MyDugsiStart learning

Surah Al-An'am in Sindhi: translation and audio

Surah 6 · الأنعام · The Cattle · 165 verses

Surah Al-An'am verse by verse: the Arabic with a recitation you can repeat, the transliteration, and the Sindhi translation by Taj Mehmood Amroti. For the meaning of every word, see Surah Al-An'am word by word in English.

Verse 1

ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَجَعَلَ ٱلظُّلُمَـٰتِ وَٱلنُّورَ ۖ ثُمَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُونَ

Transliteration al-ḥamdu lillahi alladhī khalaqa l-samāwāti wal-arḍa wajaʿala l-ẓulumāti wal-nūra thumma alladhīna kafarū birabbihim yaʿdilūna

Sindhi سڀ ساراہ (خاص) انھيءَ الله کي جڳائي جنھن آسمان ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوندھ ۽ سوجھرو پيدا ڪيو، وري (به) ڪافر پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪندا آھن.

Verse 2

هُوَ ٱلَّذِى خَلَقَكُم مِّن طِينٍ ثُمَّ قَضَىٰٓ أَجَلًا ۖ وَأَجَلٌ مُّسَمًّى عِندَهُۥ ۖ ثُمَّ أَنتُمْ تَمْتَرُونَ

Transliteration huwa alladhī khalaqakum min ṭīnin thumma qaḍā ajalan wa-ajalun musamman ʿindahu thumma antum tamtarūna

Sindhi اُھو (ئي الله) آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري (اوھان جي جئڻ ۽ موت جي) مُدّت ٺھرايائين، ۽ (ھڪڙي ٻي) مُدّت وٽس مُقرّر ٿيل آھي وري (اي ڪافرؤ الله بابت) اوھين شڪ ڪندا آھيو.

Verse 3

وَهُوَ ٱللَّهُ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَفِى ٱلْأَرْضِ ۖ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُونَ

Transliteration wahuwa l-lahu fī l-samāwāti wafī l-arḍi yaʿlamu sirrakum wajahrakum wayaʿlamu mā taksibūna

Sindhi ۽ اھوئي الله آسمانن ۽ زمين ۾ (سڀڪنھن جو معبود) آھي، اوھان جو ڳجھ ۽ اوھان جو پڌرو ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سوبه ڄاڻندو آھي.

Verse 4

وَمَا تَأْتِيهِم مِّنْ ءَايَةٍ مِّنْ ءَايَـٰتِ رَبِّهِمْ إِلَّا كَانُوا۟ عَنْهَا مُعْرِضِينَ

Transliteration wamā tatīhim min āyatin min āyāti rabbihim illā kānū ʿanhā muʿ'riḍīna

Sindhi سندن پالڻھار جي آيتن مان ڪا آيت وٽن نه ايندي آھي پر کانئس منھن موڙيندا آھن.

Verse 5

فَقَدْ كَذَّبُوا۟ بِٱلْحَقِّ لَمَّا جَآءَهُمْ ۖ فَسَوْفَ يَأْتِيهِمْ أَنۢبَـٰٓؤُا۟ مَا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ

Transliteration faqad kadhabū bil-ḥaqi lammā jāahum fasawfa yatīhim anbāu mā kānū bihi yastahziūna

Sindhi پوءِ بيشڪ سچ (يعني قرآن) کي جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) ڪوڙ ڀانيائون، پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت چٿر ڪندا آھن تنھنجي (سزا جون) خبرون وٽن سگھو پھچنديون.

Verse 6

أَلَمْ يَرَوْا۟ كَمْ أَهْلَكْنَا مِن قَبْلِهِم مِّن قَرْنٍ مَّكَّنَّـٰهُمْ فِى ٱلْأَرْضِ مَا لَمْ نُمَكِّن لَّكُمْ وَأَرْسَلْنَا ٱلسَّمَآءَ عَلَيْهِم مِّدْرَارًا وَجَعَلْنَا ٱلْأَنْهَـٰرَ تَجْرِى مِن تَحْتِهِمْ فَأَهْلَكْنَـٰهُم بِذُنُوبِهِمْ وَأَنشَأْنَا مِنۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا ءَاخَرِينَ

