتٍ أُحِلَّتْ لَهُمْ وَبِصَدِّهِمْ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ كَثِيرًا

Transliteration fabiẓul'min mina alladhīna hādū ḥarramnā ʿalayhim ṭayyibātin uḥillat lahum wabiṣaddihim ʿan sabīli l-lahi kathīran

Sindhi پوءِ يھودين جي ظلم سببان (گھڻيون) سٺيون شيون جي انھن لاءِ حلال ڪيل ھيون سي مٿن حرام ڪيوسون ۽ (پڻ) گھڻن ماڻھن کي الله جي واٽ کان سندن جھلڻ سببان.

Verse 161

وَأَخْذِهِمُ ٱلرِّبَوٰا۟ وَقَدْ نُهُوا۟ عَنْهُ وَأَكْلِهِمْ أَمْوَٰلَ ٱلنَّاسِ بِٱلْبَـٰطِلِ ۚ وَأَعْتَدْنَا لِلْكَـٰفِرِينَ مِنْهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا

Transliteration wa-akhdhihimu l-riba waqad nuhū ʿanhu wa-aklihim amwāla l-nāsi bil-bāṭili wa-aʿtadnā lil'kāfirīna min'hum ʿadhāban alīman

Sindhi ۽ پڻ سندن وياج وٺڻ سببان حالانڪ بيشڪ کانئس جھليا (به) ويا ھئا ۽ (پڻ) ماڻھن جي مالن کي سندن ناحق کائڻ سببان (گھڻيون حلال شيون مٿن حرام ڪيون ويون)، ۽ اُنھن مان ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.

Verse 162

لَّـٰكِنِ ٱلرَّٰسِخُونَ فِى ٱلْعِلْمِ مِنْهُمْ وَٱلْمُؤْمِنُونَ يُؤْمِنُونَ بِمَآ أُنزِلَ إِلَيْكَ وَمَآ أُنزِلَ مِن قَبْلِكَ ۚ وَٱلْمُقِيمِينَ ٱلصَّلَوٰةَ ۚ وَٱلْمُؤْتُونَ ٱلزَّكَوٰةَ وَٱلْمُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ أُو۟لَـٰٓئِكَ سَنُؤْتِيهِمْ أَجْرًا عَظِيمًا

Transliteration lākini l-rāsikhūna fī l-ʿil'mi min'hum wal-mu'minūna yu'minūna bimā unzila ilayka wamā unzila min qablika wal-muqīmīna l-ṣalata wal-mu'tūna l-zakata wal-mu'minūna bil-lahi wal-yawmi l-ākhiri ulāika sanu'tīhim ajran ʿaẓīman

Sindhi پر منجھانئن علم ۾ پڪا ۽ مؤمن جيڪي توڏانھن نازل ڪيو ويو تنھن کي ۽ جيڪي توکان اڳ نازل ڪيو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ نماز پڙھندڙ ۽ زڪٰوة ڏيندڙ ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندڙ آھن، سگھوئي انھن کي وڏو اجر ڏينداسون.

Verse 163

۞ إِنَّآ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ كَمَآ أَوْحَيْنَآ إِلَىٰ نُوحٍ وَٱلنَّبِيِّـۧنَ مِنۢ بَعْدِهِۦ ۚ وَأَوْحَيْنَآ إِلَىٰٓ إِبْرَٰهِيمَ وَإِسْمَـٰعِيلَ وَإِسْحَـٰقَ وَيَعْقُوبَ وَٱلْأَسْبَاطِ وَعِيسَىٰ وَأَيُّوبَ وَيُونُسَ وَهَـٰرُونَ وَسُلَيْمَـٰنَ ۚ وَءَاتَيْنَا دَاوُۥدَ زَبُورًا

Transliteration innā awḥaynā ilayka kamā awḥaynā ilā nūḥin wal-nabiyīna min baʿdihi wa-awḥaynā ilā ib'rāhīma wa-is'māʿīla wa-is'ḥāqa wayaʿqūba wal-asbāṭi waʿīsā wa-ayyūba wayūnusa wahārūna wasulaymāna waātaynā dāwūda zabūran

Sindhi اسان توڏانھن (اھڙيءَ طرح) وحي ڪيو جھڙي طرح نوح ڏانھن ۽ کانئس پوءِ (ٻـين) پيغمبرن ڏانھن وحي ڪيوھوسون، ۽ ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسىٰ ۽ اَيُّوب ۽ يُونس ۽ ھارون ۽ سليمان ڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون.

