MyDugsiStart learning

Surah An-Nur in Sindhi: translation and audio

Surah 24 · النور · The Light · 64 verses

Surah An-Nur verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah An-Nur word by word in English.

Verse 1

سُورَةٌ أَنزَلْنَـٰهَا وَفَرَضْنَـٰهَا وَأَنزَلْنَا فِيهَآ ءَايَـٰتٍۭ بَيِّنَـٰتٍ لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ

Transliteration sūratun anzalnāhā wafaraḍnāhā wa-anzalnā fīhā āyātin bayyinātin laʿallakum tadhakkarūna

Sindhi (ھيءَ ھڪ) سُورة آھي جا نازل ڪئي سون ۽ اُن (جي حڪمن) کي فرض ڪيوسون ۽ منجھس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون ته مانَ نصيحت وٺو.

Verse 2

ٱلزَّانِيَةُ وَٱلزَّانِى فَٱجْلِدُوا۟ كُلَّ وَٰحِدٍ مِّنْهُمَا مِا۟ئَةَ جَلْدَةٍ ۖ وَلَا تَأْخُذْكُم بِهِمَا رَأْفَةٌ فِى دِينِ ٱللَّهِ إِن كُنتُمْ تُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ ۖ وَلْيَشْهَدْ عَذَابَهُمَا طَآئِفَةٌ مِّنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Transliteration al-zāniyatu wal-zānī fa-ij'lidū kulla wāḥidin min'humā mi-ata jaldatin walā takhudh'kum bihimā rafatun fī dīni l-lahi in kuntum tu'minūna bil-lahi wal-yawmi l-ākhiri walyashhad ʿadhābahumā ṭāifatun mina l-mu'minīna

Sindhi زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مڙس سو ٻنھيءَ مان ھر ھڪ کي سؤ دُرا ھڻو، ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته الله جي دين ۾ اوھان کي انھي ٻنھي تي نرمي ڪرڻ نه جڳائي، ۽ مؤمنن مان ھڪ ٽوليءَ کي انھن ٻنھي جي سزا تي حاضر ٿيڻ گھرجي.

Verse 3

ٱلزَّانِى لَا يَنكِحُ إِلَّا زَانِيَةً أَوْ مُشْرِكَةً وَٱلزَّانِيَةُ لَا يَنكِحُهَآ إِلَّا زَانٍ أَوْ مُشْرِكٌ ۚ وَحُرِّمَ ذَٰلِكَ عَلَى ٱلْمُؤْمِنِينَ

Transliteration al-zānī lā yankiḥu illā zāniyatan aw mush'rikatan wal-zāniyatu lā yankiḥuhā illā zānin aw mush'rikun waḥurrima dhālika ʿalā l-mu'minīna

Sindhi زنا ڪندڙ مرد زنا ڪندڙ زال يا مشرڪياڻيءَ کانسواءِ ٻي نه پرڻبو، ۽ زنا ڪندڙ زال کيس زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ کانسواءِ ٻيو نه پرڻبو، ۽ اِھو (زنا ڪندڙ زال سان نڪاح ڪرڻ) مؤمنن تي حرام ڪيو ويو.

Verse 4

وَٱلَّذِينَ يَرْمُونَ ٱلْمُحْصَنَـٰتِ ثُمَّ لَمْ يَأْتُوا۟ بِأَرْبَعَةِ شُهَدَآءَ فَٱجْلِدُوهُمْ ثَمَـٰنِينَ جَلْدَةً وَلَا تَقْبَلُوا۟ لَهُمْ شَهَـٰدَةً أَبَدًا ۚ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْفَـٰسِقُونَ

Transliteration wa-alladhīna yarmūna l-muḥ'ṣanāti thumma lam yatū bi-arbaʿati shuhadāa fa-ij'lidūhum thamānīna jaldatan walā taqbalū lahum shahādatan abadan wa-ulāika humu l-fāsiqūna

Sindhi ۽ جيڪي پاڪدامن عورتن کي تھمت لائين وري چار شاھد نه آڻين ته کين اسي دُرا ھڻو ۽ انھن جي گواھي اصلي قبول نه ڪريو، ۽ اُھي بي دين آھن.

Verse 5

إِلَّا ٱلَّذِينَ تَابُوا۟ مِنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ وَأَصْلَحُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Transliteration illā alladhīna tābū min baʿdi dhālika wa-aṣlaḥū fa-inna l-laha ghafūrun raḥīmun

Sindhi پر ھن کان پوءِ جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سُڌاريو، ته الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 6

وَٱلَّذِينَ يَرْمُونَ أَزْوَٰجَهُمْ وَلَمْ يَكُن لَّهُمْ شُهَدَآءُ إِلَّآ أَنفُسُهُمْ فَشَهَـٰدَةُ أَحَدِهِمْ أَرْبَعُ شَهَـٰدَٰتٍۭ بِٱللَّهِ ۙ إِنَّهُۥ لَمِنَ ٱلصَّـٰدِقِينَ

Transliteration wa-alladhīna yarmūna azwājahum walam yakun lahum shuhadāu illā anfusuhum fashahādatu aḥadihim arbaʿu shahādātin bil-lahi innahu lamina l-ṣādiqīna

Sindhi ۽ جيڪي پنھنجي زالن کي تُھمت لائين ۽ کين پاڻ کانسواءِ ڪي شاھد نه ھجن ته اھڙي ھر ھڪ جي (سچي) شاھدي چار ڀيرا (ھيئڻ ڏيڻ) آھي ته الله جو قسم ته بيشڪ پاڻ سچ چوندڙن مان آھي.

Verse 7

وَٱلْخَـٰمِسَةُ أَنَّ لَعْنَتَ ٱللَّهِ عَلَيْهِ إِن كَانَ مِنَ ٱلْكَـٰذِبِينَ

Transliteration wal-khāmisatu anna laʿnata l-lahi ʿalayhi in kāna mina l-kādhibīna

Sindhi ۽ پنجون ڀيرو چوي ته جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو ته مٿس الله جي لعنت ھجي.

Verse 8

وَيَدْرَؤُا۟ عَنْهَا ٱلْعَذَابَ أَن تَشْهَدَ أَرْبَعَ شَهَـٰدَٰتٍۭ بِٱللَّهِ ۙ إِنَّهُۥ لَمِنَ ٱلْكَـٰذِبِينَ

Transliteration wayadra-u ʿanhā l-ʿadhāba an tashhada arbaʿa shahādātin bil-lahi innahu lamina l-kādhibīna

Sindhi ۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي ته الله جو قسم ته بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي.

Verse 9

وَٱلْخَـٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ ٱللَّهِ عَلَيْهَآ إِن كَانَ مِنَ ٱلصَّـٰدِقِينَ

Transliteration wal-khāmisata anna ghaḍaba l-lahi ʿalayhā in kāna mina l-ṣādiqīna

Sindhi ۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) ته جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي ته اُن (زال) تي الله جو ڏمر ھُجي.

Verse 10

وَلَوْلَا فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُۥ وَأَنَّ ٱللَّهَ تَوَّابٌ حَكِيمٌ

Transliteration walawlā faḍlu l-lahi ʿalaykum waraḥmatuhu wa-anna l-laha tawwābun ḥakīmun

Sindhi ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي.

Verse 11

إِنَّ ٱلَّذِينَ جَآءُو بِٱلْإِفْكِ عُصْبَةٌ مِّنكُمْ ۚ لَا تَحْسَبُوهُ شَرًّا لَّكُم ۖ بَلْ هُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ لِكُلِّ ٱمْرِئٍ مِّنْهُم مَّا ٱكْتَسَبَ مِنَ ٱلْإِثْمِ ۚ وَٱلَّذِى تَوَلَّىٰ كِبْرَهُۥ مِنْهُمْ لَهُۥ عَذَابٌ عَظِيمٌ

Transliteration inna alladhīna jāū bil-if'ki ʿuṣ'batun minkum lā taḥsabūhu sharran lakum bal huwa khayrun lakum likulli im'ri-in min'hum mā ik'tasaba mina l-ith'mi wa-alladhī tawallā kib'rahu min'hum lahu ʿadhābun ʿaẓīmun

Sindhi بيشڪ جن ڪُوڙو بُھتان آندو سي اوھان مان ھڪ ٽولو آھن، (اوھين) اُن (بُھتان) کي نه ڀانيو ته اوھان لاءِ (ڪو) مدو آھي، بلڪ اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي، منجھائن سڀڪنھن ماڻھوءَ گناھن مان جيڪي ڪمايو سو سندس لاءِ آھي، ۽ منجھائن جنھن بھتان جو وڏو لُڙ مچايو تنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.

