Surah Al-Isra in Sindhi: translation and audio
Surah 17 · الإسراء · The Night Journey · 111 verses
Surah Al-Isra verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Al-Isra word by word in English.
Verse 1
سُبْحَـٰنَ ٱلَّذِىٓ أَسْرَىٰ بِعَبْدِهِۦ لَيْلًا مِّنَ ٱلْمَسْجِدِ ٱلْحَرَامِ إِلَى ٱلْمَسْجِدِ ٱلْأَقْصَا ٱلَّذِى بَـٰرَكْنَا حَوْلَهُۥ لِنُرِيَهُۥ مِنْ ءَايَـٰتِنَآ ۚ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْبَصِيرُ
Transliteration sub'ḥāna alladhī asrā biʿabdihi laylan mina l-masjidi l-ḥarāmi ilā l-masjidi l-aqṣā alladhī bāraknā ḥawlahu linuriyahu min āyātinā innahu huwa l-samīʿu l-baṣīru
Sindhi اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
Verse 2
وَءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَـٰبَ وَجَعَلْنَـٰهُ هُدًى لِّبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ أَلَّا تَتَّخِذُوا۟ مِن دُونِى وَكِيلًا
Transliteration waātaynā mūsā l-kitāba wajaʿalnāhu hudan libanī is'rāīla allā tattakhidhū min dūnī wakīlan
Sindhi ۽ مُوسىٰؑ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ ان کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ڪيوسون (۽ چيوسون) ته مون کان سواءِ (ٻيو) ڪو ڀرجھلو نه وٺو.
Verse 3
ذُرِّيَّةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوحٍ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ عَبْدًا شَكُورًا
Transliteration dhurriyyata man ḥamalnā maʿa nūḥin innahu kāna ʿabdan shakūran
Sindhi اي (ان قوم جو) اولاد جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙھيوسون، بيشڪ اھو شاڪر ٻانھو ھو.
Verse 4
وَقَضَيْنَآ إِلَىٰ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ فِى ٱلْكِتَـٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِى ٱلْأَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِيرًا
Transliteration waqaḍaynā ilā banī is'rāīla fī l-kitābi latuf'sidunna fī l-arḍi marratayni walataʿlunna ʿuluwwan kabīran
Sindhi ۽ بني اسرائيلن ڏانھن ڪتاب ۾ (ھيءُ حُڪم) موڪليوسون ته اوھين مُلڪ ۾ ٻه ڀيرا فساد ضرور ڪندؤ ۽ اوھين وڏي وڏائي سان ضرور ھٺيلائي ڪندؤ.
Verse 5
فَإِذَا جَآءَ وَعْدُ أُولَىٰهُمَا بَعَثْنَا عَلَيْكُمْ عِبَادًا لَّنَآ أُو۟لِى بَأْسٍ شَدِيدٍ فَجَاسُوا۟ خِلَـٰلَ ٱلدِّيَارِ ۚ وَكَانَ وَعْدًا مَّفْعُولًا
Transliteration fa-idhā jāa waʿdu ūlāhumā baʿathnā ʿalaykum ʿibādan lanā ulī basin shadīdin fajāsū khilāla l-diyāri wakāna waʿdan mafʿūlan
Sindhi پوءِ جڏھن ٻنھي مان پھريون انجام (فساد جو) ايندو (تڏھن) اوھان تي پنھنجا ڏاڍا سورھ ٻانھان کڙا ڪنداسون جي شھرن جي وچ ۾ ڪاھي پوندا، ۽ اھو انجام (پورو) ٿيڻو آھي.
Verse 6
ثُمَّ رَدَدْنَا لَكُمُ ٱلْكَرَّةَ عَلَيْهِمْ وَأَمْدَدْنَـٰكُم بِأَمْوَٰلٍ وَبَنِينَ وَجَعَلْنَـٰكُمْ أَكْثَرَ نَفِيرًا
Transliteration thumma radadnā lakumu l-karata ʿalayhim wa-amdadnākum bi-amwālin wabanīna wajaʿalnākum akthara nafīran
Sindhi وري اوھان کي ھڪ ڀيرو مٿن غلبو ڏينداسون ۽ مال ۽ اولاد سان اوھان کي (لڳولڳ) وڌائينداسون ۽ اوھان کي لشڪر ڪري گھڻا ڪنداسون.
Verse 7
إِنْ أَحْسَنتُمْ أَحْسَنتُمْ لِأَنفُسِكُمْ ۖ وَإِنْ أَسَأْتُمْ فَلَهَا ۚ فَإِذَا جَآءَ وَعْدُ ٱلْـَٔاخِرَةِ لِيَسُـۥٓـُٔوا۟ وُجُوهَكُمْ وَلِيَدْخُلُوا۟ ٱلْمَسْجِدَ كَمَا دَخَلُوهُ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَلِيُتَبِّرُوا۟ مَا عَلَوْا۟ تَتْبِيرًا
Transliteration in aḥsantum aḥsantum li-anfusikum wa-in asatum falahā fa-idhā jāa waʿdu l-ākhirati liyasūū wujūhakum waliyadkhulū l-masjida kamā dakhalūhu awwala marratin waliyutabbirū mā ʿalaw tatbīran
Sindhi جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ته (اُھا چڱائي) پاڻ لاءِ ڪندؤ، ۽ جيڪڏھن اوھين بڇڙائي ڪندؤ ته پاڻ لاءِ، پوءِ جڏھن ٻيو انجام (فساد جو) پھچندو ته ٻيا اوھان جا منھن ارھا ڪندا ۽ اھڙي طرح مسجد ۾ گھڙندا جھڙي طرح ان ۾ پھريون ڀيرو گھڙيا ھوا ۽ جنھن تي غالب ٿيندا تنھن کي چڱي طرح اجاڙيندا.
Verse 8
عَسَىٰ رَبُّكُمْ أَن يَرْحَمَكُمْ ۚ وَإِنْ عُدتُّمْ عُدْنَا ۘ وَجَعَلْنَا جَهَنَّمَ لِلْكَـٰفِرِينَ حَصِيرًا
Transliteration ʿasā rabbukum an yarḥamakum wa-in ʿudttum ʿud'nā wajaʿalnā jahannama lil'kāfirīna ḥaṣīran
Sindhi (چيو ويو ته) اوھان جو پالڻھار ويجھو ئي اوھان تي ٻاجھ ڪندو، ۽ جيڪڏھن اوھين (وري) ڦرندؤ ته اسين به (سزا ڏيڻ ڏانھن) ڦرنداسون، ۽ ڪافرن لاءِ دوزخ کي بندي خانه مقرر ڪيوسون.
Verse 9
إِنَّ هَـٰذَا ٱلْقُرْءَانَ يَهْدِى لِلَّتِى هِىَ أَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ ٱلْمُؤْمِنِينَ ٱلَّذِينَ يَعْمَلُونَ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ أَنَّ لَهُمْ أَجْرًا كَبِيرًا
Transliteration inna hādhā l-qur'āna yahdī lillatī hiya aqwamu wayubashiru l-mu'minīna alladhīna yaʿmalūna l-ṣāliḥāti anna lahum ajran kabīran
Sindhi ھيءُ قرآن انھي (واٽ) ڏانھن رستو ڏيکاريندو آھي جيڪا ڏاڍي سِڌي آھي ۽ انھن مؤمنن کي خوشخبري ڏيندو آھي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن انھن لاءِ وڏو اجر آھي.
Verse 10
وَأَنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ أَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا
Transliteration wa-anna alladhīna lā yu'minūna bil-ākhirati aʿtadnā lahum ʿadhāban alīman
Sindhi ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿون.
Verse 11
وَيَدْعُ ٱلْإِنسَـٰنُ بِٱلشَّرِّ دُعَآءَهُۥ بِٱلْخَيْرِ ۖ وَكَانَ ٱلْإِنسَـٰنُ عَجُولًا
Transliteration wayadʿu l-insānu bil-shari duʿāahu bil-khayri wakāna l-insānu ʿajūlan
Sindhi ۽ ماڻھو مدائيءَ کي (اھڙو) گھرندو آھي جھڙو چڱائيءَ کي سندس گھرڻ ھوندو آھي، ۽ ماڻھو اٻھرو آھي.
Verse 12
وَجَعَلْنَا ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ ءَايَتَيْنِ ۖ فَمَحَوْنَآ ءَايَةَ ٱلَّيْلِ وَجَعَلْنَآ ءَايَةَ ٱلنَّهَارِ مُبْصِرَةً لِّتَبْتَغُوا۟ فَضْلًا مِّن رَّبِّكُمْ وَلِتَعْلَمُوا۟ عَدَدَ ٱلسِّنِينَ وَٱلْحِسَابَ ۚ وَكُلَّ شَىْءٍ فَصَّلْنَـٰهُ تَفْصِيلًا
Transliteration wajaʿalnā al-layla wal-nahāra āyatayni famaḥawnā āyata al-layli wajaʿalnā āyata l-nahāri mub'ṣiratan litabtaghū faḍlan min rabbikum walitaʿlamū ʿadada l-sinīna wal-ḥisāba wakulla shayin faṣṣalnāhu tafṣīlan
Sindhi ۽ رات ۽ ڏينھن کي ٻه نشانيون ڪيون سون پوءِ رات جي نشاني کي ميٽايوسون ۽ ڏينھن جي نشاني کي ھن لاءِ روشن ڪيوسون ته پنھنجي پالڻھار جو فضل ڳوليو ۽ (پڻ ھن لاءِ) ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، ۽ سڀ ڪنھن شيء جو کولي بيان ڪيوسون.
Verse 13
وَكُلَّ إِنسَـٰنٍ أَلْزَمْنَـٰهُ طَـٰٓئِرَهُۥ فِى عُنُقِهِۦ ۖ وَنُخْرِجُ لَهُۥ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ كِتَـٰبًا يَلْقَىٰهُ مَنشُورًا
Transliteration wakulla insānin alzamnāhu ṭāirahu fī ʿunuqihi wanukh'riju lahu yawma l-qiyāmati kitāban yalqāhu manshūran
Sindhi ۽ سڀ ڪنھن ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس عمل نامو ٻڌوسون، ۽ قيامت جي ڏينھن ڪتاب انھيءَ لاءِ ڪڍنداسون جو ان کي کليل ڏسندؤ.
Verse 14
ٱقْرَأْ كِتَـٰبَكَ كَفَىٰ بِنَفْسِكَ ٱلْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيبًا
Transliteration iq'ra kitābaka kafā binafsika l-yawma ʿalayka ḥasīban
Sindhi (چيو ويندو ته) پنھنجو ڪتاب پڙھ، اڄ تنھنجو جيءُ توتي حساب وٺندڙ بس آھي.