Transliteration alam yaraw kam ahlaknā min qablihim min qarnin makkannāhum fī l-arḍi mā lam numakkin lakum wa-arsalnā l-samāa ʿalayhim mid'rāran wajaʿalnā l-anhāra tajrī min taḥtihim fa-ahlaknāhum bidhunūbihim wa-anshanā min baʿdihim qarnan ākharīna

Sindhi (ڪافر) نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته کانئن اڳي ڪيترا طبقا ناس ڪياسون جن کي زمين ۾ اھڙي قدرت ڏني ھئي سون جو اوھان کي به نه ڏني اٿئون ۽ مٿن آسمانن مينھن ساندہ وساياسون، ۽ سندن ھيٺان واھيون وھندڙ ڪيون سون پوءِ انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ سندن پوئتان ٻـين قومن کي پيدا ڪيوسون.

Verse 7

وَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتَـٰبًا فِى قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوهُ بِأَيْدِيهِمْ لَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِنْ هَـٰذَآ إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ

Transliteration walaw nazzalnā ʿalayka kitāban fī qir'ṭāsin falamasūhu bi-aydīhim laqāla alladhīna kafarū in hādhā illā siḥ'run mubīnun

Sindhi ۽ جيڪڏھن توتي ڪاغذن ۾ (لکيل) ڪتاب (قرآن) نازل ڪريون ھا پوءِ اُھي پنھنجا ھٿ کيس لائين ھا ته جيڪي ڪافر آھن سي ضرور چون ھا ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي.

Verse 8

وَقَالُوا۟ لَوْلَآ أُنزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۖ وَلَوْ أَنزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِىَ ٱلْأَمْرُ ثُمَّ لَا يُنظَرُونَ

Transliteration waqālū lawlā unzila ʿalayhi malakun walaw anzalnā malakan laquḍiya l-amru thumma lā yunẓarūna

Sindhi ۽ چون ٿا ته مٿس مَلڪ ڇونه لاٿو ويو؟ ۽ جيڪڏھن اسين مَلڪ نازل ڪريون ھا ته ضرور ڪم پورو ٿي وڃي ھا (يعني مري وڃن ھا) وري کين مُھلت (مور) نه ڏجي ھا.

Verse 9

وَلَوْ جَعَلْنَـٰهُ مَلَكًا لَّجَعَلْنَـٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسْنَا عَلَيْهِم مَّا يَلْبِسُونَ

Transliteration walaw jaʿalnāhu malakan lajaʿalnāhu rajulan walalabasnā ʿalayhim mā yalbisūna

Sindhi ۽ جيڪڏھن کيس مَلڪ ڪريون ھا ته ضرور کيس مڙس (جي شڪل ۾) بڻايون ھا ۽ جھڙو شبہ (ھاڻي) ڪندا آھن تھڙو شبہ مٿن قائم رکون ھا.

Verse 10

وَلَقَدِ ٱسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّن قَبْلِكَ فَحَاقَ بِٱلَّذِينَ سَخِرُوا۟ مِنْهُم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ

Transliteration walaqadi us'tuh'zi-a birusulin min qablika faḥāqa bi-alladhīna sakhirū min'hum mā kānū bihi yastahziūna

Sindhi ۽ بيشڪ توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن سان (به) چٿر ڪئي ويئي (آھي) پوءِ منجھانئن جن چٿرون ڪيون تن تي جنھن (ڳالھ) تي چٿر ڪندا ھئا تنھن (جي سزا اچي) گھيرو ڪيو.

