Surah Al-A'raf in Sindhi: translation and audio
Surah 7 · الأعراف · The Heights · 206 verses
Surah Al-A'raf verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Al-A'raf word by word in English.
Verse 1
الٓمٓصٓ
Transliteration alif-lam-meem-sad
Sindhi الٓمّٓصٓ.
Verse 2
كِتَـٰبٌ أُنزِلَ إِلَيْكَ فَلَا يَكُن فِى صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنذِرَ بِهِۦ وَذِكْرَىٰ لِلْمُؤْمِنِينَ
Transliteration kitābun unzila ilayka falā yakun fī ṣadrika ḥarajun min'hu litundhira bihi wadhik'rā lil'mu'minīna
Sindhi (اي پيغمبر ھيء) ڪتاب توڏانھن لاٿو ويو ته ساڻس (ماڻھن) کي ڊيڄارين تنھنڪري ان بابت تنھنجي سيني ۾ ڪا اوکائي ٿيڻ نه گھرجي ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آھي.
Verse 3
ٱتَّبِعُوا۟ مَآ أُنزِلَ إِلَيْكُم مِّن رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوا۟ مِن دُونِهِۦٓ أَوْلِيَآءَ ۗ قَلِيلًا مَّا تَذَكَّرُونَ
Transliteration ittabiʿū mā unzila ilaykum min rabbikum walā tattabiʿū min dūnihi awliyāa qalīlan mā tadhakkarūna
Sindhi جيڪي اوھان ڏانھن اوھان جي پالڻھار کان لاٿو ويو تنھن جي پيروي ڪريو ۽ اُن (الله) کانسواءِ ٻـين دوستن جي پيروي نه ڪريو، اوھان (تمام) ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.
Verse 4
وَكَم مِّن قَرْيَةٍ أَهْلَكْنَـٰهَا فَجَآءَهَا بَأْسُنَا بَيَـٰتًا أَوْ هُمْ قَآئِلُونَ
Transliteration wakam min qaryatin ahlaknāhā fajāahā basunā bayātan aw hum qāilūna
Sindhi ۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواہ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھوا.
Verse 5
فَمَا كَانَ دَعْوَىٰهُمْ إِذْ جَآءَهُم بَأْسُنَآ إِلَّآ أَن قَالُوٓا۟ إِنَّا كُنَّا ظَـٰلِمِينَ
Transliteration famā kāna daʿwāhum idh jāahum basunā illā an qālū innā kunnā ẓālimīna
Sindhi پوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندن پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نه ھئي ته اسين پاڻ تي ظلم ڪندا ھواسون.
Verse 6
فَلَنَسْـَٔلَنَّ ٱلَّذِينَ أُرْسِلَ إِلَيْهِمْ وَلَنَسْـَٔلَنَّ ٱلْمُرْسَلِينَ
Transliteration falanasalanna alladhīna ur'sila ilayhim walanasalanna l-mur'salīna
Sindhi پوءِ جن ڏانھن پيغمبر موڪليا ويا تن کان (به) ضرور پُڇنداسون ۽ پيغمبرن کان (به) ضرور پُڇنداسون.
Verse 7
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِم بِعِلْمٍ ۖ وَمَا كُنَّا غَآئِبِينَ
Transliteration falanaquṣṣanna ʿalayhim biʿil'min wamā kunnā ghāibīna
Sindhi پوءِ (سندن ڪرتوت) مٿن علم سان بيان ڪنداسون ۽ اسين پري نه ھواسون.
Verse 8
وَٱلْوَزْنُ يَوْمَئِذٍ ٱلْحَقُّ ۚ فَمَن ثَقُلَتْ مَوَٰزِينُهُۥ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ
Transliteration wal-waznu yawma-idhin l-ḥaqu faman thaqulat mawāzīnuhu fa-ulāika humu l-muf'liḥūna
Sindhi ۽ اُن ڏينھن (عملن جي) تور سچ آھي، پوءِ جن جا تراڙا ڳرا ٿيا سي ئي ڇُٽل آھن.
Verse 9
وَمَنْ خَفَّتْ مَوَٰزِينُهُۥ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ خَسِرُوٓا۟ أَنفُسَهُم بِمَا كَانُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا يَظْلِمُونَ
Transliteration waman khaffat mawāzīnuhu fa-ulāika alladhīna khasirū anfusahum bimā kānū biāyātinā yaẓlimūna
Sindhi ۽ جن جا تراڙا ھلڪا ٿيا سي اُھي آھن جن پاڻ کي انھيءَ سببان ڇيئو لاتو جو اسان جي آيتن بابت انڪار ڪندا ھئا.
Verse 10
وَلَقَدْ مَكَّنَّـٰكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيهَا مَعَـٰيِشَ ۗ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ
Transliteration walaqad makkannākum fī l-arḍi wajaʿalnā lakum fīhā maʿāyisha qalīlan mā tashkurūna
Sindhi ۽ بيشڪ اوھان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ منجھس اوھان لاءِ گذران (جو اُپاءُ) رکيوسون، (پر اوھين) ٿورو شڪر ڪندا آھيو.
Verse 11
وَلَقَدْ خَلَقْنَـٰكُمْ ثُمَّ صَوَّرْنَـٰكُمْ ثُمَّ قُلْنَا لِلْمَلَـٰٓئِكَةِ ٱسْجُدُوا۟ لِـَٔادَمَ فَسَجَدُوٓا۟ إِلَّآ إِبْلِيسَ لَمْ يَكُن مِّنَ ٱلسَّـٰجِدِينَ
Transliteration walaqad khalaqnākum thumma ṣawwarnākum thumma qul'nā lil'malāikati us'judū liādama fasajadū illā ib'līsa lam yakun mina l-sājidīna
Sindhi ۽ بيشڪ اوھان کي پيدا ڪيوسون وري اوھان جي شڪل بڻائي سون وري ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ شيطان کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، شيطان سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو.
Verse 12
قَالَ مَا مَنَعَكَ أَلَّا تَسْجُدَ إِذْ أَمَرْتُكَ ۖ قَالَ أَنَا۠ خَيْرٌ مِّنْهُ خَلَقْتَنِى مِن نَّارٍ وَخَلَقْتَهُۥ مِن طِينٍ
Transliteration qāla mā manaʿaka allā tasjuda idh amartuka qāla anā khayrun min'hu khalaqtanī min nārin wakhalaqtahu min ṭīnin
Sindhi (الله) چيو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪھڙي (ڳالھ) جھليو؟ جڏھن ته توکي حُڪم (به) ڪيم، چيائين ته آءٌ کانئس ڀلو آھيان، مون کي باہ مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي.
Verse 13
قَالَ فَٱهْبِطْ مِنْهَا فَمَا يَكُونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فِيهَا فَٱخْرُجْ إِنَّكَ مِنَ ٱلصَّـٰغِرِينَ
Transliteration qāla fa-ih'biṭ min'hā famā yakūnu laka an tatakabbara fīhā fa-ukh'ruj innaka mina l-ṣāghirīna
Sindhi (الله) چيو ته اُن (آسمان) مان ھيٺ لھي وڃ توکي منجھس وڏائي ڪرڻ نه جڳائيندي آھي تنھنڪري (تون) نِڪر ڇوته تون خوار ٿيلن مان آھين.
Verse 14
قَالَ أَنظِرْنِىٓ إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
Transliteration qāla anẓir'nī ilā yawmi yub'ʿathūna
Sindhi چيائين ته قيامت جي ڏينھن تائين مون کي مُھلت ڏي.
Verse 15
قَالَ إِنَّكَ مِنَ ٱلْمُنظَرِينَ
Transliteration qāla innaka mina l-munẓarīna
Sindhi چيائين ته تون مُھلت ڏنلن مان آھين.
Verse 16
قَالَ فَبِمَآ أَغْوَيْتَنِى لَأَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَٰطَكَ ٱلْمُسْتَقِيمَ
Transliteration qāla fabimā aghwaytanī la-aqʿudanna lahum ṣirāṭaka l-mus'taqīma
Sindhi چيائين انھيءَ سببان جو تو مونکي گمراہ ڪيو (آءٌ ته) ماڻھن لاءِ تنھنجي سڌي واٽ تي ضرور وھندس.
Verse 17
ثُمَّ لَـَٔاتِيَنَّهُم مِّنۢ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ أَيْمَـٰنِهِمْ وَعَن شَمَآئِلِهِمْ ۖ وَلَا تَجِدُ أَكْثَرَهُمْ شَـٰكِرِينَ
Transliteration thumma laātiyannahum min bayni aydīhim wamin khalfihim waʿan aymānihim waʿan shamāilihim walā tajidu aktharahum shākirīna
Sindhi پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان وٽن ايندس، ۽ منجھائن گھڻا شڪر ڪندڙ نه لھندين.
Verse 18
قَالَ ٱخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُومًا مَّدْحُورًا ۖ لَّمَن تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُمْ أَجْمَعِينَ
Transliteration qāla ukh'ruj min'hā madhūman madḥūran laman tabiʿaka min'hum la-amla-anna jahannama minkum ajmaʿīna
Sindhi (الله) فرمايو ته تون آسمانن مان خوار (۽) تڙيل ٿي نڪري وڃ، انھن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪندو (تنھنکي ۽ توکي دوزخ ۾ وجھي) اوھان مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.
Verse 19
وَيَـٰٓـَٔادَمُ ٱسْكُنْ أَنتَ وَزَوْجُكَ ٱلْجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِئْتُمَا وَلَا تَقْرَبَا هَـٰذِهِ ٱلشَّجَرَةَ فَتَكُونَا مِنَ ٱلظَّـٰلِمِينَ
Transliteration wayāādamu us'kun anta wazawjuka l-janata fakulā min ḥaythu shi'tumā walā taqrabā hādhihi l-shajarata fatakūnā mina l-ẓālimīna
Sindhi ۽ (چيوسون ته) اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ وڃي رھو ۽ (جيڪي وڻيوَ سو) جتان وڻيوَ تِتان کائو ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃو نه ته ظالمن مان ٿيندؤ.
Verse 20
فَوَسْوَسَ لَهُمَا ٱلشَّيْطَـٰنُ لِيُبْدِىَ لَهُمَا مَا وُۥرِىَ عَنْهُمَا مِن سَوْءَٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهَىٰكُمَا رَبُّكُمَا عَنْ هَـٰذِهِ ٱلشَّجَرَةِ إِلَّآ أَن تَكُونَا مَلَكَيْنِ أَوْ تَكُونَا مِنَ ٱلْخَـٰلِدِينَ
Transliteration fawaswasa lahumā l-shayṭānu liyub'diya lahumā mā wūriya ʿanhumā min sawātihimā waqāla mā nahākumā rabbukumā ʿan hādhihi l-shajarati illā an takūnā malakayni aw takūnā mina l-khālidīna
Sindhi پوءِ شيطان انھن کي ھن لاءِ وسوسو وڌو ته سندن اوگھڙن مان جيڪي ڍڪيل ھو سو اُنھن لاءِ پڌرو ڪري ۽ چيائين ته اوھان جي پالڻھار اوھان کي ھن وڻ کان رڳو ھن ڪري جھليو آھي ته (متان) اوھين ملائڪ ٿي پئو يا (اُن ۾) سدائين رھڻ وارا ٿي پئو.
Verse 21
وَقَاسَمَهُمَآ إِنِّى لَكُمَا لَمِنَ ٱلنَّـٰصِحِينَ
Transliteration waqāsamahumā innī lakumā lamina l-nāṣiḥīna
Sindhi ۽ سُنھن کڻي انھن کي چيائين ته آءٌ (ته) اوھان جو خيرخواہ آھيان.
Verse 22
فَدَلَّىٰهُمَا بِغُرُورٍ ۚ فَلَمَّا ذَاقَا ٱلشَّجَرَةَ بَدَتْ لَهُمَا سَوْءَٰتُهُمَا وَطَفِقَا يَخْصِفَانِ عَلَيْهِمَا مِن وَرَقِ ٱلْجَنَّةِ ۖ وَنَادَىٰهُمَا رَبُّهُمَآ أَلَمْ أَنْهَكُمَا عَن تِلْكُمَا ٱلشَّجَرَةِ وَأَقُل لَّكُمَآ إِنَّ ٱلشَّيْطَـٰنَ لَكُمَا عَدُوٌّ مُّبِينٌ
Transliteration fadallāhumā bighurūrin falammā dhāqā l-shajarata badat lahumā sawātuhumā waṭafiqā yakhṣifāni ʿalayhimā min waraqi l-janati wanādāhumā rabbuhumā alam anhakumā ʿan til'kumā l-shajarati wa-aqul lakumā inna l-shayṭāna lakumā ʿaduwwun mubīnun
Sindhi پوءِ اُنھن کي ٺڳيءَ سان لاڙي وڌائين، پوءِ جنھن مھل وڻ مان چکيائون (ته) سندين اوگھڙ کين پڌري ٿي پئي ۽ بھشت جي وڻ مان پن ھڪ ٻئي سان ڳنڍي پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ سندن پالڻھار انھن کي سڏيو (۽ چيائين ته) اوھان کي ھن وڻ کان نه جھليو ھوم ڇا؟ ۽ اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته شيطان اوھان جو پڌرو ويري آھي؟
Verse 23
قَالَا رَبَّنَا ظَلَمْنَآ أَنفُسَنَا وَإِن لَّمْ تَغْفِرْ لَنَا وَتَرْحَمْنَا لَنَكُونَنَّ مِنَ ٱلْخَـٰسِرِينَ
Transliteration qālā rabbanā ẓalamnā anfusanā wa-in lam taghfir lanā watarḥamnā lanakūnanna mina l-khāsirīna
Sindhi چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن (تون) اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي ٻاجھ نه ڪندين ته ضرور ڇيئي وارن مان ٿينداسين.
Verse 24
قَالَ ٱهْبِطُوا۟ بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ ۖ وَلَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ مُسْتَقَرٌّ وَمَتَـٰعٌ إِلَىٰ حِينٍ
Transliteration qāla ih'biṭū baʿḍukum libaʿḍin ʿaduwwun walakum fī l-arḍi mus'taqarrun wamatāʿun ilā ḥīnin
Sindhi (الله) فرمايو ته ھيٺ لھي وڃو اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ زمين ۾ رھڻ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ھڪ) وقت تائين (ٺھرايل) آھي.
Verse 25
قَالَ فِيهَا تَحْيَوْنَ وَفِيهَا تَمُوتُونَ وَمِنْهَا تُخْرَجُونَ
Transliteration qāla fīhā taḥyawna wafīhā tamūtūna wamin'hā tukh'rajūna
Sindhi (الله) چيو ته اوھين ان ۾ حياتي گذاريندؤ ۽ منجھس مرندؤ ۽ منجھانئس (جيئرا ٿي) نڪرندؤ.
Verse 26
يَـٰبَنِىٓ ءَادَمَ قَدْ أَنزَلْنَا عَلَيْكُمْ لِبَاسًا يُوَٰرِى سَوْءَٰتِكُمْ وَرِيشًا ۖ وَلِبَاسُ ٱلتَّقْوَىٰ ذَٰلِكَ خَيْرٌ ۚ ذَٰلِكَ مِنْ ءَايَـٰتِ ٱللَّهِ لَعَلَّهُمْ يَذَّكَّرُونَ
Transliteration yābanī ādama qad anzalnā ʿalaykum libāsan yuwārī sawātikum warīshan walibāsu l-taqwā dhālika khayrun dhālika min āyāti l-lahi laʿallahum yadhakkarūna
Sindhi اي آدم جي اولاد تحقيق اوھان تي ھڪ پوشاڪ بيشڪ لاٿي سون جا اوھان جي اوگھڙن کي ڍڪيندي ۽ سينگار جا ڪپڙا، ۽ پرھيزگاري جي پوشاڪ اھا (سڀني کان) ڀلي آھي، اھا الله جي نشانين مان آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن.
Verse 27
يَـٰبَنِىٓ ءَادَمَ لَا يَفْتِنَنَّكُمُ ٱلشَّيْطَـٰنُ كَمَآ أَخْرَجَ أَبَوَيْكُم مِّنَ ٱلْجَنَّةِ يَنزِعُ عَنْهُمَا لِبَاسَهُمَا لِيُرِيَهُمَا سَوْءَٰتِهِمَآ ۗ إِنَّهُۥ يَرَىٰكُمْ هُوَ وَقَبِيلُهُۥ مِنْ حَيْثُ لَا تَرَوْنَهُمْ ۗ إِنَّا جَعَلْنَا ٱلشَّيَـٰطِينَ أَوْلِيَآءَ لِلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ
Transliteration yābanī ādama lā yaftinannakumu l-shayṭānu kamā akhraja abawaykum mina l-janati yanziʿu ʿanhumā libāsahumā liyuriyahumā sawātihimā innahu yarākum huwa waqabīluhu min ḥaythu lā tarawnahum innā jaʿalnā l-shayāṭīna awliyāa lilladhīna lā yu'minūna
Sindhi اي آدم جا اولاد شيطان اوھان کي اھڙيءَ طرح خرابيءَ ۾ نه وجھي جھڙي طرح اوھان جي ماءُ پيءُ کي بھشت مان ٻاھر ڪڍيائين جو سندين پوشاڪ کانئن ھن لاءِ ڇڪي لاٿائين ٿي ته کين سندين اوگھڙ ڏيکاري، سچ آھي ته اُھو پاڻ ۽ سندس لشڪر جتان اوھين انھن کي نه ڏسي سگھندا آھيو (تِتان اُھي) اوھان کي ڏسندا آھن، جيڪي نه مڃيندا آھن تن جو اسان شيطانن کي دوست بڻايو آھي.
Verse 28
وَإِذَا فَعَلُوا۟ فَـٰحِشَةً قَالُوا۟ وَجَدْنَا عَلَيْهَآ ءَابَآءَنَا وَٱللَّهُ أَمَرَنَا بِهَا ۗ قُلْ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَأْمُرُ بِٱلْفَحْشَآءِ ۖ أَتَقُولُونَ عَلَى ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
Transliteration wa-idhā faʿalū fāḥishatan qālū wajadnā ʿalayhā ābāanā wal-lahu amaranā bihā qul inna l-laha lā yamuru bil-faḥshāi ataqūlūna ʿalā l-lahi mā lā taʿlamūna
Sindhi ۽ (پڻ انھن جا دوست جي) جڏھن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا (ته) چون ٿا ته اُن (واٽ) تي اسان جا ابا ڏاڏا (ھلندا) ڏٺاسون ۽ الله اسانکي اُنھن (جي ڪرڻ) جو حُڪم ڪيو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته بيشڪ الله بيحيائيءَ جي ڪمن جو حُڪم نه ڪندو آھي، اوھين الله تي (اھو ڪوڙ) ڇو چوندا آھيو جنھن جي (سند) اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
Verse 29
قُلْ أَمَرَ رَبِّى بِٱلْقِسْطِ ۖ وَأَقِيمُوا۟ وُجُوهَكُمْ عِندَ كُلِّ مَسْجِدٍ وَٱدْعُوهُ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ ۚ كَمَا بَدَأَكُمْ تَعُودُونَ
Transliteration qul amara rabbī bil-qis'ṭi wa-aqīmū wujūhakum ʿinda kulli masjidin wa-id'ʿūhu mukh'liṣīna lahu l-dīna kamā bada-akum taʿūdūna
Sindhi چؤ ته منھنجي پالڻھار انصاف جو حُڪم ڪيو آھي، ۽ (حُڪم ڪيو اٿس ته) پنھنجا مُنھن سڀڪنھن نماز مھل (الله ڏانھن) سِڌا ڪريو ۽ اُن لاءِ سچا فرمانبردار ٿي سندس عبادت ڪريو، جئن پھريون اوھان کي پيدا ڪيائين تئن (اوھين) موٽندؤ.
Verse 30
فَرِيقًا هَدَىٰ وَفَرِيقًا حَقَّ عَلَيْهِمُ ٱلضَّلَـٰلَةُ ۗ إِنَّهُمُ ٱتَّخَذُوا۟ ٱلشَّيَـٰطِينَ أَوْلِيَآءَ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَيَحْسَبُونَ أَنَّهُم مُّهْتَدُونَ
Transliteration farīqan hadā wafarīqan ḥaqqa ʿalayhimu l-ḍalālatu innahumu ittakhadhū l-shayāṭīna awliyāa min dūni l-lahi wayaḥsabūna annahum muh'tadūna
Sindhi ھڪ ٽوليءَ کي ھدايت ڪيائين ۽ ٻي ٽوليءَ تي گمراھي لازم ٿي چڪي آھي، ڇوته اُنھن الله کانسواءِ شيطانن کي مددگار ڪري ورتو آھي ۽ ڀائيندا آھن ته پاڻ ھدايت وارا آھن.
Verse 31
۞ يَـٰبَنِىٓ ءَادَمَ خُذُوا۟ زِينَتَكُمْ عِندَ كُلِّ مَسْجِدٍ وَكُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ وَلَا تُسْرِفُوٓا۟ ۚ إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلْمُسْرِفِينَ
Transliteration yābanī ādama khudhū zīnatakum ʿinda kulli masjidin wakulū wa-ish'rabū walā tus'rifū innahu lā yuḥibbu l-mus'rifīna
Sindhi اي آدم جا اولاد سڀڪنھن نماز مھل پنھنجي زينت (جي پوشاڪ) ڍڪيو ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله اجائي وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
Verse 32
قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِينَةَ ٱللَّهِ ٱلَّتِىٓ أَخْرَجَ لِعِبَادِهِۦ وَٱلطَّيِّبَـٰتِ مِنَ ٱلرِّزْقِ ۚ قُلْ هِىَ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا خَالِصَةً يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ ۗ كَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ ٱلْـَٔايَـٰتِ لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
Transliteration qul man ḥarrama zīnata l-lahi allatī akhraja liʿibādihi wal-ṭayibāti mina l-riz'qi qul hiya lilladhīna āmanū fī l-ḥayati l-dun'yā khāliṣatan yawma l-qiyāmati kadhālika nufaṣṣilu l-āyāti liqawmin yaʿlamūna
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته الله جي (بڻايل) زينت جيڪا جيڪا پنھنجن ٻانھن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟ چؤ ته اُھي (شيون) دُنيا جي حياتي ۾ (۽) خلاصيون قيامت جي ڏينھن مؤمنن لاءِ آھن، اھڙيءَ طرح جا قوم ڄڻندي آھي تنھن لاءِ نشانيون بيان ڪندا آھيون.