Verse 12

لَّوْلَآ إِذْ سَمِعْتُمُوهُ ظَنَّ ٱلْمُؤْمِنُونَ وَٱلْمُؤْمِنَـٰتُ بِأَنفُسِهِمْ خَيْرًا وَقَالُوا۟ هَـٰذَآ إِفْكٌ مُّبِينٌ

Transliteration lawlā idh samiʿ'tumūhu ẓanna l-mu'minūna wal-mu'minātu bi-anfusihim khayran waqālū hādhā if'kun mubīnun

Sindhi جڏھن اُھو ٻُڌو تڏھن مؤمنن مڙسن ۽ مؤمنياڻن زالن پنھنجن (ماڻھن) ۾ چڱو گمان ڇونه ڪيو ۽ ڇونه چيائون ته ھيءُ پڌرو بُھتان آھي؟

Verse 13

لَّوْلَا جَآءُو عَلَيْهِ بِأَرْبَعَةِ شُهَدَآءَ ۚ فَإِذْ لَمْ يَأْتُوا۟ بِٱلشُّهَدَآءِ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ عِندَ ٱللَّهِ هُمُ ٱلْكَـٰذِبُونَ

Transliteration lawlā jāū ʿalayhi bi-arbaʿati shuhadāa fa-idh lam yatū bil-shuhadāi fa-ulāika ʿinda l-lahi humu l-kādhibūna

Sindhi اِن (ڳالھ) تي چار شاھد ڇونه آندائون؟ پوءِ جڏھن شاھد نه آندائون تڏھن اُھي ئي الله وٽ ڪُوڙا آھن.

Verse 14

وَلَوْلَا فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُۥ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْـَٔاخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِى مَآ أَفَضْتُمْ فِيهِ عَذَابٌ عَظِيمٌ

Transliteration walawlā faḍlu l-lahi ʿalaykum waraḥmatuhu fī l-dun'yā wal-ākhirati lamassakum fī mā afaḍtum fīhi ʿadhābun ʿaẓīmun

Sindhi ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ دنيا ۽ آخرت ۾ اوھان تي نه ھجي ھا ته جنھن (ڳالھ) بابت چرچو مچايوَ (تنھن بابت) اوھان کي (تڏھن ئي) وڏو عذاب پھچي ھا.

Verse 15

إِذْ تَلَقَّوْنَهُۥ بِأَلْسِنَتِكُمْ وَتَقُولُونَ بِأَفْوَاهِكُم مَّا لَيْسَ لَكُم بِهِۦ عِلْمٌ وَتَحْسَبُونَهُۥ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ ٱللَّهِ عَظِيمٌ

Transliteration idh talaqqawnahu bi-alsinatikum wataqūlūna bi-afwāhikum mā laysa lakum bihi ʿil'mun wataḥsabūnahu hayyinan wahuwa ʿinda l-lahi ʿaẓīmun

Sindhi جڏھن ان کي پنھنجن زبانن سان ٻاڦيندا رھيؤ ۽ جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي اوھان کي ڪا خبر نه ھئي سا پنھنجن واتن سان چوندا رھيؤ ۽ اُن کي ھلڪو ٿي ڀانيوَ، ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽ وڏو (گناہ) ھو.

Verse 16

وَلَوْلَآ إِذْ سَمِعْتُمُوهُ قُلْتُم مَّا يَكُونُ لَنَآ أَن نَّتَكَلَّمَ بِهَـٰذَا سُبْحَـٰنَكَ هَـٰذَا بُهْتَـٰنٌ عَظِيمٌ

Transliteration walawlā idh samiʿ'tumūhu qul'tum mā yakūnu lanā an natakallama bihādhā sub'ḥānaka hādhā buh'tānun ʿaẓīmun

Sindhi ۽ جڏھن اُھو ٻڌوَ (تڏھن) ڇونه چيوَ ته اسان کي اھو چوڻ نه جڳائيندو آھي، (اي الله) تنھنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ھي وڏ بُھتان آھي.

Verse 17

يَعِظُكُمُ ٱللَّهُ أَن تَعُودُوا۟ لِمِثْلِهِۦٓ أَبَدًا إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ

Transliteration yaʿiẓukumu l-lahu an taʿūdū limith'lihi abadan in kuntum mu'minīna

Sindhi الله اوھان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته (ٻيھر) وري اصلي اھڙو (ڪم) نه ڪجو.

Verse 18

وَيُبَيِّنُ ٱللَّهُ لَكُمُ ٱلْـَٔايَـٰتِ ۚ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ

Transliteration wayubayyinu l-lahu lakumu l-āyāti wal-lahu ʿalīmun ḥakīmun

Sindhi ۽ الله اوھان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 19

إِنَّ ٱلَّذِينَ يُحِبُّونَ أَن تَشِيعَ ٱلْفَـٰحِشَةُ فِى ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْـَٔاخِرَةِ ۚ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ وَأَنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ

Transliteration inna alladhīna yuḥibbūna an tashīʿa l-fāḥishatu fī alladhīna āmanū lahum ʿadhābun alīmun fī l-dun'yā wal-ākhirati wal-lahu yaʿlamu wa-antum lā taʿlamūna

Sindhi بيشڪ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن (جي نسبت) ۾ بدڪاريءَ (جي تھمت) جي پڌري ٿيڻ کي دوست رکندا آھن تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

Verse 20

وَلَوْلَا فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُۥ وَأَنَّ ٱللَّهَ رَءُوفٌ رَّحِيمٌ

Transliteration walawlā faḍlu l-lahi ʿalaykum waraḥmatuhu wa-anna l-laha raūfun raḥīmun

Sindhi ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته ضرور خراب ٿيو ھا) ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 21

۞ يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَتَّبِعُوا۟ خُطُوَٰتِ ٱلشَّيْطَـٰنِ ۚ وَمَن يَتَّبِعْ خُطُوَٰتِ ٱلشَّيْطَـٰنِ فَإِنَّهُۥ يَأْمُرُ بِٱلْفَحْشَآءِ وَٱلْمُنكَرِ ۚ وَلَوْلَا فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُۥ مَا زَكَىٰ مِنكُم مِّنْ أَحَدٍ أَبَدًا وَلَـٰكِنَّ ٱللَّهَ يُزَكِّى مَن يَشَآءُ ۗ وَٱللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū lā tattabiʿū khuṭuwāti l-shayṭāni waman yattabiʿ khuṭuwāti l-shayṭāni fa-innahu yamuru bil-faḥshāi wal-munkari walawlā faḍlu l-lahi ʿalaykum waraḥmatuhu mā zakā minkum min aḥadin abadan walākinna l-laha yuzakkī man yashāu wal-lahu samīʿun ʿalīmun

Sindhi اي ايمان وارؤ اوھين شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ۽ جيڪو شيطان جي وِکن تي ھلندو ته شيطان ته بيحيائي (جون ڳالھيون) ۽ مندا ڪم ڏسيندو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته اوھان مان ڪو ھڪ ڪڏھن نه سُڌري ھا پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي پاڪ ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

Verse 22

وَلَا يَأْتَلِ أُو۟لُوا۟ ٱلْفَضْلِ مِنكُمْ وَٱلسَّعَةِ أَن يُؤْتُوٓا۟ أُو۟لِى ٱلْقُرْبَىٰ وَٱلْمَسَـٰكِينَ وَٱلْمُهَـٰجِرِينَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ۖ وَلْيَعْفُوا۟ وَلْيَصْفَحُوٓا۟ ۗ أَلَا تُحِبُّونَ أَن يَغْفِرَ ٱللَّهُ لَكُمْ ۗ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Transliteration walā yatali ulū l-faḍli minkum wal-saʿati an yu'tū ulī l-qur'bā wal-masākīna wal-muhājirīna fī sabīli l-lahi walyaʿfū walyaṣfaḥū alā tuḥibbūna an yaghfira l-lahu lakum wal-lahu ghafūrun raḥīmun

Sindhi ۽ اوھان مان فضل وارا ۽ آسودا مائٽي وارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي (ڪي به) نه ڏيڻ جو قسم نه کڻن، ۽ جڳائي ته معاف ڪن ۽ ٽارو ڪن، اوھين نه گھرندا آھيو ڇا ته الله اوھان کي بخشي؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 23

إِنَّ ٱلَّذِينَ يَرْمُونَ ٱلْمُحْصَنَـٰتِ ٱلْغَـٰفِلَـٰتِ ٱلْمُؤْمِنَـٰتِ لُعِنُوا۟ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْـَٔاخِرَةِ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ

Transliteration inna alladhīna yarmūna l-muḥ'ṣanāti l-ghāfilāti l-mu'mināti luʿinū fī l-dun'yā wal-ākhirati walahum ʿadhābun ʿaẓīmun

Sindhi بيشڪ جيڪي (ماڻھو) پاڪدامن بي خبر مؤمنياڻن زالن کي تُھمت لائيندا آھن تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آھي، ۽ اُنھن لاءِ (اُنھيءَ ڏينھن) وڏو عذاب آھي.