Verse 11

قُلْ سِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ ثُمَّ ٱنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلْمُكَذِّبِينَ

Transliteration qul sīrū fī l-arḍi thumma unẓurū kayfa kāna ʿāqibatu l-mukadhibīna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته ملڪ ۾ گھمو وري ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟

Verse 12

قُل لِّمَن مَّا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ قُل لِّلَّهِ ۚ كَتَبَ عَلَىٰ نَفْسِهِ ٱلرَّحْمَةَ ۚ لَيَجْمَعَنَّكُمْ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيهِ ۚ ٱلَّذِينَ خَسِرُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ

Transliteration qul liman mā fī l-samāwāti wal-arḍi qul lillahi kataba ʿalā nafsihi l-raḥmata layajmaʿannakum ilā yawmi l-qiyāmati lā rayba fīhi alladhīna khasirū anfusahum fahum lā yu'minūna

Sindhi (اي پيغمبر کانئن) پُڇا ڪر ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو ڪنھنجو آھي؟ چؤ ته الله جو آھي، جنھن (ٻانِھن تي) ٻاجھه (ڪرڻ) پاڻ تي لازم ڪئي آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ شڪ نه آھي ضرور اوھان کي گڏ ڪندو، جنھن پاڻ کي ڇيئي ۾ وڌو سي ڪڏھن ايمان نه آڻيندا.

Verse 13

۞ وَلَهُۥ مَا سَكَنَ فِى ٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ ۚ وَهُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ

Transliteration walahu mā sakana fī al-layli wal-nahāri wahuwa l-samīʿu l-ʿalīmu

Sindhi ۽ جيڪو رات ۽ ڏينھن ۾ رھندو آھي، سو ان جي مِلڪ آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

Verse 14

قُلْ أَغَيْرَ ٱللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۗ قُلْ إِنِّىٓ أُمِرْتُ أَنْ أَكُونَ أَوَّلَ مَنْ أَسْلَمَ ۖ وَلَا تَكُونَنَّ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ

Transliteration qul aghayra l-lahi attakhidhu waliyyan fāṭiri l-samāwāti wal-arḍi wahuwa yuṭ'ʿimu walā yuṭ'ʿamu qul innī umir'tu an akūna awwala man aslama walā takūnanna mina l-mush'rikīna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله کانسواءِ ٻئي کي سنڀاليندڙ ڪري ڇو وٺان؟ ۽ اُھو (سڀني کي) روزي ڏيندو آھي ۽ کيس روزي ڪونه ڏيندو آھي، چؤ ته مون کي حُڪم ڏنو ويو ته پھريون مسلمان آءٌ ھجان ۽ (فرمايو ويو ته) تون مشرڪن مان مُور نه ھج.

Verse 15

قُلْ إِنِّىٓ أَخَافُ إِنْ عَصَيْتُ رَبِّى عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ

Transliteration qul innī akhāfu in ʿaṣaytu rabbī ʿadhāba yawmin ʿaẓīmin

Sindhi چؤ ته جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو چيو نه مڃيان ته آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

Verse 16

مَّن يُصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَئِذٍ فَقَدْ رَحِمَهُۥ ۚ وَذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْمُبِينُ

Transliteration man yuṣ'raf ʿanhu yawma-idhin faqad raḥimahu wadhālika l-fawzu l-mubīnu

Sindhi اُن ڏينھن جنھن (ماڻھو) کان (عذاب) ٽاريو ويندو تنھن تي بيشڪ الله ٻاجھ ڪئي، ۽ اھا پڌري مراد ماڻڻ آھي.

Verse 17

وَإِن يَمْسَسْكَ ٱللَّهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهُۥٓ إِلَّا هُوَ ۖ وَإِن يَمْسَسْكَ بِخَيْرٍ فَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ

Transliteration wa-in yamsaska l-lahu biḍurrin falā kāshifa lahu illā huwa wa-in yamsaska bikhayrin fahuwa ʿalā kulli shayin qadīrun

Sindhi ۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک پُھچائي ته اُن (الله) کانسواءِ ان جو ڪو لاھيندڙ نه آھي، ۽ جيڪڏھن اُھو توکي سُک پُھچائي ته اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

Verse 18

وَهُوَ ٱلْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهِۦ ۚ وَهُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْخَبِيرُ

Transliteration wahuwa l-qāhiru fawqa ʿibādihi wahuwa l-ḥakīmu l-khabīru

Sindhi ۽ اُھو ٻانھن تي غالب آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي.