Verse 33
قُلْ إِنَّمَا حَرَّمَ رَبِّىَ ٱلْفَوَٰحِشَ مَا ظَهَرَ مِنْهَا وَمَا بَطَنَ وَٱلْإِثْمَ وَٱلْبَغْىَ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ وَأَن تُشْرِكُوا۟ بِٱللَّهِ مَا لَمْ يُنَزِّلْ بِهِۦ سُلْطَـٰنًا وَأَن تَقُولُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
Transliteration qul innamā ḥarrama rabbiya l-fawāḥisha mā ẓahara min'hā wamā baṭana wal-ith'ma wal-baghya bighayri l-ḥaqi wa-an tush'rikū bil-lahi mā lam yunazzil bihi sul'ṭānan wa-an taqūlū ʿalā l-lahi mā lā taʿlamūna
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته منھنجي پالڻھار بي حيائيءَ جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي ۽ (سڀ) گناہ ۽ ناحق حد کان لنگھڻ ۽ اھڙي شيء کي اوھان جو الله سان شريڪ ڪرڻ جنھن بابت ڪا حُجّت نه لاٿي اٿس ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو اوھان جو الله تي چوڻ اھي ئي حرام ڪيون آھن.
Verse 34
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ ۖ فَإِذَا جَآءَ أَجَلُهُمْ لَا يَسْتَأْخِرُونَ سَاعَةً ۖ وَلَا يَسْتَقْدِمُونَ
Transliteration walikulli ummatin ajalun fa-idhā jāa ajaluhum lā yastakhirūna sāʿatan walā yastaqdimūna
Sindhi ۽ ھر ڪنھن اُمّت جو ھڪ وقت ٺھرايل آھي، پوءِ جڏھن سندن مُدّت پھچندي (ته) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.
Verse 35
يَـٰبَنِىٓ ءَادَمَ إِمَّا يَأْتِيَنَّكُمْ رُسُلٌ مِّنكُمْ يَقُصُّونَ عَلَيْكُمْ ءَايَـٰتِى ۙ فَمَنِ ٱتَّقَىٰ وَأَصْلَحَ فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
Transliteration yābanī ādama immā yatiyannakum rusulun minkum yaquṣṣūna ʿalaykum āyātī famani ittaqā wa-aṣlaḥa falā khawfun ʿalayhim walā hum yaḥzanūna
Sindhi (چيو ويو ته) اي آدم جا اولاد جيڪڏھن اوھان وٽ اوھان مان پيغمبر اچن (جي) اوھان کي منھنجون آيتون پڙھي ٻڌائين ته جيڪي ڊڄندا ۽ پاڻ سڌاريندا تن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
Verse 36
وَٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا وَٱسْتَكْبَرُوا۟ عَنْهَآ أُو۟لَـٰٓئِكَ أَصْحَـٰبُ ٱلنَّارِ ۖ هُمْ فِيهَا خَـٰلِدُونَ
Transliteration wa-alladhīna kadhabū biāyātinā wa-is'takbarū ʿanhā ulāika aṣḥābu l-nāri hum fīhā khālidūna
Sindhi ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ ان جي (قبولڻ) کان وڏائي ڪئي سي دوزخي آھن، اُھي اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.
Verse 37
فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا أَوْ كَذَّبَ بِـَٔايَـٰتِهِۦٓ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ يَنَالُهُمْ نَصِيبُهُم مِّنَ ٱلْكِتَـٰبِ ۖ حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَتْهُمْ رُسُلُنَا يَتَوَفَّوْنَهُمْ قَالُوٓا۟ أَيْنَ مَا كُنتُمْ تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ ۖ قَالُوا۟ ضَلُّوا۟ عَنَّا وَشَهِدُوا۟ عَلَىٰٓ أَنفُسِهِمْ أَنَّهُمْ كَانُوا۟ كَـٰفِرِينَ
Transliteration faman aẓlamu mimmani if'tarā ʿalā l-lahi kadhiban aw kadhaba biāyātihi ulāika yanāluhum naṣībuhum mina l-kitābi ḥattā idhā jāathum rusulunā yatawaffawnahum qālū ayna mā kuntum tadʿūna min dūni l-lahi qālū ḍallū ʿannā washahidū ʿalā anfusihim annahum kānū kāfirīna
Sindhi جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڀانيو تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ اُنھن کي (لوح محفوظ ۾) لکيل مان سندن حِصّو (سُک ۽ ڏُک جو) ملندو رھندو، ايتري قدر جو جنھن مھل اسان جا قاصد (ملائڪ) سندن رُوح ڪڍڻ لاءِ ايندا چوندا ته اوھين الله کانسواءِ جن کي سڏيندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ (تنھن مھل چوندا) ته اسان کان لڪي ويا ۽ پاڻ تي شاھدي ڏيندا ته پاڻ ڪافر ھوا.
Verse 38
قَالَ ٱدْخُلُوا۟ فِىٓ أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِكُم مِّنَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ فِى ٱلنَّارِ ۖ كُلَّمَا دَخَلَتْ أُمَّةٌ لَّعَنَتْ أُخْتَهَا ۖ حَتَّىٰٓ إِذَا ٱدَّارَكُوا۟ فِيهَا جَمِيعًا قَالَتْ أُخْرَىٰهُمْ لِأُولَىٰهُمْ رَبَّنَا هَـٰٓؤُلَآءِ أَضَلُّونَا فَـَٔاتِهِمْ عَذَابًا ضِعْفًا مِّنَ ٱلنَّارِ ۖ قَالَ لِكُلٍّ ضِعْفٌ وَلَـٰكِن لَّا تَعْلَمُونَ
Transliteration qāla ud'khulū fī umamin qad khalat min qablikum mina l-jini wal-insi fī l-nāri kullamā dakhalat ummatun laʿanat ukh'tahā ḥattā idhā iddārakū fīhā jamīʿan qālat ukh'rāhum liūlāhum rabbanā hāulāi aḍallūnā faātihim ʿadhāban ḍiʿ'fan mina l-nāri qāla likullin ḍiʿ'fun walākin lā taʿlamūna
Sindhi (الله) چوندو ته اُنھي ٽولي سان دوزخ ۾ گھڙو جيڪي اوھان کان اڳ جنن ۽ ماڻھن مان گذري ويا، جنھن مھل ھڪ ٽولي پئي گھڙندي تنھن مھل پنھنجي سنگت تي لعنت پئي ڪندي، تان جو جڏھن منجھس مڙئي گھڙندا ته (اُن وقت) سندين پوئين ٽولي پنھنجي پھرين ٽوليءَ لاءِ چوندي ته اي اسانجا پالڻھار ھنن اسان کي گمراہ ڪيو ھو تنھنڪري اُنھن کي باھ جو ٻيڻو عذاب ڏي، (الله) چوندو ته سڀڪنھن لاءِ ٻيڻو عذاب آھي پر اوھين نه ٿا ڄاڻو.
Verse 39
وَقَالَتْ أُولَىٰهُمْ لِأُخْرَىٰهُمْ فَمَا كَانَ لَكُمْ عَلَيْنَا مِن فَضْلٍ فَذُوقُوا۟ ٱلْعَذَابَ بِمَا كُنتُمْ تَكْسِبُونَ
Transliteration waqālat ūlāhum li-ukh'rāhum famā kāna lakum ʿalaynā min faḍlin fadhūqū l-ʿadhāba bimā kuntum taksibūna
Sindhi ۽ منجھانئن پھرين (ٽولي) اُنھن مان پوئينءَ لاءِ چوندي ته اسان تي اوھان جي ڪا وڏائي نه آھي تنھنڪري جيڪي ڪمايو ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو.
Verse 40
إِنَّ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا وَٱسْتَكْبَرُوا۟ عَنْهَا لَا تُفَتَّحُ لَهُمْ أَبْوَٰبُ ٱلسَّمَآءِ وَلَا يَدْخُلُونَ ٱلْجَنَّةَ حَتَّىٰ يَلِجَ ٱلْجَمَلُ فِى سَمِّ ٱلْخِيَاطِ ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُجْرِمِينَ
Transliteration inna alladhīna kadhabū biāyātinā wa-is'takbarū ʿanhā lā tufattaḥu lahum abwābu l-samāi walā yadkhulūna l-janata ḥattā yalija l-jamalu fī sammi l-khiyāṭi wakadhālika najzī l-muj'rimīna
Sindhi جن اسان جي حُڪمن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کانئن وڏائي ڪئي تن لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا ۽ نڪي ايستائين بھشت ۾ گھڙندا جيستائين اُٺ سُئي جي پاکي مان لنگھي، ۽ اھڙي طرح ڏوھارين کي سزا ڏيندا آھيون.
Verse 41
لَهُم مِّن جَهَنَّمَ مِهَادٌ وَمِن فَوْقِهِمْ غَوَاشٍ ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلظَّـٰلِمِينَ
Transliteration lahum min jahannama mihādun wamin fawqihim ghawāshin wakadhālika najzī l-ẓālimīna
Sindhi اُنھن لاءِ وڇاڻو (به) دوزخ جو ھوندو ۽ سندن مٿان پوش (به دوزخ جو) رھندو، ۽ اھڙي طرح ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون.
Verse 42
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ لَا نُكَلِّفُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَآ أُو۟لَـٰٓئِكَ أَصْحَـٰبُ ٱلْجَنَّةِ ۖ هُمْ فِيهَا خَـٰلِدُونَ
Transliteration wa-alladhīna āmanū waʿamilū l-ṣāliḥāti lā nukallifu nafsan illā wus'ʿahā ulāika aṣḥābu l-janati hum fīhā khālidūna
Sindhi ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف ڏيندا ئي نه آھيون، اُھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
Verse 43
وَنَزَعْنَا مَا فِى صُدُورِهِم مِّنْ غِلٍّ تَجْرِى مِن تَحْتِهِمُ ٱلْأَنْهَـٰرُ ۖ وَقَالُوا۟ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى هَدَىٰنَا لِهَـٰذَا وَمَا كُنَّا لِنَهْتَدِىَ لَوْلَآ أَنْ هَدَىٰنَا ٱللَّهُ ۖ لَقَدْ جَآءَتْ رُسُلُ رَبِّنَا بِٱلْحَقِّ ۖ وَنُودُوٓا۟ أَن تِلْكُمُ ٱلْجَنَّةُ أُورِثْتُمُوهَا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Transliteration wanazaʿnā mā fī ṣudūrihim min ghillin tajrī min taḥtihimu l-anhāru waqālū l-ḥamdu lillahi alladhī hadānā lihādhā wamā kunnā linahtadiya lawlā an hadānā l-lahu laqad jāat rusulu rabbinā bil-ḥaqi wanūdū an til'kumu l-janatu ūrith'tumūhā bimā kuntum taʿmalūna
Sindhi ۽ جيڪو غير سندين دلين ۾ ھوندو سو ڪڍي ڇڏينداسون سندين (ماڙين جي) ھيٺان واھيون پيون وھنديون، ۽ چوندا ته سڀ ساراہ انھي کي جڳائي جنھن اسان کي ھن (بھشت) ڏانھن رستو لاتو، جيڪڏھن الله اسان کي ھدايت نه ڪري ھا ته ڪڏھن اسين ھدايت نه لھون ھا، بيشڪ اسان وٽ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ وٺي آيا، ۽ سڏيو ويندو ته ھي بھشت (اوھان کي ڏنو ويو) اُن جا اُنھيءَ سببان (اوھين) وارث آھيو جو (چڱائي) ڪندا ھيؤ.
Verse 44
وَنَادَىٰٓ أَصْحَـٰبُ ٱلْجَنَّةِ أَصْحَـٰبَ ٱلنَّارِ أَن قَدْ وَجَدْنَا مَا وَعَدَنَا رَبُّنَا حَقًّا فَهَلْ وَجَدتُّم مَّا وَعَدَ رَبُّكُمْ حَقًّا ۖ قَالُوا۟ نَعَمْ ۚ فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌۢ بَيْنَهُمْ أَن لَّعْنَةُ ٱللَّهِ عَلَى ٱلظَّـٰلِمِينَ
Transliteration wanādā aṣḥābu l-janati aṣḥāba l-nāri an qad wajadnā mā waʿadanā rabbunā ḥaqqan fahal wajadttum mā waʿada rabbukum ḥaqqan qālū naʿam fa-adhana mu-adhinun baynahum an laʿnatu l-lahi ʿalā l-ẓālimīna
Sindhi ۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا (۽ چوندا) ته اسان جي پالڻھار اسان سان جيڪي انجام ڪيو ھو سو بيشڪ سچو لڌوسون پوءِ اوھان جي پالڻھار اوھان سان جيڪو انجام ڪيو ھو سو سچو (نه) لڌوَ ڇا؟ چوندا ته ھائو! پوءِ سڏيندڙ سندن وچ ۾ سڏيندو ته اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي.
Verse 45
ٱلَّذِينَ يَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ وَيَبْغُونَهَا عِوَجًا وَهُم بِٱلْـَٔاخِرَةِ كَـٰفِرُونَ
Transliteration alladhīna yaṣuddūna ʿan sabīli l-lahi wayabghūnahā ʿiwajan wahum bil-ākhirati kāfirūna
Sindhi جيڪي الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا رھيا ۽ ان جي واٽ جي ڏنگائي گھرندا رھيا، ۽ اُھي آخرت کي نه مڃيندڙ ھوا.
Verse 46
وَبَيْنَهُمَا حِجَابٌ ۚ وَعَلَى ٱلْأَعْرَافِ رِجَالٌ يَعْرِفُونَ كُلًّۢا بِسِيمَىٰهُمْ ۚ وَنَادَوْا۟ أَصْحَـٰبَ ٱلْجَنَّةِ أَن سَلَـٰمٌ عَلَيْكُمْ ۚ لَمْ يَدْخُلُوهَا وَهُمْ يَطْمَعُونَ
Transliteration wabaynahumā ḥijābun waʿalā l-aʿrāfi rijālun yaʿrifūna kullan bisīmāhum wanādaw aṣḥāba l-janati an salāmun ʿalaykum lam yadkhulūhā wahum yaṭmaʿūna
Sindhi ۽ سندن وچ ۾ پردو ڪيو ويندو، ۽ اَعراف ۾ اھڙا ماڻھو ھوندا جو سڀڪنھن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا، ۽ بھشتين کي سڏي اَلسّلَامُ عَلَيۡڪُمۡ چوندا، (اڃا) اُن ۾ (پاڻ) نه گھڙيا ھوندا ۽ اُھي اميدوار ھوندا.
Verse 47
۞ وَإِذَا صُرِفَتْ أَبْصَـٰرُهُمْ تِلْقَآءَ أَصْحَـٰبِ ٱلنَّارِ قَالُوا۟ رَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا مَعَ ٱلْقَوْمِ ٱلظَّـٰلِمِينَ
Transliteration wa-idhā ṣurifat abṣāruhum til'qāa aṣḥābi l-nāri qālū rabbanā lā tajʿalnā maʿa l-qawmi l-ẓālimīna
Sindhi ۽ جڏھن سندن اکيون دوزخين ڏانھن ڦيرايون وينديون (ته) چوندا اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالم ٽوليءَ سان گڏ نه ڪر.
Verse 48
وَنَادَىٰٓ أَصْحَـٰبُ ٱلْأَعْرَافِ رِجَالًا يَعْرِفُونَهُم بِسِيمَىٰهُمْ قَالُوا۟ مَآ أَغْنَىٰ عَنكُمْ جَمْعُكُمْ وَمَا كُنتُمْ تَسْتَكْبِرُونَ
Transliteration wanādā aṣḥābu l-aʿrāfi rijālan yaʿrifūnahum bisīmāhum qālū mā aghnā ʿankum jamʿukum wamā kuntum tastakbirūna
Sindhi ۽ اَعراف وارا جن مُڙسن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا تن کي سڏيندا چوندا ته اوھان جيڪي گڏ ڪيو ھو سو ۽ جيڪا وڏائي ڪندا ھيؤ تنھن اوھان کان ڪجھ به نه ٽاريو.
Verse 49
أَهَـٰٓؤُلَآءِ ٱلَّذِينَ أَقْسَمْتُمْ لَا يَنَالُهُمُ ٱللَّهُ بِرَحْمَةٍ ۚ ٱدْخُلُوا۟ ٱلْجَنَّةَ لَا خَوْفٌ عَلَيْكُمْ وَلَآ أَنتُمْ تَحْزَنُونَ
Transliteration ahāulāi alladhīna aqsamtum lā yanāluhumu l-lahu biraḥmatin ud'khulū l-janata lā khawfun ʿalaykum walā antum taḥzanūna
Sindhi ھيءُ اُھي (ماڻھو) آھن ڇا جن لاءِ اوھين (دنيا ۾) قسم کڻندا ھيؤ ته الله مٿن ٻاجھ نه ڪندو، (کين چئبو ته) بھشت ۾ گھڙو اوھان کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اوھين غمگين رھندؤ.
Verse 50
وَنَادَىٰٓ أَصْحَـٰبُ ٱلنَّارِ أَصْحَـٰبَ ٱلْجَنَّةِ أَنْ أَفِيضُوا۟ عَلَيْنَا مِنَ ٱلْمَآءِ أَوْ مِمَّا رَزَقَكُمُ ٱللَّهُ ۚ قَالُوٓا۟ إِنَّ ٱللَّهَ حَرَّمَهُمَا عَلَى ٱلْكَـٰفِرِينَ
Transliteration wanādā aṣḥābu l-nāri aṣḥāba l-janati an afīḍū ʿalaynā mina l-māi aw mimmā razaqakumu l-lahu qālū inna l-laha ḥarramahumā ʿalā l-kāfirīna
Sindhi ۽ دوزخي بھشتين کي سڏيندا (چوندا) ته ڪجھ پاڻي اسان تي پلٽيو يا الله اوھان کي جيڪي رزق ڏنو آھي تنھن مان (ڪجھ ڏيو)، چوندا ته اُھي ٻئي ڪافرن تي الله حرام ڪيا آھن.
Verse 51
ٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ دِينَهُمْ لَهْوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتْهُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا ۚ فَٱلْيَوْمَ نَنسَىٰهُمْ كَمَا نَسُوا۟ لِقَآءَ يَوْمِهِمْ هَـٰذَا وَمَا كَانُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا يَجْحَدُونَ
Transliteration alladhīna ittakhadhū dīnahum lahwan walaʿiban wagharrathumu l-ḥayatu l-dun'yā fal-yawma nansāhum kamā nasū liqāa yawmihim hādhā wamā kānū biāyātinā yajḥadūna
Sindhi جن پنھنجي دين کي کِل ۽ راند ڪري ورتو ۽ انھن کي دُنيا جي حياتي ٺڳيو، پوءِ اُنھن کي اڄ ايئن وساريوسون جئن (اُنھن) منھنجي ھن ڏينھن جي ملڻ کي وساريو ھو ۽ (جئن) اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا.
Verse 52
وَلَقَدْ جِئْنَـٰهُم بِكِتَـٰبٍ فَصَّلْنَـٰهُ عَلَىٰ عِلْمٍ هُدًى وَرَحْمَةً لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
Transliteration walaqad ji'nāhum bikitābin faṣṣalnāhu ʿalā ʿil'min hudan waraḥmatan liqawmin yu'minūna
Sindhi ۽ بيشڪ انھن کي ھڪ ڪتاب ڏنوسون جنھن کي دانائيءَ سان کولي بيان ڪيوسون (۽) اُنھيءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي جي مڃيندا آھن.
Verse 53
هَلْ يَنظُرُونَ إِلَّا تَأْوِيلَهُۥ ۚ يَوْمَ يَأْتِى تَأْوِيلُهُۥ يَقُولُ ٱلَّذِينَ نَسُوهُ مِن قَبْلُ قَدْ جَآءَتْ رُسُلُ رَبِّنَا بِٱلْحَقِّ فَهَل لَّنَا مِن شُفَعَآءَ فَيَشْفَعُوا۟ لَنَآ أَوْ نُرَدُّ فَنَعْمَلَ غَيْرَ ٱلَّذِى كُنَّا نَعْمَلُ ۚ قَدْ خَسِرُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ
Transliteration hal yanẓurūna illā tawīlahu yawma yatī tawīluhu yaqūlu alladhīna nasūhu min qablu qad jāat rusulu rabbinā bil-ḥaqi fahal lanā min shufaʿāa fayashfaʿū lanā aw nuraddu fanaʿmala ghayra alladhī kunnā naʿmalu qad khasirū anfusahum waḍalla ʿanhum mā kānū yaftarūna
Sindhi (ڪافر) ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته اُن (جي وعدہ) جي مُراد اچي، جنھن ڏينھن سندس مراد ايندي (تنھن ڏينھن) جن ان کي اڳي وساريو سي چوندا ته بيشڪ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ سان آيا، پوءِ (اڄ) اسان لاءِ ڪي سفارش ڪرڻ وارا آھن؟ جو اسان لاءِ پارت ڪن يا وري موٽايا وڃون ته جيڪي (عمل) ڪياسون تن کانسواءِ ٻيا (چڱا) عمل ڪريون، بيشڪ پاڻ کي ڇيئو لاتائون ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو.