Verse 15
مَّنِ ٱهْتَدَىٰ فَإِنَّمَا يَهْتَدِى لِنَفْسِهِۦ ۖ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۚ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرَىٰ ۗ وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِينَ حَتَّىٰ نَبْعَثَ رَسُولًا
Transliteration mani ih'tadā fa-innamā yahtadī linafsihi waman ḍalla fa-innamā yaḍillu ʿalayhā walā taziru wāziratun wiz'ra ukh'rā wamā kunnā muʿadhibīna ḥattā nabʿatha rasūlan
Sindhi جنھن ھدايت لڌي تنھن پاڻ لاءِ ئي ھدايت لڌي، ۽ جيڪو ڀُلو سو رڳو پاڻ لاءِ ڀُلندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو، ۽ اسين ايستائين عذاب ڪندڙ نه آھيون جيستائين ڪنھن پيغمبر کي موڪليون.
Verse 16
وَإِذَآ أَرَدْنَآ أَن نُّهْلِكَ قَرْيَةً أَمَرْنَا مُتْرَفِيهَا فَفَسَقُوا۟ فِيهَا فَحَقَّ عَلَيْهَا ٱلْقَوْلُ فَدَمَّرْنَـٰهَا تَدْمِيرًا
Transliteration wa-idhā aradnā an nuh'lika qaryatan amarnā mut'rafīhā fafasaqū fīhā faḥaqqa ʿalayhā l-qawlu fadammarnāhā tadmīran
Sindhi ۽ اسين جڏھن ڪنھن ڳوٺ جو ناس ڪرڻ گھرندا آھيون (تڏھن) انھن مان آسودن کي (پيغمبر جي معرفت پنھنجي عبادت جو) حُڪم ڪندا آھيون پوءِ منجھس نافرماني ڪندا آھن تنھنڪري مٿن عذاب لازم ٿيندو آھي پوءِ پاڙ پٽڻ طرح ان جي پاڙ پٽيندا آھيون.
Verse 17
وَكَمْ أَهْلَكْنَا مِنَ ٱلْقُرُونِ مِنۢ بَعْدِ نُوحٍ ۗ وَكَفَىٰ بِرَبِّكَ بِذُنُوبِ عِبَادِهِۦ خَبِيرًۢا بَصِيرًا
Transliteration wakam ahlaknā mina l-qurūni min baʿdi nūḥin wakafā birabbika bidhunūbi ʿibādihi khabīran baṣīran
Sindhi ۽ ڪيترائي جڳ نُوحؑ کان پوءِ ناس ڪياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ ڪافي آھي.
Verse 18
مَّن كَانَ يُرِيدُ ٱلْعَاجِلَةَ عَجَّلْنَا لَهُۥ فِيهَا مَا نَشَآءُ لِمَن نُّرِيدُ ثُمَّ جَعَلْنَا لَهُۥ جَهَنَّمَ يَصْلَىٰهَا مَذْمُومًا مَّدْحُورًا
Transliteration man kāna yurīdu l-ʿājilata ʿajjalnā lahu fīhā mā nashāu liman nurīdu thumma jaʿalnā lahu jahannama yaṣlāhā madhmūman madḥūran
Sindhi جيڪو دنيا (جي آسودگي) گھرندو آھي تنھن کي ان ھنڌ اھائي جلد ڏيندا آھيون جيڪي گھرندا آھيون سو جنھن لاءِ گھرندا آھيون (تنھن کي ڏيندا آھيون) وري ان لاءِ دوزخ مقرر ڪيوسون، جنھن ۾ (ھو) خوار (۽) تڙيل ٿي گھڙندو.
Verse 19
وَمَنْ أَرَادَ ٱلْـَٔاخِرَةَ وَسَعَىٰ لَهَا سَعْيَهَا وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ كَانَ سَعْيُهُم مَّشْكُورًا
Transliteration waman arāda l-ākhirata wasaʿā lahā saʿyahā wahuwa mu'minun fa-ulāika kāna saʿyuhum mashkūran
Sindhi ۽ جنھن آخرت گھري ۽ ان لاءِ چڱي ڪوشش ڪئي ۽ اُھو مؤمن (به) ھجي سي اُھي آھن جن جي ڪوشش قبول ٿيل آھي.
Verse 20
كُلًّا نُّمِدُّ هَـٰٓؤُلَآءِ وَهَـٰٓؤُلَآءِ مِنْ عَطَآءِ رَبِّكَ ۚ وَمَا كَانَ عَطَآءُ رَبِّكَ مَحْظُورًا
Transliteration kullan numiddu hāulāi wahāulāi min ʿaṭāi rabbika wamā kāna ʿaṭāu rabbika maḥẓūran
Sindhi ھن ٽوليءَ جي ۽ ھن ٽوليءَ جي ھر ھڪ کي تنھنجي پالڻھار جي بخشش مان مدد ڪريون ٿا، ۽ تنھنجي پالڻھار جي ڏات ڪا اٽڪيل نه آھي.
Verse 21
ٱنظُرْ كَيْفَ فَضَّلْنَا بَعْضَهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ ۚ وَلَلْـَٔاخِرَةُ أَكْبَرُ دَرَجَـٰتٍ وَأَكْبَرُ تَفْضِيلًا
Transliteration unẓur kayfa faḍḍalnā baʿḍahum ʿalā baʿḍin walalākhiratu akbaru darajātin wa-akbaru tafḍīlan
Sindhi ڏس ته انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان (دنيا ۾ رزق ۽ مرتبه ۾) ڪئن ڀلو ڪيو اٿون، ۽ آخرت ته درجن ڪري بلڪل وڏي ۽ مانَ ڏيڻ ڪري بلڪل وڌيڪ آھي.
Verse 22
لَّا تَجْعَلْ مَعَ ٱللَّهِ إِلَـٰهًا ءَاخَرَ فَتَقْعُدَ مَذْمُومًا مَّخْذُولًا
Transliteration lā tajʿal maʿa l-lahi ilāhan ākhara fataqʿuda madhmūman makhdhūlan
Sindhi (اي ماڻھو تون) الله سان ٻيو ڪو معبود مقرّر نه ڪر نه ته گِلارو (۽) خوار ٿي وھندين.
Verse 23
۞ وَقَضَىٰ رَبُّكَ أَلَّا تَعْبُدُوٓا۟ إِلَّآ إِيَّاهُ وَبِٱلْوَٰلِدَيْنِ إِحْسَـٰنًا ۚ إِمَّا يَبْلُغَنَّ عِندَكَ ٱلْكِبَرَ أَحَدُهُمَآ أَوْ كِلَاهُمَا فَلَا تَقُل لَّهُمَآ أُفٍّ وَلَا تَنْهَرْهُمَا وَقُل لَّهُمَا قَوْلًا كَرِيمًا
Transliteration waqaḍā rabbuka allā taʿbudū illā iyyāhu wabil-wālidayni iḥ'sānan immā yablughanna ʿindaka l-kibara aḥaduhumā aw kilāhumā falā taqul lahumā uffin walā tanharhumā waqul lahumā qawlan karīman
Sindhi ۽ تنھنجي پالڻھار حُڪم ڪيو آھي ته ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو، جيڪڏھن ٻنھين مان ڪو ھڪڙو تنھنجي آڏو ٻُڍائيءَ کي پھچي يا ٻَئي ته تون اُف (به) نه چئج ۽ نڪي کين جھڻڪج ۽ ساڻن چڱي ڳالھ (ادب واري) ڳالھائج.
Verse 24
وَٱخْفِضْ لَهُمَا جَنَاحَ ٱلذُّلِّ مِنَ ٱلرَّحْمَةِ وَقُل رَّبِّ ٱرْحَمْهُمَا كَمَا رَبَّيَانِى صَغِيرًا
Transliteration wa-ikh'fiḍ lahumā janāḥa l-dhuli mina l-raḥmati waqul rabbi ir'ḥamhumā kamā rabbayānī ṣaghīran
Sindhi ۽ انھن لاءِ عاجزيءَ جون ٻانھون ٻاجھ مان ھيٺاھيون ڪج ۽ چئج ته اي منھنجا پالڻھار اُنھن تي (اھڙي طرح) ٻاجھ ڪر جھڙي طرح مون کي ننڍپڻ ۾ پاليائون ٿي.
Verse 25
رَّبُّكُمْ أَعْلَمُ بِمَا فِى نُفُوسِكُمْ ۚ إِن تَكُونُوا۟ صَـٰلِحِينَ فَإِنَّهُۥ كَانَ لِلْأَوَّٰبِينَ غَفُورًا
Transliteration rabbukum aʿlamu bimā fī nufūsikum in takūnū ṣāliḥīna fa-innahu kāna lil'awwābīna ghafūran
Sindhi جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو اوھان جو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪڏھن اوھين سڌريل ھوندؤ (ته بخشيندو) ڇوته الله توبه ڪندڙن کي بخشڻھار آھي.
Verse 26
وَءَاتِ ذَا ٱلْقُرْبَىٰ حَقَّهُۥ وَٱلْمِسْكِينَ وَٱبْنَ ٱلسَّبِيلِ وَلَا تُبَذِّرْ تَبْذِيرًا
Transliteration waāti dhā l-qur'bā ḥaqqahu wal-mis'kīna wa-ib'na l-sabīli walā tubadhir tabdhīran
Sindhi ۽ مائٽي وارا ۽ مسڪينن کي ۽ مُسافرن کي سندن حق ڏي ۽ اڍنگائيءَ سان اجايو نه وڃاءِ.
Verse 27
إِنَّ ٱلْمُبَذِّرِينَ كَانُوٓا۟ إِخْوَٰنَ ٱلشَّيَـٰطِينِ ۖ وَكَانَ ٱلشَّيْطَـٰنُ لِرَبِّهِۦ كَفُورًا
Transliteration inna l-mubadhirīna kānū ikh'wāna l-shayāṭīni wakāna l-shayṭānu lirabbihi kafūran
Sindhi ڇوته اجايو وڃائيندڙ شيطانن جا ڀائر آھن، ۽ شيطان پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪندڙ آھي.
Verse 28
وَإِمَّا تُعْرِضَنَّ عَنْهُمُ ٱبْتِغَآءَ رَحْمَةٍ مِّن رَّبِّكَ تَرْجُوهَا فَقُل لَّهُمْ قَوْلًا مَّيْسُورًا
Transliteration wa-immā tuʿ'riḍanna ʿanhumu ib'tighāa raḥmatin min rabbika tarjūhā faqul lahum qawlan maysūran
Sindhi ۽ جيڪڏھن تون (رزق جي اڻھوند ڪري) انھن کان منھن موڙين جنھن رزق جي ملڻ جي پنھنجي پالڻھار کان اميد رکين ٿو ته (کين جھڻڪي نه موٽاءِ ۽) ساڻن مٺي ڳالھ ڳالھاءِ.