Verse 19

قُلْ أَىُّ شَىْءٍ أَكْبَرُ شَهَـٰدَةً ۖ قُلِ ٱللَّهُ ۖ شَهِيدٌۢ بَيْنِى وَبَيْنَكُمْ ۚ وَأُوحِىَ إِلَىَّ هَـٰذَا ٱلْقُرْءَانُ لِأُنذِرَكُم بِهِۦ وَمَنۢ بَلَغَ ۚ أَئِنَّكُمْ لَتَشْهَدُونَ أَنَّ مَعَ ٱللَّهِ ءَالِهَةً أُخْرَىٰ ۚ قُل لَّآ أَشْهَدُ ۚ قُلْ إِنَّمَا هُوَ إِلَـٰهٌ وَٰحِدٌ وَإِنَّنِى بَرِىٓءٌ مِّمَّا تُشْرِكُونَ

Transliteration qul ayyu shayin akbaru shahādatan quli l-lahu shahīdun baynī wabaynakum waūḥiya ilayya hādhā l-qur'ānu li-undhirakum bihi waman balagha a-innakum latashhadūna anna maʿa l-lahi ālihatan ukh'rā qul lā ashhadu qul innamā huwa ilāhun wāḥidun wa-innanī barīon mimmā tush'rikūna

Sindhi پُڇا ڪر ته شاھديءَ ۾ ڪير وڏو آھي، چؤ منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله ئي گواہ آھي، ۽ مون ڏانھن ھيءُ قرآن ھن لاءِ وحي ڪيو ويو آھي ته اُن سان اوھان کي ۽ جن جن کي (ھيءُ قرآن) پھچي (تن سڀني کي) ڊيڄاريان، (ھيءَ ڳالھ) اوھين ثابت ڪري سگھندؤ ڇا؟ ته الله ساڻ ٻيا (به) عبادت جا لائق آھن، چؤ ته آءٌ (اھڙي باطل ڪم جي) شاھدي نٿو ڏيان، (بلڪ سچي ڳالھ جي ثابتيءَ لاءِ) چؤ ته ھڪ الله کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق ڪونھي ۽ جنکي اوھين شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.

Verse 20

ٱلَّذِينَ ءَاتَيْنَـٰهُمُ ٱلْكِتَـٰبَ يَعْرِفُونَهُۥ كَمَا يَعْرِفُونَ أَبْنَآءَهُمُ ۘ ٱلَّذِينَ خَسِرُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ

Transliteration alladhīna ātaynāhumu l-kitāba yaʿrifūnahu kamā yaʿrifūna abnāahumu alladhīna khasirū anfusahum fahum lā yu'minūna

Sindhi جن کي ڪتاب ڏنوسين سي اُن (پيغمبر) کي اھڙيءَ طرح سڃاڻندا آھن جھڙيءَ طرح پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، جن پاڻ کي ڇيئي ۾ وڌو سي ايمان نه آڻيندا.

Verse 21

وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا أَوْ كَذَّبَ بِـَٔايَـٰتِهِۦٓ ۗ إِنَّهُۥ لَا يُفْلِحُ ٱلظَّـٰلِمُونَ

Transliteration waman aẓlamu mimmani if'tarā ʿalā l-lahi kadhiban aw kadhaba biāyātihi innahu lā yuf'liḥu l-ẓālimūna

Sindhi ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، ڪو شڪ نه آھي ته ظالم نه ڇٽندا.

Verse 22

وَيَوْمَ نَحْشُرُهُمْ جَمِيعًا ثُمَّ نَقُولُ لِلَّذِينَ أَشْرَكُوٓا۟ أَيْنَ شُرَكَآؤُكُمُ ٱلَّذِينَ كُنتُمْ تَزْعُمُونَ

Transliteration wayawma naḥshuruhum jamīʿan thumma naqūlu lilladhīna ashrakū ayna shurakāukumu alladhīna kuntum tazʿumūna

Sindhi ۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جنھن ڏينھن اُھي مڙئي گڏ ڪنداسين وري مشرڪن کي چونداسين ته اوھان جا اُھي شريڪ جن کي اوھين (الله جو شريڪ) ڀائيندا ھيؤ ڪٿي آھن؟

Verse 23

ثُمَّ لَمْ تَكُن فِتْنَتُهُمْ إِلَّآ أَن قَالُوا۟ وَٱللَّهِ رَبِّنَا مَا كُنَّا مُشْرِكِينَ

Transliteration thumma lam takun fit'natuhum illā an qālū wal-lahi rabbinā mā kunnā mush'rikīna

Sindhi وري سندن ڪوئي عذر ھن چوڻ کان سواءِ نه رھندو ته پنھنجي پالڻھار الله جو قسم اٿئون ته اسين شريڪ ڪندڙ نه ھئاسون.