Verse 54
إِنَّ رَبَّكُمُ ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ فِى سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ ٱسْتَوَىٰ عَلَى ٱلْعَرْشِ يُغْشِى ٱلَّيْلَ ٱلنَّهَارَ يَطْلُبُهُۥ حَثِيثًا وَٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ وَٱلنُّجُومَ مُسَخَّرَٰتٍۭ بِأَمْرِهِۦٓ ۗ أَلَا لَهُ ٱلْخَلْقُ وَٱلْأَمْرُ ۗ تَبَارَكَ ٱللَّهُ رَبُّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration inna rabbakumu l-lahu alladhī khalaqa l-samāwāti wal-arḍa fī sittati ayyāmin thumma is'tawā ʿalā l-ʿarshi yugh'shī al-layla l-nahāra yaṭlubuhu ḥathīthan wal-shamsa wal-qamara wal-nujūma musakharātin bi-amrihi alā lahu l-khalqu wal-amru tabāraka l-lahu rabbu l-ʿālamīna
Sindhi اوھان جو پالڻھار اھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏي متوجه ٿيو، رات کي ڏينھن سان ڍڪيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا سندس حُڪم سان نوايل آھن، خبردار پيدا ڪرڻ ۽ حُڪم ڪرڻ اُن جو (ڪم) آھي، جھانن جو پالڻھار وڏي برڪت وارو آھي.
Verse 55
ٱدْعُوا۟ رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً ۚ إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلْمُعْتَدِينَ
Transliteration id'ʿū rabbakum taḍarruʿan wakhuf'yatan innahu lā yuḥibbu l-muʿ'tadīna
Sindhi پنھنجي پالڻھار کي زاري ڪندڙ ۽ ڳجھا ٿي سڏيو، ڇوته اُھو حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
Verse 56
وَلَا تُفْسِدُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ بَعْدَ إِصْلَـٰحِهَا وَٱدْعُوهُ خَوْفًا وَطَمَعًا ۚ إِنَّ رَحْمَتَ ٱللَّهِ قَرِيبٌ مِّنَ ٱلْمُحْسِنِينَ
Transliteration walā tuf'sidū fī l-arḍi baʿda iṣ'lāḥihā wa-id'ʿūhu khawfan waṭamaʿan inna raḥmata l-lahi qarībun mina l-muḥ'sinīna
Sindhi ۽ اوھين مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نه وجھو ۽ اُن (الله) کي (کانئس) ڊڄي ۽ طمع رکي سڏيو، بيشڪ الله جي ٻاجھ ڀلارن کي ويجھي آھي.
Verse 57
وَهُوَ ٱلَّذِى يُرْسِلُ ٱلرِّيَـٰحَ بُشْرًۢا بَيْنَ يَدَىْ رَحْمَتِهِۦ ۖ حَتَّىٰٓ إِذَآ أَقَلَّتْ سَحَابًا ثِقَالًا سُقْنَـٰهُ لِبَلَدٍ مَّيِّتٍ فَأَنزَلْنَا بِهِ ٱلْمَآءَ فَأَخْرَجْنَا بِهِۦ مِن كُلِّ ٱلثَّمَرَٰتِ ۚ كَذَٰلِكَ نُخْرِجُ ٱلْمَوْتَىٰ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
Transliteration wahuwa alladhī yur'silu l-riyāḥa bush'ran bayna yaday raḥmatihi ḥattā idhā aqallat saḥāban thiqālan suq'nāhu libaladin mayyitin fa-anzalnā bihi l-māa fa-akhrajnā bihi min kulli l-thamarāti kadhālika nukh'riju l-mawtā laʿallakum tadhakkarūna
Sindhi ۽ اُھو (الله) آھي جو ھوائن کي پنھنجي رحمت (واريءَ برسات) جي اڳيان خوشخبري ڏيندڙ ڪري گھلائيندو آھي، ايتري قدر جو جنھن مھل (اُھي) ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون ته انھن کي ڪنھن غير آباد ٿيل ڏيہ ڏانھن روانو ڪريون ٿا پوءِ انھن (ڪڪرن) مان پاڻي وسايون ٿا پوءِ اُن سان ھر جنس جا ميوا ڄمايون ٿا، اھڙي طرح اسين مُئن کي (قبرن مان) ٻاھر ڪڍنداسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.
Verse 58
وَٱلْبَلَدُ ٱلطَّيِّبُ يَخْرُجُ نَبَاتُهُۥ بِإِذْنِ رَبِّهِۦ ۖ وَٱلَّذِى خَبُثَ لَا يَخْرُجُ إِلَّا نَكِدًا ۚ كَذَٰلِكَ نُصَرِّفُ ٱلْـَٔايَـٰتِ لِقَوْمٍ يَشْكُرُونَ
Transliteration wal-baladu l-ṭayibu yakhruju nabātuhu bi-idh'ni rabbihi wa-alladhī khabutha lā yakhruju illā nakidan kadhālika nuṣarrifu l-āyāti liqawmin yashkurūna
Sindhi ۽ (جا) سٺي زمين (آھي تنھن) جا سَلا سندس پالڻھار جي حُڪم سان ڄمندا آھن، ۽ جيڪا اَدنىٰ آھي (تنھن جا سَلَا) خراب سَلَن کان سواءِ ٻيا نه ڄمندا آھن، اھڙي طرح جيڪا قوم شُڪرانو ڪندڙ آھي تنھن لاءِ نشانيون طرحين طرحين بيان ڪندا آھيون.
Verse 59
لَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِۦ فَقَالَ يَـٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَـٰهٍ غَيْرُهُۥٓ إِنِّىٓ أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
Transliteration laqad arsalnā nūḥan ilā qawmihi faqāla yāqawmi uʿ'budū l-laha mā lakum min ilāhin ghayruhu innī akhāfu ʿalaykum ʿadhāba yawmin ʿaẓīmin
Sindhi بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو اوھان جو خدا نه آھي، آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.
Verse 60
قَالَ ٱلْمَلَأُ مِن قَوْمِهِۦٓ إِنَّا لَنَرَىٰكَ فِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ
Transliteration qāla l-mala-u min qawmihi innā lanarāka fī ḍalālin mubīnin
Sindhi سندس قوم جي سردارن چيو ته اسين توکي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ڏسون ٿا.
Verse 61
قَالَ يَـٰقَوْمِ لَيْسَ بِى ضَلَـٰلَةٌ وَلَـٰكِنِّى رَسُولٌ مِّن رَّبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration qāla yāqawmi laysa bī ḍalālatun walākinnī rasūlun min rabbi l-ʿālamīna
Sindhi چيائين ته اي منھنجي قوم مون کي ڪا گمراھي ڪانه آھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان.
Verse 62
أُبَلِّغُكُمْ رِسَـٰلَـٰتِ رَبِّى وَأَنصَحُ لَكُمْ وَأَعْلَمُ مِنَ ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
Transliteration uballighukum risālāti rabbī wa-anṣaḥu lakum wa-aʿlamu mina l-lahi mā lā taʿlamūna
Sindhi اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچائيندو آھيان ۽ اوھان کي نصيحت ڪندو آھيان ۽ الله (جي پار) کان اُھو ڄاڻندو آھيان جيڪي اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
Verse 63
أَوَعَجِبْتُمْ أَن جَآءَكُمْ ذِكْرٌ مِّن رَّبِّكُمْ عَلَىٰ رَجُلٍ مِّنكُمْ لِيُنذِرَكُمْ وَلِتَتَّقُوا۟ وَلَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
Transliteration awaʿajib'tum an jāakum dhik'run min rabbikum ʿalā rajulin minkum liyundhirakum walitattaqū walaʿallakum tur'ḥamūna
Sindhi اوھان کي (ھن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا ته اوھان جي پالڻھار کان ھڪ سمجھاڻي اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان اوھان وٽ ھِن لاءِ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري ۽ تان ته اوھين پرھيزگار ٿيو ۽ ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.
Verse 64
فَكَذَّبُوهُ فَأَنجَيْنَـٰهُ وَٱلَّذِينَ مَعَهُۥ فِى ٱلْفُلْكِ وَأَغْرَقْنَا ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَآ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَوْمًا عَمِينَ
Transliteration fakadhabūhu fa-anjaynāhu wa-alladhīna maʿahu fī l-ful'ki wa-aghraqnā alladhīna kadhabū biāyātinā innahum kānū qawman ʿamīna
Sindhi پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھُيا تن کي ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون ۽ اسان جي آيتن کي جن ڪُوڙ ڄاتو تن کي ٻوڙيوسون، ڇوته اُھا انڌي قوم ھُئي.
Verse 65
۞ وَإِلَىٰ عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا ۗ قَالَ يَـٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَـٰهٍ غَيْرُهُۥٓ ۚ أَفَلَا تَتَّقُونَ
Transliteration wa-ilā ʿādin akhāhum hūdan qāla yāqawmi uʿ'budū l-laha mā lakum min ilāhin ghayruhu afalā tattaqūna
Sindhi ۽ عاد (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ ھود (پيغمبر ڪري موڪليوسون) چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو ٻيو اوھان جو خُدا نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
Verse 66
قَالَ ٱلْمَلَأُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦٓ إِنَّا لَنَرَىٰكَ فِى سَفَاهَةٍ وَإِنَّا لَنَظُنُّكَ مِنَ ٱلْكَـٰذِبِينَ
Transliteration qāla l-mala-u alladhīna kafarū min qawmihi innā lanarāka fī safāhatin wa-innā lanaẓunnuka mina l-kādhibīna
Sindhi سندس قوم مان ڪافرن سردارن چيو ته اسين بلاشڪ توکي بي سمجھيءَ ۾ ڏسندا آھيون ۽ اسين بلاشڪ توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.
Verse 67
قَالَ يَـٰقَوْمِ لَيْسَ بِى سَفَاهَةٌ وَلَـٰكِنِّى رَسُولٌ مِّن رَّبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration qāla yāqawmi laysa bī safāhatun walākinnī rasūlun min rabbi l-ʿālamīna
Sindhi چيائين ته اي منھنجي قوم مونکي ڪابه بي سمجھي ڪونھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان.
Verse 68
أُبَلِّغُكُمْ رِسَـٰلَـٰتِ رَبِّى وَأَنَا۠ لَكُمْ نَاصِحٌ أَمِينٌ
Transliteration uballighukum risālāti rabbī wa-anā lakum nāṣiḥun amīnun
Sindhi اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايان آءٌ اوھان لاءِ امين نصيحت ڪندڙ آھيان.
Verse 69
أَوَعَجِبْتُمْ أَن جَآءَكُمْ ذِكْرٌ مِّن رَّبِّكُمْ عَلَىٰ رَجُلٍ مِّنكُمْ لِيُنذِرَكُمْ ۚ وَٱذْكُرُوٓا۟ إِذْ جَعَلَكُمْ خُلَفَآءَ مِنۢ بَعْدِ قَوْمِ نُوحٍ وَزَادَكُمْ فِى ٱلْخَلْقِ بَصْۜطَةً ۖ فَٱذْكُرُوٓا۟ ءَالَآءَ ٱللَّهِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ
Transliteration awaʿajib'tum an jāakum dhik'run min rabbikum ʿalā rajulin minkum liyundhirakum wa-udh'kurū idh jaʿalakum khulafāa min baʿdi qawmi nūḥin wazādakum fī l-khalqi baṣ'ṭatan fa-udh'kurū ālāa l-lahi laʿallakum tuf'liḥūna
Sindhi (ھِن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا جو اوھان جي پالڻھار کان اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان سمجھاڻي ھن لاءِ اوھان وٽ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري؟ ۽ (اوھين اُھو وقت به) ياد ڪريو جڏھن اوھان کي نُوح جي قوم کان پوءِ (سندن) پيڙھي تي وھاريائين ۽ اوھان جي جُسن ۾ سگھ وڌايائين، تنھنڪري الله جون نعمتون ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇٽو.
Verse 70
قَالُوٓا۟ أَجِئْتَنَا لِنَعْبُدَ ٱللَّهَ وَحْدَهُۥ وَنَذَرَ مَا كَانَ يَعْبُدُ ءَابَآؤُنَا ۖ فَأْتِنَا بِمَا تَعِدُنَآ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّـٰدِقِينَ
Transliteration qālū aji'tanā linaʿbuda l-laha waḥdahu wanadhara mā kāna yaʿbudu ābāunā fatinā bimā taʿidunā in kunta mina l-ṣādiqīna
Sindhi چيائون ته (تون) ھن لاءِ اسان وٽ آيو آھين ڇا؟ ته رڳو ھڪ الله جي عبادت ڪريون ۽ اسانجا ابا ڏاڏا جن کي پوڄيندا ھئا تن کي ڇڏي ڏيون؟ جيڪڏھن تون سچو آھين ته جنھن (عذاب) کان اسانکي ڊيڄارين ٿو سو آڻ.
Verse 71
قَالَ قَدْ وَقَعَ عَلَيْكُم مِّن رَّبِّكُمْ رِجْسٌ وَغَضَبٌ ۖ أَتُجَـٰدِلُونَنِى فِىٓ أَسْمَآءٍ سَمَّيْتُمُوهَآ أَنتُمْ وَءَابَآؤُكُم مَّا نَزَّلَ ٱللَّهُ بِهَا مِن سُلْطَـٰنٍ ۚ فَٱنتَظِرُوٓا۟ إِنِّى مَعَكُم مِّنَ ٱلْمُنتَظِرِينَ
Transliteration qāla qad waqaʿa ʿalaykum min rabbikum rij'sun waghaḍabun atujādilūnanī fī asmāin sammaytumūhā antum waābāukum mā nazzala l-lahu bihā min sul'ṭānin fa-intaẓirū innī maʿakum mina l-muntaẓirīna
Sindhi چيائين ته بيشڪ اوھان تي اوھان جي پالڻھار وٽان عذاب ۾ ڏمر لازم ٿي چڪو آھي، اوھين مون ساڻ رڳو (انھن) نالن ۾ ڇو جھيڙو ڪندا آھيو جن تي اوھان ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن ڇڙو نالو رکيو آھي جن جي مڃڻ بابت الله ڪو دليل نه لاٿو آھي؟ پوءِ انتظار ڪريو بيشڪ آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.
Verse 72
فَأَنجَيْنَـٰهُ وَٱلَّذِينَ مَعَهُۥ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَقَطَعْنَا دَابِرَ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا ۖ وَمَا كَانُوا۟ مُؤْمِنِينَ
Transliteration fa-anjaynāhu wa-alladhīna maʿahu biraḥmatin minnā waqaṭaʿnā dābira alladhīna kadhabū biāyātinā wamā kānū mu'minīna
Sindhi پوءِ ان کي ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون ۽ اُھي مؤمن نه هُئا.
Verse 73
وَإِلَىٰ ثَمُودَ أَخَاهُمْ صَـٰلِحًا ۗ قَالَ يَـٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَـٰهٍ غَيْرُهُۥ ۖ قَدْ جَآءَتْكُم بَيِّنَةٌ مِّن رَّبِّكُمْ ۖ هَـٰذِهِۦ نَاقَةُ ٱللَّهِ لَكُمْ ءَايَةً ۖ فَذَرُوهَا تَأْكُلْ فِىٓ أَرْضِ ٱللَّهِ ۖ وَلَا تَمَسُّوهَا بِسُوٓءٍ فَيَأْخُذَكُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Transliteration wa-ilā thamūda akhāhum ṣāliḥan qāla yāqawmi uʿ'budū l-laha mā lakum min ilāhin ghayruhu qad jāatkum bayyinatun min rabbikum hādhihi nāqatu l-lahi lakum āyatan fadharūhā takul fī arḍi l-lahi walā tamassūhā bisūin fayakhudhakum ʿadhābun alīmun
Sindhi ۽ ثمودين ڏانھن سندن ڀاءُ صالِح (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کانسواءِ ٻيو ڪو خُدا نه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ مُعجزو آيو آھي، ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني آھي تنھنڪري اُنھيءَ کي ڇڏي ڏيو (ته) الله جي زمين ۾ چَرندي رھي ۽ اُن کي ڪو ايذاءُ نه پُھچائجو نه ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب وٺندو.
Verse 74
وَٱذْكُرُوٓا۟ إِذْ جَعَلَكُمْ خُلَفَآءَ مِنۢ بَعْدِ عَادٍ وَبَوَّأَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ تَتَّخِذُونَ مِن سُهُولِهَا قُصُورًا وَتَنْحِتُونَ ٱلْجِبَالَ بُيُوتًا ۖ فَٱذْكُرُوٓا۟ ءَالَآءَ ٱللَّهِ وَلَا تَعْثَوْا۟ فِى ٱلْأَرْضِ مُفْسِدِينَ
Transliteration wa-udh'kurū idh jaʿalakum khulafāa min baʿdi ʿādin wabawwa-akum fī l-arḍi tattakhidhūna min suhūlihā quṣūran watanḥitūna l-jibāla buyūtan fa-udh'kurū ālāa l-lahi walā taʿthaw fī l-arḍi muf'sidīna
Sindhi ۽ جڏھن اوھان کي عادين کانپوءِ پيڙھيءَ تي وھاريائين (سو احسان به) ياد ڪريو ۽ اوھان کي مُلڪ ۾ جاءِ ڏنائين (۽) اُن جي پٽن مان ماڙيون بڻائيندا آھيو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪي گھر بڻائيندا آھيو، تنھنڪري الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ (اوھين) مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجھو.
Verse 75
قَالَ ٱلْمَلَأُ ٱلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦ لِلَّذِينَ ٱسْتُضْعِفُوا۟ لِمَنْ ءَامَنَ مِنْهُمْ أَتَعْلَمُونَ أَنَّ صَـٰلِحًا مُّرْسَلٌ مِّن رَّبِّهِۦ ۚ قَالُوٓا۟ إِنَّا بِمَآ أُرْسِلَ بِهِۦ مُؤْمِنُونَ
Transliteration qāla l-mala-u alladhīna is'takbarū min qawmihi lilladhīna us'tuḍ'ʿifū liman āmana min'hum ataʿlamūna anna ṣāliḥan mur'salun min rabbihi qālū innā bimā ur'sila bihi mu'minūna
Sindhi سندس قوم مان وڏائي ڪندڙ سردارن انھن کي چيو جن منجھائن ھيڻن (ماڻھن) ايمان آندو ھو ته اوھين ڄاڻندا آھيو ڇا ته صالِح پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان موڪليل آھي، اُنھن چيو ته جنھن (شريعت) سان اُنکي موڪليو ويو آھي تنھن تي اسين ايمان آڻيندڙ آھيون.
Verse 76
قَالَ ٱلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوٓا۟ إِنَّا بِٱلَّذِىٓ ءَامَنتُم بِهِۦ كَـٰفِرُونَ
Transliteration qāla alladhīna is'takbarū innā bi-alladhī āmantum bihi kāfirūna
Sindhi وڏائي ڪندڙن چيو ته جنھن تي اوھان ايمان آندو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون.
Verse 77
فَعَقَرُوا۟ ٱلنَّاقَةَ وَعَتَوْا۟ عَنْ أَمْرِ رَبِّهِمْ وَقَالُوا۟ يَـٰصَـٰلِحُ ٱئْتِنَا بِمَا تَعِدُنَآ إِن كُنتَ مِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
Transliteration faʿaqarū l-nāqata waʿataw ʿan amri rabbihim waqālū yāṣāliḥu i'tinā bimā taʿidunā in kunta mina l-mur'salīna
Sindhi پوءِ ڏاچيءَ جون کُچون ڪپي ڇڏيائون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان بي فرمان ٿيا ۽ (چٿر ڪري) چيائون ته اي صالِح جيڪڏھن پيغمبرن مان آھين ته جنھن (عذاب) جو اسان سان انجام ڪيو اٿيئي سو اسان تي آڻ.
Verse 78
فَأَخَذَتْهُمُ ٱلرَّجْفَةُ فَأَصْبَحُوا۟ فِى دَارِهِمْ جَـٰثِمِينَ
Transliteration fa-akhadhathumu l-rajfatu fa-aṣbaḥū fī dārihim jāthimīna
Sindhi پوءِ زلزلي (جي عذاب) ورتن پوءِ جنھن گھرن ۾ گوڏن ڀر ڪرڻ وارا ٿيا.
Verse 79
فَتَوَلَّىٰ عَنْهُمْ وَقَالَ يَـٰقَوْمِ لَقَدْ أَبْلَغْتُكُمْ رِسَالَةَ رَبِّى وَنَصَحْتُ لَكُمْ وَلَـٰكِن لَّا تُحِبُّونَ ٱلنَّـٰصِحِينَ
Transliteration fatawallā ʿanhum waqāla yāqawmi laqad ablaghtukum risālata rabbī wanaṣaḥtu lakum walākin lā tuḥibbūna l-nāṣiḥīna
Sindhi پوءِ (صالِح) کانئن مُنھن موڙيو ۽ چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايم ۽ اوھان کي نصيحت ڪيم پر اوھين نصيحت ڪندڙن کي دوست نه رکندا آھيو.
Verse 80
وَلُوطًا إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِۦٓ أَتَأْتُونَ ٱلْفَـٰحِشَةَ مَا سَبَقَكُم بِهَا مِنْ أَحَدٍ مِّنَ ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration walūṭan idh qāla liqawmihi atatūna l-fāḥishata mā sabaqakum bihā min aḥadin mina l-ʿālamīna
Sindhi ۽ لُوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين اھڙي بي حيائي ڇو ڪندا آھيو جا اوھان کان اڳ ساري جھان (جي ماڻھن) مان ڪنھن ھڪ به نه ڪئي آھي؟
Verse 81
إِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ ٱلرِّجَالَ شَهْوَةً مِّن دُونِ ٱلنِّسَآءِ ۚ بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُونَ
Transliteration innakum latatūna l-rijāla shahwatan min dūni l-nisāi bal antum qawmun mus'rifūna
Sindhi جو اوھين زالن کي ڇڏي مڙسن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.