Verse 164

وَرُسُلًا قَدْ قَصَصْنَـٰهُمْ عَلَيْكَ مِن قَبْلُ وَرُسُلًا لَّمْ نَقْصُصْهُمْ عَلَيْكَ ۚ وَكَلَّمَ ٱللَّهُ مُوسَىٰ تَكْلِيمًا

Transliteration warusulan qad qaṣaṣnāhum ʿalayka min qablu warusulan lam naqṣuṣ'hum ʿalayka wakallama l-lahu mūsā taklīman

Sindhi ۽ ٻيا (گھڻا) پيغمبر آھن جن جو ھن کان اڳ توکي بيان ٻڌايوسون ۽ (ٻيا گھڻا) پيغمبر آھن جن جو بيان توکي نه ٻڌايوسون، ۽ الله موسىٰ سان گفتگو ڪئي.

Verse 165

رُّسُلًا مُّبَشِّرِينَ وَمُنذِرِينَ لِئَلَّا يَكُونَ لِلنَّاسِ عَلَى ٱللَّهِ حُجَّةٌۢ بَعْدَ ٱلرُّسُلِ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ عَزِيزًا حَكِيمًا

Transliteration rusulan mubashirīna wamundhirīna li-allā yakūna lilnnāsi ʿalā l-lahi ḥujjatun baʿda l-rusuli wakāna l-lahu ʿazīzan ḥakīman

Sindhi پيغمبر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ھن لاءِ آھن ته پيغمبرن (جي اچڻ) کانپوءِ ماڻھن جي ڪا حُجّت الله تي نه رھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

Verse 166

لَّـٰكِنِ ٱللَّهُ يَشْهَدُ بِمَآ أَنزَلَ إِلَيْكَ ۖ أَنزَلَهُۥ بِعِلْمِهِۦ ۖ وَٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ يَشْهَدُونَ ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ شَهِيدًا

Transliteration lākini l-lahu yashhadu bimā anzala ilayka anzalahu biʿil'mihi wal-malāikatu yashhadūna wakafā bil-lahi shahīdan

Sindhi پر الله جيڪو (ڪتاب) توڏانھن لاٿو آھي تنھن لاءِ (پاڻ) شاھدي ٿو ڏئي ته اُھو پنھنجي علم سان نازل ڪيو اٿس، ۽ ملائڪ به شاھدي ٿا ڏين، ۽ الله گواہ بس آھي.

Verse 167

إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَصَدُّوا۟ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ قَدْ ضَلُّوا۟ ضَلَـٰلًۢا بَعِيدًا

Transliteration inna alladhīna kafarū waṣaddū ʿan sabīli l-lahi qad ḍallū ḍalālan baʿīdan

Sindhi بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن) کي جھليو سي بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀُلا.

Verse 168

إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَظَلَمُوا۟ لَمْ يَكُنِ ٱللَّهُ لِيَغْفِرَ لَهُمْ وَلَا لِيَهْدِيَهُمْ طَرِيقًا

Transliteration inna alladhīna kafarū waẓalamū lam yakuni l-lahu liyaghfira lahum walā liyahdiyahum ṭarīqan

Sindhi تحقيق جن انڪار ڪيو ۽ ظُلم ڪندا رھيا ته الله (جو شان اھڙو) نه آھي جو کين بخشي ۽ نڪي (اھڙو) آھي جو کين (ٻي) ڪا (سڌي) واٽ ڏيکاري.

Verse 169

إِلَّا طَرِيقَ جَهَنَّمَ خَـٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا ۚ وَكَانَ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرًا

Transliteration illā ṭarīqa jahannama khālidīna fīhā abadan wakāna dhālika ʿalā l-lahi yasīran

Sindhi دوزخ جي واٽ کانسواءِ منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اھو الله تي سھنجو آھي.