Verse 24

يَوْمَ تَشْهَدُ عَلَيْهِمْ أَلْسِنَتُهُمْ وَأَيْدِيهِمْ وَأَرْجُلُهُم بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Transliteration yawma tashhadu ʿalayhim alsinatuhum wa-aydīhim wa-arjuluhum bimā kānū yaʿmalūna

Sindhi انھن جيڪي ڪمايو تنھن بابت سندين زبانون ۽ سندن ھٿ ۽ سندن پير جنھن ڏينھن مٿن شاھدي ڏيندا.

Verse 25

يَوْمَئِذٍ يُوَفِّيهِمُ ٱللَّهُ دِينَهُمُ ٱلْحَقَّ وَيَعْلَمُونَ أَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْحَقُّ ٱلْمُبِينُ

Transliteration yawma-idhin yuwaffīhimu l-lahu dīnahumu l-ḥaqa wayaʿlamūna anna l-laha huwa l-ḥaqu l-mubīnu

Sindhi اُن ڏينھن الله کين انصاف سان سندن بدلو پُورو ڏيندو ۽ (ھيءُ) ڄاڻندا ته الله ئي سچو پڌري ڪرڻ وارو آھي.

Verse 26

ٱلْخَبِيثَـٰتُ لِلْخَبِيثِينَ وَٱلْخَبِيثُونَ لِلْخَبِيثَـٰتِ ۖ وَٱلطَّيِّبَـٰتُ لِلطَّيِّبِينَ وَٱلطَّيِّبُونَ لِلطَّيِّبَـٰتِ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ مُبَرَّءُونَ مِمَّا يَقُولُونَ ۖ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَرِزْقٌ كَرِيمٌ

Transliteration al-khabīthātu lil'khabīthīna wal-khabīthūna lil'khabīthāti wal-ṭayibātu lilṭṭayyibīna wal-ṭayibūna lilṭṭayyibāti ulāika mubarraūna mimmā yaqūlūna lahum maghfiratun wariz'qun karīmun

Sindhi پليت زالون پليت مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پليت مرد پليت زالن لاءِ (لائق) آھن، ۽ پاڪ زالون پاڪ مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پاڪ مرد پاڪ زالن لاءِ (لائق) آھن، (انھن جي به نسبت ماڻھو) جيڪي چوندا آھن تنھن (ڳالھ) کان اُھي پاڪ آھن، انھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.

Verse 27

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَدْخُلُوا۟ بُيُوتًا غَيْرَ بُيُوتِكُمْ حَتَّىٰ تَسْتَأْنِسُوا۟ وَتُسَلِّمُوا۟ عَلَىٰٓ أَهْلِهَا ۚ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū lā tadkhulū buyūtan ghayra buyūtikum ḥattā tastanisū watusallimū ʿalā ahlihā dhālikum khayrun lakum laʿallakum tadhakkarūna

Sindhi اي ايمان وارؤ پنھنجن گھرن کانسواءِ ٻـين (ماڻھن جي) گھرن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين (نه) موڪلايو ۽ اُن جي رھڻ وارن تي سلام (نه) ڏيو، اِھو اوھان لاءِ چڱو آھي مانَ اوھين نصيحت وٺو.

Verse 28

فَإِن لَّمْ تَجِدُوا۟ فِيهَآ أَحَدًا فَلَا تَدْخُلُوهَا حَتَّىٰ يُؤْذَنَ لَكُمْ ۖ وَإِن قِيلَ لَكُمُ ٱرْجِعُوا۟ فَٱرْجِعُوا۟ ۖ هُوَ أَزْكَىٰ لَكُمْ ۚ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ عَلِيمٌ

Transliteration fa-in lam tajidū fīhā aḥadan falā tadkhulūhā ḥattā yu'dhana lakum wa-in qīla lakumu ir'jiʿū fa-ir'jiʿū huwa azkā lakum wal-lahu bimā taʿmalūna ʿalīmun

Sindhi پوءِ جيڪڏھن منجھس ڪنھن کي نه ڏسو ته اُن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين اوھان کي موڪل (نه) ڏجي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي چئجي ته موٽي وڃو ته موٽي وڃو اِھو اوھان لاءِ تمام سٺو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.

Verse 29

لَّيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ أَن تَدْخُلُوا۟ بُيُوتًا غَيْرَ مَسْكُونَةٍ فِيهَا مَتَـٰعٌ لَّكُمْ ۚ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ مَا تُبْدُونَ وَمَا تَكْتُمُونَ

Transliteration laysa ʿalaykum junāḥun an tadkhulū buyūtan ghayra maskūnatin fīhā matāʿun lakum wal-lahu yaʿlamu mā tub'dūna wamā taktumūna

Sindhi اھڙن گھرن ۾ گھڙڻ کان اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي جنھن ۾ ڪوئي نه رھندو ھجي منجھس اوھان جو سامان (رکيل) ھجي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.

Verse 30

قُل لِّلْمُؤْمِنِينَ يَغُضُّوا۟ مِنْ أَبْصَـٰرِهِمْ وَيَحْفَظُوا۟ فُرُوجَهُمْ ۚ ذَٰلِكَ أَزْكَىٰ لَهُمْ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ خَبِيرٌۢ بِمَا يَصْنَعُونَ

Transliteration qul lil'mu'minīna yaghuḍḍū min abṣārihim wayaḥfaẓū furūjahum dhālika azkā lahum inna l-laha khabīrun bimā yaṣnaʿūna

Sindhi مؤمن مڙسن کي چؤ ته پنھنجين اکين کي ھيٺ ڪن ۽ پنھنجن اُگھڙن کي بچائيندا رھن، اھو انھن لاءِ تمام سٺو آھي، جيڪي ڪندا آھن تنھنجي بيشڪ الله خبر رکندڙ آھي.

Verse 31

وَقُل لِّلْمُؤْمِنَـٰتِ يَغْضُضْنَ مِنْ أَبْصَـٰرِهِنَّ وَيَحْفَظْنَ فُرُوجَهُنَّ وَلَا يُبْدِينَ زِينَتَهُنَّ إِلَّا مَا ظَهَرَ مِنْهَا ۖ وَلْيَضْرِبْنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلَىٰ جُيُوبِهِنَّ ۖ وَلَا يُبْدِينَ زِينَتَهُنَّ إِلَّا لِبُعُولَتِهِنَّ أَوْ ءَابَآئِهِنَّ أَوْ ءَابَآءِ بُعُولَتِهِنَّ أَوْ أَبْنَآئِهِنَّ أَوْ أَبْنَآءِ بُعُولَتِهِنَّ أَوْ إِخْوَٰنِهِنَّ أَوْ بَنِىٓ إِخْوَٰنِهِنَّ أَوْ بَنِىٓ أَخَوَٰتِهِنَّ أَوْ نِسَآئِهِنَّ أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُهُنَّ أَوِ ٱلتَّـٰبِعِينَ غَيْرِ أُو۟لِى ٱلْإِرْبَةِ مِنَ ٱلرِّجَالِ أَوِ ٱلطِّفْلِ ٱلَّذِينَ لَمْ يَظْهَرُوا۟ عَلَىٰ عَوْرَٰتِ ٱلنِّسَآءِ ۖ وَلَا يَضْرِبْنَ بِأَرْجُلِهِنَّ لِيُعْلَمَ مَا يُخْفِينَ مِن زِينَتِهِنَّ ۚ وَتُوبُوٓا۟ إِلَى ٱللَّهِ جَمِيعًا أَيُّهَ ٱلْمُؤْمِنُونَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ

Transliteration waqul lil'mu'mināti yaghḍuḍ'na min abṣārihinna wayaḥfaẓna furūjahunna walā yub'dīna zīnatahunna illā mā ẓahara min'hā walyaḍrib'na bikhumurihinna ʿalā juyūbihinna walā yub'dīna zīnatahunna illā libuʿūlatihinna aw ābāihinna aw ābāi buʿūlatihinna aw abnāihinna aw abnāi buʿūlatihinna aw ikh'wānihinna aw banī ikh'wānihinna aw banī akhawātihinna aw nisāihinna aw mā malakat aymānuhunna awi l-tābiʿīna ghayri ulī l-ir'bati mina l-rijāli awi l-ṭif'li alladhīna lam yaẓharū ʿalā ʿawrāti l-nisāi walā yaḍrib'na bi-arjulihinna liyuʿ'lama mā yukh'fīna min zīnatihinna watūbū ilā l-lahi jamīʿan ayyuha l-mu'minūna laʿallakum tuf'liḥūna

Sindhi ۽ مؤمن زالن کي چؤ ته پنھنجيون اکيون جھڪيون ڪن ۽ پنھنجن اوگھڙن کي بچائينديون رھن ۽ پنھنجي سينگار (يعني زيوتن جي جاين) کي پڌرو نه ڪن پر اُنھن مان جيڪي ظاھر (ضروري) آھن (جھڙا ھٿ پير) ۽ جڳائين ته پنھنجين چادرن کي پنھنجي گريبانن تي لاھي ڇڏين، ۽ پنھنجن مڙسن يا پنھنجن پين يا پنھنجن سُھرن يا پنھنجن پُٽن يا پنھنجن مڙسن جي پُٽن يا پنھنجن ڀائرن يا پنھنجن ڀائيٽن يا پنھنجن ڀاڻيجن يا پنھنجن زالن يا پنھنجن ٻانھن يا خدمت گار مڙسن مان (زالن ڏانھن) اڻ خواھش وارن يا جن ٻارن کي زالن جي اوگھڙ جو سماءُ نه پوي تن ڌاران ٻـين (سڀني) جي اڳيان پنھنجو سينگار پڌرو نه ڪن، ۽ پنھنجن پيرن سان (زيور) ھن لاءِ نه ڇمڪائين ته سندن سينگار مان جيڪي ڳجھو آھي سو ڄاتو وڃي، ۽ اي مسلمانؤ اوھين مڙيئي الله جي اڳيان توبه ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.

Verse 32

وَأَنكِحُوا۟ ٱلْأَيَـٰمَىٰ مِنكُمْ وَٱلصَّـٰلِحِينَ مِنْ عِبَادِكُمْ وَإِمَآئِكُمْ ۚ إِن يَكُونُوا۟ فُقَرَآءَ يُغْنِهِمُ ٱللَّهُ مِن فَضْلِهِۦ ۗ وَٱللَّهُ وَٰسِعٌ عَلِيمٌ

Transliteration wa-ankiḥū l-ayāmā minkum wal-ṣāliḥīna min ʿibādikum wa-imāikum in yakūnū fuqarāa yugh'nihimu l-lahu min faḍlihi wal-lahu wāsiʿun ʿalīmun

Sindhi ۽ پنھنجيءَ (قوم) مان رنن زالن کي پرڻايو ۽ پنھنجن ٻانھن ۽ پنھنجين ٻانھين مان نيڪن کي (به پرڻايو)، جيڪڏھن (ھو) غريب ھوندا ته الله پنھنجي فضل سان کين آسُودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.

Verse 33

وَلْيَسْتَعْفِفِ ٱلَّذِينَ لَا يَجِدُونَ نِكَاحًا حَتَّىٰ يُغْنِيَهُمُ ٱللَّهُ مِن فَضْلِهِۦ ۗ وَٱلَّذِينَ يَبْتَغُونَ ٱلْكِتَـٰبَ مِمَّا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُكُمْ فَكَاتِبُوهُمْ إِنْ عَلِمْتُمْ فِيهِمْ خَيْرًا ۖ وَءَاتُوهُم مِّن مَّالِ ٱللَّهِ ٱلَّذِىٓ ءَاتَىٰكُمْ ۚ وَلَا تُكْرِهُوا۟ فَتَيَـٰتِكُمْ عَلَى ٱلْبِغَآءِ إِنْ أَرَدْنَ تَحَصُّنًا لِّتَبْتَغُوا۟ عَرَضَ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۚ وَمَن يُكْرِههُّنَّ فَإِنَّ ٱللَّهَ مِنۢ بَعْدِ إِكْرَٰهِهِنَّ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Transliteration walyastaʿfifi alladhīna lā yajidūna nikāḥan ḥattā yugh'niyahumu l-lahu min faḍlihi wa-alladhīna yabtaghūna l-kitāba mimmā malakat aymānukum fakātibūhum in ʿalim'tum fīhim khayran waātūhum min māli l-lahi alladhī ātākum walā tuk'rihū fatayātikum ʿalā l-bighāi in aradna taḥaṣṣunan litabtaghū ʿaraḍa l-ḥayati l-dun'yā waman yuk'rihhunna fa-inna l-laha min baʿdi ik'rāhihinna ghafūrun raḥīmun

Sindhi ۽ جيڪي پرڻجي نٿا سگھن تن کي ايسين پاڪدامن رھڻ گھرجي جيسين کين الله پنھنجي فضل سان آسودو ڪري، ۽ اوھان جي ٻانھن مان جيڪي (آزاديءَ لاءِ عوض ڏيڻ جو) لکيل انجام گھرن تن ۾ جيڪڏھن ڪا چڱائي ڄاڻو ته کين لکيل انجام ڏيو، ۽ جيڪو مال الله اوھان کي ڏنو آھي تنھن مان کين ڏيو، ۽ اوھان جون ٻانھيون جيڪڏھن پاڪدامن رھڻ جو ارادو ڪن ٿيون ته انھن کي اوھين دُنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ زنا تي زور نه ڪريو، ۽ جيڪو کين زنا تي زور ڪندو ته زور ڪرڻ کانپوءِ انھن (ٻانھين) کي الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 34

وَلَقَدْ أَنزَلْنَآ إِلَيْكُمْ ءَايَـٰتٍ مُّبَيِّنَـٰتٍ وَمَثَلًا مِّنَ ٱلَّذِينَ خَلَوْا۟ مِن قَبْلِكُمْ وَمَوْعِظَةً لِّلْمُتَّقِينَ

Transliteration walaqad anzalnā ilaykum āyātin mubayyinātin wamathalan mina alladhīna khalaw min qablikum wamawʿiẓatan lil'muttaqīna

Sindhi ۽ بيشڪ اوھان ڏانھن چٽيون نشانيون ۽ جيڪي اوھان کان اڳ گذري ويا تن جا مثال ۽ پرھيزگارن لاءِ نصيحت لاٿي سون.