Verse 24

ٱنظُرْ كَيْفَ كَذَبُوا۟ عَلَىٰٓ أَنفُسِهِمْ ۚ وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ

Transliteration unẓur kayfa kadhabū ʿalā anfusihim waḍalla ʿanhum mā kānū yaftarūna

Sindhi (اي پيغمبر) ڏس ته پاڻ تي ڪھڙو ڪوڙ چيائون جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن سي کانئن ڀلجي ڀڄي ويا.

Verse 25

وَمِنْهُم مَّن يَسْتَمِعُ إِلَيْكَ ۖ وَجَعَلْنَا عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ أَكِنَّةً أَن يَفْقَهُوهُ وَفِىٓ ءَاذَانِهِمْ وَقْرًا ۚ وَإِن يَرَوْا۟ كُلَّ ءَايَةٍ لَّا يُؤْمِنُوا۟ بِهَا ۚ حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءُوكَ يُجَـٰدِلُونَكَ يَقُولُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِنْ هَـٰذَآ إِلَّآ أَسَـٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ

Transliteration wamin'hum man yastamiʿu ilayka wajaʿalnā ʿalā qulūbihim akinnatan an yafqahūhu wafī ādhānihim waqran wa-in yaraw kulla āyatin lā yu'minū bihā ḥattā idhā jāūka yujādilūnaka yaqūlu alladhīna kafarū in hādhā illā asāṭīru l-awalīna

Sindhi ۽ منجھائن ڪو اھڙو آھي جو تو ڏانھن (قرآن ٻڌڻ لاءِ) ڪَن ڏيندو آھي، ۽ سندين دلين تي ان جي سمجھڻ کان ڍڪ ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي ڪئي اٿئون، ۽ جيڪڏھن سڀ مُعجزا ڏسندا ته (به) کين نه مڃيندا، تان جو جنھن مھل توسان جھڳڙو ڪندڙ ٿي تو وٽ ايندا (تنھن مھل) ڪافر چوندا ته ھيءُ اڳين جي آکاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي.

Verse 26

وَهُمْ يَنْهَوْنَ عَنْهُ وَيَنْـَٔوْنَ عَنْهُ ۖ وَإِن يُهْلِكُونَ إِلَّآ أَنفُسَهُمْ وَمَا يَشْعُرُونَ

Transliteration wahum yanhawna ʿanhu wayanawna ʿanhu wa-in yuh'likūna illā anfusahum wamā yashʿurūna

Sindhi ۽ اُھي اُن (جي ٻڌڻ) کان (ٻـين کي) جھليندا آھن ۽ (پاڻ به) کانئن پري ڀڄندا آھن، ۽ پاڻ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کي) ھلاڪ نه ٿا ڪن ۽ نه ڄاڻندا آھن.

Verse 27

وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذْ وُقِفُوا۟ عَلَى ٱلنَّارِ فَقَالُوا۟ يَـٰلَيْتَنَا نُرَدُّ وَلَا نُكَذِّبَ بِـَٔايَـٰتِ رَبِّنَا وَنَكُونَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Transliteration walaw tarā idh wuqifū ʿalā l-nāri faqālū yālaytanā nuraddu walā nukadhiba biāyāti rabbinā wanakūna mina l-mu'minīna

Sindhi ۽ جڏھن (اُھي) باہ تي بيھاربا تڏھن جيڪر کين ڏسين (ته عجب ڪرين) پوءِ چوندا اسان کي ارمان آھي (جيڪر دنيا ۾) موٽايا وڃون ۽ پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙو نه ڀانيون ۽ مؤمنن مان ٿيون.