Verse 170

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ قَدْ جَآءَكُمُ ٱلرَّسُولُ بِٱلْحَقِّ مِن رَّبِّكُمْ فَـَٔامِنُوا۟ خَيْرًا لَّكُمْ ۚ وَإِن تَكْفُرُوا۟ فَإِنَّ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا

Transliteration yāayyuhā l-nāsu qad jāakumu l-rasūlu bil-ḥaqi min rabbikum faāminū khayran lakum wa-in takfurū fa-inna lillahi mā fī l-samāwāti wal-arḍi wakāna l-lahu ʿalīman ḥakīman

Sindhi اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار وٽان پيغمبر (مُحَمَّد صَلَّي اللهُ عَلَيۡہِ وَسَلَّم) اوھان وٽ سچ وٺي آيو آھي تنھنڪري (مٿس) ايمان آڻيو جو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ (ته اوھان جو نقصان آھي) ڇوته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 171

يَـٰٓأَهْلَ ٱلْكِتَـٰبِ لَا تَغْلُوا۟ فِى دِينِكُمْ وَلَا تَقُولُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ إِلَّا ٱلْحَقَّ ۚ إِنَّمَا ٱلْمَسِيحُ عِيسَى ٱبْنُ مَرْيَمَ رَسُولُ ٱللَّهِ وَكَلِمَتُهُۥٓ أَلْقَىٰهَآ إِلَىٰ مَرْيَمَ وَرُوحٌ مِّنْهُ ۖ فَـَٔامِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ ۖ وَلَا تَقُولُوا۟ ثَلَـٰثَةٌ ۚ ٱنتَهُوا۟ خَيْرًا لَّكُمْ ۚ إِنَّمَا ٱللَّهُ إِلَـٰهٌ وَٰحِدٌ ۖ سُبْحَـٰنَهُۥٓ أَن يَكُونَ لَهُۥ وَلَدٌ ۘ لَّهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۗ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًا

Transliteration yāahla l-kitābi lā taghlū fī dīnikum walā taqūlū ʿalā l-lahi illā l-ḥaqa innamā l-masīḥu ʿīsā ub'nu maryama rasūlu l-lahi wakalimatuhu alqāhā ilā maryama warūḥun min'hu faāminū bil-lahi warusulihi walā taqūlū thalāthatun intahū khayran lakum innamā l-lahu ilāhun wāḥidun sub'ḥānahu an yakūna lahu waladun lahu mā fī l-samāwāti wamā fī l-arḍi wakafā bil-lahi wakīlan

Sindhi اي ڪتاب وارؤ پنھنجي دين ۾ حد کان نه لنگھو ۽ نڪي سچ کانسواءِ الله تي (ڪي ٻيو) چئو، عيسىٰ پُٽ مريم جو الله جو پيغمبر ۽ سندس (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل) آھي، اُھو مريم ڏانھن ھَلايائين ۽ سندس پار کان ھڪ رُوح آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ (اوھين) ٽي (خدا) نه چئو، (اھڙي چوڻ کان پاڻ کي) جھليو (اِھو) اوھان لاءِ ڀلو آھي، ھڪ الله کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پُٽن جي ھجڻ کان اُھو پاڪ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو اُن جو آھي، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي.

Verse 172

لَّن يَسْتَنكِفَ ٱلْمَسِيحُ أَن يَكُونَ عَبْدًا لِّلَّهِ وَلَا ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ ٱلْمُقَرَّبُونَ ۚ وَمَن يَسْتَنكِفْ عَنْ عِبَادَتِهِۦ وَيَسْتَكْبِرْ فَسَيَحْشُرُهُمْ إِلَيْهِ جَمِيعًا

Transliteration lan yastankifa l-masīḥu an yakūna ʿabdan lillahi walā l-malāikatu l-muqarabūna waman yastankif ʿan ʿibādatihi wayastakbir fasayaḥshuruhum ilayhi jamīʿan

Sindhi عيسىٰ الله جي ٻانھي ھُجڻ کان بنھ عار نه ڪندو آھي ۽ نڪي مُقرّب مَلائِڪ، ۽ جيڪو سندس ٻانھپ کان عار ڪندو ۽ وڏائي ڪندو تن سڀني کي سگھوئي (الله) پاڻ وٽ گڏ ڪندو.

Verse 173

فَأَمَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ فَيُوَفِّيهِمْ أُجُورَهُمْ وَيَزِيدُهُم مِّن فَضْلِهِۦ ۖ وَأَمَّا ٱلَّذِينَ ٱسْتَنكَفُوا۟ وَٱسْتَكْبَرُوا۟ فَيُعَذِّبُهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا وَلَا يَجِدُونَ لَهُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا

Transliteration fa-ammā alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti fayuwaffīhim ujūrahum wayazīduhum min faḍlihi wa-ammā alladhīna is'tankafū wa-is'takbarū fayuʿadhibuhum ʿadhāban alīman walā yajidūna lahum min dūni l-lahi waliyyan walā naṣīran

Sindhi پوءِ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي سندن اجر پُورو ڏيندو ۽ (بلڪ) پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ ڏيندو، ۽ جن (ٻانھي ھجڻ کان) عار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.