Verse 35

۞ ٱللَّهُ نُورُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ مَثَلُ نُورِهِۦ كَمِشْكَوٰةٍ فِيهَا مِصْبَاحٌ ۖ ٱلْمِصْبَاحُ فِى زُجَاجَةٍ ۖ ٱلزُّجَاجَةُ كَأَنَّهَا كَوْكَبٌ دُرِّىٌّ يُوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُّبَـٰرَكَةٍ زَيْتُونَةٍ لَّا شَرْقِيَّةٍ وَلَا غَرْبِيَّةٍ يَكَادُ زَيْتُهَا يُضِىٓءُ وَلَوْ لَمْ تَمْسَسْهُ نَارٌ ۚ نُّورٌ عَلَىٰ نُورٍ ۗ يَهْدِى ٱللَّهُ لِنُورِهِۦ مَن يَشَآءُ ۚ وَيَضْرِبُ ٱللَّهُ ٱلْأَمْثَـٰلَ لِلنَّاسِ ۗ وَٱللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌ

Transliteration al-lahu nūru l-samāwāti wal-arḍi mathalu nūrihi kamish'katin fīhā miṣ'bāḥun l-miṣ'bāḥu fī zujājatin l-zujājatu ka-annahā kawkabun durriyyun yūqadu min shajaratin mubārakatin zaytūnatin lā sharqiyyatin walā gharbiyyatin yakādu zaytuhā yuḍīu walaw lam tamsashu nārun nūrun ʿalā nūrin yahdī l-lahu linūrihi man yashāu wayaḍribu l-lahu l-amthāla lilnnāsi wal-lahu bikulli shayin ʿalīmun

Sindhi الله آسمانن ۽ زمين کي روشن کي ڪندڙ آھي، سندس نُور جو مثال انھيءَ جاري وانگر آھي جنھن ۾ ڏيو ھجي، ڏيو قنديل ۾ ھجي، اُھو قنديل ڄڻڪ چمڪندڙ ستارو آھي جو انھيءَ برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻارجي جو نڪي اوڀر ۽ نڪي اولھ (ڄمندو) آھي سندس تيل جيتوڻيڪ باھ نه پھتي ھجيس ته به سوجھري ڪرڻ کي ويجھو آھي، نُور تي نُور آھي، الله جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي پنھنجي نُور سان سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

Verse 36

فِى بُيُوتٍ أَذِنَ ٱللَّهُ أَن تُرْفَعَ وَيُذْكَرَ فِيهَا ٱسْمُهُۥ يُسَبِّحُ لَهُۥ فِيهَا بِٱلْغُدُوِّ وَٱلْـَٔاصَالِ

Transliteration fī buyūtin adhina l-lahu an tur'faʿa wayudh'kara fīhā us'muhu yusabbiḥu lahu fīhā bil-ghuduwi wal-āṣāli

Sindhi (اُنھي نُور جو ھنڌ) اُنھن گھرن ۾ (آھي) جن لاءِ الله حُڪم ڪيو آھي ته انھن جي تعظيم ڪجي ۽ انھن ۾ سندس نالو ياد ڪجي انھن ۾ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن.

Verse 37

رِجَالٌ لَّا تُلْهِيهِمْ تِجَـٰرَةٌ وَلَا بَيْعٌ عَن ذِكْرِ ٱللَّهِ وَإِقَامِ ٱلصَّلَوٰةِ وَإِيتَآءِ ٱلزَّكَوٰةِ ۙ يَخَافُونَ يَوْمًا تَتَقَلَّبُ فِيهِ ٱلْقُلُوبُ وَٱلْأَبْصَـٰرُ

Transliteration rijālun lā tul'hīhim tijāratun walā bayʿun ʿan dhik'ri l-lahi wa-iqāmi l-ṣalati waītāi l-zakati yakhāfūna yawman tataqallabu fīhi l-qulūbu wal-abṣāru

Sindhi (يعني اھڙا) مڙس جو انھن کي واپار ۽ نڪي سودو الله جي ياد ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان جھليندو آھي، انھي ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن ۾ دليون ۽ اکيون اُبتيون ٿينديون.

Verse 38

لِيَجْزِيَهُمُ ٱللَّهُ أَحْسَنَ مَا عَمِلُوا۟ وَيَزِيدَهُم مِّن فَضْلِهِۦ ۗ وَٱللَّهُ يَرْزُقُ مَن يَشَآءُ بِغَيْرِ حِسَابٍ

Transliteration liyajziyahumu l-lahu aḥsana mā ʿamilū wayazīdahum min faḍlihi wal-lahu yarzuqu man yashāu bighayri ḥisābin

Sindhi ھن لاءِ ته جيڪي تمام چڱا عمل ڪيائون تن جوالله کين بدلو ڏئي ۽ کين پنھنجي فضل سان وڌيڪ به ڏئي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.

Verse 39

وَٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَعْمَـٰلُهُمْ كَسَرَابٍۭ بِقِيعَةٍ يَحْسَبُهُ ٱلظَّمْـَٔانُ مَآءً حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَهُۥ لَمْ يَجِدْهُ شَيْـًٔا وَوَجَدَ ٱللَّهَ عِندَهُۥ فَوَفَّىٰهُ حِسَابَهُۥ ۗ وَٱللَّهُ سَرِيعُ ٱلْحِسَابِ

Transliteration wa-alladhīna kafarū aʿmāluhum kasarābin biqīʿatin yaḥsabuhu l-ẓamānu māan ḥattā idhā jāahu lam yajid'hu shayan wawajada l-laha ʿindahu fawaffāhu ḥisābahu wal-lahu sarīʿu l-ḥisābi

Sindhi ۽ جن ڪُفر ڪيو تن جا اعمال رڻ پَٽ جي رُڃ وانگر آھن اُڃو اُن کي پاڻي ڀانئي، تان جو جڏھن اُن وٽ پُھچي (تڏھن) اُن کي ڪا شيء نه لھي ۽ الله کي ئي پاڻ وٽ لھي پوءِ اُھو کيس سندس حساب پورو پُھچائي ڏئي، ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آھي.

Verse 40

أَوْ كَظُلُمَـٰتٍ فِى بَحْرٍ لُّجِّىٍّ يَغْشَىٰهُ مَوْجٌ مِّن فَوْقِهِۦ مَوْجٌ مِّن فَوْقِهِۦ سَحَابٌ ۚ ظُلُمَـٰتٌۢ بَعْضُهَا فَوْقَ بَعْضٍ إِذَآ أَخْرَجَ يَدَهُۥ لَمْ يَكَدْ يَرَىٰهَا ۗ وَمَن لَّمْ يَجْعَلِ ٱللَّهُ لَهُۥ نُورًا فَمَا لَهُۥ مِن نُّورٍ

Transliteration aw kaẓulumātin fī baḥrin lujjiyyin yaghshāhu mawjun min fawqihi mawjun min fawqihi saḥābun ẓulumātun baʿḍuhā fawqa baʿḍin idhā akhraja yadahu lam yakad yarāhā waman lam yajʿali l-lahu lahu nūran famā lahu min nūrin

Sindhi يا (ڪافر جي عملن جو مثال) اونداھين وانگر آھي جو اُونھيءَ درياءَ ۾ لھر جي مٿان لھر ويڙھيس مٿانئس جھُڙ ھُجي، ھڪ ٻئي جي مٿان (اُھي) اونداھيون ھُجن، جڏھن پنھنجو ھٿ ڪڍي (تڏھن) اُن کي ڏسي نه سگھي، ۽ جنھن کي الله سوجھرو نه ڏنو تنھن کي ڪو سوجھرو ڪونھي.

Verse 41

أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُۥ مَن فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَٱلطَّيْرُ صَـٰٓفَّـٰتٍ ۖ كُلٌّ قَدْ عَلِمَ صَلَاتَهُۥ وَتَسْبِيحَهُۥ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌۢ بِمَا يَفْعَلُونَ

Transliteration alam tara anna l-laha yusabbiḥu lahu man fī l-samāwāti wal-arḍi wal-ṭayru ṣāffātin kullun qad ʿalima ṣalātahu watasbīḥahu wal-lahu ʿalīmun bimā yafʿalūna

Sindhi نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي ۽ کليل پرن وارا پکي الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، بيشڪ سڀئي پنھنجي نماز ۽ پنھنجي تسبيح (پڙھڻ جي طرح) کان واقف آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.

Verse 42

وَلِلَّهِ مُلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ وَإِلَى ٱللَّهِ ٱلْمَصِيرُ

Transliteration walillahi mul'ku l-samāwāti wal-arḍi wa-ilā l-lahi l-maṣīru

Sindhi آسمانن ۽ زمين جي بادشاھت الله جي آھي، ۽ الله ڏانھن ورڻو آھي.