Verse 82
وَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِۦٓ إِلَّآ أَن قَالُوٓا۟ أَخْرِجُوهُم مِّن قَرْيَتِكُمْ ۖ إِنَّهُمْ أُنَاسٌ يَتَطَهَّرُونَ
Transliteration wamā kāna jawāba qawmihi illā an qālū akhrijūhum min qaryatikum innahum unāsun yataṭahharūna
Sindhi ۽ سندس قوم جي ورندي ھن کانسواءِ نه ھُئي ته اُنھن کي (لُوط سميت) پنھنجن ڳوٺن مان لوڌي ڇڏيو، ڇوته اُھي ماڻھو پاڪ بڻبا آھن.
Verse 83
فَأَنجَيْنَـٰهُ وَأَهْلَهُۥٓ إِلَّا ٱمْرَأَتَهُۥ كَانَتْ مِنَ ٱلْغَـٰبِرِينَ
Transliteration fa-anjaynāhu wa-ahlahu illā im'ra-atahu kānat mina l-ghābirīna
Sindhi پوءِ اسان لُوط کي ۽ سندس گھر وارن کي سندس زال کانسواءِ بچايوسون (اُھا) رھيلن مان ھُئي.
Verse 84
وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِم مَّطَرًا ۖ فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلْمُجْرِمِينَ
Transliteration wa-amṭarnā ʿalayhim maṭaran fa-unẓur kayfa kāna ʿāqibatu l-muj'rimīna
Sindhi ۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ (اي پيغمبر) ڏس ته ڏوھارين جي پڇاڙي ڪھڙي (خراب) ٿي.
Verse 85
وَإِلَىٰ مَدْيَنَ أَخَاهُمْ شُعَيْبًا ۗ قَالَ يَـٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَـٰهٍ غَيْرُهُۥ ۖ قَدْ جَآءَتْكُم بَيِّنَةٌ مِّن رَّبِّكُمْ ۖ فَأَوْفُوا۟ ٱلْكَيْلَ وَٱلْمِيزَانَ وَلَا تَبْخَسُوا۟ ٱلنَّاسَ أَشْيَآءَهُمْ وَلَا تُفْسِدُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ بَعْدَ إِصْلَـٰحِهَا ۚ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
Transliteration wa-ilā madyana akhāhum shuʿayban qāla yāqawmi uʿ'budū l-laha mā lakum min ilāhin ghayruhu qad jāatkum bayyinatun min rabbikum fa-awfū l-kayla wal-mīzāna walā tabkhasū l-nāsa ashyāahum walā tuf'sidū fī l-arḍi baʿda iṣ'lāḥihā dhālikum khayrun lakum in kuntum mu'minīna
Sindhi ۽ مَدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو خُدا ڪونه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽيون) نشانيون آيون آھن تنھنڪري ماڻ ۽ تور پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سنديون شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ اُن جي سُڌاري کان پوءِ فساد نه وجھو، جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.
Verse 86
وَلَا تَقْعُدُوا۟ بِكُلِّ صِرَٰطٍ تُوعِدُونَ وَتَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ مَنْ ءَامَنَ بِهِۦ وَتَبْغُونَهَا عِوَجًا ۚ وَٱذْكُرُوٓا۟ إِذْ كُنتُمْ قَلِيلًا فَكَثَّرَكُمْ ۖ وَٱنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلْمُفْسِدِينَ
Transliteration walā taqʿudū bikulli ṣirāṭin tūʿidūna wataṣuddūna ʿan sabīli l-lahi man āmana bihi watabghūnahā ʿiwajan wa-udh'kurū idh kuntum qalīlan fakatharakum wa-unẓurū kayfa kāna ʿāqibatu l-muf'sidīna
Sindhi ۽ سڀ ڪنھن رستي تي ھن لاءِ نه وھو ته جيڪو الله کي کي مڃي تنھن کي ڌمڪايو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھرو، ۽ ياد ڪريو جڏھن اوھين ٿورڙا ھيؤ تڏھن اوھان کي وڌايائين، ۽ ڏسو ته فساد وجھندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي (بڇڙي) ٿي.
Verse 87
وَإِن كَانَ طَآئِفَةٌ مِّنكُمْ ءَامَنُوا۟ بِٱلَّذِىٓ أُرْسِلْتُ بِهِۦ وَطَآئِفَةٌ لَّمْ يُؤْمِنُوا۟ فَٱصْبِرُوا۟ حَتَّىٰ يَحْكُمَ ٱللَّهُ بَيْنَنَا ۚ وَهُوَ خَيْرُ ٱلْحَـٰكِمِينَ
Transliteration wa-in kāna ṭāifatun minkum āmanū bi-alladhī ur'sil'tu bihi waṭāifatun lam yu'minū fa-iṣ'birū ḥattā yaḥkuma l-lahu baynanā wahuwa khayru l-ḥākimīna
Sindhi ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ انھن کي مڃيو آھي جنھن سان موڪليو ويو آھيان ۽ ٻي ٽوليءَ نه مڃيو آھي ته (اوھان کي جڳائي ته ايستائين) صبر ڪريو جيسين اسان جي وچ ۾ الله حُڪم ڪري، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڪندڙ آھي.
Verse 88
۞ قَالَ ٱلْمَلَأُ ٱلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦ لَنُخْرِجَنَّكَ يَـٰشُعَيْبُ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَكَ مِن قَرْيَتِنَآ أَوْ لَتَعُودُنَّ فِى مِلَّتِنَا ۚ قَالَ أَوَلَوْ كُنَّا كَـٰرِهِينَ
Transliteration qāla l-mala-u alladhīna is'takbarū min qawmihi lanukh'rijannaka yāshuʿaybu wa-alladhīna āmanū maʿaka min qaryatinā aw lataʿūdunna fī millatinā qāla awalaw kunnā kārihīna
Sindhi سندس قوم مان ھٺيلن سردارن چيو ته اي شعيب توکي ۽ جن توکي مڃيو آُھي تن کي پنھنجي شھر مان ضرور لوڌيندا سون يا ته اوھين اسان جي پر ۾ موٽي اچو، (شعيب) چيو ته جيتوڻيڪ اسان اوھانجي دين کي بُڇان ڀائيندڙ آھيون (ته به موٽنداسون ڇا؟)
Verse 89
قَدِ ٱفْتَرَيْنَا عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا إِنْ عُدْنَا فِى مِلَّتِكُم بَعْدَ إِذْ نَجَّىٰنَا ٱللَّهُ مِنْهَا ۚ وَمَا يَكُونُ لَنَآ أَن نَّعُودَ فِيهَآ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ رَبُّنَا ۚ وَسِعَ رَبُّنَا كُلَّ شَىْءٍ عِلْمًا ۚ عَلَى ٱللَّهِ تَوَكَّلْنَا ۚ رَبَّنَا ٱفْتَحْ بَيْنَنَا وَبَيْنَ قَوْمِنَا بِٱلْحَقِّ وَأَنتَ خَيْرُ ٱلْفَـٰتِحِينَ
Transliteration qadi if'taraynā ʿalā l-lahi kadhiban in ʿud'nā fī millatikum baʿda idh najjānā l-lahu min'hā wamā yakūnu lanā an naʿūda fīhā illā an yashāa l-lahu rabbunā wasiʿa rabbunā kulla shayin ʿil'man ʿalā l-lahi tawakkalnā rabbanā if'taḥ baynanā wabayna qawminā bil-ḥaqi wa-anta khayru l-fātiḥīna
Sindhi جيڪڏھن اسين اوھان جي پر ۾ اُنھيءَ کانپوءِ جو الله اسان کي کانئس ڇڏايو موٽي اچون ته بيشڪ الله تي ڪُوڙ چيوسون، ۽ اسان جي پالڻھار الله جي گھُر کان سواءِ اسان کي منجھس موٽڻ نه جڳائيندو آھي، اسان جي پالڻھار جي علم سڀني شيئن کي سمايو آھي، اسين الله تي ڀروسو ڪريون ٿا، اي اسانجا پالڻھار اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ تون چڱو فيصلو ڪندڙ آھين.
Verse 90
وَقَالَ ٱلْمَلَأُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦ لَئِنِ ٱتَّبَعْتُمْ شُعَيْبًا إِنَّكُمْ إِذًا لَّخَـٰسِرُونَ
Transliteration waqāla l-mala-u alladhīna kafarū min qawmihi la-ini ittabaʿtum shuʿayban innakum idhan lakhāsirūna
Sindhi ۽ سندس قوم مان ڪافرن جي ٽوليءَ (پنھنجي يارن کي) چيو ته جيڪڏھن اوھين شعيب جي تابعداري ڪندؤ ته اوھين اُتي جو اُتي ڇيئي وارا ٿيندؤ.
Verse 91
فَأَخَذَتْهُمُ ٱلرَّجْفَةُ فَأَصْبَحُوا۟ فِى دَارِهِمْ جَـٰثِمِينَ
Transliteration fa-akhadhathumu l-rajfatu fa-aṣbaḥū fī dārihim jāthimīna
Sindhi پوءِ اُنھن کي زلزلي (جي عذاب) ورتو پوءِ پنھنجي جاين ۾ گوڏن ڀر ڪري مري ويا.
Verse 92
ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ شُعَيْبًا كَأَن لَّمْ يَغْنَوْا۟ فِيهَا ۚ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ شُعَيْبًا كَانُوا۟ هُمُ ٱلْخَـٰسِرِينَ
Transliteration alladhīna kadhabū shuʿayban ka-an lam yaghnaw fīhā alladhīna kadhabū shuʿayban kānū humu l-khāsirīna
Sindhi جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي ڄڻڪ اُنھن (ڳوٺن) ۾ رھيا ئي نه ھوا، جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي ڇيئي وارا ھوا.
Verse 93
فَتَوَلَّىٰ عَنْهُمْ وَقَالَ يَـٰقَوْمِ لَقَدْ أَبْلَغْتُكُمْ رِسَـٰلَـٰتِ رَبِّى وَنَصَحْتُ لَكُمْ ۖ فَكَيْفَ ءَاسَىٰ عَلَىٰ قَوْمٍ كَـٰفِرِينَ
Transliteration fatawallā ʿanhum waqāla yāqawmi laqad ablaghtukum risālāti rabbī wanaṣaḥtu lakum fakayfa āsā ʿalā qawmin kāfirīna
Sindhi پوءِ کائن مُنھن موڙيائين ۽ چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جا پيغام پھچايا اٿم ۽ اوھانجي خيرخواھي ڪيم، تنھنڪري (ھاڻي) ڪافر قوم تي ڇالاءِ ڏک ڪريان.
Verse 94
وَمَآ أَرْسَلْنَا فِى قَرْيَةٍ مِّن نَّبِىٍّ إِلَّآ أَخَذْنَآ أَهْلَهَا بِٱلْبَأْسَآءِ وَٱلضَّرَّآءِ لَعَلَّهُمْ يَضَّرَّعُونَ
Transliteration wamā arsalnā fī qaryatin min nabiyyin illā akhadhnā ahlahā bil-basāi wal-ḍarāi laʿallahum yaḍḍarraʿūna
Sindhi ۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ پيغمبرن مان ڪوبه نه موڪليوسون پر اُتي جي رھاڪن کي (پيغمبرن جي نافرماني سبب) سختي ۽ مصيبت ۾ پڪڙيندا رھياسون ته مانَ اُھي عاجزي ڪن.
Verse 95
ثُمَّ بَدَّلْنَا مَكَانَ ٱلسَّيِّئَةِ ٱلْحَسَنَةَ حَتَّىٰ عَفَوا۟ وَّقَالُوا۟ قَدْ مَسَّ ءَابَآءَنَا ٱلضَّرَّآءُ وَٱلسَّرَّآءُ فَأَخَذْنَـٰهُم بَغْتَةً وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
Transliteration thumma baddalnā makāna l-sayi-ati l-ḥasanata ḥattā ʿafaw waqālū qad massa ābāanā l-ḍarāu wal-sarāu fa-akhadhnāhum baghtatan wahum lā yashʿurūna
Sindhi وري (ايستائين) ڏک جي بجاءِ سُک مٽائي ڏنوسون جيستائين آسودا ٿيا ۽ چيائون ته بيشڪ اسان جن ابن ڏاڏن کي (ايئن) ڏک سُک پھتو ھو پوءِ اوچتو ئي اُنھن کي سندن بيخبريءَ جي حالت ۾ پڪڙيوسون.
Verse 96
وَلَوْ أَنَّ أَهْلَ ٱلْقُرَىٰٓ ءَامَنُوا۟ وَٱتَّقَوْا۟ لَفَتَحْنَا عَلَيْهِم بَرَكَـٰتٍ مِّنَ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ وَلَـٰكِن كَذَّبُوا۟ فَأَخَذْنَـٰهُم بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
Transliteration walaw anna ahla l-qurā āmanū wa-ittaqaw lafataḥnā ʿalayhim barakātin mina l-samāi wal-arḍi walākin kadhabū fa-akhadhnāhum bimā kānū yaksibūna
Sindhi ۽ جيڪڏھن اُنھن ڳوٺن وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگار بڻجن ھا ته مٿن آسمانن ۽ زمين کان برڪتون ضرور کوليون ھا پر ڪوڙ ڀانيائون تنھنڪري انھن جيڪي ڪيو تنھن سببان کين پڪڙيوسون.
Verse 97
أَفَأَمِنَ أَهْلُ ٱلْقُرَىٰٓ أَن يَأْتِيَهُم بَأْسُنَا بَيَـٰتًا وَهُمْ نَآئِمُونَ
Transliteration afa-amina ahlu l-qurā an yatiyahum basunā bayātan wahum nāimūna
Sindhi ڳوٺن وارا جنھن حال ۾ سمھيل ھجن تنھن مھل راتوواہ پاڻ تي اسانجي عذاب پھچڻ کان ڇو بي پرواہ ٿيا آھن؟
Verse 98
أَوَأَمِنَ أَهْلُ ٱلْقُرَىٰٓ أَن يَأْتِيَهُم بَأْسُنَا ضُحًى وَهُمْ يَلْعَبُونَ
Transliteration awa-amina ahlu l-qurā an yatiyahum basunā ḍuḥan wahum yalʿabūna
Sindhi يا ڳوٺن وارا ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو اسان جو عذاب ڏينھن چڙھي مھل وٽن اچي ۽ اُھي راند ۾ مشغول ھجن؟
Verse 99
أَفَأَمِنُوا۟ مَكْرَ ٱللَّهِ ۚ فَلَا يَأْمَنُ مَكْرَ ٱللَّهِ إِلَّا ٱلْقَوْمُ ٱلْخَـٰسِرُونَ
Transliteration afa-aminū makra l-lahi falā yamanu makra l-lahi illā l-qawmu l-khāsirūna
Sindhi الله جي رٿ کان ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو ڇيئي واريءَ قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو الله جي رٿ کان بي ڀئو نه ٿيندو آھي.
Verse 100
أَوَلَمْ يَهْدِ لِلَّذِينَ يَرِثُونَ ٱلْأَرْضَ مِنۢ بَعْدِ أَهْلِهَآ أَن لَّوْ نَشَآءُ أَصَبْنَـٰهُم بِذُنُوبِهِمْ ۚ وَنَطْبَعُ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ
Transliteration awalam yahdi lilladhīna yarithūna l-arḍa min baʿdi ahlihā an law nashāu aṣabnāhum bidhunūbihim wanaṭbaʿu ʿalā qulūbihim fahum lā yasmaʿūna
Sindhi جيڪي مُلڪ جي رھندڙن کانپوءِ وارث ٿين ٿا تن کي پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته جيڪڏھن گھرون ھا ته کين سندن گناھن سببان سزا ڏيون ھا، ۽ سندين دلين تي مُھر ھئين ان کان جنھنڪري اُھي نٿا ٻُڌن.
Verse 101
تِلْكَ ٱلْقُرَىٰ نَقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنۢبَآئِهَا ۚ وَلَقَدْ جَآءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَـٰتِ فَمَا كَانُوا۟ لِيُؤْمِنُوا۟ بِمَا كَذَّبُوا۟ مِن قَبْلُ ۚ كَذَٰلِكَ يَطْبَعُ ٱللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِ ٱلْكَـٰفِرِينَ
Transliteration til'ka l-qurā naquṣṣu ʿalayka min anbāihā walaqad jāathum rusuluhum bil-bayināti famā kānū liyu'minū bimā kadhabū min qablu kadhālika yaṭbaʿu l-lahu ʿalā qulūbi l-kāfirīna
Sindhi (اي پيغمبر) اُھي ڳوٺ آھن جن جون خبرون توکي بيان ڪريون ٿا، ۽ بيشڪ وٽن سندن پيغمبر پڌرن معجزن سان آيا، پوءِ اُنھيءَ سببان جو اڳي ڪُوڙ ڀانيائون اُھي ڪڏھن به نه مڃيندا ھئا، اھڙي طرح الله ڪافرن جي دلين تي مُھر ھڻندو آھي.
Verse 102
وَمَا وَجَدْنَا لِأَكْثَرِهِم مِّنْ عَهْدٍ ۖ وَإِن وَجَدْنَآ أَكْثَرَهُمْ لَفَـٰسِقِينَ
Transliteration wamā wajadnā li-aktharihim min ʿahdin wa-in wajadnā aktharahum lafāsiqīna
Sindhi ۽ منجھائن گھڻن کي انجام پاڙيندڙ نه ڏٺوسون، ۽ منجھائن گھڻن کي بي دين ڏٺوسون.
Verse 103
ثُمَّ بَعَثْنَا مِنۢ بَعْدِهِم مُّوسَىٰ بِـَٔايَـٰتِنَآ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَإِي۟هِۦ فَظَلَمُوا۟ بِهَا ۖ فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلْمُفْسِدِينَ
Transliteration thumma baʿathnā min baʿdihim mūsā biāyātinā ilā fir'ʿawna wamala-ihi faẓalamū bihā fa-unẓur kayfa kāna ʿāqibatu l-muf'sidīna
Sindhi وري کائن پوءِ مُوسىٰ کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پنھنجن مُعجزن سان پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ اُنھن (نه مڃڻ سببان) آيتن تي ظلم ڪيو، (اي پيغمبر) ڏس ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.
Verse 104
وَقَالَ مُوسَىٰ يَـٰفِرْعَوْنُ إِنِّى رَسُولٌ مِّن رَّبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration waqāla mūsā yāfir'ʿawnu innī rasūlun min rabbi l-ʿālamīna
Sindhi ۽ موسىٰ (فرعون کي) چيو ته اي فرعون آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان.
Verse 105
حَقِيقٌ عَلَىٰٓ أَن لَّآ أَقُولَ عَلَى ٱللَّهِ إِلَّا ٱلْحَقَّ ۚ قَدْ جِئْتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّكُمْ فَأَرْسِلْ مَعِىَ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ
Transliteration ḥaqīqun ʿalā an lā aqūla ʿalā l-lahi illā l-ḥaqa qad ji'tukum bibayyinatin min rabbikum fa-arsil maʿiya banī is'rāīla
Sindhi ھن (ڳالھ) تي قائم آھيان ته الله تي سچ کانسواءِ ڪي ڪين چوان، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان چٽي مُعجزي سان آيو آھيان تنھنڪري بني اسرائيلن کي مون سان (ھلڻ جي) موڪل ڏي.
Verse 106
قَالَ إِن كُنتَ جِئْتَ بِـَٔايَةٍ فَأْتِ بِهَآ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّـٰدِقِينَ
Transliteration qāla in kunta ji'ta biāyatin fati bihā in kunta mina l-ṣādiqīna
Sindhi (فرعون) چيو ته جيڪڏھن ڪو معجزو آندو اٿئي ته جيڪڏھن سچن مان آھين ته اُھو آڻ.
Verse 107
فَأَلْقَىٰ عَصَاهُ فَإِذَا هِىَ ثُعْبَانٌ مُّبِينٌ
Transliteration fa-alqā ʿaṣāhu fa-idhā hiya thuʿ'bānun mubīnun
Sindhi پوءِ پنھنجي لٺ اُڇليائين ته اُڇلڻ سان ئي اُھو پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پيئي.
Verse 108
وَنَزَعَ يَدَهُۥ فَإِذَا هِىَ بَيْضَآءُ لِلنَّـٰظِرِينَ
Transliteration wanazaʿa yadahu fa-idhā hiya bayḍāu lilnnāẓirīna
Sindhi ۽ پنھنجو ھٿ ٻاھر ڪڍيائين ته اُھو ڪڍڻ سان ئي ڏسندڙن لاءِ روشن ٿيو.
Verse 109
قَالَ ٱلْمَلَأُ مِن قَوْمِ فِرْعَوْنَ إِنَّ هَـٰذَا لَسَـٰحِرٌ عَلِيمٌ
Transliteration qāla l-mala-u min qawmi fir'ʿawna inna hādhā lasāḥirun ʿalīmun
Sindhi فرعون جي قوم مان سردار ماڻھو چوڻ لڳا ته ھيءُ پڪو داناءُ جادوگر آھي.
Verse 110
يُرِيدُ أَن يُخْرِجَكُم مِّنْ أَرْضِكُمْ ۖ فَمَاذَا تَأْمُرُونَ
Transliteration yurīdu an yukh'rijakum min arḍikum famādhā tamurūna
Sindhi اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏڻ گھري ٿو، تنھنڪري اوھين ڇا ٿا صلاح ڏيو؟
Verse 111
قَالُوٓا۟ أَرْجِهْ وَأَخَاهُ وَأَرْسِلْ فِى ٱلْمَدَآئِنِ حَـٰشِرِينَ
Transliteration qālū arjih wa-akhāhu wa-arsil fī l-madāini ḥāshirīna
Sindhi (فرعون کي) چيائون ته کيس ۽ ڀاڻس کي ترساءِ ۽ ڪوٺيندڙ شھرن ڏانھن موڪل.