Verse 29
وَلَا تَجْعَلْ يَدَكَ مَغْلُولَةً إِلَىٰ عُنُقِكَ وَلَا تَبْسُطْهَا كُلَّ ٱلْبَسْطِ فَتَقْعُدَ مَلُومًا مَّحْسُورًا
Transliteration walā tajʿal yadaka maghlūlatan ilā ʿunuqika walā tabsuṭ'hā kulla l-basṭi fataqʿuda malūman maḥsūran
Sindhi ۽ نڪي پنھنجي ھٿ کي پنھنجي ڳچيءَ ۾ بند ڪر ۽ نڪي اھو سارو کولي ڇڏ نه ته ملامتي ۽ عاجز ٿي ويھي رھندين.
Verse 30
إِنَّ رَبَّكَ يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ وَيَقْدِرُ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ بِعِبَادِهِۦ خَبِيرًۢا بَصِيرًا
Transliteration inna rabbaka yabsuṭu l-riz'qa liman yashāu wayaqdiru innahu kāna biʿibādihi khabīran baṣīran
Sindhi تنھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ گھٽ به ڪندو آھي، تحقيق اھو پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.
Verse 31
وَلَا تَقْتُلُوٓا۟ أَوْلَـٰدَكُمْ خَشْيَةَ إِمْلَـٰقٍ ۖ نَّحْنُ نَرْزُقُهُمْ وَإِيَّاكُمْ ۚ إِنَّ قَتْلَهُمْ كَانَ خِطْـًٔا كَبِيرًا
Transliteration walā taqtulū awlādakum khashyata im'lāqin naḥnu narzuquhum wa-iyyākum inna qatlahum kāna khiṭ'an kabīran
Sindhi ۽ پنھنجن ٻارن کي سُڃائيءَ جي ڊپ کان نه ڪُھو، اسين کين ۽ (خود) اوھان کي روزي ڏيندا آھيون، بيشڪ انھن کي ڪُھڻ وڏو ڏوھ آھي.
Verse 32
وَلَا تَقْرَبُوا۟ ٱلزِّنَىٰٓ ۖ إِنَّهُۥ كَانَ فَـٰحِشَةً وَسَآءَ سَبِيلًا
Transliteration walā taqrabū l-zinā innahu kāna fāḥishatan wasāa sabīlan
Sindhi ۽ زنا کي ويجھا نه وڃو ڇوته اھا بي حيائي آھي، ۽ اِھا واٽ بُڇڙي آھي.
Verse 33
وَلَا تَقْتُلُوا۟ ٱلنَّفْسَ ٱلَّتِى حَرَّمَ ٱللَّهُ إِلَّا بِٱلْحَقِّ ۗ وَمَن قُتِلَ مَظْلُومًا فَقَدْ جَعَلْنَا لِوَلِيِّهِۦ سُلْطَـٰنًا فَلَا يُسْرِف فِّى ٱلْقَتْلِ ۖ إِنَّهُۥ كَانَ مَنصُورًا
Transliteration walā taqtulū l-nafsa allatī ḥarrama l-lahu illā bil-ḥaqi waman qutila maẓlūman faqad jaʿalnā liwaliyyihi sul'ṭānan falā yus'rif fī l-qatli innahu kāna manṣūran
Sindhi ۽ اھڙي جيءَ کي نه ڪُھو جنھن جو (شرعي) حق کانسواءِ ڪُھڻ الله حرام ڪيو آھي، ۽ جيڪو ناحق ماريو وڃي ان جي وارث کي (قصاص جو) اختيار ڏنوسون پوءِ جڳائي ته مارڻ ۾ زيادتي نه ڪري، ڇوته اھو مدد ڏنل ٿيو آھي.
Verse 34
وَلَا تَقْرَبُوا۟ مَالَ ٱلْيَتِيمِ إِلَّا بِٱلَّتِى هِىَ أَحْسَنُ حَتَّىٰ يَبْلُغَ أَشُدَّهُۥ ۚ وَأَوْفُوا۟ بِٱلْعَهْدِ ۖ إِنَّ ٱلْعَهْدَ كَانَ مَسْـُٔولًا
Transliteration walā taqrabū māla l-yatīmi illā bi-allatī hiya aḥsanu ḥattā yablugha ashuddahu wa-awfū bil-ʿahdi inna l-ʿahda kāna masūlan
Sindhi ۽ نڪي ڪنھن ڇوري ٻار جي مال کي چڱي نيت کانسواءِ ويجھا وڃو جيستائين ھو بلوغت کي پھچي، ۽ پنھنجو انجام پاڙيو، تحقيق انجام بابت بلڪل پڇا ٿيندي.
Verse 35
وَأَوْفُوا۟ ٱلْكَيْلَ إِذَا كِلْتُمْ وَزِنُوا۟ بِٱلْقِسْطَاسِ ٱلْمُسْتَقِيمِ ۚ ذَٰلِكَ خَيْرٌ وَأَحْسَنُ تَأْوِيلًا
Transliteration wa-awfū l-kayla idhā kil'tum wazinū bil-qis'ṭāsi l-mus'taqīmi dhālika khayrun wa-aḥsanu tawīlan
Sindhi ۽ جڏھن ماڻ ڀريو تڏھن پورو ڀريو ۽ سنئين ترازيءَ سان توريو، اھا (پوري ماپ ۽ تور) ڀلي ۽ عاقبت جي ڪري بلڪل چڱي آھي.
Verse 36
وَلَا تَقْفُ مَا لَيْسَ لَكَ بِهِۦ عِلْمٌ ۚ إِنَّ ٱلسَّمْعَ وَٱلْبَصَرَ وَٱلْفُؤَادَ كُلُّ أُو۟لَـٰٓئِكَ كَانَ عَنْهُ مَسْـُٔولًا
Transliteration walā taqfu mā laysa laka bihi ʿil'mun inna l-samʿa wal-baṣara wal-fuāda kullu ulāika kāna ʿanhu masūlan
Sindhi ۽ (اي ٻانھا) جنھن شيء جي توکي ڪا سُڌ نه آھي اُن جي پويان نه لڳ، ڇوته ڪَن ۽ اک ۽ دل انھن سڀني (عضون) کان ان بابت بلڪل پڇا ٿيندي.
Verse 37
وَلَا تَمْشِ فِى ٱلْأَرْضِ مَرَحًا ۖ إِنَّكَ لَن تَخْرِقَ ٱلْأَرْضَ وَلَن تَبْلُغَ ٱلْجِبَالَ طُولًا
Transliteration walā tamshi fī l-arḍi maraḥan innaka lan takhriqa l-arḍa walan tablugha l-jibāla ṭūlan
Sindhi ۽ زمين ۾ تون آڪڙ ڪري نه گُھم، ڇوته تون نڪي زمين کي چيري سگھندين ۽ نڪي ڊيگھ ۾ جبل (جي چوٽي) کي پھچين سگھندين.
Verse 38
كُلُّ ذَٰلِكَ كَانَ سَيِّئُهُۥ عِندَ رَبِّكَ مَكْرُوهًا
Transliteration kullu dhālika kāna sayyi-uhu ʿinda rabbika makrūhan
Sindhi اُنھن سڀني (عادتن) جي بڇڙائي تنھنجي پالڻھار وٽ ناپسند آھي.
Verse 39
ذَٰلِكَ مِمَّآ أَوْحَىٰٓ إِلَيْكَ رَبُّكَ مِنَ ٱلْحِكْمَةِ ۗ وَلَا تَجْعَلْ مَعَ ٱللَّهِ إِلَـٰهًا ءَاخَرَ فَتُلْقَىٰ فِى جَهَنَّمَ مَلُومًا مَّدْحُورًا
Transliteration dhālika mimmā awḥā ilayka rabbuka mina l-ḥik'mati walā tajʿal maʿa l-lahi ilāhan ākhara fatul'qā fī jahannama malūman madḥūran
Sindhi اھي حُڪم انھن مان آھن جيڪي تنھنجي پالڻھار توڏانھن حڪمت مان وحي ڪيا آھن، ۽ الله سان ٻيو ڪوبه معبُود مُقرّر نه ڪر نه ته تون ملامتي (۽) تڙيل ٿي دوزخ ۾ وڌو ويندين.
Verse 40
أَفَأَصْفَىٰكُمْ رَبُّكُم بِٱلْبَنِينَ وَٱتَّخَذَ مِنَ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةِ إِنَـٰثًا ۚ إِنَّكُمْ لَتَقُولُونَ قَوْلًا عَظِيمًا
Transliteration afa-aṣfākum rabbukum bil-banīna wa-ittakhadha mina l-malāikati ināthan innakum lataqūlūna qawlan ʿaẓīman
Sindhi (اي مشرڪؤ) اوھان جي پالڻھار اوھان کي پُٽن جي لاءِ چونڊيو ۽ (پاڻ) ملائڪن کي (پنھنجيون) ڌيئر ڪري ورتائين ڇا؟ بيشڪ اوھين ھيءَ وڏي ڳالھ ڪندا آھيو.
Verse 41
وَلَقَدْ صَرَّفْنَا فِى هَـٰذَا ٱلْقُرْءَانِ لِيَذَّكَّرُوا۟ وَمَا يَزِيدُهُمْ إِلَّا نُفُورًا
Transliteration walaqad ṣarrafnā fī hādhā l-qur'āni liyadhakkarū wamā yazīduhum illā nufūran
Sindhi ۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھن لاءِ وري وري سمجھايوسون ته نصيحت وٺن، ۽ اھو انھن بابت نفرت کانسواءِ (ٻيو ڪي) ڪين ٿو وڌائي.
Verse 42
قُل لَّوْ كَانَ مَعَهُۥٓ ءَالِهَةٌ كَمَا يَقُولُونَ إِذًا لَّٱبْتَغَوْا۟ إِلَىٰ ذِى ٱلْعَرْشِ سَبِيلًا
Transliteration qul law kāna maʿahu ālihatun kamā yaqūlūna idhan la-ib'taghaw ilā dhī l-ʿarshi sabīlan
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ساڻس ٻيا معبود جھڙي طرح ھوندا آھن (تھڙي طرح) ھجن ھا ته اھي انھي دم عرش جي مالڪ ڏانھن (جنگ جي) واٽ طلبين ھا.
Verse 43
سُبْحَـٰنَهُۥ وَتَعَـٰلَىٰ عَمَّا يَقُولُونَ عُلُوًّا كَبِيرًا
Transliteration sub'ḥānahu wataʿālā ʿammā yaqūlūna ʿuluwwan kabīran
Sindhi اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي چوندا آھن تنھن کان وڏو (۽) مٿاھون آھي.