Verse 43

أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ يُزْجِى سَحَابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَيْنَهُۥ ثُمَّ يَجْعَلُهُۥ رُكَامًا فَتَرَى ٱلْوَدْقَ يَخْرُجُ مِنْ خِلَـٰلِهِۦ وَيُنَزِّلُ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مِن جِبَالٍ فِيهَا مِنۢ بَرَدٍ فَيُصِيبُ بِهِۦ مَن يَشَآءُ وَيَصْرِفُهُۥ عَن مَّن يَشَآءُ ۖ يَكَادُ سَنَا بَرْقِهِۦ يَذْهَبُ بِٱلْأَبْصَـٰرِ

Transliteration alam tara anna l-laha yuz'jī saḥāban thumma yu-allifu baynahu thumma yajʿaluhu rukāman fatarā l-wadqa yakhruju min khilālihi wayunazzilu mina l-samāi min jibālin fīhā min baradin fayuṣību bihi man yashāu wayaṣrifuhu ʿan man yashāu yakādu sanā barqihi yadhhabu bil-abṣāri

Sindhi (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله ڪڪرن کي ھلائيندو آھي وري انھن کي پاڻ ۾ گڏيندو آھي وري کين کين تھن تي تھ ڪندو آھي پوءِ ڏسندو آھين ته ڦڙي سندس وچ مان نڪرندي آھي، ۽ آسمان کان اُتي جي ڳڙن جي ٽڪرن مان ڳڙو وسائيندو آھي پوءِ جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھو پُھچائيندو ۽ جنھن کان وڻيس تنھن کان اُھو ٽاريندو آھي، اُن (ڪڪر) جي وِڄ جو چمڪاٽ (ڄڻ ته) اجھو اکيون ٿو نئي.

Verse 44

يُقَلِّبُ ٱللَّهُ ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّأُو۟لِى ٱلْأَبْصَـٰرِ

Transliteration yuqallibu l-lahu al-layla wal-nahāra inna fī dhālika laʿib'ratan li-ulī l-abṣāri

Sindhi الله رات ۽ ڏينھن کي مٽائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت آھي.

Verse 45

وَٱللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دَآبَّةٍ مِّن مَّآءٍ ۖ فَمِنْهُم مَّن يَمْشِى عَلَىٰ بَطْنِهِۦ وَمِنْهُم مَّن يَمْشِى عَلَىٰ رِجْلَيْنِ وَمِنْهُم مَّن يَمْشِى عَلَىٰٓ أَرْبَعٍ ۚ يَخْلُقُ ٱللَّهُ مَا يَشَآءُ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ

Transliteration wal-lahu khalaqa kulla dābbatin min māin famin'hum man yamshī ʿalā baṭnihi wamin'hum man yamshī ʿalā rij'layni wamin'hum man yamshī ʿalā arbaʿin yakhluqu l-lahu mā yashāu inna l-laha ʿalā kulli shayin qadīrun

Sindhi ۽ الله سڀڪو جاندار پاڻيءَ مان بڻايو آھي، پوءِ منجھائن ڪي پيٽ ڀر ھلندا آھن، ۽ منجھائن ڪي ٻن پيرن تي ھلندا آھن، ۽ منجھائن ڪي چئن (پيرن) تي ھلندا آھن، الله جيڪي گھرندو آھي سو پيدا ڪندو آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

Verse 46

لَّقَدْ أَنزَلْنَآ ءَايَـٰتٍ مُّبَيِّنَـٰتٍ ۚ وَٱللَّهُ يَهْدِى مَن يَشَآءُ إِلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ

Transliteration laqad anzalnā āyātin mubayyinātin wal-lahu yahdī man yashāu ilā ṣirāṭin mus'taqīmin

Sindhi بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيوسون، ۽ الله جنھن کي گھري تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.

Verse 47

وَيَقُولُونَ ءَامَنَّا بِٱللَّهِ وَبِٱلرَّسُولِ وَأَطَعْنَا ثُمَّ يَتَوَلَّىٰ فَرِيقٌ مِّنْهُم مِّنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ ۚ وَمَآ أُو۟لَـٰٓئِكَ بِٱلْمُؤْمِنِينَ

Transliteration wayaqūlūna āmannā bil-lahi wabil-rasūli wa-aṭaʿnā thumma yatawallā farīqun min'hum min baʿdi dhālika wamā ulāika bil-mu'minīna

Sindhi ۽ (منافق) چوندا آھن ته الله تي ۽ جنھن پيغمبر تي ايمان آندوسون ۽ فرمانبرداري ڪئي سون وري اُن کانپوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري وڃي ٿي، ۽ اُھي اِيمان وارا نه آھن.

Verse 48

وَإِذَا دُعُوٓا۟ إِلَى ٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ لِيَحْكُمَ بَيْنَهُمْ إِذَا فَرِيقٌ مِّنْهُم مُّعْرِضُونَ

Transliteration wa-idhā duʿū ilā l-lahi warasūlihi liyaḥkuma baynahum idhā farīqun min'hum muʿ'riḍūna

Sindhi ۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏبا آھن ته سندن وچ ۾ (پيغمبر) نبيرو ڪري (تڏھن) اُمالڪ منجھانئن ھڪ ٽولي منھن موڙيندڙ آھي.

Verse 49

وَإِن يَكُن لَّهُمُ ٱلْحَقُّ يَأْتُوٓا۟ إِلَيْهِ مُذْعِنِينَ

Transliteration wa-in yakun lahumu l-ḥaqu yatū ilayhi mudh'ʿinīna

Sindhi ۽ جيڪڏھن (ڪنھن تي) سندن حق ھوندو آھي ته پيغمبر ڏانھن ڪنڌ نوائي ايندا آھن.

Verse 50

أَفِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ أَمِ ٱرْتَابُوٓا۟ أَمْ يَخَافُونَ أَن يَحِيفَ ٱللَّهُ عَلَيْهِمْ وَرَسُولُهُۥ ۚ بَلْ أُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلظَّـٰلِمُونَ

Transliteration afī qulūbihim maraḍun ami ir'tābū am yakhāfūna an yaḥīfa l-lahu ʿalayhim warasūluhu bal ulāika humu l-ẓālimūna

Sindhi سندين دلين ۾ بيماري آھي ڇا يا شڪ ۾ پيا آھن يا ڊڄندا آھن ته الله ۽ سندس پيغمبر مٿن ظلم ڪندو؟ (نه!) بلڪ اُھي پاڻ بي انصاف آھن.

Verse 51

إِنَّمَا كَانَ قَوْلَ ٱلْمُؤْمِنِينَ إِذَا دُعُوٓا۟ إِلَى ٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ لِيَحْكُمَ بَيْنَهُمْ أَن يَقُولُوا۟ سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا ۚ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ

Transliteration innamā kāna qawla l-mu'minīna idhā duʿū ilā l-lahi warasūlihi liyaḥkuma baynahum an yaqūlū samiʿ'nā wa-aṭaʿnā wa-ulāika humu l-muf'liḥūna

Sindhi جڏھن مؤمنن کي الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏيو آھي ته (پيغمبر) سندن وچ ۾ نبيرو ڪري تڏھن انھن جو چوڻ رڳو ھيءُ ھوندو آھي ته ٻڌوسون ۽ حُڪم مڃيوسون، ۽ اُھي ڇٽل آھن.

Verse 52

وَمَن يُطِعِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَيَخْشَ ٱللَّهَ وَيَتَّقْهِ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْفَآئِزُونَ

Transliteration waman yuṭiʿi l-laha warasūlahu wayakhsha l-laha wayattaqhi fa-ulāika humu l-fāizūna

Sindhi ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو ۽ الله کان ڊڄندو ۽ اُن جي نافرمانيءَ کان بچندو پوءِ اُھي مراد ماڻيندڙ آھن.