Verse 112
يَأْتُوكَ بِكُلِّ سَـٰحِرٍ عَلِيمٍ
Transliteration yatūka bikulli sāḥirin ʿalīmin
Sindhi ته تو وٽ سڀئي داناء جادوگر آڻين.
Verse 113
وَجَآءَ ٱلسَّحَرَةُ فِرْعَوْنَ قَالُوٓا۟ إِنَّ لَنَا لَأَجْرًا إِن كُنَّا نَحْنُ ٱلْغَـٰلِبِينَ
Transliteration wajāa l-saḥaratu fir'ʿawna qālū inna lanā la-ajran in kunnā naḥnu l-ghālibīna
Sindhi ۽ فرعون وٽ جادوگر آيا چوڻ لڳا ته جيڪڏھن اسين غالب ٿيون ته اسان لاءِ ضرور (ڪو) انعام (ھئڻ) گھرجي.
Verse 114
قَالَ نَعَمْ وَإِنَّكُمْ لَمِنَ ٱلْمُقَرَّبِينَ
Transliteration qāla naʿam wa-innakum lamina l-muqarabīna
Sindhi فرعون چيو ته ھائو (انعام به ڏبو) ۽ بيشڪ مرتبي وارن مان (به) ٿيندؤ.
Verse 115
قَالُوا۟ يَـٰمُوسَىٰٓ إِمَّآ أَن تُلْقِىَ وَإِمَّآ أَن نَّكُونَ نَحْنُ ٱلْمُلْقِينَ
Transliteration qālū yāmūsā immā an tul'qiya wa-immā an nakūna naḥnu l-mul'qīna
Sindhi چيائون ته اي موسىٰ توکي (جادوءَ جي شيء) اڇلڻ گھرجي يا (پھرين) اسين اڇليندڙ ٿيون.
Verse 116
قَالَ أَلْقُوا۟ ۖ فَلَمَّآ أَلْقَوْا۟ سَحَرُوٓا۟ أَعْيُنَ ٱلنَّاسِ وَٱسْتَرْهَبُوهُمْ وَجَآءُو بِسِحْرٍ عَظِيمٍ
Transliteration qāla alqū falammā alqaw saḥarū aʿyuna l-nāsi wa-is'tarhabūhum wajāū bisiḥ'rin ʿaẓīmin
Sindhi (موسى) چيو ته (اوھين) اُڇليو، پوءِ جنھن مھل اُڇليائون (ته) ماڻھن جون اکيون جادوءَ سان بند ڪيائون ۽ انھن کي ڊيڄاريائون ۽ وڏا جادو آندائون.
Verse 117
۞ وَأَوْحَيْنَآ إِلَىٰ مُوسَىٰٓ أَنْ أَلْقِ عَصَاكَ ۖ فَإِذَا هِىَ تَلْقَفُ مَا يَأْفِكُونَ
Transliteration wa-awḥaynā ilā mūsā an alqi ʿaṣāka fa-idhā hiya talqafu mā yafikūna
Sindhi ۽ مُوسىٰ ڏانھن وحي موڪليوسون ته پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جيڪو جادو ڪيائون تنھنکي اُھا اُنھيءَ مھل ئي ڳھندا وئي.
Verse 118
فَوَقَعَ ٱلْحَقُّ وَبَطَلَ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Transliteration fawaqaʿa l-ḥaqu wabaṭala mā kānū yaʿmalūna
Sindhi پوءِ سچ پڌرو ٿيو ۽ جيڪي ڪندا رھيا سو ڪوڙو ٿيو.
Verse 119
فَغُلِبُوا۟ هُنَالِكَ وَٱنقَلَبُوا۟ صَـٰغِرِينَ
Transliteration faghulibū hunālika wa-inqalabū ṣāghirīna
Sindhi پوءِ (فرعون وارا) اُن ھنڌ مغلوب ٿيا ۽ خوار ٿي موٽيا.
Verse 120
وَأُلْقِىَ ٱلسَّحَرَةُ سَـٰجِدِينَ
Transliteration wa-ul'qiya l-saḥaratu sājidīna
Sindhi ۽ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا.
Verse 121
قَالُوٓا۟ ءَامَنَّا بِرَبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration qālū āmannā birabbi l-ʿālamīna
Sindhi چيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون.
Verse 122
رَبِّ مُوسَىٰ وَهَـٰرُونَ
Transliteration rabbi mūsā wahārūna
Sindhi (جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار (آھي).
Verse 123
قَالَ فِرْعَوْنُ ءَامَنتُم بِهِۦ قَبْلَ أَنْ ءَاذَنَ لَكُمْ ۖ إِنَّ هَـٰذَا لَمَكْرٌ مَّكَرْتُمُوهُ فِى ٱلْمَدِينَةِ لِتُخْرِجُوا۟ مِنْهَآ أَهْلَهَا ۖ فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ
Transliteration qāla fir'ʿawnu āmantum bihi qabla an ādhana lakum inna hādhā lamakrun makartumūhu fī l-madīnati litukh'rijū min'hā ahlahā fasawfa taʿlamūna
Sindhi فرعون چيو ته اوھان منھنجي موڪل کان اڳي ئي اُن تي ايمان ڇو آندو آھي؟ ھيء (اوھان جو) فريب آھي (جو پاڻ ۾ گڏجي) ھن ڪري (ھن) شھر ۾ ڪيو اٿو ته سندس رھاڪن کي منجھانئس ڪڍي ڇڏيو، پوءِ سگھو کي ڄاڻندو.
Verse 124
لَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُم مِّنْ خِلَـٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُمْ أَجْمَعِينَ
Transliteration la-uqaṭṭiʿanna aydiyakum wa-arjulakum min khilāfin thumma la-uṣallibannakum ajmaʿīna
Sindhi اوھان جا ھٿ ءِ اوھان جا پير اُبتڙ سبتڙ ضرور وڍيندس وري اوھان مڙني کي ضرور سوريءَ چاڙھيندس.
Verse 125
قَالُوٓا۟ إِنَّآ إِلَىٰ رَبِّنَا مُنقَلِبُونَ
Transliteration qālū innā ilā rabbinā munqalibūna
Sindhi چيائون ته بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏانھن ضرور موٽندڙ آھيون.
Verse 126
وَمَا تَنقِمُ مِنَّآ إِلَّآ أَنْ ءَامَنَّا بِـَٔايَـٰتِ رَبِّنَا لَمَّا جَآءَتْنَا ۚ رَبَّنَآ أَفْرِغْ عَلَيْنَا صَبْرًا وَتَوَفَّنَا مُسْلِمِينَ
Transliteration wamā tanqimu minnā illā an āmannā biāyāti rabbinā lammā jāatnā rabbanā afrigh ʿalaynā ṣabran watawaffanā mus'limīna
Sindhi ۽ تون رڳو ھن ڪري اسان سان وير ٿو رکين ته اسان جي پالڻھار جا حُڪم جڏھن اسان وٽ آيا (تڏھن) اسان مڃيا آھن، اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار.
Verse 127
وَقَالَ ٱلْمَلَأُ مِن قَوْمِ فِرْعَوْنَ أَتَذَرُ مُوسَىٰ وَقَوْمَهُۥ لِيُفْسِدُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ وَيَذَرَكَ وَءَالِهَتَكَ ۚ قَالَ سَنُقَتِّلُ أَبْنَآءَهُمْ وَنَسْتَحْىِۦ نِسَآءَهُمْ وَإِنَّا فَوْقَهُمْ قَـٰهِرُونَ
Transliteration waqāla l-mala-u min qawmi fir'ʿawna atadharu mūsā waqawmahu liyuf'sidū fī l-arḍi wayadharaka waālihataka qāla sanuqattilu abnāahum wanastaḥyī nisāahum wa-innā fawqahum qāhirūna
Sindhi ۽ فرعون جي قوم جي سردارن (کيس) چيو ته موسىٰ ۽ سندس قوم کي ھن لاءِ ڇڏي ڏئين ٿو ڇا؟ ته مُلڪ ۾ فساد وجھن ۽ توکي ۽ تنھنجي معبودن (جي عبادت) کي ڇڏي ڏين؟ چيائين ته سندن پٽ سگھوئي ڪھنداسون ۽ سندين ڌيئرون ڇڏي ڏينداسون، ۽ اسين سندن مٿان بيشڪ زور وارا آھيون.
Verse 128
قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ ٱسْتَعِينُوا۟ بِٱللَّهِ وَٱصْبِرُوٓا۟ ۖ إِنَّ ٱلْأَرْضَ لِلَّهِ يُورِثُهَا مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ ۖ وَٱلْعَـٰقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ
Transliteration qāla mūsā liqawmihi is'taʿīnū bil-lahi wa-iṣ'birū inna l-arḍa lillahi yūrithuhā man yashāu min ʿibādihi wal-ʿāqibatu lil'muttaqīna
Sindhi مُوسىٰ پنھنجي قوم کي (دلگير ڏسي) چيو ته الله کان مدد گھرو ۽ صبر ڪريو، ڇوته ساري زمين الله جي آھي، پنھنجي ٻانھن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي اُن جو وارث بڻائيندو آھي، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.
Verse 129
قَالُوٓا۟ أُوذِينَا مِن قَبْلِ أَن تَأْتِيَنَا وَمِنۢ بَعْدِ مَا جِئْتَنَا ۚ قَالَ عَسَىٰ رَبُّكُمْ أَن يُهْلِكَ عَدُوَّكُمْ وَيَسْتَخْلِفَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ فَيَنظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُونَ
Transliteration qālū ūdhīnā min qabli an tatiyanā wamin baʿdi mā ji'tanā qāla ʿasā rabbukum an yuh'lika ʿaduwwakum wayastakhlifakum fī l-arḍi fayanẓura kayfa taʿmalūna
Sindhi چيائون ته اسين تنھنجي اچڻ کان اڳ (به) ۽ تنھنجي اچڻ کان پوءِ (به) ايذايا ويا آھيون، (مُوسى) چين ته اُميد آھي ته اوھانجو پالڻھار اوھان جي دشمن کي ناس ڪري ڇڏيندو ۽ مُلڪ ۾ اوھان کي پيڙھيءَ تي وھاريندو پوءِ ڏسندؤ ته (اوھين) ڪھڙي طرح عمل ٿا ڪريو.
Verse 130
وَلَقَدْ أَخَذْنَآ ءَالَ فِرْعَوْنَ بِٱلسِّنِينَ وَنَقْصٍ مِّنَ ٱلثَّمَرَٰتِ لَعَلَّهُمْ يَذَّكَّرُونَ
Transliteration walaqad akhadhnā āla fir'ʿawna bil-sinīna wanaqṣin mina l-thamarāti laʿallahum yadhakkarūna
Sindhi ۽ بيشڪ فرعون جي قوم کي ڏڪار ۽ ميون جي گھٽتائيءَ ۾ گرفتار ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.
Verse 131
فَإِذَا جَآءَتْهُمُ ٱلْحَسَنَةُ قَالُوا۟ لَنَا هَـٰذِهِۦ ۖ وَإِن تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌ يَطَّيَّرُوا۟ بِمُوسَىٰ وَمَن مَّعَهُۥٓ ۗ أَلَآ إِنَّمَا طَـٰٓئِرُهُمْ عِندَ ٱللَّهِ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
Transliteration fa-idhā jāathumu l-ḥasanatu qālū lanā hādhihi wa-in tuṣib'hum sayyi-atun yaṭṭayyarū bimūsā waman maʿahu alā innamā ṭāiruhum ʿinda l-lahi walākinna aktharahum lā yaʿlamūna
Sindhi پوءِ جڏھن اُنھن کي سُک پھتو ٿي ته چيائون ٿي ته ھيء اسان جو (لائق) آھي، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڪو ڏک پھچندو ھو ته موسىٰ ۽ سندس سنگت کي نڀاڳو ڀائيندا ھوا، خبردار الله وٽ سندين ئي نڀاڳائي آھي پر منجھائن گھڻا نه ٿا ڄاڻن.
Verse 132
وَقَالُوا۟ مَهْمَا تَأْتِنَا بِهِۦ مِنْ ءَايَةٍ لِّتَسْحَرَنَا بِهَا فَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ
Transliteration waqālū mahmā tatinā bihi min āyatin litasḥaranā bihā famā naḥnu laka bimu'minīna
Sindhi ۽ چيائون ته (اي موسى) جڏھن ڪڏھن ڪابه نشاني اسان وٽ ھن لاءِ آڻيندين ته اُن سان اسان تي جادو ڪرين ته اسين توکي مڃڻ وارا نه آھيون.
Verse 133
فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمُ ٱلطُّوفَانَ وَٱلْجَرَادَ وَٱلْقُمَّلَ وَٱلضَّفَادِعَ وَٱلدَّمَ ءَايَـٰتٍ مُّفَصَّلَـٰتٍ فَٱسْتَكْبَرُوا۟ وَكَانُوا۟ قَوْمًا مُّجْرِمِينَ
Transliteration fa-arsalnā ʿalayhimu l-ṭūfāna wal-jarāda wal-qumala wal-ḍafādiʿa wal-dama āyātin mufaṣṣalātin fa-is'takbarū wakānū qawman muj'rimīna
Sindhi پوءِ مٿن طوفان ۽ ماڪڙ ۽ جونء ۽ ڏيڏر ۽ رت کليل مُعجزا موڪلياسون، پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ (اُھا) ڏوھاري قوم ھئي.
Verse 134
وَلَمَّا وَقَعَ عَلَيْهِمُ ٱلرِّجْزُ قَالُوا۟ يَـٰمُوسَى ٱدْعُ لَنَا رَبَّكَ بِمَا عَهِدَ عِندَكَ ۖ لَئِن كَشَفْتَ عَنَّا ٱلرِّجْزَ لَنُؤْمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرْسِلَنَّ مَعَكَ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ
Transliteration walammā waqaʿa ʿalayhimu l-rij'zu qālū yāmūsā ud'ʿu lanā rabbaka bimā ʿahida ʿindaka la-in kashafta ʿannā l-rij'za lanu'minanna laka walanur'silanna maʿaka banī is'rāīla
Sindhi ۽ جڏھن مٿن سزا پھتي ته (تڏھن) چيائون ٿي ته اي موسىٰ پنھنجي پالڻھار کان انھيءَ وعدي سان جو توسان ڪيو اٿس اسان لاءِ دُعا گھُر، ته جيڪڏھن اسان تان عذاب لاٿئي ته توتي ضرور ايمان آڻينداسون ۽ بني اسرائيلن کي (به) ضرور توسان ھلڻ جي موڪل ڏينداسون.
Verse 135
فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُمُ ٱلرِّجْزَ إِلَىٰٓ أَجَلٍ هُم بَـٰلِغُوهُ إِذَا هُمْ يَنكُثُونَ
Transliteration falammā kashafnā ʿanhumu l-rij'za ilā ajalin hum bālighūhu idhā hum yankuthūna
Sindhi پوءِ جنھن مھل عذاب جيڪو کين ٺھرايل مدت توڻي پھچڻو ھو سو کانئن لاٿوسون ٿي (ته) اُتي جو اُتي انھن اَنجام ڀڳو ٿي.
Verse 136
فَٱنتَقَمْنَا مِنْهُمْ فَأَغْرَقْنَـٰهُمْ فِى ٱلْيَمِّ بِأَنَّهُمْ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا وَكَانُوا۟ عَنْهَا غَـٰفِلِينَ
Transliteration fa-intaqamnā min'hum fa-aghraqnāhum fī l-yami bi-annahum kadhabū biāyātinā wakānū ʿanhā ghāfilīna
Sindhi پوءِ اسان کانئن پورو وير ورتو جو انھن کي سمنڊ ۾ انھيءَ ڪري ٻوڙيوسون جو اُنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو ۽ اُن کان بي خبر ھوا.
Verse 137
وَأَوْرَثْنَا ٱلْقَوْمَ ٱلَّذِينَ كَانُوا۟ يُسْتَضْعَفُونَ مَشَـٰرِقَ ٱلْأَرْضِ وَمَغَـٰرِبَهَا ٱلَّتِى بَـٰرَكْنَا فِيهَا ۖ وَتَمَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ ٱلْحُسْنَىٰ عَلَىٰ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ بِمَا صَبَرُوا۟ ۖ وَدَمَّرْنَا مَا كَانَ يَصْنَعُ فِرْعَوْنُ وَقَوْمُهُۥ وَمَا كَانُوا۟ يَعْرِشُونَ
Transliteration wa-awrathnā l-qawma alladhīna kānū yus'taḍʿafūna mashāriqa l-arḍi wamaghāribahā allatī bāraknā fīhā watammat kalimatu rabbika l-ḥus'nā ʿalā banī is'rāīla bimā ṣabarū wadammarnā mā kāna yaṣnaʿu fir'ʿawnu waqawmuhu wamā kānū yaʿrishūna
Sindhi ۽ اُھا قوم جيڪا ھيڻي ڀانئبي ھئي تنھن کي اُنھيءَ اوڀر ۽ اولھ جي زمين (يعني شام ۽ مِصر) جو وارث ڪيوسون جنھن ۾ برڪت رکي ھئي سون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو بني اسرائيلن سان چڱو انجام انھي سببان پورو ٿيو جو صَبر ڪيائون، ۽ فرعون ۽ سندس قوم جيڪي بڻايو ۽ جيڪا (اڏاوت) بلند ڪئي ھوائون سا (سڀ) ناس ڪري ڇڏي سون.
Verse 138
وَجَـٰوَزْنَا بِبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ ٱلْبَحْرَ فَأَتَوْا۟ عَلَىٰ قَوْمٍ يَعْكُفُونَ عَلَىٰٓ أَصْنَامٍ لَّهُمْ ۚ قَالُوا۟ يَـٰمُوسَى ٱجْعَل لَّنَآ إِلَـٰهًا كَمَا لَهُمْ ءَالِهَةٌ ۚ قَالَ إِنَّكُمْ قَوْمٌ تَجْهَلُونَ
Transliteration wajāwaznā bibanī is'rāīla l-baḥra fa-ataw ʿalā qawmin yaʿkufūna ʿalā aṣnāmin lahum qālū yāmūsā ij'ʿal lanā ilāhan kamā lahum ālihatun qāla innakum qawmun tajhalūna
Sindhi ۽ بني اسرائيل کي سمنڊ کان پار لنگھايوسون پوءِ اُھي ھڪڙي اھڙي قوم تي پُھتا جو پنھنجي بتن جا مجاور ھوا، (موسى) کي چيائون ته اي موسىٰ اسان لاءِ (به) ھڪڙو اھڙو خُدا بڻاءِ جھڙا ھنن لاءِ خُدا آھن، (موسى) چيو ته بيشڪ اوھين جاھل قوم آھيو.
Verse 139
إِنَّ هَـٰٓؤُلَآءِ مُتَبَّرٌ مَّا هُمْ فِيهِ وَبَـٰطِلٌ مَّا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Transliteration inna hāulāi mutabbarun mā hum fīhi wabāṭilun mā kānū yaʿmalūna
Sindhi ھيء ماڻھو پاڻ جنھن (مذھب) ۾ پيل آھن سو رد آھي ۽ جيڪي ڪندا رھندا آھن سو غلط آھي.
Verse 140
قَالَ أَغَيْرَ ٱللَّهِ أَبْغِيكُمْ إِلَـٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُمْ عَلَى ٱلْعَـٰلَمِينَ
Transliteration qāla aghayra l-lahi abghīkum ilāhan wahuwa faḍḍalakum ʿalā l-ʿālamīna
Sindhi مُوسىٰ چيو ته الله کانسواءِ اوھان لاءِ ٻيو معبود ڇو گھران؟ جنھن اوھان کي جھانن جي ماڻھن کان ڀلو ڪيو آھي.
Verse 141
وَإِذْ أَنجَيْنَـٰكُم مِّنْ ءَالِ فِرْعَوْنَ يَسُومُونَكُمْ سُوٓءَ ٱلْعَذَابِ ۖ يُقَتِّلُونَ أَبْنَآءَكُمْ وَيَسْتَحْيُونَ نِسَآءَكُمْ ۚ وَفِى ذَٰلِكُم بَلَآءٌ مِّن رَّبِّكُمْ عَظِيمٌ
Transliteration wa-idh anjaynākum min āli fir'ʿawna yasūmūnakum sūa l-ʿadhābi yuqattilūna abnāakum wayastaḥyūna nisāakum wafī dhālikum balāon min rabbikum ʿaẓīmun
Sindhi ۽ (ياد ڪر) جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسين جن اوھان کي بڇڙو عذاب چکايو ٿي، جو اوھان جا پٽ ڪُھندا ھوا ۽ اوھان جو ڌيئر جيئريون ڇڏيندا ھوا، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي.
Verse 142
۞ وَوَٰعَدْنَا مُوسَىٰ ثَلَـٰثِينَ لَيْلَةً وَأَتْمَمْنَـٰهَا بِعَشْرٍ فَتَمَّ مِيقَـٰتُ رَبِّهِۦٓ أَرْبَعِينَ لَيْلَةً ۚ وَقَالَ مُوسَىٰ لِأَخِيهِ هَـٰرُونَ ٱخْلُفْنِى فِى قَوْمِى وَأَصْلِحْ وَلَا تَتَّبِعْ سَبِيلَ ٱلْمُفْسِدِينَ
Transliteration wawāʿadnā mūsā thalāthīna laylatan wa-atmamnāhā biʿashrin fatamma mīqātu rabbihi arbaʿīna laylatan waqāla mūsā li-akhīhi hārūna ukh'luf'nī fī qawmī wa-aṣliḥ walā tattabiʿ sabīla l-muf'sidīna
Sindhi ۽ مُوسىٰ کي ٽيھن راتين جو انجام ڏنوسون ۽ انھي کي (ٻـين) ڏھن سان پورو ڪيوسون پوءِ سندس پالڻھار جو انجام چاليھن راتين جو پورو ٿيو، ۽ مُوسىٰ پنھنجي ڀاءُ ھارون کي چيو ته منھنجي قوم ۽ منھنجي پوئتان خليفو ٿي ۽ سڌارو ڪج ۽ فسادين جي واٽ تي نه ھلج.