Verse 44
تُسَبِّحُ لَهُ ٱلسَّمَـٰوَٰتُ ٱلسَّبْعُ وَٱلْأَرْضُ وَمَن فِيهِنَّ ۚ وَإِن مِّن شَىْءٍ إِلَّا يُسَبِّحُ بِحَمْدِهِۦ وَلَـٰكِن لَّا تَفْقَهُونَ تَسْبِيحَهُمْ ۗ إِنَّهُۥ كَانَ حَلِيمًا غَفُورًا
Transliteration tusabbiḥu lahu l-samāwātu l-sabʿu wal-arḍu waman fīhinna wa-in min shayin illā yusabbiḥu biḥamdihi walākin lā tafqahūna tasbīḥahum innahu kāna ḥalīman ghafūran
Sindhi ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي منجھن آھي سي ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ ڪا (به) شيء سندس ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪرڻ کانسواءِ نه آھي پر (اوھين) سندس تسبيح نه سمجھندا آھيو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي.
Verse 45
وَإِذَا قَرَأْتَ ٱلْقُرْءَانَ جَعَلْنَا بَيْنَكَ وَبَيْنَ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ حِجَابًا مَّسْتُورًا
Transliteration wa-idhā qarata l-qur'āna jaʿalnā baynaka wabayna alladhīna lā yu'minūna bil-ākhirati ḥijāban mastūran
Sindhi ۽ جڏھن (تون) قرآن پڙھندو آھين (تڏھن) تنھنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جي وچ ۾ (اسين) لڪل پردو ڪندا آھيون.
Verse 46
وَجَعَلْنَا عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ أَكِنَّةً أَن يَفْقَهُوهُ وَفِىٓ ءَاذَانِهِمْ وَقْرًا ۚ وَإِذَا ذَكَرْتَ رَبَّكَ فِى ٱلْقُرْءَانِ وَحْدَهُۥ وَلَّوْا۟ عَلَىٰٓ أَدْبَـٰرِهِمْ نُفُورًا
Transliteration wajaʿalnā ʿalā qulūbihim akinnatan an yafqahūhu wafī ādhānihim waqran wa-idhā dhakarta rabbaka fī l-qur'āni waḥdahu wallaw ʿalā adbārihim nufūran
Sindhi ۽ ان جي سمجھڻ کان سندن دلين ۾ پردو ۽ سندن ڪَنن ۾ گھٻرائي وجھندا آھيون، ۽ جڏھن پنھنجي ھڪڙي پالڻھار کي قرآن ۾ ياد ڪرين ٿو تڏھن نفرت ڪري پنھنجين پُٺين (ڀرپوءِ) تي موٽندا آھن.
Verse 47
نَّحْنُ أَعْلَمُ بِمَا يَسْتَمِعُونَ بِهِۦٓ إِذْ يَسْتَمِعُونَ إِلَيْكَ وَإِذْ هُمْ نَجْوَىٰٓ إِذْ يَقُولُ ٱلظَّـٰلِمُونَ إِن تَتَّبِعُونَ إِلَّا رَجُلًا مَّسْحُورًا
Transliteration naḥnu aʿlamu bimā yastamiʿūna bihi idh yastamiʿūna ilayka wa-idh hum najwā idh yaqūlu l-ẓālimūna in tattabiʿūna illā rajulan masḥūran
Sindhi (اي پيغمبر) جنھن مھل توڏانھن ڪن ڏيئي جنھن (ٺـٺولي ڪرڻ جي ارادي) سان (قرآن کي) ٻڌندا آھن ۽ جنھن مھل ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن جڏھن ظالم چوندا آھن ته (اوھين) رڳو جادو ڪيل مڙس جي تابعداري ڪريو ٿا (تنھن مھل سندين انھن ڳالھين کي) چڱي طرح ڄاڻندا آھيون.
Verse 48
ٱنظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوا۟ لَكَ ٱلْأَمْثَالَ فَضَلُّوا۟ فَلَا يَسْتَطِيعُونَ سَبِيلًا
Transliteration unẓur kayfa ḍarabū laka l-amthāla faḍallū falā yastaṭīʿūna sabīlan
Sindhi ڏس ته تولاءِ ڪھڙا مٿال ڏيندا آھن پوءِ گمراھ ٿيا تنھنڪري سڌي واٽ لھي نه سگھندا آھن.
Verse 49
وَقَالُوٓا۟ أَءِذَا كُنَّا عِظَـٰمًا وَرُفَـٰتًا أَءِنَّا لَمَبْعُوثُونَ خَلْقًا جَدِيدًا
Transliteration waqālū a-idhā kunnā ʿiẓāman warufātan a-innā lamabʿūthūna khalqan jadīdan
Sindhi ۽ چوندا آھن ته جڏھن اسين (مري ڳري) ھڏا ۽ ذرا ذرا ٿينداسين (تڏھن) اسين وري نوان بڻجي اٿنداسين ڇا؟
Verse 50
۞ قُلْ كُونُوا۟ حِجَارَةً أَوْ حَدِيدًا
Transliteration qul kūnū ḥijāratan aw ḥadīdan
Sindhi چؤ ته پھڻ ٿيو يا لوھ ٿيو.
Verse 51
أَوْ خَلْقًا مِّمَّا يَكْبُرُ فِى صُدُورِكُمْ ۚ فَسَيَقُولُونَ مَن يُعِيدُنَا ۖ قُلِ ٱلَّذِى فَطَرَكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ ۚ فَسَيُنْغِضُونَ إِلَيْكَ رُءُوسَهُمْ وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هُوَ ۖ قُلْ عَسَىٰٓ أَن يَكُونَ قَرِيبًا
Transliteration aw khalqan mimmā yakburu fī ṣudūrikum fasayaqūlūna man yuʿīdunā quli alladhī faṭarakum awwala marratin fasayun'ghiḍūna ilayka ruūsahum wayaqūlūna matā huwa qul ʿasā an yakūna qarīban
Sindhi يا پنھنجين دلين ۾ جيڪا (ٻي) وڏي خلق ڀائيندا آھيو (سا ٿيو ته به اٿندؤ)، پوءِ سگھوئي چوندا ته ڪير اسان کي وري جياريندو؟ چؤ ته جنھن اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو (سو جياريندو)، پوءِ توڏانھن پنھنجو ڪنڌ لوڏيندا ۽ چوندا ته اھو ڪڏھن ٿيندو؟ چؤ ته اميد آھي ته سگھو ٿيڻو آھي.
Verse 52
يَوْمَ يَدْعُوكُمْ فَتَسْتَجِيبُونَ بِحَمْدِهِۦ وَتَظُنُّونَ إِن لَّبِثْتُمْ إِلَّا قَلِيلًا
Transliteration yawma yadʿūkum fatastajībūna biḥamdihi wataẓunnūna in labith'tum illā qalīlan
Sindhi جنھن ڏينھن الله اوھان کي سڏيندو (تنھن ڏينھن) اوھين سندس ساراہ ڪندي ورندي ڏيندؤ ۽ ڀائيندؤ ته ٿوروئي وقت رھيا آھيون.
Verse 53
وَقُل لِّعِبَادِى يَقُولُوا۟ ٱلَّتِى هِىَ أَحْسَنُ ۚ إِنَّ ٱلشَّيْطَـٰنَ يَنزَغُ بَيْنَهُمْ ۚ إِنَّ ٱلشَّيْطَـٰنَ كَانَ لِلْإِنسَـٰنِ عَدُوًّا مُّبِينًا
Transliteration waqul liʿibādī yaqūlū allatī hiya aḥsanu inna l-shayṭāna yanzaghu baynahum inna l-shayṭāna kāna lil'insāni ʿaduwwan mubīnan
Sindhi ۽ (اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي چؤ ته (ڪافرن سان) بلڪل چڱي (ڳالھ) چوندا رھن، ڇوته شيطان سندن وچ ۾ جھيڙو وجھندو آھي، ڇوته شيطان ماڻھو جو پڌرو ويري آھي.
Verse 54
رَّبُّكُمْ أَعْلَمُ بِكُمْ ۖ إِن يَشَأْ يَرْحَمْكُمْ أَوْ إِن يَشَأْ يُعَذِّبْكُمْ ۚ وَمَآ أَرْسَلْنَـٰكَ عَلَيْهِمْ وَكِيلًا
Transliteration rabbukum aʿlamu bikum in yasha yarḥamkum aw in yasha yuʿadhib'kum wamā arsalnāka ʿalayhim wakīlan
Sindhi اوھان جو پالڻھار اوھان کي چڱي طرح ڄاڻندو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان تي ٻاجھ ڪري ۽ جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي عذاب ڪري، ۽ اسان توکي مٿن وڪيل ڪري نه موڪليو آھي.
Verse 55
وَرَبُّكَ أَعْلَمُ بِمَن فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۗ وَلَقَدْ فَضَّلْنَا بَعْضَ ٱلنَّبِيِّـۧنَ عَلَىٰ بَعْضٍ ۖ وَءَاتَيْنَا دَاوُۥدَ زَبُورًا
Transliteration warabbuka aʿlamu biman fī l-samāwāti wal-arḍi walaqad faḍḍalnā baʿḍa l-nabiyīna ʿalā baʿḍin waātaynā dāwūda zabūran
Sindhi ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي، ۽ بيشڪ ھڪڙن نبين کي ٻـين کان وڌيڪ ڪيوسون ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون.
Verse 56
قُلِ ٱدْعُوا۟ ٱلَّذِينَ زَعَمْتُم مِّن دُونِهِۦ فَلَا يَمْلِكُونَ كَشْفَ ٱلضُّرِّ عَنكُمْ وَلَا تَحْوِيلًا
Transliteration quli id'ʿū alladhīna zaʿamtum min dūnihi falā yamlikūna kashfa l-ḍuri ʿankum walā taḥwīlan
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته الله کانسواءِ ٻـين جن کي (الله جھڙو) ڀائيندا آھيو تن کي سڏيو پوءِ (اھي) اوھان کان نڪي ڪنھن اھنج لاھڻ جو ۽ نڪي ڦيرائڻ جو اختيار رکندا آھن.
Verse 57
أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ يَدْعُونَ يَبْتَغُونَ إِلَىٰ رَبِّهِمُ ٱلْوَسِيلَةَ أَيُّهُمْ أَقْرَبُ وَيَرْجُونَ رَحْمَتَهُۥ وَيَخَافُونَ عَذَابَهُۥٓ ۚ إِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ كَانَ مَحْذُورًا
Transliteration ulāika alladhīna yadʿūna yabtaghūna ilā rabbihimu l-wasīlata ayyuhum aqrabu wayarjūna raḥmatahu wayakhāfūna ʿadhābahu inna ʿadhāba rabbika kāna maḥdhūran
Sindhi ھي (ڪافر خُدا کانسواءِ) جن کي سڏيندا آھن سي پاڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وسيلو ڳوليندا آھن ته انھن مان ڪير ڏاڍو ويجھو آھي؟ ۽ سندس ٻاجھ جي اميد رکندا آھن ۽ سندس عذاب کان ڊڄندا آھن، ڇوته تنھنجي پالڻھار جو عذاب ڊڄڻ جھڙي شيء آھي.