Verse 53

۞ وَأَقْسَمُوا۟ بِٱللَّهِ جَهْدَ أَيْمَـٰنِهِمْ لَئِنْ أَمَرْتَهُمْ لَيَخْرُجُنَّ ۖ قُل لَّا تُقْسِمُوا۟ ۖ طَاعَةٌ مَّعْرُوفَةٌ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ خَبِيرٌۢ بِمَا تَعْمَلُونَ

Transliteration wa-aqsamū bil-lahi jahda aymānihim la-in amartahum layakhrujunna qul lā tuq'simū ṭāʿatun maʿrūfatun inna l-laha khabīrun bimā taʿmalūna

Sindhi ۽ الله جا وڏا وڏا قسم پڪيءَ طرح کڻندا آھن ته جيڪڏھن کين حُڪم ڪرين ته ضرور (سڀ ڦٽي ڪري پنھنجي ديس مان) نڪرندا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته قسم نه کڻو، دستوري فرمانبرداري (ڪريو)، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

Verse 54

قُلْ أَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُوا۟ ٱلرَّسُولَ ۖ فَإِن تَوَلَّوْا۟ فَإِنَّمَا عَلَيْهِ مَا حُمِّلَ وَعَلَيْكُم مَّا حُمِّلْتُمْ ۖ وَإِن تُطِيعُوهُ تَهْتَدُوا۟ ۚ وَمَا عَلَى ٱلرَّسُولِ إِلَّا ٱلْبَلَـٰغُ ٱلْمُبِينُ

Transliteration qul aṭīʿū l-laha wa-aṭīʿū l-rasūla fa-in tawallaw fa-innamā ʿalayhi mā ḥummila waʿalaykum mā ḥummil'tum wa-in tuṭīʿūhu tahtadū wamā ʿalā l-rasūli illā l-balāghu l-mubīnu

Sindhi چؤ ته الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته جيڪي پيغمبر تي (الله جي حُڪمن پُھچائڻ جو حق) رکيو ويو تنھن جو ذمو مٿس ئي آھي ۽ جيڪي اوھان تي رکيو ويو تنھن تي عمل ڪرڻ جو حق اوھان تي ئي آھي، ۽ جيڪڏھن سندس چيو مڃيندؤ ته ھدايت وارا ٿيندؤ، ۽ پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پُھچائڻ لازم آھي.

Verse 55

وَعَدَ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مِنكُمْ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ لَيَسْتَخْلِفَنَّهُمْ فِى ٱلْأَرْضِ كَمَا ٱسْتَخْلَفَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُمْ دِينَهُمُ ٱلَّذِى ٱرْتَضَىٰ لَهُمْ وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِّنۢ بَعْدِ خَوْفِهِمْ أَمْنًا ۚ يَعْبُدُونَنِى لَا يُشْرِكُونَ بِى شَيْـًٔا ۚ وَمَن كَفَرَ بَعْدَ ذَٰلِكَ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْفَـٰسِقُونَ

Transliteration waʿada l-lahu alladhīna āmanū minkum waʿamilū l-ṣāliḥāti layastakhlifannahum fī l-arḍi kamā is'takhlafa alladhīna min qablihim walayumakkinanna lahum dīnahumu alladhī ir'taḍā lahum walayubaddilannahum min baʿdi khawfihim amnan yaʿbudūnanī lā yush'rikūna bī shayan waman kafara baʿda dhālika fa-ulāika humu l-fāsiqūna

Sindhi اوھان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله انجام ڏنو آھي ته مُلڪ ۾ ضرور کين خليفو ڪندو جئن کانئن اڳين کي حاڪم ڪيائين، ۽ سندن انھيءَ دين کي جو انھن لاءِ پسند ڪيو اٿس انھن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندس ڊڄ کان پوءِ کين مٽائي اَمن ڏيندو، (اُھي) منھنجي عبادت ڪندا رھندا، (۽) مون سان ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪندا، ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي بي دين آھن.

Verse 56

وَأَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتُوا۟ ٱلزَّكَوٰةَ وَأَطِيعُوا۟ ٱلرَّسُولَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ

Transliteration wa-aqīmū l-ṣalata waātū l-zakata wa-aṭīʿū l-rasūla laʿallakum tur'ḥamūna

Sindhi ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.

Verse 57

لَا تَحْسَبَنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مُعْجِزِينَ فِى ٱلْأَرْضِ ۚ وَمَأْوَىٰهُمُ ٱلنَّارُ ۖ وَلَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ

Transliteration lā taḥsabanna alladhīna kafarū muʿ'jizīna fī l-arḍi wamawāhumu l-nāru walabi'sa l-maṣīru

Sindhi ڪافرن کي نه ڀانءِ ته زمين ۾ ٿَڪائيندڙ آھن، ۽ سندين جاءِ دوزخ آھي، البت اُھو موٽڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي.

Verse 58

يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لِيَسْتَـْٔذِنكُمُ ٱلَّذِينَ مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُكُمْ وَٱلَّذِينَ لَمْ يَبْلُغُوا۟ ٱلْحُلُمَ مِنكُمْ ثَلَـٰثَ مَرَّٰتٍ ۚ مِّن قَبْلِ صَلَوٰةِ ٱلْفَجْرِ وَحِينَ تَضَعُونَ ثِيَابَكُم مِّنَ ٱلظَّهِيرَةِ وَمِنۢ بَعْدِ صَلَوٰةِ ٱلْعِشَآءِ ۚ ثَلَـٰثُ عَوْرَٰتٍ لَّكُمْ ۚ لَيْسَ عَلَيْكُمْ وَلَا عَلَيْهِمْ جُنَاحٌۢ بَعْدَهُنَّ ۚ طَوَّٰفُونَ عَلَيْكُم بَعْضُكُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ ۚ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ ٱللَّهُ لَكُمُ ٱلْـَٔايَـٰتِ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ

Transliteration yāayyuhā alladhīna āmanū liyastadhinkumu alladhīna malakat aymānukum wa-alladhīna lam yablughū l-ḥuluma minkum thalātha marrātin min qabli ṣalati l-fajri waḥīna taḍaʿūna thiyābakum mina l-ẓahīrati wamin baʿdi ṣalati l-ʿishāi thalāthu ʿawrātin lakum laysa ʿalaykum walā ʿalayhim junāḥun baʿdahunna ṭawwāfūna ʿalaykum baʿḍukum ʿalā baʿḍin kadhālika yubayyinu l-lahu lakumu l-āyāti wal-lahu ʿalīmun ḥakīmun

Sindhi اي ايمان وارؤ اوھان جي ٻانھن ۽ جيڪي اوھان مان بلوغت کي نه پُھتا آھن تن کي ٽي وقت (گھرن ۾ اچڻ لاءِ) اوھان کان موڪلائڻ گھرجي، فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجھند کي جو اوھين ڪپڙا لاھي رکندا آھيو ۽ سومھاڻي جي نماز کان پوءِ، (جو اھي) اوھان لاءِ ٽي اُگھڙ جا وقت آھن، انھن کان پوءِ ھڪ ٻئي وٽ اوھان جي اچڻ وڃڻ کان نڪي اوھان تي ۽ نڪي اُنھن تي گناھ آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 59

وَإِذَا بَلَغَ ٱلْأَطْفَـٰلُ مِنكُمُ ٱلْحُلُمَ فَلْيَسْتَـْٔذِنُوا۟ كَمَا ٱسْتَـْٔذَنَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ ٱللَّهُ لَكُمْ ءَايَـٰتِهِۦ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ

Transliteration wa-idhā balagha l-aṭfālu minkumu l-ḥuluma falyastadhinū kamā is'tadhana alladhīna min qablihim kadhālika yubayyinu l-lahu lakum āyātihi wal-lahu ʿalīmun ḥakīmun

Sindhi ۽ جڏھن اوھان مان ٻار بلوغت کي پھچن تڏھن کين اھڙي طرح موڪل وٺڻ گھرجي جھڙي طرح انھن (ڇوڪرن) کان اڳيان (وڏا) موڪل وٺندا آھن، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حُڪم بيان فرمائي ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 60

وَٱلْقَوَٰعِدُ مِنَ ٱلنِّسَآءِ ٱلَّـٰتِى لَا يَرْجُونَ نِكَاحًا فَلَيْسَ عَلَيْهِنَّ جُنَاحٌ أَن يَضَعْنَ ثِيَابَهُنَّ غَيْرَ مُتَبَرِّجَـٰتٍۭ بِزِينَةٍ ۖ وَأَن يَسْتَعْفِفْنَ خَيْرٌ لَّهُنَّ ۗ وَٱللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ

Transliteration wal-qawāʿidu mina l-nisāi allātī lā yarjūna nikāḥan falaysa ʿalayhinna junāḥun an yaḍaʿna thiyābahunna ghayra mutabarrijātin bizīnatin wa-an yastaʿfif'na khayrun lahunna wal-lahu samīʿun ʿalīmun