Verse 143
وَلَمَّا جَآءَ مُوسَىٰ لِمِيقَـٰتِنَا وَكَلَّمَهُۥ رَبُّهُۥ قَالَ رَبِّ أَرِنِىٓ أَنظُرْ إِلَيْكَ ۚ قَالَ لَن تَرَىٰنِى وَلَـٰكِنِ ٱنظُرْ إِلَى ٱلْجَبَلِ فَإِنِ ٱسْتَقَرَّ مَكَانَهُۥ فَسَوْفَ تَرَىٰنِى ۚ فَلَمَّا تَجَلَّىٰ رَبُّهُۥ لِلْجَبَلِ جَعَلَهُۥ دَكًّا وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا ۚ فَلَمَّآ أَفَاقَ قَالَ سُبْحَـٰنَكَ تُبْتُ إِلَيْكَ وَأَنَا۠ أَوَّلُ ٱلْمُؤْمِنِينَ
Transliteration walammā jāa mūsā limīqātinā wakallamahu rabbuhu qāla rabbi arinī anẓur ilayka qāla lan tarānī walākini unẓur ilā l-jabali fa-ini is'taqarra makānahu fasawfa tarānī falammā tajallā rabbuhu lil'jabali jaʿalahu dakkan wakharra mūsā ṣaʿiqan falammā afāqa qāla sub'ḥānaka tub'tu ilayka wa-anā awwalu l-mu'minīna
Sindhi ۽ جنھن مھل مُوسىٰ اسان جي انجام واري ھنڌ آيو ۽ سندس پالڻھار ساڻس ڳالھايو (تنھن مھل) چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مونکي پاڻ ڏيکار ته آءٌ توکي ڏسان، (الله) چيو ته مونکي ڪڏھن نه ڏسي سگھندين پر جبل ڏانھن نھار پوءِ جيڪڏھن پنھنجي جاءِ ٽڪاءُ ڪيو ته تون مونکي ڏسي سگھندين، پوءِ جنھن مھل سندس پالڻھار جبل ڏانھن تجلّو ڪيو (ته) اُن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسىٰ بيھوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جنھن مھل ھوش ۾ آيو (ته) چوڻ لڳو ته توکي پاڪائي جڳائي تنھنجي درگاہ ۾ توبه ڪيم ۽ آءٌ (سڀ کان) پھريون مؤمن آھيان.
Verse 144
قَالَ يَـٰمُوسَىٰٓ إِنِّى ٱصْطَفَيْتُكَ عَلَى ٱلنَّاسِ بِرِسَـٰلَـٰتِى وَبِكَلَـٰمِى فَخُذْ مَآ ءَاتَيْتُكَ وَكُن مِّنَ ٱلشَّـٰكِرِينَ
Transliteration qāla yāmūsā innī iṣ'ṭafaytuka ʿalā l-nāsi birisālātī wabikalāmī fakhudh mā ātaytuka wakun mina l-shākirīna
Sindhi (الله) فرمايو ته اي موسىٰ مون توکي پنھنجي پيغمبريءَ ۽ پنھنجي ڳالھائڻ سان ماڻھن کان ڀلارو ڪيو آھي، جيڪو (توريت) توکي ڏنو اٿم سو وٺ ۽ شڪر ڪندڙن مان ھُج.
Verse 145
وَكَتَبْنَا لَهُۥ فِى ٱلْأَلْوَاحِ مِن كُلِّ شَىْءٍ مَّوْعِظَةً وَتَفْصِيلًا لِّكُلِّ شَىْءٍ فَخُذْهَا بِقُوَّةٍ وَأْمُرْ قَوْمَكَ يَأْخُذُوا۟ بِأَحْسَنِهَا ۚ سَأُو۟رِيكُمْ دَارَ ٱلْفَـٰسِقِينَ
Transliteration wakatabnā lahu fī l-alwāḥi min kulli shayin mawʿiẓatan watafṣīlan likulli shayin fakhudh'hā biquwwatin wamur qawmaka yakhudhū bi-aḥsanihā sa-urīkum dāra l-fāsiqīna
Sindhi ۽ اُن (مُوسى) لاءِ سڀڪنھن شيء جي نصيحت واسطي ۽ سڀڪنھن شيء جي ڌار ڌار بيان واسطي (توريت) تختن ۾ لکي ڏنوسون، (۽ چيو ويس ته) اُن کي پختائيءَ سان وٺ ۽ پنھنجي قوم کي حڪم ڪر ته اُن جون چڱيون ڳالھيون (عمل ۾) وٺندا رھن، اوھان کي بدڪارن جي جاءِ سگھو ڏيکاريندس.
Verse 146
سَأَصْرِفُ عَنْ ءَايَـٰتِىَ ٱلَّذِينَ يَتَكَبَّرُونَ فِى ٱلْأَرْضِ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ وَإِن يَرَوْا۟ كُلَّ ءَايَةٍ لَّا يُؤْمِنُوا۟ بِهَا وَإِن يَرَوْا۟ سَبِيلَ ٱلرُّشْدِ لَا يَتَّخِذُوهُ سَبِيلًا وَإِن يَرَوْا۟ سَبِيلَ ٱلْغَىِّ يَتَّخِذُوهُ سَبِيلًا ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا وَكَانُوا۟ عَنْهَا غَـٰفِلِينَ
Transliteration sa-aṣrifu ʿan āyātiya alladhīna yatakabbarūna fī l-arḍi bighayri l-ḥaqi wa-in yaraw kulla āyatin lā yu'minū bihā wa-in yaraw sabīla l-rush'di lā yattakhidhūhu sabīlan wa-in yaraw sabīla l-ghayi yattakhidhūhu sabīlan dhālika bi-annahum kadhabū biāyātinā wakānū ʿanhā ghāfilīna
Sindhi جيڪي زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا رھندا آھن تن کي سگھو پنھنجي آيتن (جي سمجھ) کان جھليندس، ۽ جيڪڏھن سڀ نشانيون ڏسندا ته (به) انھن تي ايمان نه آڻيندا، ۽ جيڪڏھن ھدايت جي واٽ ڏسندا ته ان کي واٽ نه بڻائيندا، ۽ جيڪڏھن گمراھي جي واٽ ڏسندا ته ان کي واٽ بڻائيندا، اِھو ھن سببان آھي جو اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ انھن کان غافل رھيا ھوا.
Verse 147
وَٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا وَلِقَآءِ ٱلْـَٔاخِرَةِ حَبِطَتْ أَعْمَـٰلُهُمْ ۚ هَلْ يُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Transliteration wa-alladhīna kadhabū biāyātinā waliqāi l-ākhirati ḥabiṭat aʿmāluhum hal yuj'zawna illā mā kānū yaʿmalūna
Sindhi ۽ جن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو تن جا اَعمال ناس ٿيا، جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو نه ڏبن.
Verse 148
وَٱتَّخَذَ قَوْمُ مُوسَىٰ مِنۢ بَعْدِهِۦ مِنْ حُلِيِّهِمْ عِجْلًا جَسَدًا لَّهُۥ خُوَارٌ ۚ أَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّهُۥ لَا يُكَلِّمُهُمْ وَلَا يَهْدِيهِمْ سَبِيلًا ۘ ٱتَّخَذُوهُ وَكَانُوا۟ ظَـٰلِمِينَ
Transliteration wa-ittakhadha qawmu mūsā min baʿdihi min ḥuliyyihim ʿij'lan jasadan lahu khuwārun alam yaraw annahu lā yukallimuhum walā yahdīhim sabīlan ittakhadhūhu wakānū ẓālimīna
Sindhi ۽ مُوسىٰ جي قوم کانئس پوءِ انھن (قبطين) جي زيورن مان گابي جو بوتو اھڙو ٺاھي ورتو جنھن کي رنڀ ھئي، نه ٿي ڏٺائون ڇا ته اُھو ساڻن نه ڳالھائيندو ھو ۽ نڪي انھن کي واٽ ڏيکاريندو ھو؟ اُن کي (خدا ڪري) ورتائون ۽ ظالم ھوا.
Verse 149
وَلَمَّا سُقِطَ فِىٓ أَيْدِيهِمْ وَرَأَوْا۟ أَنَّهُمْ قَدْ ضَلُّوا۟ قَالُوا۟ لَئِن لَّمْ يَرْحَمْنَا رَبُّنَا وَيَغْفِرْ لَنَا لَنَكُونَنَّ مِنَ ٱلْخَـٰسِرِينَ
Transliteration walammā suqiṭa fī aydīhim wara-aw annahum qad ḍallū qālū la-in lam yarḥamnā rabbunā wayaghfir lanā lanakūnanna mina l-khāsirīna
Sindhi ۽ جڏھن پشيمان ٿيا ۽ سمجھيائون ته اُھي پڪ گمراہ ٿيا (ته) چيائون ته جيڪڏھن اسان جو پالڻھار اسان تي ٻاجھ نه ڪندو ۽ اسان کي نه بخشيندو ته ضرور ڇيئي وارن مان ٿينداسون.
Verse 150
وَلَمَّا رَجَعَ مُوسَىٰٓ إِلَىٰ قَوْمِهِۦ غَضْبَـٰنَ أَسِفًا قَالَ بِئْسَمَا خَلَفْتُمُونِى مِنۢ بَعْدِىٓ ۖ أَعَجِلْتُمْ أَمْرَ رَبِّكُمْ ۖ وَأَلْقَى ٱلْأَلْوَاحَ وَأَخَذَ بِرَأْسِ أَخِيهِ يَجُرُّهُۥٓ إِلَيْهِ ۚ قَالَ ٱبْنَ أُمَّ إِنَّ ٱلْقَوْمَ ٱسْتَضْعَفُونِى وَكَادُوا۟ يَقْتُلُونَنِى فَلَا تُشْمِتْ بِىَ ٱلْأَعْدَآءَ وَلَا تَجْعَلْنِى مَعَ ٱلْقَوْمِ ٱلظَّـٰلِمِينَ
Transliteration walammā rajaʿa mūsā ilā qawmihi ghaḍbāna asifan qāla bi'samā khalaftumūnī min baʿdī aʿajil'tum amra rabbikum wa-alqā l-alwāḥa wa-akhadha birasi akhīhi yajurruhu ilayhi qāla ib'na umma inna l-qawma is'taḍʿafūnī wakādū yaqtulūnanī falā tush'mit biya l-aʿdāa walā tajʿalnī maʿa l-qawmi l-ẓālimīna
Sindhi ۽ جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڏمريل افسوس ڪندڙ ٿي موٽيو (تڏھن) چيائين ته جيڪي منھنجي پرپٺ مون کانپوءِ ڪيو سو بڇڙو آھي، پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان (اڳ) ڇو تڪڙ ڪيوَ؟ ۽ ڦرھيون اُڇليائين ۽ پنھنجي ڀاءُ جي مٿي (جي وارن) کان وٺي کيس پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳو، (ھارون) چيو ته اي مُنھنجا ڀاءُ بيشڪ (ھن) قوم مون کي ھيڻو ڀانيو ۽ مُنھنجي مارڻ تي سنبريا، تنھنڪري مون تي دشمن نه کلاءِ ۽ نڪي مون کي ظالم قوم سان گڏ.
Verse 151
قَالَ رَبِّ ٱغْفِرْ لِى وَلِأَخِى وَأَدْخِلْنَا فِى رَحْمَتِكَ ۖ وَأَنتَ أَرْحَمُ ٱلرَّٰحِمِينَ
Transliteration qāla rabbi igh'fir lī wali-akhī wa-adkhil'nā fī raḥmatika wa-anta arḥamu l-rāḥimīna
Sindhi (موسى) چيو اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ مُنھنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪر، ۽ تون (سڀني) ٻاجھ وارن کان ٻاجھ وارو آھين.
Verse 152
إِنَّ ٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ ٱلْعِجْلَ سَيَنَالُهُمْ غَضَبٌ مِّن رَّبِّهِمْ وَذِلَّةٌ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُفْتَرِينَ
Transliteration inna alladhīna ittakhadhū l-ʿij'la sayanāluhum ghaḍabun min rabbihim wadhillatun fī l-ḥayati l-dun'yā wakadhālika najzī l-muf'tarīna
Sindhi جن گابي کي (خُدا ڪري) ورتو تن کي سندن پالڻھار وٽان ڏمر ۽ دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواري سگھو پھچندي، ۽ اھڙيءَ طرح ٺاھ ٺاھيندڙن کي سزا ڏيندا آھيون.
Verse 153
وَٱلَّذِينَ عَمِلُوا۟ ٱلسَّيِّـَٔاتِ ثُمَّ تَابُوا۟ مِنۢ بَعْدِهَا وَءَامَنُوٓا۟ إِنَّ رَبَّكَ مِنۢ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
Transliteration wa-alladhīna ʿamilū l-sayiāti thumma tābū min baʿdihā waāmanū inna rabbaka min baʿdihā laghafūrun raḥīmun
Sindhi ۽ (اي پيغمبر) جن بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کان پوءِ توبه ڪيائون ۽ ايمان آندائون، (تن کي) تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کان پوءِ بخشڻھار مھربان آھي.
Verse 154
وَلَمَّا سَكَتَ عَن مُّوسَى ٱلْغَضَبُ أَخَذَ ٱلْأَلْوَاحَ ۖ وَفِى نُسْخَتِهَا هُدًى وَرَحْمَةٌ لِّلَّذِينَ هُمْ لِرَبِّهِمْ يَرْهَبُونَ
Transliteration walammā sakata ʿan mūsā l-ghaḍabu akhadha l-alwāḥa wafī nus'khatihā hudan waraḥmatun lilladhīna hum lirabbihim yarhabūna
Sindhi ۽ جڏھن مُوسىٰ کان ڏمر لٿو تڏھن (توريت جون) ڦرھيون ورتائين، ان جي لکيي ۾ اُنھن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ ھُئي جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن.
Verse 155
وَٱخْتَارَ مُوسَىٰ قَوْمَهُۥ سَبْعِينَ رَجُلًا لِّمِيقَـٰتِنَا ۖ فَلَمَّآ أَخَذَتْهُمُ ٱلرَّجْفَةُ قَالَ رَبِّ لَوْ شِئْتَ أَهْلَكْتَهُم مِّن قَبْلُ وَإِيَّـٰىَ ۖ أَتُهْلِكُنَا بِمَا فَعَلَ ٱلسُّفَهَآءُ مِنَّآ ۖ إِنْ هِىَ إِلَّا فِتْنَتُكَ تُضِلُّ بِهَا مَن تَشَآءُ وَتَهْدِى مَن تَشَآءُ ۖ أَنتَ وَلِيُّنَا فَٱغْفِرْ لَنَا وَٱرْحَمْنَا ۖ وَأَنتَ خَيْرُ ٱلْغَـٰفِرِينَ
Transliteration wa-ikh'tāra mūsā qawmahu sabʿīna rajulan limīqātinā falammā akhadhathumu l-rajfatu qāla rabbi law shi'ta ahlaktahum min qablu wa-iyyāya atuh'likunā bimā faʿala l-sufahāu minnā in hiya illā fit'natuka tuḍillu bihā man tashāu watahdī man tashāu anta waliyyunā fa-igh'fir lanā wa-ir'ḥamnā wa-anta khayru l-ghāfirīna
Sindhi ۽ مُوسىٰ پنھنجي قوم مان ستر ڄڻا اسان جي انجام جي وقت لاءِ چونڊيا، پوءِ جنھن مھل انھن کي زلزلي ورتو (ته موسى) چيو ته اي منھنجا پالڻھار جيڪڏھن (تون) گھرين ھا ته ھن کان اڳ انھن کي ۽ خاص مونکي ھلاڪ ڪري ڇڏين ھا، اسان منجھان بي عقلن جيڪي ڪيو تنھن سببان اسانکي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟ اِھا تنھنجي پرک (حڪمت) کانسواءِ نه آھي، جنھن کي گھرين تنھن کي ان سان گمراھ ڪندو آھين ۽ جنھن کي گھرندو آھين ھدايت ڪندو آھين، تون اسان جو سنڀاليندڙ آھين تنھنڪري اسانکي بخش ۽ اسان تي ٻاجھ ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو بخشيندڙ آھين.
Verse 156
۞ وَٱكْتُبْ لَنَا فِى هَـٰذِهِ ٱلدُّنْيَا حَسَنَةً وَفِى ٱلْـَٔاخِرَةِ إِنَّا هُدْنَآ إِلَيْكَ ۚ قَالَ عَذَابِىٓ أُصِيبُ بِهِۦ مَنْ أَشَآءُ ۖ وَرَحْمَتِى وَسِعَتْ كُلَّ شَىْءٍ ۚ فَسَأَكْتُبُهَا لِلَّذِينَ يَتَّقُونَ وَيُؤْتُونَ ٱلزَّكَوٰةَ وَٱلَّذِينَ هُم بِـَٔايَـٰتِنَا يُؤْمِنُونَ
Transliteration wa-uk'tub lanā fī hādhihi l-dun'yā ḥasanatan wafī l-ākhirati innā hud'nā ilayka qāla ʿadhābī uṣību bihi man ashāu waraḥmatī wasiʿat kulla shayin fasa-aktubuhā lilladhīna yattaqūna wayu'tūna l-zakata wa-alladhīna hum biāyātinā yu'minūna
Sindhi ۽ اسان لاءِ ھن دُنيا ۾ ۽ آخرت ۾ چڱائي لک ڇوته اسين توڏانھن رُجوع ٿيا آھيون، (الله) فرمايو ته آءٌ پنھنجو عذاب جنھن لاءِ وڻندو اٿم تنھنکي پھچائيندو آھيان، ۽ منھنجي ٻاجھ سڀڪنھن شيء کي شامل آھي، ۽ پوءِ آءٌ پنھنجي ٻاجھ انھن لاءِ لکندس جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن ۽ زڪواة ڏيندا آھن ۽ جيڪي منھنجي آيتن تي ايمان آڻيندا آھن.
Verse 157
ٱلَّذِينَ يَتَّبِعُونَ ٱلرَّسُولَ ٱلنَّبِىَّ ٱلْأُمِّىَّ ٱلَّذِى يَجِدُونَهُۥ مَكْتُوبًا عِندَهُمْ فِى ٱلتَّوْرَىٰةِ وَٱلْإِنجِيلِ يَأْمُرُهُم بِٱلْمَعْرُوفِ وَيَنْهَىٰهُمْ عَنِ ٱلْمُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ ٱلطَّيِّبَـٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيْهِمُ ٱلْخَبَـٰٓئِثَ وَيَضَعُ عَنْهُمْ إِصْرَهُمْ وَٱلْأَغْلَـٰلَ ٱلَّتِى كَانَتْ عَلَيْهِمْ ۚ فَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِهِۦ وَعَزَّرُوهُ وَنَصَرُوهُ وَٱتَّبَعُوا۟ ٱلنُّورَ ٱلَّذِىٓ أُنزِلَ مَعَهُۥٓ ۙ أُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ
Transliteration alladhīna yattabiʿūna l-rasūla l-nabiya l-umiya alladhī yajidūnahu maktūban ʿindahum fī l-tawrāti wal-injīli yamuruhum bil-maʿrūfi wayanhāhum ʿani l-munkari wayuḥillu lahumu l-ṭayibāti wayuḥarrimu ʿalayhimu l-khabāitha wayaḍaʿu ʿanhum iṣ'rahum wal-aghlāla allatī kānat ʿalayhim fa-alladhīna āmanū bihi waʿazzarūhu wanaṣarūhu wa-ittabaʿū l-nūra alladhī unzila maʿahu ulāika humu l-muf'liḥūna
Sindhi (۽ پڻ آخرت جي رحمت اُنھن لاءِ لکندس) جيڪي انھيء نبّي اُمّي پيغمبر جي تابعداري ڪندا آھن جنھن جون وصفون توريت ۽ انجيل ۾ پاڻ وٽ لکيلون لھندا آھن، (اُھو) اُنھن کي چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندو آھي ۽ مندن ڪمن کان اُنھن کي جھليندو آھي ۽ سٺيون شيون اُنھن لاءِ حلال ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو بار ۽ جيڪي تڪليفون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ سندس تعظيم ڪئي ۽ کيس مدد ڏنائون ۽ اُنھيءَ نُور (ڪلام الله) جي تابعداري ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو سي ئي ڇٽل آھن.
Verse 158
قُلْ يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ إِنِّى رَسُولُ ٱللَّهِ إِلَيْكُمْ جَمِيعًا ٱلَّذِى لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ يُحْىِۦ وَيُمِيتُ ۖ فَـَٔامِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِ ٱلنَّبِىِّ ٱلْأُمِّىِّ ٱلَّذِى يُؤْمِنُ بِٱللَّهِ وَكَلِمَـٰتِهِۦ وَٱتَّبِعُوهُ لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ
Transliteration qul yāayyuhā l-nāsu innī rasūlu l-lahi ilaykum jamīʿan alladhī lahu mul'ku l-samāwāti wal-arḍi lā ilāha illā huwa yuḥ'yī wayumītu faāminū bil-lahi warasūlihi l-nabiyi l-umiyi alladhī yu'minu bil-lahi wakalimātihi wa-ittabiʿūhu laʿallakum tahtadūna
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته اي انسانؤ آءٌ اوھان مڙني ڏانھن اُن الله جو پيغمبر (ٿي آيو) آھيان جنھن جي آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاھي آھي، اُن الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي اُھو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس انھي اُمّي نبيء تي ايمان آڻيو جيڪو الله ۽ سندس حُڪمن کي مڃيندو آھي ۽ اُن جي تابعداري ڪريو ته مانَ اوھين سڌي واٽ لھو.