Verse 58
وَإِن مِّن قَرْيَةٍ إِلَّا نَحْنُ مُهْلِكُوهَا قَبْلَ يَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ أَوْ مُعَذِّبُوهَا عَذَابًا شَدِيدًا ۚ كَانَ ذَٰلِكَ فِى ٱلْكِتَـٰبِ مَسْطُورًا
Transliteration wa-in min qaryatin illā naḥnu muh'likūhā qabla yawmi l-qiyāmati aw muʿadhibūhā ʿadhāban shadīdan kāna dhālika fī l-kitābi masṭūran
Sindhi ۽ ڪوبه ڳوٺ نه آھي مگر (جنھن جي رھڻ وارن) کي (سندن بڇڙن ڪرتوتن سبب) قيامت جي ڏينھن کان اڳ اسين ناس ڪرڻ وارا آھيون يا ان کي سخت عذاب ڏيندڙ آھيون، اِھو حُڪم ڪتاب ۾ لکيل آھي.
Verse 59
وَمَا مَنَعَنَآ أَن نُّرْسِلَ بِٱلْـَٔايَـٰتِ إِلَّآ أَن كَذَّبَ بِهَا ٱلْأَوَّلُونَ ۚ وَءَاتَيْنَا ثَمُودَ ٱلنَّاقَةَ مُبْصِرَةً فَظَلَمُوا۟ بِهَا ۚ وَمَا نُرْسِلُ بِٱلْـَٔايَـٰتِ إِلَّا تَخْوِيفًا
Transliteration wamā manaʿanā an nur'sila bil-āyāti illā an kadhaba bihā l-awalūna waātaynā thamūda l-nāqata mub'ṣiratan faẓalamū bihā wamā nur'silu bil-āyāti illā takhwīfan
Sindhi ۽ اسان کي مُعجزن موڪلڻ کان انھيءَ ڳالھ کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه روڪيو جو اڳين (ماڻھن) انھن کي ڪوڙ ڄاتو ھو، ۽ ثمود (جي قوم) کي ڏاچي مُعجزہ لاءَ ڏني سون ته اُن کي نه مڃيائون، ۽ اسين رڳو ڊيڄارڻ لاءِ مُعجزا موڪليندا آھيون.
Verse 60
وَإِذْ قُلْنَا لَكَ إِنَّ رَبَّكَ أَحَاطَ بِٱلنَّاسِ ۚ وَمَا جَعَلْنَا ٱلرُّءْيَا ٱلَّتِىٓ أَرَيْنَـٰكَ إِلَّا فِتْنَةً لِّلنَّاسِ وَٱلشَّجَرَةَ ٱلْمَلْعُونَةَ فِى ٱلْقُرْءَانِ ۚ وَنُخَوِّفُهُمْ فَمَا يَزِيدُهُمْ إِلَّا طُغْيَـٰنًا كَبِيرًا
Transliteration wa-idh qul'nā laka inna rabbaka aḥāṭa bil-nāsi wamā jaʿalnā l-ru'yā allatī araynāka illā fit'natan lilnnāsi wal-shajarata l-malʿūnata fī l-qur'āni wanukhawwifuhum famā yazīduhum illā ṭugh'yānan kabīran
Sindhi ۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جنھن مھل توکي چيوسون ته تنھنجي پالڻھار ماڻھن کي (پنھنجي قدرت سان) لپيٽيو آھي، ۽ اسان جيڪو توکي نظارو ڏيکاريوسون جو لعنت ڪيل وڻ قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آھي سو ماڻھن جي پرک کانسواءِ نه آھي، ۽ اسين جو کين ڊيڄاريندا آھيون سو انھن بابت وڏي شرارت کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه وڌائيندو آھي.
Verse 61
وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلَـٰٓئِكَةِ ٱسْجُدُوا۟ لِـَٔادَمَ فَسَجَدُوٓا۟ إِلَّآ إِبْلِيسَ قَالَ ءَأَسْجُدُ لِمَنْ خَلَقْتَ طِينًا
Transliteration wa-idh qul'nā lil'malāikati us'judū liādama fasajadū illā ib'līsa qāla a-asjudu liman khalaqta ṭīnan
Sindhi ۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، (ابليس) چيو ته جنھن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيئي تنھن کي ڇو سجدو ڪريان؟
Verse 62
قَالَ أَرَءَيْتَكَ هَـٰذَا ٱلَّذِى كَرَّمْتَ عَلَىَّ لَئِنْ أَخَّرْتَنِ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ لَأَحْتَنِكَنَّ ذُرِّيَّتَهُۥٓ إِلَّا قَلِيلًا
Transliteration qāla ara-aytaka hādhā alladhī karramta ʿalayya la-in akhartani ilā yawmi l-qiyāmati la-aḥtanikanna dhurriyyatahu illā qalīlan
Sindhi (وري ابليس) چيو ته ڏس ھي شخص جنھن کي تو مون تي شرف ڏنو، جيڪڏھن مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏيندين ته ٿورڙن کان سواءِ سندس (ٻئي) اولاد کي پاڙئون پٽيندس.
Verse 63
قَالَ ٱذْهَبْ فَمَن تَبِعَكَ مِنْهُمْ فَإِنَّ جَهَنَّمَ جَزَآؤُكُمْ جَزَآءً مَّوْفُورًا
Transliteration qāla idh'hab faman tabiʿaka min'hum fa-inna jahannama jazāukum jazāan mawfūran
Sindhi (الله) چيو ته وڃ پوءِ منجھانئن جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن اوھان سڀني جي سزا دوزخ آھي (۽ اھا) بلڪل پوري سزا آھي.
Verse 64
وَٱسْتَفْزِزْ مَنِ ٱسْتَطَعْتَ مِنْهُم بِصَوْتِكَ وَأَجْلِبْ عَلَيْهِم بِخَيْلِكَ وَرَجِلِكَ وَشَارِكْهُمْ فِى ٱلْأَمْوَٰلِ وَٱلْأَوْلَـٰدِ وَعِدْهُمْ ۚ وَمَا يَعِدُهُمُ ٱلشَّيْطَـٰنُ إِلَّا غُرُورًا
Transliteration wa-is'tafziz mani is'taṭaʿta min'hum biṣawtika wa-ajlib ʿalayhim bikhaylika warajilika washārik'hum fī l-amwāli wal-awlādi waʿid'hum wamā yaʿiduhumu l-shayṭānu illā ghurūran
Sindhi ۽ منجھانئن جنھن کي (ڀُلائي) سگھين تنھن کي پنھنجي سڏ سان ڀُلاءِ ۽ پنھنجن پيادن ۽ سوارن سان مٿن چڙھائي ڪر ۽ سندن مال ۽ اولاد ۾ ڀائيواري ڪر ۽ کين انجام ڏي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ کين ڪو دلاسو نه ڏيندو آھي.
Verse 65
إِنَّ عِبَادِى لَيْسَ لَكَ عَلَيْهِمْ سُلْطَـٰنٌ ۚ وَكَفَىٰ بِرَبِّكَ وَكِيلًا
Transliteration inna ʿibādī laysa laka ʿalayhim sul'ṭānun wakafā birabbika wakīlan
Sindhi بيشڪ منھنجن ٻانھن تي توکي ڪا سگھ نه آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار نگھبان بس آھي.
Verse 66
رَّبُّكُمُ ٱلَّذِى يُزْجِى لَكُمُ ٱلْفُلْكَ فِى ٱلْبَحْرِ لِتَبْتَغُوا۟ مِن فَضْلِهِۦٓ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ بِكُمْ رَحِيمًا
Transliteration rabbukumu alladhī yuz'jī lakumu l-ful'ka fī l-baḥri litabtaghū min faḍlihi innahu kāna bikum raḥīman
Sindhi اوھان جو پالڻھار اھو آھي جيڪو دريائن ۾ ٻيڙيون ھن لاءِ ھلائيندو آھي ته سندس فضل ڳوليو، ڇوته اُھو اوھان تي ٻاجھارو آھي.
Verse 67
وَإِذَا مَسَّكُمُ ٱلضُّرُّ فِى ٱلْبَحْرِ ضَلَّ مَن تَدْعُونَ إِلَّآ إِيَّاهُ ۖ فَلَمَّا نَجَّىٰكُمْ إِلَى ٱلْبَرِّ أَعْرَضْتُمْ ۚ وَكَانَ ٱلْإِنسَـٰنُ كَفُورًا
Transliteration wa-idhā massakumu l-ḍuru fī l-baḥri ḍalla man tadʿūna illā iyyāhu falammā najjākum ilā l-bari aʿraḍtum wakāna l-insānu kafūran
Sindhi ۽ جڏھن اوھان کي درياءَ ۾ ڪا اوکائي پھچندي آھي تڏھن خاص ان (الله) کانسواءِ ٻـين جن کي اوھين سڏيندا آھيو سي وسري ويندا آھن، پوءِ جنھن مھل اوھان کي سُڪي ڏي بچائيندو آھي (تنھن مھل) مُنھن موڙيندا آھيو، ۽ ماڻھو ڏاڍو بي شڪر آھي.
Verse 68
أَفَأَمِنتُمْ أَن يَخْسِفَ بِكُمْ جَانِبَ ٱلْبَرِّ أَوْ يُرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا ثُمَّ لَا تَجِدُوا۟ لَكُمْ وَكِيلًا
Transliteration afa-amintum an yakhsifa bikum jāniba l-bari aw yur'sila ʿalaykum ḥāṣiban thumma lā tajidū lakum wakīlan
Sindhi (اوھين) پاڻ کي سڪيءَ ۾ گھائڻ کان يا پاڻ تي (پھڻن جي) آنڌي اچڻ کان بي ڀوا ٿيا آھيو ڇا؟ وري اوھين پاڻ لاءِ ڪو واھرو نه لھندؤ.
Verse 69
أَمْ أَمِنتُمْ أَن يُعِيدَكُمْ فِيهِ تَارَةً أُخْرَىٰ فَيُرْسِلَ عَلَيْكُمْ قَاصِفًا مِّنَ ٱلرِّيحِ فَيُغْرِقَكُم بِمَا كَفَرْتُمْ ۙ ثُمَّ لَا تَجِدُوا۟ لَكُمْ عَلَيْنَا بِهِۦ تَبِيعًا
Transliteration am amintum an yuʿīdakum fīhi tāratan ukh'rā fayur'sila ʿalaykum qāṣifan mina l-rīḥi fayugh'riqakum bimā kafartum thumma lā tajidū lakum ʿalaynā bihi tabīʿan
Sindhi يا ٻئي ڀيري ان (درياء) ۾ موٽائڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھيو ڇا؟ پوءِ اوھان تي واءُ جو طوفان موڪلي پوءِ اوھان کي اوھان جي انڪار سببان ٻوڙي وري انھي (ٻوڙڻ جي) ڪري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو پيڇي ڪرڻ وارو نه لھندؤ.