Verse 174

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ قَدْ جَآءَكُم بُرْهَـٰنٌ مِّن رَّبِّكُمْ وَأَنزَلْنَآ إِلَيْكُمْ نُورًا مُّبِينًا

Transliteration yāayyuhā l-nāsu qad jāakum bur'hānun min rabbikum wa-anzalnā ilaykum nūran mubīnan

Sindhi اي ماڻھؤ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ پڪي سند آئي آھي ۽ اوھان ڏانھن چِٽو سوجھرو (قرآن) لاٿوسون.

Verse 175

فَأَمَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِٱللَّهِ وَٱعْتَصَمُوا۟ بِهِۦ فَسَيُدْخِلُهُمْ فِى رَحْمَةٍ مِّنْهُ وَفَضْلٍ وَيَهْدِيهِمْ إِلَيْهِ صِرَٰطًا مُّسْتَقِيمًا

Transliteration fa-ammā alladhīna āmanū bil-lahi wa-iʿ'taṣamū bihi fasayud'khiluhum fī raḥmatin min'hu wafaḍlin wayahdīhim ilayhi ṣirāṭan mus'taqīman

Sindhi پوءِ جن الله کي مڃيو ۽ کيس چنبڙي ورتو تن کي پنھنجي پاران ٻاجھ ۽ فضل ھيٺ سگھو داخل ڪندو ۽ پاڻ ڏانھن کين سڌو رستو ڏيکاريندو.

Verse 176

يَسْتَفْتُونَكَ قُلِ ٱللَّهُ يُفْتِيكُمْ فِى ٱلْكَلَـٰلَةِ ۚ إِنِ ٱمْرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيْسَ لَهُۥ وَلَدٌ وَلَهُۥٓ أُخْتٌ فَلَهَا نِصْفُ مَا تَرَكَ ۚ وَهُوَ يَرِثُهَآ إِن لَّمْ يَكُن لَّهَا وَلَدٌ ۚ فَإِن كَانَتَا ٱثْنَتَيْنِ فَلَهُمَا ٱلثُّلُثَانِ مِمَّا تَرَكَ ۚ وَإِن كَانُوٓا۟ إِخْوَةً رِّجَالًا وَنِسَآءً فَلِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ ٱلْأُنثَيَيْنِ ۗ يُبَيِّنُ ٱللَّهُ لَكُمْ أَن تَضِلُّوا۟ ۗ وَٱللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌۢ

Transliteration yastaftūnaka quli l-lahu yuf'tīkum fī l-kalālati ini im'ru-on halaka laysa lahu waladun walahu ukh'tun falahā niṣ'fu mā taraka wahuwa yarithuhā in lam yakun lahā waladun fa-in kānatā ith'natayni falahumā l-thuluthāni mimmā taraka wa-in kānū ikh'watan rijālan wanisāan falildhakari mith'lu ḥaẓẓi l-unthayayni yubayyinu l-lahu lakum an taḍillū wal-lahu bikulli shayin ʿalīmun

Sindhi (اي پيغمبر جنھن کي اولاد ۽ ماءُ پيءُ نه ھجي تنھنجي ميراث بابت) توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله ڪلاله (جي ميراث) بابت اوھان کي فتوىٰ ٿو ڏئي، جيڪڏھن (ڪو اھڙو) مڙس مري جنھنکي اولاد نه آھي (۽ نه ماءُ پيءُ) ۽ کيس ھڪ ڀيڻ آھي ته جيڪي ڇڏيائين تنھنجو اڌ اُن لاءِ آھي، ۽ (جيڪڏھن اھڙي زال مري وڃي ۽ ڀاءُ جيئرو اٿن ته) ڀاءُ سندس وارث آھي سو تڏھن جو کيس اولاد نه ھجي، پوءِ جيڪڏھن ٻه ڀينر ھجن ته جيڪي ڇڏيائين تنھن مان ٻنھي لاءِ ٻه ٽھايون آھن، ۽ جيڪڏھن (وارث) ڀينرون ۽ ڀائر ھجن ته مڙس (يعني ڀاءُ) لاءِ ٻن زالن (ڀينرن) جي حصّي جيترو آھي، الله اوھان لاءِ بيان ڪندو آھي ته متان (اوھين) گمراہ ٿيو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.

Read Surah An-Nisa in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.