Verse 159
وَمِن قَوْمِ مُوسَىٰٓ أُمَّةٌ يَهْدُونَ بِٱلْحَقِّ وَبِهِۦ يَعْدِلُونَ
Transliteration wamin qawmi mūsā ummatun yahdūna bil-ḥaqi wabihi yaʿdilūna
Sindhi ۽ مُوسىٰ جي قوم مان ھڪڙي اھڙي ٽولي آھي جو (ماڻھن کي) سڌو رستو ڏيکاريندي آھي ۽ اُھي ان سان انصاف تي ھلندا آھن.
Verse 160
وَقَطَّعْنَـٰهُمُ ٱثْنَتَىْ عَشْرَةَ أَسْبَاطًا أُمَمًا ۚ وَأَوْحَيْنَآ إِلَىٰ مُوسَىٰٓ إِذِ ٱسْتَسْقَىٰهُ قَوْمُهُۥٓ أَنِ ٱضْرِب بِّعَصَاكَ ٱلْحَجَرَ ۖ فَٱنۢبَجَسَتْ مِنْهُ ٱثْنَتَا عَشْرَةَ عَيْنًا ۖ قَدْ عَلِمَ كُلُّ أُنَاسٍ مَّشْرَبَهُمْ ۚ وَظَلَّلْنَا عَلَيْهِمُ ٱلْغَمَـٰمَ وَأَنزَلْنَا عَلَيْهِمُ ٱلْمَنَّ وَٱلسَّلْوَىٰ ۖ كُلُوا۟ مِن طَيِّبَـٰتِ مَا رَزَقْنَـٰكُمْ ۚ وَمَا ظَلَمُونَا وَلَـٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
Transliteration waqaṭṭaʿnāhumu ith'natay ʿashrata asbāṭan umaman wa-awḥaynā ilā mūsā idhi is'tasqāhu qawmuhu ani iḍ'rib biʿaṣāka l-ḥajara fa-inbajasat min'hu ith'natā ʿashrata ʿaynan qad ʿalima kullu unāsin mashrabahum waẓallalnā ʿalayhimu l-ghamāma wa-anzalnā ʿalayhimu l-mana wal-salwā kulū min ṭayyibāti mā razaqnākum wamā ẓalamūnā walākin kānū anfusahum yaẓlimūna
Sindhi ۽ بني اسرائيلن مان ٻارھن پاڙا ٽوليون ڪري جدا ڪياسون، جڏھن موسىٰ کان سندس قوم پاڻي گھريو تڏھن ڏانھس وحي موڪليوسون ته پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ (ھنيائين ته) اُن مان ٻارھن واھيون وھيون، بيشڪ سڀڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ ڄاتي ٿي، ۽ اسان مٿن ڪڪر جي ڇانو ڪئي ۽ مٿن مَن ۽ سَلۡوىٰ لاٿاسون، (۽ چيوسون ته) جيڪا اوھان جي سٺي روزي بڻائي اٿون تنھن مان کائو، ۽ اسان جو ڪُجھ نه وڃائون پر پاڻ کي نقصان ٿي لاٿائون.
Verse 161
وَإِذْ قِيلَ لَهُمُ ٱسْكُنُوا۟ هَـٰذِهِ ٱلْقَرْيَةَ وَكُلُوا۟ مِنْهَا حَيْثُ شِئْتُمْ وَقُولُوا۟ حِطَّةٌ وَٱدْخُلُوا۟ ٱلْبَابَ سُجَّدًا نَّغْفِرْ لَكُمْ خَطِيٓـَٔـٰتِكُمْ ۚ سَنَزِيدُ ٱلْمُحْسِنِينَ
Transliteration wa-idh qīla lahumu us'kunū hādhihi l-qaryata wakulū min'hā ḥaythu shi'tum waqūlū ḥiṭṭatun wa-ud'khulū l-bāba sujjadan naghfir lakum khaṭīātikum sanazīdu l-muḥ'sinīna
Sindhi ۽ جڏھن انھن کي چيو ٿي ويو ته ھن ڳوٺ ۾ وڃي ٽڪو ۽ منجھانئس جتان وڻيو تتان کائو ۽ چؤ ته بخش (ڪر) ۽ دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي لنگھو ته اوھان کي اوھان جون خطائون بخشيون، ڀلارن کي وڌيڪ (چڱائي) ڏينداسون.
Verse 162
فَبَدَّلَ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ مِنْهُمْ قَوْلًا غَيْرَ ٱلَّذِى قِيلَ لَهُمْ فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِجْزًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ بِمَا كَانُوا۟ يَظْلِمُونَ
Transliteration fabaddala alladhīna ẓalamū min'hum qawlan ghayra alladhī qīla lahum fa-arsalnā ʿalayhim rij'zan mina l-samāi bimā kānū yaẓlimūna
Sindhi پوءِ انھن (بني اسرائيلن) مان جيڪي ظالم ھئا تن کي جيڪا ڳالھ چئي وئي سا انھن مٽائي ٻي ڳالھ چئي پوءِ مٿن آسمان کان انھيءَ سببان سزا موڪلي سون جو ظلم ٿي ڪيائون.
Verse 163
وَسْـَٔلْهُمْ عَنِ ٱلْقَرْيَةِ ٱلَّتِى كَانَتْ حَاضِرَةَ ٱلْبَحْرِ إِذْ يَعْدُونَ فِى ٱلسَّبْتِ إِذْ تَأْتِيهِمْ حِيتَانُهُمْ يَوْمَ سَبْتِهِمْ شُرَّعًا وَيَوْمَ لَا يَسْبِتُونَ ۙ لَا تَأْتِيهِمْ ۚ كَذَٰلِكَ نَبْلُوهُم بِمَا كَانُوا۟ يَفْسُقُونَ
Transliteration wasalhum ʿani l-qaryati allatī kānat ḥāḍirata l-baḥri idh yaʿdūna fī l-sabti idh tatīhim ḥītānuhum yawma sabtihim shurraʿan wayawma lā yasbitūna lā tatīhim kadhālika nablūhum bimā kānū yafsuqūna
Sindhi ۽ (اي پيغمبر) کائن اُن ڳوٺ (جي حال) بابت پڇا ڪر جيڪو درياءَ جي ڪناري تي ھو، جڏھن (اُھي منع ھوندي) ڇنڇر (جي حُڪم) ۾ حُڪم عدولي ڪرڻ لڳا جڏھن انھن جون مَڇيون سندن ڇنڇر ڏينھن (پاڻي جي مٿان) سندن سامھون پڌريون ٿي اينديون ھيون ۽ جنھن ڏينھن ڇنڇر نه ڪندا ھئا تنھن ڏينھن (ٻاھر نه) اينديون ھيون، اھڙي طرح اُنھن کي انھي سببان پرکيوسون جو نافرماني ٿي ڪيائون.
Verse 164
وَإِذْ قَالَتْ أُمَّةٌ مِّنْهُمْ لِمَ تَعِظُونَ قَوْمًا ۙ ٱللَّهُ مُهْلِكُهُمْ أَوْ مُعَذِّبُهُمْ عَذَابًا شَدِيدًا ۖ قَالُوا۟ مَعْذِرَةً إِلَىٰ رَبِّكُمْ وَلَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ
Transliteration wa-idh qālat ummatun min'hum lima taʿiẓūna qawman l-lahu muh'likuhum aw muʿadhibuhum ʿadhāban shadīdan qālū maʿdhiratan ilā rabbikum walaʿallahum yattaqūna
Sindhi ۽ جڏھن منجھائن ھڪ ٽوليء (نصيحت ڪندڙن کي) چيو ته اھڙي قوم کي اوھين ڇو نصيحت ڪندا آھيو جن کي الله ھلاڪ ڪندڙ آھي يا کين سخت عذاب ڪندڙ آھي؟ (تڏھن) چيائون ته (اسان جي نصيحت) اوھانجي پالڻھار وٽ عذر آھي ۽ مانَ اُھي ڊڄن.
Verse 165
فَلَمَّا نَسُوا۟ مَا ذُكِّرُوا۟ بِهِۦٓ أَنجَيْنَا ٱلَّذِينَ يَنْهَوْنَ عَنِ ٱلسُّوٓءِ وَأَخَذْنَا ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ بِعَذَابٍۭ بَـِٔيسٍۭ بِمَا كَانُوا۟ يَفْسُقُونَ
Transliteration falammā nasū mā dhukkirū bihi anjaynā alladhīna yanhawna ʿani l-sūi wa-akhadhnā alladhīna ẓalamū biʿadhābin baīsin bimā kānū yafsuqūna
Sindhi پوءِ جيڪا (نصيحت) ڏني وئي ھُين سا جنھن مھل وساريائون اُنھي مھل اُنھن ماڻھن کي بچايوسون جيڪي مدائي کان جھليندا ھُين ۽ ظالمن کي سخت عذاب سان انھيء ڪري پڪڙيوسون جو ھو بدڪار ھوا.
Verse 166
فَلَمَّا عَتَوْا۟ عَن مَّا نُهُوا۟ عَنْهُ قُلْنَا لَهُمْ كُونُوا۟ قِرَدَةً خَـٰسِـِٔينَ
Transliteration falammā ʿataw ʿan mā nuhū ʿanhu qul'nā lahum kūnū qiradatan khāsiīna
Sindhi پوءِ جنھن کان جھليو ويو ھُين تنھن کان جڏھن حد کان لنگھي ويا ته چيوسون ته خوار ٿيل ڀولڙا ٿيو.
Verse 167
وَإِذْ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبْعَثَنَّ عَلَيْهِمْ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ مَن يَسُومُهُمْ سُوٓءَ ٱلْعَذَابِ ۗ إِنَّ رَبَّكَ لَسَرِيعُ ٱلْعِقَابِ ۖ وَإِنَّهُۥ لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
Transliteration wa-idh ta-adhana rabbuka layabʿathanna ʿalayhim ilā yawmi l-qiyāmati man yasūmuhum sūa l-ʿadhābi inna rabbaka lasarīʿu l-ʿiqābi wa-innahu laghafūrun raḥīmun
Sindhi ۽ (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار (يھودين کي) سُڌ ڏني ته (اُھو) مٿن قيامت تائين (اھڙو حاڪم) ضرور مقرر ڪندو جيڪو انھن کي بڇڙي سزا چکائيندو رھندو، ڇوته تنھنجو پالڻھار سَگھو سزا ڏيندڙ آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان (به) آھي.
Verse 168
وَقَطَّعْنَـٰهُمْ فِى ٱلْأَرْضِ أُمَمًا ۖ مِّنْهُمُ ٱلصَّـٰلِحُونَ وَمِنْهُمْ دُونَ ذَٰلِكَ ۖ وَبَلَوْنَـٰهُم بِٱلْحَسَنَـٰتِ وَٱلسَّيِّـَٔاتِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
Transliteration waqaṭṭaʿnāhum fī l-arḍi umaman min'humu l-ṣāliḥūna wamin'hum dūna dhālika wabalawnāhum bil-ḥasanāti wal-sayiāti laʿallahum yarjiʿūna
Sindhi ۽ اُنھن (بني اسرائيلن) کي ملڪ ۾ ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيوسون، منجھائن ڪي سُڌريل ۽ ڪي اَڻ سڌريل آھن، ۽ اُنھن کي سکن ۽ ڏکن سان پرکيوسون ته مانَ اُھي موٽن.
Verse 169
فَخَلَفَ مِنۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ وَرِثُوا۟ ٱلْكِتَـٰبَ يَأْخُذُونَ عَرَضَ هَـٰذَا ٱلْأَدْنَىٰ وَيَقُولُونَ سَيُغْفَرُ لَنَا وَإِن يَأْتِهِمْ عَرَضٌ مِّثْلُهُۥ يَأْخُذُوهُ ۚ أَلَمْ يُؤْخَذْ عَلَيْهِم مِّيثَـٰقُ ٱلْكِتَـٰبِ أَن لَّا يَقُولُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ إِلَّا ٱلْحَقَّ وَدَرَسُوا۟ مَا فِيهِ ۗ وَٱلدَّارُ ٱلْـَٔاخِرَةُ خَيْرٌ لِّلَّذِينَ يَتَّقُونَ ۗ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
Transliteration fakhalafa min baʿdihim khalfun warithū l-kitāba yakhudhūna ʿaraḍa hādhā l-adnā wayaqūlūna sayugh'faru lanā wa-in yatihim ʿaraḍun mith'luhu yakhudhūhu alam yu'khadh ʿalayhim mīthāqu l-kitābi an lā yaqūlū ʿalā l-lahi illā l-ḥaqa wadarasū mā fīhi wal-dāru l-ākhiratu khayrun lilladhīna yattaqūna afalā taʿqilūna
Sindhi وري کائن پوءِ اھڙا بُڇڙا اُنھن جي جاڳھن تي ويٺا جو ڪتاب (توريت) جا (ڇڙا) وارث بڻيا ھن دنيا جو سامان اختيار ڪندا آھن ۽ چوندا آھن ته بخشبا سون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪو اھڙو سامان ايندو آھي ته (اُھي پشيمان نه ٿيندا آھن ۽) اُھو وٺندا رھندا آھن، کائن ڪتاب (توريت) ۾ ھي انجام نه ورتو ويو ھو ڇا ته سچ کانسواءِ الله تي ڪي به ڪين چون؟ ۽ جيڪي منجھس آھي سو پڙھيو به اٿن، ۽ آخرت جو مُلڪ اُنھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي پرھيزگار آھن، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
Verse 170
وَٱلَّذِينَ يُمَسِّكُونَ بِٱلْكِتَـٰبِ وَأَقَامُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ إِنَّا لَا نُضِيعُ أَجْرَ ٱلْمُصْلِحِينَ
Transliteration wa-alladhīna yumassikūna bil-kitābi wa-aqāmū l-ṣalata innā lā nuḍīʿu ajra l-muṣ'liḥīna
Sindhi ۽ جيڪي ڪتاب کي مُحڪم وٺن ٿا ۽ نماز پڙھن ٿا، (اھڙن) نيڪن جو اجر اسين نه وڃائيندا آھيون.
Verse 171
۞ وَإِذْ نَتَقْنَا ٱلْجَبَلَ فَوْقَهُمْ كَأَنَّهُۥ ظُلَّةٌ وَظَنُّوٓا۟ أَنَّهُۥ وَاقِعٌۢ بِهِمْ خُذُوا۟ مَآ ءَاتَيْنَـٰكُم بِقُوَّةٍ وَٱذْكُرُوا۟ مَا فِيهِ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ
Transliteration wa-idh nataqnā l-jabala fawqahum ka-annahu ẓullatun waẓannū annahu wāqiʿun bihim khudhū mā ātaynākum biquwwatin wa-udh'kurū mā fīhi laʿallakum tattaqūna
Sindhi ۽ (ياد ڪر) جڏھن انھن جي مٿان جبل کي ٽنگيوسون ڄڻ ته اُھو ڇٽي ھو ۽ ڀانيائون ته اُھو مٿن ڪرندو، (کين چيوسون ته) جيڪي اسان اوھان کي ڏنو آھي سو مُحڪم ڪري وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪندا رھو ته مانَ اوھين (عذاب کان) بچو.
Verse 172
وَإِذْ أَخَذَ رَبُّكَ مِنۢ بَنِىٓ ءَادَمَ مِن ظُهُورِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَأَشْهَدَهُمْ عَلَىٰٓ أَنفُسِهِمْ أَلَسْتُ بِرَبِّكُمْ ۖ قَالُوا۟ بَلَىٰ ۛ شَهِدْنَآ ۛ أَن تَقُولُوا۟ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ إِنَّا كُنَّا عَنْ هَـٰذَا غَـٰفِلِينَ
Transliteration wa-idh akhadha rabbuka min banī ādama min ẓuhūrihim dhurriyyatahum wa-ashhadahum ʿalā anfusihim alastu birabbikum qālū balā shahid'nā an taqūlū yawma l-qiyāmati innā kunnā ʿan hādhā ghāfilīna
Sindhi ۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار آدم جي اولاد مان (يعني) پٺين مان سندن اولاد کي پيدا ڪيو ۽ سندن وجود کي مٿن شاھد ڪيائين، (۽ پڇيائين) ته (آءٌ) اوھانجو پالڻھار نه آھيان ڇا؟ چيائون ته ھائو (آھين)، گواہ ٿيا آھيون، (اھا گواھي ھن لاءِ وٺڻي ھئي) ته متان قيامت جي ڏينھن چئو ته اسين ھن (ڳالھ) کان بي خبر ھئاسون.
Verse 173
أَوْ تَقُولُوٓا۟ إِنَّمَآ أَشْرَكَ ءَابَآؤُنَا مِن قَبْلُ وَكُنَّا ذُرِّيَّةً مِّنۢ بَعْدِهِمْ ۖ أَفَتُهْلِكُنَا بِمَا فَعَلَ ٱلْمُبْطِلُونَ
Transliteration aw taqūlū innamā ashraka ābāunā min qablu wakunnā dhurriyyatan min baʿdihim afatuh'likunā bimā faʿala l-mub'ṭilūna
Sindhi يا متان چئو ته اڳئي شرڪ اسان جي ابن ڏاڏن ڪيو ھو ۽ اسين کائن پوءِ اولاد ھئاسون، تنھنڪري جيڪي بيھودن ڪيو تنھن سببان اسان کي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟
Verse 174
وَكَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ ٱلْـَٔايَـٰتِ وَلَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
Transliteration wakadhālika nufaṣṣilu l-āyāti walaʿallahum yarjiʿūna
Sindhi ۽ اھڙي طرح اسين آيتون کليل طرح بيان ڪندا آھيون ته مانَ اُھي موٽن.
Verse 175
وَٱتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ ٱلَّذِىٓ ءَاتَيْنَـٰهُ ءَايَـٰتِنَا فَٱنسَلَخَ مِنْهَا فَأَتْبَعَهُ ٱلشَّيْطَـٰنُ فَكَانَ مِنَ ٱلْغَاوِينَ
Transliteration wa-ut'lu ʿalayhim naba-a alladhī ātaynāhu āyātinā fa-insalakha min'hā fa-atbaʿahu l-shayṭānu fakāna mina l-ghāwīna
Sindhi ۽ (اي پيغمبر) تون اُن (ماڻھو) جو قصو کين پڙھي ٻڌاءِ جنھن کي پنھنجين آيتن جو علم ڏنوھوسون (اُھو) اُن (آيتن جي علم) مان نڪتو پوءِ شيطان سندس پُٺيان لڳو پوءِ (اُھو) گمراھن مان ٿيو.
Verse 176
وَلَوْ شِئْنَا لَرَفَعْنَـٰهُ بِهَا وَلَـٰكِنَّهُۥٓ أَخْلَدَ إِلَى ٱلْأَرْضِ وَٱتَّبَعَ هَوَىٰهُ ۚ فَمَثَلُهُۥ كَمَثَلِ ٱلْكَلْبِ إِن تَحْمِلْ عَلَيْهِ يَلْهَثْ أَوْ تَتْرُكْهُ يَلْهَث ۚ ذَّٰلِكَ مَثَلُ ٱلْقَوْمِ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا ۚ فَٱقْصُصِ ٱلْقَصَصَ لَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُونَ
Transliteration walaw shi'nā larafaʿnāhu bihā walākinnahu akhlada ilā l-arḍi wa-ittabaʿa hawāhu famathaluhu kamathali l-kalbi in taḥmil ʿalayhi yalhath aw tatruk'hu yalhath dhālika mathalu l-qawmi alladhīna kadhabū biāyātinā fa-uq'ṣuṣi l-qaṣaṣa laʿallahum yatafakkarūna
Sindhi ۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته کيس انھن (آيتن) سان ضرور مٿاھون ڪريون ھا پر ھُن (ھيٺ) زمين ڏانھن لاڙو ڪيو ۽ پنھنجن سڌن پٺيان لڳو، پوءِ سندس مثال ڪُتي جي مثال وانگر ٿيو، (جو) جيڪڏھن (تون) مٿس (ڪا شيء) اولارين ته سھڪي يا جي ڇڏي ڏئين ته (به) سھڪي، اھو انھي قوم جو مثال آھي جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو، پوءِ (اي پيغمبر انھن کي) اِھا نصيحت پڙھي ٻڌاءِ ته مانَ اُھي سوچ ڪن.
Verse 177
سَآءَ مَثَلًا ٱلْقَوْمُ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا وَأَنفُسَهُمْ كَانُوا۟ يَظْلِمُونَ
Transliteration sāa mathalan l-qawmu alladhīna kadhabū biāyātinā wa-anfusahum kānū yaẓlimūna
Sindhi جن ماڻھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جو حال بڇڙو آھي ۽ اُنھن پاڻ تي ئي ظلم ڪيو.
Verse 178
مَن يَهْدِ ٱللَّهُ فَهُوَ ٱلْمُهْتَدِى ۖ وَمَن يُضْلِلْ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْخَـٰسِرُونَ
Transliteration man yahdi l-lahu fahuwa l-muh'tadī waman yuḍ'lil fa-ulāika humu l-khāsirūna
Sindhi جنھن کي الله ھدايت ڪئي سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي ڀلايائين سي ئي ڇيئي وارا آھن.
Verse 179
وَلَقَدْ ذَرَأْنَا لِجَهَنَّمَ كَثِيرًا مِّنَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ ۖ لَهُمْ قُلُوبٌ لَّا يَفْقَهُونَ بِهَا وَلَهُمْ أَعْيُنٌ لَّا يُبْصِرُونَ بِهَا وَلَهُمْ ءَاذَانٌ لَّا يَسْمَعُونَ بِهَآ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ كَٱلْأَنْعَـٰمِ بَلْ هُمْ أَضَلُّ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْغَـٰفِلُونَ
Transliteration walaqad dharanā lijahannama kathīran mina l-jini wal-insi lahum qulūbun lā yafqahūna bihā walahum aʿyunun lā yub'ṣirūna bihā walahum ādhānun lā yasmaʿūna bihā ulāika kal-anʿāmi bal hum aḍallu ulāika humu l-ghāfilūna
Sindhi ۽ بيشڪ دوزخ لاءِ جنن ۽ ماڻھن مان گھڻا پيدا ڪيا اٿون، انھن جو اھڙيون دليون آھن جو انھن سان (الله جو حُڪم) نه سمجھندا آھن، ۽ اُنھن جون اھڙيون اکيون آھن جو اُنھن سان (حقانيت) ڏسي نه سگھندا آھن، ۽ اُنھن جا اھڙا ڪن آھن جو انھن سان (حق کي) ٻڌي نه سگھندا آھن، اھي ڍورن وانگر آھن بلڪ اُنھن کان وڌيڪ گمراہ آھن، اُھي ئي غافل آھن.