Verse 70
۞ وَلَقَدْ كَرَّمْنَا بَنِىٓ ءَادَمَ وَحَمَلْنَـٰهُمْ فِى ٱلْبَرِّ وَٱلْبَحْرِ وَرَزَقْنَـٰهُم مِّنَ ٱلطَّيِّبَـٰتِ وَفَضَّلْنَـٰهُمْ عَلَىٰ كَثِيرٍ مِّمَّنْ خَلَقْنَا تَفْضِيلًا
Transliteration walaqad karramnā banī ādama waḥamalnāhum fī l-bari wal-baḥri warazaqnāhum mina l-ṭayibāti wafaḍḍalnāhum ʿalā kathīrin mimman khalaqnā tafḍīlan
Sindhi ۽ بيشڪ آدم جي اولاد کي شرف ڏنوسون ۽ کين پَٽن ۽ دريائن ۾ کنيوسون ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏنيسون ۽ جيڪي خلقياسون تن مان گھڻن کان کين زيادہ مانَ وارو ڪيوسون.
Verse 71
يَوْمَ نَدْعُوا۟ كُلَّ أُنَاسٍۭ بِإِمَـٰمِهِمْ ۖ فَمَنْ أُوتِىَ كِتَـٰبَهُۥ بِيَمِينِهِۦ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ يَقْرَءُونَ كِتَـٰبَهُمْ وَلَا يُظْلَمُونَ فَتِيلًا
Transliteration yawma nadʿū kulla unāsin bi-imāmihim faman ūtiya kitābahu biyamīnihi fa-ulāika yaqraūna kitābahum walā yuẓ'lamūna fatīlan
Sindhi ھر ڪنھن ٽوليءَ کي سندن اڳواڻ سان سڏينداسون، پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس ساڄي ھٿ ۾ ڏنو ويندو سي پنھنجو اعمالنامو پڙھندا ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبن.
Verse 72
وَمَن كَانَ فِى هَـٰذِهِۦٓ أَعْمَىٰ فَهُوَ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ أَعْمَىٰ وَأَضَلُّ سَبِيلًا
Transliteration waman kāna fī hādhihi aʿmā fahuwa fī l-ākhirati aʿmā wa-aḍallu sabīlan
Sindhi ۽ جيڪو ھن دنيا ۾ انڌو ٿيو سو آخرت ۾ (به) انڌو (ھوندو) ۽ واٽ کان بِنھ ڀُليل رھندو.
Verse 73
وَإِن كَادُوا۟ لَيَفْتِنُونَكَ عَنِ ٱلَّذِىٓ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ لِتَفْتَرِىَ عَلَيْنَا غَيْرَهُۥ ۖ وَإِذًا لَّٱتَّخَذُوكَ خَلِيلًا
Transliteration wa-in kādū layaftinūnaka ʿani alladhī awḥaynā ilayka litaftariya ʿalaynā ghayrahu wa-idhan la-ittakhadhūka khalīlan
Sindhi ۽ جيڪي توڏانھن (پنھنجن حُڪمن جو) وحيُ ڪيوسون تنھن کانسواءِ توکي ھن لاءِ دوکي ۾ وجھڻ لڳا ھوا ته تون ان کانسواءِ ٻيو ڪو اسان تي ٺاھ ٺاھين، ۽ انھيءَ مھل توکي دوست بڻائين.
Verse 74
وَلَوْلَآ أَن ثَبَّتْنَـٰكَ لَقَدْ كِدتَّ تَرْكَنُ إِلَيْهِمْ شَيْـًٔا قَلِيلًا
Transliteration walawlā an thabbatnāka laqad kidtta tarkanu ilayhim shayan qalīlan
Sindhi ۽ جيڪڏھن اسين توکي (پنھنجي ڳالھ تي) پختو نه رکون ھا ته ويجھو ھو جو بيشڪ اُنھن ڏانھن ڪي ٿوروئي لڙي پون ھا.
Verse 75
إِذًا لَّأَذَقْنَـٰكَ ضِعْفَ ٱلْحَيَوٰةِ وَضِعْفَ ٱلْمَمَاتِ ثُمَّ لَا تَجِدُ لَكَ عَلَيْنَا نَصِيرًا
Transliteration idhan la-adhaqnāka ḍiʿ'fa l-ḥayati waḍiʿ'fa l-mamāti thumma lā tajidu laka ʿalaynā naṣīran
Sindhi ۽ اتي جو اتي حياتي جو ٻيڻو عذاب ۽ موت جو (به) ٻيڻو عذاب توکي چکايون ھا وري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو واھرو نه لھين ھا.
Verse 76
وَإِن كَادُوا۟ لَيَسْتَفِزُّونَكَ مِنَ ٱلْأَرْضِ لِيُخْرِجُوكَ مِنْهَا ۖ وَإِذًا لَّا يَلْبَثُونَ خِلَـٰفَكَ إِلَّا قَلِيلًا
Transliteration wa-in kādū layastafizzūnaka mina l-arḍi liyukh'rijūka min'hā wa-idhan lā yalbathūna khilāfaka illā qalīlan
Sindhi ۽ (اي پيغمبر مڪي جي) زمين ۾ سگھو ئي توکي ھن لاءِ بيقرار ڪندا ته ان مان توکي لڏائين ۽ انھيءَ مھل توکان پوءِ (پاڻ به) ٿورو وقت رھندا.
Verse 77
سُنَّةَ مَن قَدْ أَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِن رُّسُلِنَا ۖ وَلَا تَجِدُ لِسُنَّتِنَا تَحْوِيلًا
Transliteration sunnata man qad arsalnā qablaka min rusulinā walā tajidu lisunnatinā taḥwīlan
Sindhi توکان اڳ جيڪي پنھنجا پيغمبر موڪلياسون تن جو دستور موافق (جو سندن قوم کين لڏايو ته ناس ڪيو وين) ۽ اسان جي دستور کي ڪا ڦيرڦار نه لھندين.
Verse 78
أَقِمِ ٱلصَّلَوٰةَ لِدُلُوكِ ٱلشَّمْسِ إِلَىٰ غَسَقِ ٱلَّيْلِ وَقُرْءَانَ ٱلْفَجْرِ ۖ إِنَّ قُرْءَانَ ٱلْفَجْرِ كَانَ مَشْهُودًا
Transliteration aqimi l-ṣalata lidulūki l-shamsi ilā ghasaqi al-layli waqur'āna l-fajri inna qur'āna l-fajri kāna mashhūdan
Sindhi سج لڙئي کان وٺي رات جي اونداھيءَ تائين نماز پڙھ ۽ فجر جو قرآن پرھ، بيشڪ فجر جو قرآن پڙھڻ مھل ملائڪ حاضر ٿين ٿا.
Verse 79
وَمِنَ ٱلَّيْلِ فَتَهَجَّدْ بِهِۦ نَافِلَةً لَّكَ عَسَىٰٓ أَن يَبْعَثَكَ رَبُّكَ مَقَامًا مَّحْمُودًا
Transliteration wamina al-layli fatahajjad bihi nāfilatan laka ʿasā an yabʿathaka rabbuka maqāman maḥmūdan
Sindhi ۽ ڪجھ رات جو (قرآن) سان تھجّد پرھ جو (اھا) تولاءِ زيادہ عبادت آھي، تنھنجو پالڻھار توکي سگھوئي ساراھيل جاءِ ۾ اُٿاريندو.
Verse 80
وَقُل رَّبِّ أَدْخِلْنِى مُدْخَلَ صِدْقٍ وَأَخْرِجْنِى مُخْرَجَ صِدْقٍ وَٱجْعَل لِّى مِن لَّدُنكَ سُلْطَـٰنًا نَّصِيرًا
Transliteration waqul rabbi adkhil'nī mud'khala ṣid'qin wa-akhrij'nī mukh'raja ṣid'qin wa-ij'ʿal lī min ladunka sul'ṭānan naṣīran
Sindhi ۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي (مديني ۾) سچائيءَ سان داخل ڪر ۽ (مڪي مان) مون کي سچائيءَ سان ٻاھر ڪڍ ۽ پاڻ وٽان مون لاءِ ڏاڍي سگھ مدد ڏيندڙ ڪر.
Verse 81
وَقُلْ جَآءَ ٱلْحَقُّ وَزَهَقَ ٱلْبَـٰطِلُ ۚ إِنَّ ٱلْبَـٰطِلَ كَانَ زَهُوقًا
Transliteration waqul jāa l-ḥaqu wazahaqa l-bāṭilu inna l-bāṭila kāna zahūqan
Sindhi ۽ (اي پيغمبر) چؤ ته سچ آيو ۽ ڪوڙ ڀڳو، بيشڪ ڪوڙ ڀڄندڙ آھي.
Verse 82
وَنُنَزِّلُ مِنَ ٱلْقُرْءَانِ مَا هُوَ شِفَآءٌ وَرَحْمَةٌ لِّلْمُؤْمِنِينَ ۙ وَلَا يَزِيدُ ٱلظَّـٰلِمِينَ إِلَّا خَسَارًا
Transliteration wanunazzilu mina l-qur'āni mā huwa shifāon waraḥmatun lil'mu'minīna walā yazīdu l-ẓālimīna illā khasāran
Sindhi ۽ اسين قرآن کي نازل ڪريون ٿا جو اھو سارو مؤمنن لاءِ شفا ۽ ٻاجھ آھي ۽ ظالمن بابت نقصان کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه وڌائيندو آھي.
Verse 83
وَإِذَآ أَنْعَمْنَا عَلَى ٱلْإِنسَـٰنِ أَعْرَضَ وَنَـَٔا بِجَانِبِهِۦ ۖ وَإِذَا مَسَّهُ ٱلشَّرُّ كَانَ يَـُٔوسًا
Transliteration wa-idhā anʿamnā ʿalā l-insāni aʿraḍa wanaā bijānibihi wa-idhā massahu l-sharu kāna yaūsan
Sindhi ۽ جڏھن انسان تي ڪا نعمت نازل ڪندا آھيون (تڏھن) مُنھن موڙيندو آھي ۽ کانئس پاسيرو ٿيندو آھي، ۽ جڏھن کيس مدائي پھچندي آھي ته نا اميد ٿيندو آھي.
Verse 84
قُلْ كُلٌّ يَعْمَلُ عَلَىٰ شَاكِلَتِهِۦ فَرَبُّكُمْ أَعْلَمُ بِمَنْ هُوَ أَهْدَىٰ سَبِيلًا
Transliteration qul kullun yaʿmalu ʿalā shākilatihi farabbukum aʿlamu biman huwa ahdā sabīlan
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو پنھنجي ڊول تي ڪم ڪندو آھي، پوءِ جيڪو ڏاڍيءَ سڌيءَ واٽ تي آھي تنھن کي تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي.