Sindhi ۽ جيڪي ٻڍيون زالون پرڻي جو ڪو آسرو نه رکنديون ھجن سي جيڪڏھن سينگارجي پڌري نه ڪرڻ جي ارادي سان پنھنجون چادرون نه ڍڪين ته مٿن گناھ ڪونھي، ۽ جيڪڏھن (اُن کان به) بچن ته اُنھن لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

Verse 61

لَّيْسَ عَلَى ٱلْأَعْمَىٰ حَرَجٌ وَلَا عَلَى ٱلْأَعْرَجِ حَرَجٌ وَلَا عَلَى ٱلْمَرِيضِ حَرَجٌ وَلَا عَلَىٰٓ أَنفُسِكُمْ أَن تَأْكُلُوا۟ مِنۢ بُيُوتِكُمْ أَوْ بُيُوتِ ءَابَآئِكُمْ أَوْ بُيُوتِ أُمَّهَـٰتِكُمْ أَوْ بُيُوتِ إِخْوَٰنِكُمْ أَوْ بُيُوتِ أَخَوَٰتِكُمْ أَوْ بُيُوتِ أَعْمَـٰمِكُمْ أَوْ بُيُوتِ عَمَّـٰتِكُمْ أَوْ بُيُوتِ أَخْوَٰلِكُمْ أَوْ بُيُوتِ خَـٰلَـٰتِكُمْ أَوْ مَا مَلَكْتُم مَّفَاتِحَهُۥٓ أَوْ صَدِيقِكُمْ ۚ لَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ أَن تَأْكُلُوا۟ جَمِيعًا أَوْ أَشْتَاتًا ۚ فَإِذَا دَخَلْتُم بُيُوتًا فَسَلِّمُوا۟ عَلَىٰٓ أَنفُسِكُمْ تَحِيَّةً مِّنْ عِندِ ٱللَّهِ مُبَـٰرَكَةً طَيِّبَةً ۚ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ ٱللَّهُ لَكُمُ ٱلْـَٔايَـٰتِ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ

Transliteration laysa ʿalā l-aʿmā ḥarajun walā ʿalā l-aʿraji ḥarajun walā ʿalā l-marīḍi ḥarajun walā ʿalā anfusikum an takulū min buyūtikum aw buyūti ābāikum aw buyūti ummahātikum aw buyūti ikh'wānikum aw buyūti akhawātikum aw buyūti aʿmāmikum aw buyūti ʿammātikum aw buyūti akhwālikum aw buyūti khālātikum aw mā malaktum mafātiḥahu aw ṣadīqikum laysa ʿalaykum junāḥun an takulū jamīʿan aw ashtātan fa-idhā dakhaltum buyūtan fasallimū ʿalā anfusikum taḥiyyatan min ʿindi l-lahi mubārakatan ṭayyibatan kadhālika yubayyinu l-lahu lakumu l-āyāti laʿallakum taʿqilūna

Sindhi انڌي تي ڪا اوکائي نه آھي ۽ نڪي منڊي تي اوکائي ۽ نڪي بيمار تي ڪا اوکائي ۽ نڪي خود اوھان (ماڻھن) تي (ڪا اوکائي) آھي جي اوھين پنھنجن گھرن (مان) يا پنھنجن پيُن جي گھرن يا پنھنجن مائرن جي گھرن يا پنھنجي ڀائرن جي گھرن يا پنھنجن ڀينرن جي گھرن يا پنھنجن چاچن جي گھرن يا پنھنجن پڦين جي گھرن يا پنھنجن مامن جي گھرن يا پنھنجي ماسين جي گھرن يا جن جي گھرن جون ڪنجيون اوھان جي ھٿ آھن تن ۽ پنھنجن دوستن جي گھرن مان کائو، گڏجي (کائڻ) يا ڌار ڌار ٿي کائڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن گھرن ۾ گھڙو تڏھن پنھنجن ماڻھن تي سلام ڏيو جو (اھا) الله وٽان برڪت واري سٺي دُعا آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.

Verse 62

إِنَّمَا ٱلْمُؤْمِنُونَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَإِذَا كَانُوا۟ مَعَهُۥ عَلَىٰٓ أَمْرٍ جَامِعٍ لَّمْ يَذْهَبُوا۟ حَتَّىٰ يَسْتَـْٔذِنُوهُ ۚ إِنَّ ٱلَّذِينَ يَسْتَـْٔذِنُونَكَ أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ يُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ ۚ فَإِذَا ٱسْتَـْٔذَنُوكَ لِبَعْضِ شَأْنِهِمْ فَأْذَن لِّمَن شِئْتَ مِنْهُمْ وَٱسْتَغْفِرْ لَهُمُ ٱللَّهَ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Transliteration innamā l-mu'minūna alladhīna āmanū bil-lahi warasūlihi wa-idhā kānū maʿahu ʿalā amrin jāmiʿin lam yadhhabū ḥattā yastadhinūhu inna alladhīna yastadhinūnaka ulāika alladhīna yu'minūna bil-lahi warasūlihi fa-idhā is'tadhanūka libaʿḍi shanihim fadhan liman shi'ta min'hum wa-is'taghfir lahumu l-laha inna l-laha ghafūrun raḥīmun

Sindhi مؤمن رڳا اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو آھي ۽ جڏھن گڏ ڪَرڻ واري ڪنھن ڪم ۾ ساڻس ھوندا آھن (تڏھن) ايسين ڪيڏي نه ويندا آھن جيسين کانئس موڪل (نه) وٺندا آھن، بيشڪ (اي پيغمبر) جيڪي توکان موڪلائيندا آھن سي اُھي آھن جي الله ۽ سندس پيغمبر کي مڃيندا آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ڪن ڪمن لاءِ توکان موڪلائين تڏھن انھن مان جنھن لاءِ گھرين تنھن کي موڪل ڏي ۽ اُنھن لاءِ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 63

لَّا تَجْعَلُوا۟ دُعَآءَ ٱلرَّسُولِ بَيْنَكُمْ كَدُعَآءِ بَعْضِكُم بَعْضًا ۚ قَدْ يَعْلَمُ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ يَتَسَلَّلُونَ مِنكُمْ لِوَاذًا ۚ فَلْيَحْذَرِ ٱلَّذِينَ يُخَالِفُونَ عَنْ أَمْرِهِۦٓ أَن تُصِيبَهُمْ فِتْنَةٌ أَوْ يُصِيبَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ

Transliteration lā tajʿalū duʿāa l-rasūli baynakum kaduʿāi baʿḍikum baʿḍan qad yaʿlamu l-lahu alladhīna yatasallalūna minkum liwādhan falyaḥdhari alladhīna yukhālifūna ʿan amrihi an tuṣībahum fit'natun aw yuṣībahum ʿadhābun alīmun

Sindhi اوھين پاڻ ۾ پيغمبر کي سڏڻ اھڙي طرح نه ڀانيو جھڙيءَ طرح اوھان جو ھڪ ٻئي کي سڏڻ آھي بيشڪ الله انھن کي ڄاڻندو آھي جيڪي اوھان مان ٻي جي اوٽ ڪري کسڪي ويندا آھن، پوءِ جيڪي سندس حڪم جي ابتڙ ھلندا آھن تن کي پاڻ تي بلا پھچڻ کان يا پاڻ تي ڪنھن ڏکوئيندڙ عذاب پھچڻ کان ڊڄڻ گھرجي.

Verse 64

أَلَآ إِنَّ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ قَدْ يَعْلَمُ مَآ أَنتُمْ عَلَيْهِ وَيَوْمَ يُرْجَعُونَ إِلَيْهِ فَيُنَبِّئُهُم بِمَا عَمِلُوا۟ ۗ وَٱللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌۢ

Transliteration alā inna lillahi mā fī l-samāwāti wal-arḍi qad yaʿlamu mā antum ʿalayhi wayawma yur'jaʿūna ilayhi fayunabbi-uhum bimā ʿamilū wal-lahu bikulli shayin ʿalīmun

Sindhi خبردار ھجو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله جو آھي، جنھن (حال) تي اوھين آھيو تنھن کي بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ جنھن ڏينھن ڏانھس موٽايا ويندا (تنھن ڏينھن) جيڪي ڪمايائون تنھنجي کين سُڌ ڏيندو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

Read Surah An-Nur in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.