Verse 180
وَلِلَّهِ ٱلْأَسْمَآءُ ٱلْحُسْنَىٰ فَٱدْعُوهُ بِهَا ۖ وَذَرُوا۟ ٱلَّذِينَ يُلْحِدُونَ فِىٓ أَسْمَـٰٓئِهِۦ ۚ سَيُجْزَوْنَ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Transliteration walillahi l-asmāu l-ḥus'nā fa-id'ʿūhu bihā wadharū alladhīna yul'ḥidūna fī asmāihi sayuj'zawna mā kānū yaʿmalūna
Sindhi ۽ الله جا چڱا نالا آھن انھن نالن سان کيس سڏيو، ۽ جيڪي سندس نالن ۾ ڏنگائي ھلندا آھن تن کي ڇڏي ڏيو، (۽) جيڪي ڪندا آھن تنھنجي سگھو سزا ڏبين.
Verse 181
وَمِمَّنْ خَلَقْنَآ أُمَّةٌ يَهْدُونَ بِٱلْحَقِّ وَبِهِۦ يَعْدِلُونَ
Transliteration wamimman khalaqnā ummatun yahdūna bil-ḥaqi wabihi yaʿdilūna
Sindhi ۽ جيڪي اسان پيدا ڪيا آھن تن مان ھڪ ٽولي آھي جا سچي (دين) جو رستو ڏيکاريندي آھي ۽ اُن (دين) سان انصاف ڪندا آھن.
Verse 182
وَٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا سَنَسْتَدْرِجُهُم مِّنْ حَيْثُ لَا يَعْلَمُونَ
Transliteration wa-alladhīna kadhabū biāyātinā sanastadrijuhum min ḥaythu lā yaʿlamūna
Sindhi ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن کي سگھو وڌائي وڌائي (اُتاھون) سزا ڏينداسون جتان ڄاڻندا ئي نه.
Verse 183
وَأُمْلِى لَهُمْ ۚ إِنَّ كَيْدِى مَتِينٌ
Transliteration wa-um'lī lahum inna kaydī matīnun
Sindhi ۽ اُنھن کي مُھلت ڏيندس، ڇوته اسان جي رٿ پڪي آھي.
Verse 184
أَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوا۟ ۗ مَا بِصَاحِبِهِم مِّن جِنَّةٍ ۚ إِنْ هُوَ إِلَّا نَذِيرٌ مُّبِينٌ
Transliteration awalam yatafakkarū mā biṣāḥibihim min jinnatin in huwa illā nadhīrun mubīnun
Sindhi (اُھي) ڌيان نه ڪندا آھن ڇا ته سندن سنگتي (ﷴ ﷺ) کي ڪا چريائي ڪانه آھي، اُھو ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھي.
Verse 185
أَوَلَمْ يَنظُرُوا۟ فِى مَلَكُوتِ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا خَلَقَ ٱللَّهُ مِن شَىْءٍ وَأَنْ عَسَىٰٓ أَن يَكُونَ قَدِ ٱقْتَرَبَ أَجَلُهُمْ ۖ فَبِأَىِّ حَدِيثٍۭ بَعْدَهُۥ يُؤْمِنُونَ
Transliteration awalam yanẓurū fī malakūti l-samāwāti wal-arḍi wamā khalaqa l-lahu min shayin wa-an ʿasā an yakūna qadi iq'taraba ajaluhum fabi-ayyi ḥadīthin baʿdahu yu'minūna
Sindhi آسمانن ۽ زمين جي بادشاھيءَ (۾) ۽ الله ھر جنس مان جيڪي پيدا ڪيو آھي تنھن ۾ نه نھاريندا آھن ڇا؟ ۽ ته متان سندن (موت جي) ٺھرايل مُدّت پوري ٿيڻ تي ھجي، پوءِ قرآن پڄاڻا ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا.
Verse 186
مَن يُضْلِلِ ٱللَّهُ فَلَا هَادِىَ لَهُۥ ۚ وَيَذَرُهُمْ فِى طُغْيَـٰنِهِمْ يَعْمَهُونَ
Transliteration man yuḍ'lili l-lahu falā hādiya lahu wayadharuhum fī ṭugh'yānihim yaʿmahūna
Sindhi جنھن کي الله گمراہ ڪندو آھي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو ڪونھي، ۽ الله اُنھن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ٿيل ڇڏي ڏيندو آھي.
Verse 187
يَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلسَّاعَةِ أَيَّانَ مُرْسَىٰهَا ۖ قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِندَ رَبِّى ۖ لَا يُجَلِّيهَا لِوَقْتِهَآ إِلَّا هُوَ ۚ ثَقُلَتْ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ لَا تَأْتِيكُمْ إِلَّا بَغْتَةً ۗ يَسْـَٔلُونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنْهَا ۖ قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِندَ ٱللَّهِ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
Transliteration yasalūnaka ʿani l-sāʿati ayyāna mur'sāhā qul innamā ʿil'muhā ʿinda rabbī lā yujallīhā liwaqtihā illā huwa thaqulat fī l-samāwāti wal-arḍi lā tatīkum illā baghtatan yasalūnaka ka-annaka ḥafiyyun ʿanhā qul innamā ʿil'muhā ʿinda l-lahi walākinna akthara l-nāsi lā yaʿlamūna
Sindhi (اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته ڪھڙي مھل اچڻي آھي؟ چؤ ته انھيء جي خبر رڳو منھنجي پالڻھار وٽ آھي، الله کانسواءِ کيس سندس وقت تي ڪو پڌرو نه ڪندو، (اُنجي اچڻ جي مھل جي ڄاڻپ) آسمانن ۽ زمين ۾ ڳري ٿي آھي (يعني ڪو سمجھي نه ٿو سگھي)، اُھا ته اوھان وٽ اوچتو ئي ايندي، (اي پيغمبر) توکان (ائين) پڇن ٿا جو ڄڻڪ تون اُنھن جو کوٽيندڙ (يعني جاچي معلوم ڪندڙ) آھين، چؤ ته اُن جي خبر الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن وٽ نه آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
Verse 188
قُل لَّآ أَمْلِكُ لِنَفْسِى نَفْعًا وَلَا ضَرًّا إِلَّا مَا شَآءَ ٱللَّهُ ۚ وَلَوْ كُنتُ أَعْلَمُ ٱلْغَيْبَ لَٱسْتَكْثَرْتُ مِنَ ٱلْخَيْرِ وَمَا مَسَّنِىَ ٱلسُّوٓءُ ۚ إِنْ أَنَا۠ إِلَّا نَذِيرٌ وَبَشِيرٌ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
Transliteration qul lā amliku linafsī nafʿan walā ḍarran illā mā shāa l-lahu walaw kuntu aʿlamu l-ghayba la-is'takthartu mina l-khayri wamā massaniya l-sūu in anā illā nadhīrun wabashīrun liqawmin yu'minūna
Sindhi چؤ ته الله جي گھُر ڌاران آءٌ پاڻ کي نڪي فائدو ۽ نڪي نقصان پھچائي سگھان ٿو، ۽ جيڪڏھن ڳُجھ ڄاڻان ھا ته گھڻيون چڱايون گڏ ڪريان ھا، ۽ مون کي ڪو ڏک نه پھچي ھا، آءٌ ته قوم مؤمنن لاءِ رڳو ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ (پيغمبر) آھيان.
Verse 189
۞ هُوَ ٱلَّذِى خَلَقَكُم مِّن نَّفْسٍ وَٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا لِيَسْكُنَ إِلَيْهَا ۖ فَلَمَّا تَغَشَّىٰهَا حَمَلَتْ حَمْلًا خَفِيفًا فَمَرَّتْ بِهِۦ ۖ فَلَمَّآ أَثْقَلَت دَّعَوَا ٱللَّهَ رَبَّهُمَا لَئِنْ ءَاتَيْتَنَا صَـٰلِحًا لَّنَكُونَنَّ مِنَ ٱلشَّـٰكِرِينَ
Transliteration huwa alladhī khalaqakum min nafsin wāḥidatin wajaʿala min'hā zawjahā liyaskuna ilayhā falammā taghashāhā ḥamalat ḥamlan khafīfan famarrat bihi falammā athqalat daʿawā l-laha rabbahumā la-in ātaytanā ṣāliḥan lanakūnanna mina l-shākirīna
Sindhi اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھڪ وجود مان بڻايو ۽ منجھانئس سندس زال ھن لاءِ بڻايائين ته ساڻس آرام وٺي، پوءِ جنھن مھل (اُھو) گڏ ٿيندو آھي ته اُھا ھلڪي بار سان ڳورھاري ٿيندي آھي ۽ اُن سان گھمندي رھندي آھي، وري جنھن مھل ڏاڍي ڳري ٿيندي آھي (تنھن مھل) ٻئي پنھنجي پالڻھار کي سڏيندا آھن (ته قسم آھي) ته جيڪڏھن اسان کي صحيح سالم ٻار ڏيندين ته ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون.
Verse 190
فَلَمَّآ ءَاتَىٰهُمَا صَـٰلِحًا جَعَلَا لَهُۥ شُرَكَآءَ فِيمَآ ءَاتَىٰهُمَا ۚ فَتَعَـٰلَى ٱللَّهُ عَمَّا يُشْرِكُونَ
Transliteration falammā ātāhumā ṣāliḥan jaʿalā lahu shurakāa fīmā ātāhumā fataʿālā l-lahu ʿammā yush'rikūna
Sindhi پوءِ جنھن مھل انھن کي صحيح سالم ٻار ڏيندو آھي (ته) جيڪي اُنھن کي ڏنائين تنھن ۾ الله سان شريڪ مقرر ڪندا آھن، ۽ جنھن شيء کي الله سان شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان الله جو شان مٿاھون آھي.
Verse 191
أَيُشْرِكُونَ مَا لَا يَخْلُقُ شَيْـًٔا وَهُمْ يُخْلَقُونَ
Transliteration ayush'rikūna mā lā yakhluqu shayan wahum yukh'laqūna
Sindhi (ھي مشرڪ) اھڙن کي ڇو ٿا شريڪ بڻائين جي ڪجھ بڻائي نه سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ خلقيل آھن.
Verse 192
وَلَا يَسْتَطِيعُونَ لَهُمْ نَصْرًا وَلَآ أَنفُسَهُمْ يَنصُرُونَ
Transliteration walā yastaṭīʿūna lahum naṣran walā anfusahum yanṣurūna
Sindhi ۽ نڪي انھن کي ڪا مدد ڏيئي سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي (ئي) مدد ڏيئي سگھندا آھن.
Verse 193
وَإِن تَدْعُوهُمْ إِلَى ٱلْهُدَىٰ لَا يَتَّبِعُوكُمْ ۚ سَوَآءٌ عَلَيْكُمْ أَدَعَوْتُمُوهُمْ أَمْ أَنتُمْ صَـٰمِتُونَ
Transliteration wa-in tadʿūhum ilā l-hudā lā yattabiʿūkum sawāon ʿalaykum adaʿawtumūhum am antum ṣāmitūna
Sindhi ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن اُنھن کي ھدايت ڏانھن سڏيندؤ ته اوھان جي تابعداري نه ڪندا، اوھان تي ھڪ جھڙو آھي ته انھن کي سڏيو يا اوھين ماٺ ڪريو.
Verse 194
إِنَّ ٱلَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ عِبَادٌ أَمْثَالُكُمْ ۖ فَٱدْعُوهُمْ فَلْيَسْتَجِيبُوا۟ لَكُمْ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ
Transliteration inna alladhīna tadʿūna min dūni l-lahi ʿibādun amthālukum fa-id'ʿūhum falyastajībū lakum in kuntum ṣādiqīna
Sindhi الله کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان جھڙا ئي ٻانھا آھن تنھنڪري جيڪڏھن (اوھين) سچا آھيو ته انھن کي سڏيو ته ڀلي اوھان کي ورندي ڏين.
Verse 195
أَلَهُمْ أَرْجُلٌ يَمْشُونَ بِهَآ ۖ أَمْ لَهُمْ أَيْدٍ يَبْطِشُونَ بِهَآ ۖ أَمْ لَهُمْ أَعْيُنٌ يُبْصِرُونَ بِهَآ ۖ أَمْ لَهُمْ ءَاذَانٌ يَسْمَعُونَ بِهَا ۗ قُلِ ٱدْعُوا۟ شُرَكَآءَكُمْ ثُمَّ كِيدُونِ فَلَا تُنظِرُونِ
Transliteration alahum arjulun yamshūna bihā am lahum aydin yabṭishūna bihā am lahum aʿyunun yub'ṣirūna bihā am lahum ādhānun yasmaʿūna bihā quli id'ʿū shurakāakum thumma kīdūni falā tunẓirūni
Sindhi اُنھن (بتن) کي ڪي پير آھن ڇا جن سان گھمندا آھن، يا انھن کي ڪي ھٿ آھن ڇا جن سان وٺندا آھن، يا انھن کي ڪي اکيون آھن ڇا جن سان ڏسندا آھن، يا اُنھن کي ڪي ڪن آھن ڇا جن سان ٻڌندا آھن؟ چؤ ته (اوھين) پنھنجن بتن کي سڏيو پوءِ مون لاءِ جيڪا رٿ اچيو سا رٿيو ۽ مون کي مُھلت نه ڏيو.
Verse 196
إِنَّ وَلِـِّۧىَ ٱللَّهُ ٱلَّذِى نَزَّلَ ٱلْكِتَـٰبَ ۖ وَهُوَ يَتَوَلَّى ٱلصَّـٰلِحِينَ
Transliteration inna waliyyiya l-lahu alladhī nazzala l-kitāba wahuwa yatawallā l-ṣāliḥīna
Sindhi بيشڪ منھنجو مددگار اُھو الله آھي جنھن ڪتاب نازل ڪيو، ۽ اُھو نيڪن کي مدد ڏيندو آھي.
Verse 197
وَٱلَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِهِۦ لَا يَسْتَطِيعُونَ نَصْرَكُمْ وَلَآ أَنفُسَهُمْ يَنصُرُونَ
Transliteration wa-alladhīna tadʿūna min dūnihi lā yastaṭīʿūna naṣrakum walā anfusahum yanṣurūna
Sindhi ۽ ان (الله) کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان کي ڪا مدد ڏيئي نه سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي مدد ڏيئي سگھندا آھن.
Verse 198
وَإِن تَدْعُوهُمْ إِلَى ٱلْهُدَىٰ لَا يَسْمَعُوا۟ ۖ وَتَرَىٰهُمْ يَنظُرُونَ إِلَيْكَ وَهُمْ لَا يُبْصِرُونَ
Transliteration wa-in tadʿūhum ilā l-hudā lā yasmaʿū watarāhum yanẓurūna ilayka wahum lā yub'ṣirūna
Sindhi ۽ جيڪڏھن اوھين انھن کي ھدايت ڏانھن سڏيو ته ڪين ٻڌندا، کين ڏسندو آھين (ته ڄڻ) ته توڏانھن تڪين ٿا مگر اُھي ڏسندا ئي نه آھن.
Verse 199
خُذِ ٱلْعَفْوَ وَأْمُرْ بِٱلْعُرْفِ وَأَعْرِضْ عَنِ ٱلْجَـٰهِلِينَ
Transliteration khudhi l-ʿafwa wamur bil-ʿur'fi wa-aʿriḍ ʿani l-jāhilīna
Sindhi (اي پيغمبر) معافي ڏيڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حُڪم ڪر ۽ جاھلن کان منھن موڙ.
Verse 200
وَإِمَّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ ٱلشَّيْطَـٰنِ نَزْغٌ فَٱسْتَعِذْ بِٱللَّهِ ۚ إِنَّهُۥ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
Transliteration wa-immā yanzaghannaka mina l-shayṭāni nazghun fa-is'taʿidh bil-lahi innahu samīʿun ʿalīmun
Sindhi ۽ جيڪڏھن توکي شيطان کان ڪو وسوسو پوي ته الله کان پناھ گھر، بيشڪ اُھو ٻُڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
Verse 201
إِنَّ ٱلَّذِينَ ٱتَّقَوْا۟ إِذَا مَسَّهُمْ طَـٰٓئِفٌ مِّنَ ٱلشَّيْطَـٰنِ تَذَكَّرُوا۟ فَإِذَا هُم مُّبْصِرُونَ
Transliteration inna alladhīna ittaqaw idhā massahum ṭāifun mina l-shayṭāni tadhakkarū fa-idhā hum mub'ṣirūna
Sindhi جيڪي پرھيزگار آھن تن کي جڏھن شيطان کان ڪو وسوسو پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد ڪندا آھن پوءِ اُھي اُنھيءَ ئي مھل ڏسندڙ ٿيندا آھن.
Verse 202
وَإِخْوَٰنُهُمْ يَمُدُّونَهُمْ فِى ٱلْغَىِّ ثُمَّ لَا يُقْصِرُونَ
Transliteration wa-ikh'wānuhum yamuddūnahum fī l-ghayi thumma lā yuq'ṣirūna
Sindhi ۽ اُنھن (شيطانن) جا ڀائر کين گمراھيءَ ۾ ڇڪيندا آھن وري نه گھٽائيندا آھن.
Verse 203
وَإِذَا لَمْ تَأْتِهِم بِـَٔايَةٍ قَالُوا۟ لَوْلَا ٱجْتَبَيْتَهَا ۚ قُلْ إِنَّمَآ أَتَّبِعُ مَا يُوحَىٰٓ إِلَىَّ مِن رَّبِّى ۚ هَـٰذَا بَصَآئِرُ مِن رَّبِّكُمْ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
Transliteration wa-idhā lam tatihim biāyatin qālū lawlā ij'tabaytahā qul innamā attabiʿu mā yūḥā ilayya min rabbī hādhā baṣāiru min rabbikum wahudan waraḥmatun liqawmin yu'minūna
Sindhi ۽ (اي پيغمبر) جڏھن وٽن ڪا آيت نه آڻيندو آھين (ته) چوندا آھن ته (پاڻون) ڇونه ٺاھيندو آھين؟ چؤ ته جيڪي مون ڏانھن پنھنجي پالڻھار جو وحي ٿيندو آھي تنھن کانسواءِ (ڪنھن جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، ھي (قرآن) اسانجي پالڻھار وٽان سوجھرو ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ انھيءَ قوم لاءِ آھي جي مڃيندي آھي.
Verse 204
وَإِذَا قُرِئَ ٱلْقُرْءَانُ فَٱسْتَمِعُوا۟ لَهُۥ وَأَنصِتُوا۟ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
Transliteration wa-idhā quri-a l-qur'ānu fa-is'tamiʿū lahu wa-anṣitū laʿallakum tur'ḥamūna
Sindhi ۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو مانَ ٻاجھ ڪيا وڃو.
Verse 205
وَٱذْكُر رَّبَّكَ فِى نَفْسِكَ تَضَرُّعًا وَخِيفَةً وَدُونَ ٱلْجَهْرِ مِنَ ٱلْقَوْلِ بِٱلْغُدُوِّ وَٱلْـَٔاصَالِ وَلَا تَكُن مِّنَ ٱلْغَـٰفِلِينَ
Transliteration wa-udh'kur rabbaka fī nafsika taḍarruʿan wakhīfatan wadūna l-jahri mina l-qawli bil-ghuduwi wal-āṣāli walā takun mina l-ghāfilīna
Sindhi ۽ پنھنجي پالڻھار کي پنھنجي دل ۾ عاجزيءَ ۽ ڀو سان وڏي آواز ڌاران صبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪر ۽ غافلن مان نه ھُج.
Verse 206
إِنَّ ٱلَّذِينَ عِندَ رَبِّكَ لَا يَسْتَكْبِرُونَ عَنْ عِبَادَتِهِۦ وَيُسَبِّحُونَهُۥ وَلَهُۥ يَسْجُدُونَ ۩
Transliteration inna alladhīna ʿinda rabbika lā yastakbirūna ʿan ʿibādatihi wayusabbiḥūnahu walahu yasjudūna
Sindhi تحقيق جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ (ويجھا) آھن (سي) سندس عبادت کان وڏائي نه ڪندا آھن ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ ان کي سجدو ڪندا آھن.
Read Surah Al-A'raf in another language
- English (word by word)
- Albanian
- Amazigh
- Amharic
- Assamese
- Azerbaijani
- Bambara
- Bangla
- Bosnian
- Bulgarian
- Chinese
- Czech
- Dari
- Dhivehi
- Dutch
- Finnish
- French
- German
- Gujarati
- Hausa
- Hebrew
- Hindi
- Indonesian
- Italian
- Japanese
- Kannada
- Kazakh
- Khmer
- Kinyarwanda
- Korean
- Kurdish
- Luganda
- Malay
- Malayalam
- Maranao
- Marathi
- Nepali
- Norwegian
- Oromo
- Pashto
- Persian
- Polish
- Portuguese
- Romanian
- Russian
- Sinhala
- Somali
- Spanish
- Swahili
- Swedish
- Tagalog
- Tajik
- Tamil
- Tatar
- Telugu
- Thai
- Turkish
- Ukrainian
- Urdu
- Uyghur
- Uzbek
- Vietnamese
- Yao
- Yoruba
All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.
Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.