Verse 85
وَيَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلرُّوحِ ۖ قُلِ ٱلرُّوحُ مِنْ أَمْرِ رَبِّى وَمَآ أُوتِيتُم مِّنَ ٱلْعِلْمِ إِلَّا قَلِيلًا
Transliteration wayasalūnaka ʿani l-rūḥi quli l-rūḥu min amri rabbī wamā ūtītum mina l-ʿil'mi illā qalīlan
Sindhi ۽ (اي پيغمبر) توکان رُوح بابت پُڇن ٿا، چؤ ته رُوح منھنجي پالڻھار جي امر مان آھي ۽ اوھان کي ڪي ٿورڙي علم کانسواءِ نه ڏنو ويو آھي.
Verse 86
وَلَئِن شِئْنَا لَنَذْهَبَنَّ بِٱلَّذِىٓ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ ثُمَّ لَا تَجِدُ لَكَ بِهِۦ عَلَيْنَا وَكِيلًا
Transliteration wala-in shi'nā lanadhhabanna bi-alladhī awḥaynā ilayka thumma lā tajidu laka bihi ʿalaynā wakīlan
Sindhi ۽ جيڪو (قرآن) توڌانھن وحي ڪيوسون سو جيڪڏھن گھرون ته ورائي وٺون ته پوءِ تون پاڻ لاءِ اسان تي ڪو ڀرجھلو نه لھندين.
Verse 87
إِلَّا رَحْمَةً مِّن رَّبِّكَ ۚ إِنَّ فَضْلَهُۥ كَانَ عَلَيْكَ كَبِيرًا
Transliteration illā raḥmatan min rabbika inna faḍlahu kāna ʿalayka kabīran
Sindhi پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ (ان ورائي وٺڻ کي جھلي رکيو) آھي، ڇوته سندس فضل توتي وڏو آھي.
Verse 88
قُل لَّئِنِ ٱجْتَمَعَتِ ٱلْإِنسُ وَٱلْجِنُّ عَلَىٰٓ أَن يَأْتُوا۟ بِمِثْلِ هَـٰذَا ٱلْقُرْءَانِ لَا يَأْتُونَ بِمِثْلِهِۦ وَلَوْ كَانَ بَعْضُهُمْ لِبَعْضٍ ظَهِيرًا
Transliteration qul la-ini ij'tamaʿati l-insu wal-jinu ʿalā an yatū bimith'li hādhā l-qur'āni lā yatūna bimith'lihi walaw kāna baʿḍuhum libaʿḍin ẓahīran
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ماڻھو ۽ جِنّ ھن قرآن جھڙي (ٻئي ڪنھن ڪتاب) آڻڻ لاءِ گڏ ٿين ته جھڙس ڪڏھن نه آڻي سگھندا جيتوڻيڪ ھڪ ٻئي کي مدد ڏين.
Verse 89
وَلَقَدْ صَرَّفْنَا لِلنَّاسِ فِى هَـٰذَا ٱلْقُرْءَانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ فَأَبَىٰٓ أَكْثَرُ ٱلنَّاسِ إِلَّا كُفُورًا
Transliteration walaqad ṣarrafnā lilnnāsi fī hādhā l-qur'āni min kulli mathalin fa-abā aktharu l-nāsi illā kufūran
Sindhi ۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ سڀڪو مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪيو اٿئون، پر گھڻا ماڻھو بي شڪر ٿي انڪار ڪندا آھن.
Verse 90
وَقَالُوا۟ لَن نُّؤْمِنَ لَكَ حَتَّىٰ تَفْجُرَ لَنَا مِنَ ٱلْأَرْضِ يَنۢبُوعًا
Transliteration waqālū lan nu'mina laka ḥattā tafjura lanā mina l-arḍi yanbūʿan
Sindhi ۽ چوندا آھن ته اسين توکي (ايستائين) ھرگز نه مڃينداسون جيستائين زمين ۽ اسان لاءِ ڪو چشمو وھائين.
Verse 91
أَوْ تَكُونَ لَكَ جَنَّةٌ مِّن نَّخِيلٍ وَعِنَبٍ فَتُفَجِّرَ ٱلْأَنْهَـٰرَ خِلَـٰلَهَا تَفْجِيرًا
Transliteration aw takūna laka jannatun min nakhīlin waʿinabin fatufajjira l-anhāra khilālahā tafjīran
Sindhi يا کجين ۽ ڊاکن مان تولاءِ باغ ٿئي پوءِ سندس وچ ۾ تون وھندڙ واھيون وھائين.
Verse 92
أَوْ تُسْقِطَ ٱلسَّمَآءَ كَمَا زَعَمْتَ عَلَيْنَا كِسَفًا أَوْ تَأْتِىَ بِٱللَّهِ وَٱلْمَلَـٰٓئِكَةِ قَبِيلًا
Transliteration aw tus'qiṭa l-samāa kamā zaʿamta ʿalaynā kisafan aw tatiya bil-lahi wal-malāikati qabīlan
Sindhi يا جھڙي طرح تو ڀانيو تھڙي طرح اسان تي آسمان ٽُڪر ٽُڪر ڪيرائين يا تون الله ۽ ملائڪن کي سامھون آڻين.
Verse 93
أَوْ يَكُونَ لَكَ بَيْتٌ مِّن زُخْرُفٍ أَوْ تَرْقَىٰ فِى ٱلسَّمَآءِ وَلَن نُّؤْمِنَ لِرُقِيِّكَ حَتَّىٰ تُنَزِّلَ عَلَيْنَا كِتَـٰبًا نَّقْرَؤُهُۥ ۗ قُلْ سُبْحَانَ رَبِّى هَلْ كُنتُ إِلَّا بَشَرًا رَّسُولًا
Transliteration aw yakūna laka baytun min zukh'rufin aw tarqā fī l-samāi walan nu'mina liruqiyyika ḥattā tunazzila ʿalaynā kitāban naqra-uhu qul sub'ḥāna rabbī hal kuntu illā basharan rasūlan
Sindhi يا توکي ڪو سونون گھر ھُجي يا آسمان تي چڙھين، ۽ تنھنجي چڙھڻ کي (ايستائين) ڪڏھن نه مڃينداسون جيستائين اسان تي (اھڙو لکيل) ڪتاب لاھين جنھن کي پڙھون، چؤ ته منھنجو پالڻھار پاڪ آھي آءٌ رڳو پيغام پھچائڻ وارو ماڻھو آھيان.
Verse 94
وَمَا مَنَعَ ٱلنَّاسَ أَن يُؤْمِنُوٓا۟ إِذْ جَآءَهُمُ ٱلْهُدَىٰٓ إِلَّآ أَن قَالُوٓا۟ أَبَعَثَ ٱللَّهُ بَشَرًا رَّسُولًا
Transliteration wamā manaʿa l-nāsa an yu'minū idh jāahumu l-hudā illā an qālū abaʿatha l-lahu basharan rasūlan
Sindhi ۽ جڏھن ماڻھن وٽ ھدايت آئي (تڏھن) کين ايمان آڻڻ کان ھن ڏاران ڪنھن نه جھليو آھي جو چوندا آھن ته الله پيغمبرن کي ڇو ماڻھو ڪري موڪليو.
Verse 95
قُل لَّوْ كَانَ فِى ٱلْأَرْضِ مَلَـٰٓئِكَةٌ يَمْشُونَ مُطْمَئِنِّينَ لَنَزَّلْنَا عَلَيْهِم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ مَلَكًا رَّسُولًا
Transliteration qul law kāna fī l-arḍi malāikatun yamshūna muṭ'ma-innīna lanazzalnā ʿalayhim mina l-samāi malakan rasūlan
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ملائڪ (اوھان جان) زمين ۾ ٽڪندڙ ٿي گھمن ڦرن ھا ته اسين مٿن ضرور آسمان مان ملائڪ پيغمبر ڪري موڪليون ھا.
Verse 96
قُلْ كَفَىٰ بِٱللَّهِ شَهِيدًۢا بَيْنِى وَبَيْنَكُمْ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ بِعِبَادِهِۦ خَبِيرًۢا بَصِيرًا
Transliteration qul kafā bil-lahi shahīdan baynī wabaynakum innahu kāna biʿibādihi khabīran baṣīran
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته الله اوھان ۽ اسان جي وچ ۾ شاھد بس آھي، بيشڪ اھو پنھنجي ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.
Verse 97
وَمَن يَهْدِ ٱللَّهُ فَهُوَ ٱلْمُهْتَدِ ۖ وَمَن يُضْلِلْ فَلَن تَجِدَ لَهُمْ أَوْلِيَآءَ مِن دُونِهِۦ ۖ وَنَحْشُرُهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ عَلَىٰ وُجُوهِهِمْ عُمْيًا وَبُكْمًا وَصُمًّا ۖ مَّأْوَىٰهُمْ جَهَنَّمُ ۖ كُلَّمَا خَبَتْ زِدْنَـٰهُمْ سَعِيرًا
Transliteration waman yahdi l-lahu fahuwa l-muh'tadi waman yuḍ'lil falan tajida lahum awliyāa min dūnihi wanaḥshuruhum yawma l-qiyāmati ʿalā wujūhihim ʿum'yan wabuk'man waṣumman mawāhum jahannamu kullamā khabat zid'nāhum saʿīran
Sindhi ۽ جنھن کي الله ھدايت ڪئي سو ھدايت وارو آھي، ۽ جيڪي گمراھ ٿيا تن لاءِ تون الله کانسواءِ ڪوئي دوست نه لھندين، ۽ کين قيامت جي ڏينھن سندن مُنھن ڀر انڌا ۽ گنگا ۽ ٻوڙا ڪري گڏ ڪنداسون، سندن جاءِ دوزخ آھي، جنھن مھل ڍرو ٿيندو تنھن مھل انھن لاءِ دوزخ کي وڌيڪ تپائينداسون.
Verse 98
ذَٰلِكَ جَزَآؤُهُم بِأَنَّهُمْ كَفَرُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا وَقَالُوٓا۟ أَءِذَا كُنَّا عِظَـٰمًا وَرُفَـٰتًا أَءِنَّا لَمَبْعُوثُونَ خَلْقًا جَدِيدًا
Transliteration dhālika jazāuhum bi-annahum kafarū biāyātinā waqālū a-idhā kunnā ʿiẓāman warufātan a-innā lamabʿūthūna khalqan jadīdan
Sindhi اھا سندن سزا ھن سببان آھي جو اسانجي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ چيائون ته جڏھن اسين ھڏا ۽ چُورو ٿينداسون (تڏھن) وري نئين سر پيدا ٿي اٿاريا وينداسون ڇا؟
Verse 99
۞ أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّ ٱللَّهَ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ قَادِرٌ عَلَىٰٓ أَن يَخْلُقَ مِثْلَهُمْ وَجَعَلَ لَهُمْ أَجَلًا لَّا رَيْبَ فِيهِ فَأَبَى ٱلظَّـٰلِمُونَ إِلَّا كُفُورًا
Transliteration awalam yaraw anna l-laha alladhī khalaqa l-samāwāti wal-arḍa qādirun ʿalā an yakhluqa mith'lahum wajaʿala lahum ajalan lā rayba fīhi fa-abā l-ẓālimūna illā kufūran
Sindhi نه ڏسندا آھن ڇا ته جنھن الله آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو سندن اھڙي بڻائڻ تي وس وارو آھي ۽ انھن لاءِ اھا مُدّت مقرر ڪيائين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، پوءِ ظالم انڪار کانسواءِ ڪي قبول نه ڪندا آھن.
Verse 100
قُل لَّوْ أَنتُمْ تَمْلِكُونَ خَزَآئِنَ رَحْمَةِ رَبِّىٓ إِذًا لَّأَمْسَكْتُمْ خَشْيَةَ ٱلْإِنفَاقِ ۚ وَكَانَ ٱلْإِنسَـٰنُ قَتُورًا
Transliteration qul law antum tamlikūna khazāina raḥmati rabbī idhan la-amsaktum khashyata l-infāqi wakāna l-insānu qatūran
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين منھنجي پالڻھار جي خزانن جا مالڪ ھجو ھا ته انھيءَ مھل (سڀ) خرچ ٿي وڃڻ جي ڀَو کان اوھين ضرور بند رکو ھا، ۽ ماڻھو پڪو پيچ آھي.
Verse 101
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَىٰ تِسْعَ ءَايَـٰتٍۭ بَيِّنَـٰتٍ ۖ فَسْـَٔلْ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ إِذْ جَآءَهُمْ فَقَالَ لَهُۥ فِرْعَوْنُ إِنِّى لَأَظُنُّكَ يَـٰمُوسَىٰ مَسْحُورًا
Transliteration walaqad ātaynā mūsā tis'ʿa āyātin bayyinātin fasal banī is'rāīla idh jāahum faqāla lahu fir'ʿawnu innī la-aẓunnuka yāmūsā masḥūran
Sindhi ۽ بيشڪ مُوسىؑ کي نَوَ پڌريون نشانيون ڏنيوسون پوءِ بني اسرائيلن کان پُڇ ته جڏھن (اھو) وٽن آيو تڏھن کيس فرعون چيو ته اي مُوسىؑ بيشڪ آءٌ توکي يقيناً جادو ٿيل ڀائيندو آھيان.
Verse 102
قَالَ لَقَدْ عَلِمْتَ مَآ أَنزَلَ هَـٰٓؤُلَآءِ إِلَّا رَبُّ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ بَصَآئِرَ وَإِنِّى لَأَظُنُّكَ يَـٰفِرْعَوْنُ مَثْبُورًا
Transliteration qāla laqad ʿalim'ta mā anzala hāulāi illā rabbu l-samāwāti wal-arḍi baṣāira wa-innī la-aẓunnuka yāfir'ʿawnu mathbūran
Sindhi (مُوسىؑ) چيو ته بيشڪ تو ڄاتو آھي ته اھي (نشانيون) آسمانن ۽ زمين جي پالڻھار کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) نه نازل ڪيون آھن (اوھان جي) سمجھائڻ لاءِ (ته ڏسي مون مڃيو)، ۽ اي فرعون آءٌ توکي (انھن جي انڪار سببان) ھلاڪ ٿيل ڀائيندو آھيان.
Verse 103
فَأَرَادَ أَن يَسْتَفِزَّهُم مِّنَ ٱلْأَرْضِ فَأَغْرَقْنَـٰهُ وَمَن مَّعَهُۥ جَمِيعًا
Transliteration fa-arāda an yastafizzahum mina l-arḍi fa-aghraqnāhu waman maʿahu jamīʿan
Sindhi پوءِ فرعون ملڪ مان سندن لوڌڻ جو ارادو ڪيو پوءِ فرعون ۽ سندس ساري سنگت کي ٻوڙيوسون.
Verse 104
وَقُلْنَا مِنۢ بَعْدِهِۦ لِبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ ٱسْكُنُوا۟ ٱلْأَرْضَ فَإِذَا جَآءَ وَعْدُ ٱلْـَٔاخِرَةِ جِئْنَا بِكُمْ لَفِيفًا
Transliteration waqul'nā min baʿdihi libanī is'rāīla us'kunū l-arḍa fa-idhā jāa waʿdu l-ākhirati ji'nā bikum lafīfan
Sindhi ۽ کانئس پوءِ بني اسرائيلن کي چيوسون ته مُلڪ ۾ ٽڪو پوءِ جڏھن آخرت جو وعدو آيو (تڏھن) اوھان کي لپيٽي وٺنداسون.
Verse 105
وَبِٱلْحَقِّ أَنزَلْنَـٰهُ وَبِٱلْحَقِّ نَزَلَ ۗ وَمَآ أَرْسَلْنَـٰكَ إِلَّا مُبَشِّرًا وَنَذِيرًا
Transliteration wabil-ḥaqi anzalnāhu wabil-ḥaqi nazala wamā arsalnāka illā mubashiran wanadhīran
Sindhi ۽ ان (قرآن) کي اسان سچ سان نازل ڪيو آھي ۽ اھو سچ سان نازل ٿيو آھي، ۽ توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ کانسواءِ نه موڪليوسون.
Verse 106
وَقُرْءَانًا فَرَقْنَـٰهُ لِتَقْرَأَهُۥ عَلَى ٱلنَّاسِ عَلَىٰ مُكْثٍ وَنَزَّلْنَـٰهُ تَنزِيلًا
Transliteration waqur'ānan faraqnāhu litaqra-ahu ʿalā l-nāsi ʿalā muk'thin wanazzalnāhu tanzīlan
Sindhi ۽ ان قرآن کي جُدا جُدا (سُورتون ۽ آيتون) ھن لاءِ ڪيوسون ته اھو ماڻھن کي آھسته آھسته پڙھي ٻڌائين ۽ ان کي آھسته آھسته ڪري لاٿوسون.
Verse 107
قُلْ ءَامِنُوا۟ بِهِۦٓ أَوْ لَا تُؤْمِنُوٓا۟ ۚ إِنَّ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ مِن قَبْلِهِۦٓ إِذَا يُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ يَخِرُّونَ لِلْأَذْقَانِ سُجَّدًا
Transliteration qul āminū bihi aw lā tu'minū inna alladhīna ūtū l-ʿil'ma min qablihi idhā yut'lā ʿalayhim yakhirrūna lil'adhqāni sujjadan
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته اوھين ان قرآن کي مڃو توڙي نه مڃو، بيشڪ جن کي ھن کان اڳ علم ڏنو ويو آھي تن وٽ جڏھن (قرآن) پڙھبو آھي (تڏھن) سجدو ڪندڙ ٿي کاڏين ڀر ڪِرندا آھن.
Verse 108
وَيَقُولُونَ سُبْحَـٰنَ رَبِّنَآ إِن كَانَ وَعْدُ رَبِّنَا لَمَفْعُولًا
Transliteration wayaqūlūna sub'ḥāna rabbinā in kāna waʿdu rabbinā lamafʿūlan
Sindhi ۽ چوندا آھن ته اسان جو پالڻھار پاڪ آھي بيشڪ اسان جي پالڻھار جو انجام ضرور (پورو) ٿيڻو آھي.
Verse 109
وَيَخِرُّونَ لِلْأَذْقَانِ يَبْكُونَ وَيَزِيدُهُمْ خُشُوعًا ۩
Transliteration wayakhirrūna lil'adhqāni yabkūna wayazīduhum khushūʿan
Sindhi ۽ روئيندا کاڏين ڀر ڪِرندا آھن ۽ (قرآن) منجھن عاجزي وڌائيندو آھي.
Verse 110
قُلِ ٱدْعُوا۟ ٱللَّهَ أَوِ ٱدْعُوا۟ ٱلرَّحْمَـٰنَ ۖ أَيًّا مَّا تَدْعُوا۟ فَلَهُ ٱلْأَسْمَآءُ ٱلْحُسْنَىٰ ۚ وَلَا تَجْهَرْ بِصَلَاتِكَ وَلَا تُخَافِتْ بِهَا وَٱبْتَغِ بَيْنَ ذَٰلِكَ سَبِيلًا
Transliteration quli id'ʿū l-laha awi id'ʿū l-raḥmāna ayyan mā tadʿū falahu l-asmāu l-ḥus'nā walā tajhar biṣalātika walā tukhāfit bihā wa-ib'taghi bayna dhālika sabīlan
Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته (الله کي) الله (جي نالي سان) سڏيو يا رحمان (جي نالي سان) سڏيو، جنھن نالي سان (اوھين) سڏيو انھي جا (سڀ) نالا چڱا آھن، ۽ پنھنجي نماز ۾ نڪي تمام ڏاڍيان پڙھ ۽ نڪي تمام ھوريان پڙھ ان جي وچ واري واٽ اختيار ڪر.
Verse 111
وَقُلِ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى لَمْ يَتَّخِذْ وَلَدًا وَلَمْ يَكُن لَّهُۥ شَرِيكٌ فِى ٱلْمُلْكِ وَلَمْ يَكُن لَّهُۥ وَلِىٌّ مِّنَ ٱلذُّلِّ ۖ وَكَبِّرْهُ تَكْبِيرًۢا
Transliteration waquli l-ḥamdu lillahi alladhī lam yattakhidh waladan walam yakun lahu sharīkun fī l-mul'ki walam yakun lahu waliyyun mina l-dhuli wakabbir'hu takbīran
Sindhi ۽ چؤ ته سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن (پاڻ لاءِ) ڪو اولاد نه ورتو آھي ۽ نڪي سندس مُلڪ ۾ ڪو ڀائيوار آھي ۽ نڪي ڪنھن ھيڻائي سببان ان جو ڪو مددگار آھي ۽ ھن جي گھڻي قدر وڏائي بيان ڪر.
Read Surah Al-Isra in another language
- English (word by word)
- Albanian
- Amazigh
- Amharic
- Assamese
- Azerbaijani
- Bambara
- Bangla
- Bosnian
- Bulgarian
- Chechen
- Chinese
- Czech
- Dari
- Dhivehi
- Dutch
- Finnish
- French
- German
- Gujarati
- Hausa
- Hebrew
- Hindi
- Indonesian
- Italian
- Japanese
- Kannada
- Kazakh
- Khmer
- Kinyarwanda
- Korean
- Kurdish
- Luganda
- Malay
- Malayalam
- Maranao
- Marathi
- Nepali
- Norwegian
- Oromo
- Pashto
- Persian
- Polish
- Portuguese
- Romanian
- Russian
- Sinhala
- Somali
- Spanish
- Swahili
- Swedish
- Tagalog
- Tajik
- Tamil
- Tatar
- Telugu
- Thai
- Turkish
- Ukrainian
- Urdu
- Uyghur
- Uzbek
- Vietnamese
- Yao
- Yoruba
All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.
Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.