Verse 28

بَلْ بَدَا لَهُم مَّا كَانُوا۟ يُخْفُونَ مِن قَبْلُ ۖ وَلَوْ رُدُّوا۟ لَعَادُوا۟ لِمَا نُهُوا۟ عَنْهُ وَإِنَّهُمْ لَكَـٰذِبُونَ

Transliteration bal badā lahum mā kānū yukh'fūna min qablu walaw ruddū laʿādū limā nuhū ʿanhu wa-innahum lakādhibūna

Sindhi (نه!) بلڪ ھن کان اڳ جيڪي (ڪفر ۽ گناہ) لڪائيندا ھئا سي (اڄ) کين پڌرا نظر آيا، ۽ جيڪڏھن (دُنيا ڏانھن) موٽايا وڃن ته جنھن (ڪم) کان جھليا ويا سوئي وري ڪرڻ لڳندا ۽ بيشڪ اُھي ضرور ڪوڙا آھن.

Verse 29

وَقَالُوٓا۟ إِنْ هِىَ إِلَّا حَيَاتُنَا ٱلدُّنْيَا وَمَا نَحْنُ بِمَبْعُوثِينَ

Transliteration waqālū in hiya illā ḥayātunā l-dun'yā wamā naḥnu bimabʿūthīna

Sindhi ۽ چون ٿا ته ھن دُنيا جي حياتي کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نه آھي ۽ اسين (مرڻ کانپوءِ وري) اُٿڻ وارا نه آھيون.

Verse 30

وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذْ وُقِفُوا۟ عَلَىٰ رَبِّهِمْ ۚ قَالَ أَلَيْسَ هَـٰذَا بِٱلْحَقِّ ۚ قَالُوا۟ بَلَىٰ وَرَبِّنَا ۚ قَالَ فَذُوقُوا۟ ٱلْعَذَابَ بِمَا كُنتُمْ تَكْفُرُونَ

Transliteration walaw tarā idh wuqifū ʿalā rabbihim qāla alaysa hādhā bil-ḥaqi qālū balā warabbinā qāla fadhūqū l-ʿadhāba bimā kuntum takfurūna

Sindhi ۽ جنھن مھل پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھاربا (تنھن مھل) جيڪڏھن کين ڏسين (ته عجب ڪرين، الله) چوندو ته ھي (وري جيئرو ٿيڻ) سچ نه آھي ڇا؟ چوندا ھائو اسانکي پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي (ته سچ آھي، الله) چوندو ته جيڪي اوھين ڪفر ڪندا ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو.

Verse 31

قَدْ خَسِرَ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِلِقَآءِ ٱللَّهِ ۖ حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَتْهُمُ ٱلسَّاعَةُ بَغْتَةً قَالُوا۟ يَـٰحَسْرَتَنَا عَلَىٰ مَا فَرَّطْنَا فِيهَا وَهُمْ يَحْمِلُونَ أَوْزَارَهُمْ عَلَىٰ ظُهُورِهِمْ ۚ أَلَا سَآءَ مَا يَزِرُونَ

Transliteration qad khasira alladhīna kadhabū biliqāi l-lahi ḥattā idhā jāathumu l-sāʿatu baghtatan qālū yāḥasratanā ʿalā mā farraṭnā fīhā wahum yaḥmilūna awzārahum ʿalā ẓuhūrihim alā sāa mā yazirūna

Sindhi جن الله جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو سي بيشڪ ڇيئي وارا ٿيا، ايتري قدر جڏھن اوچتو انھن تي قيامت ايندي (تڏھن) چوڻ لڳندا ته اسان اُن (قيامت) بابت جيڪا ڪوتاھي ڪئي تنھن تي اسان کي افسوس آھي ۽ اُھي پنھنجو بار پنھنجي پٺين تي کڻندا، خبردار جيڪي کڻندا سو بڇڙو آھي.

Verse 32

وَمَا ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَآ إِلَّا لَعِبٌ وَلَهْوٌ ۖ وَلَلدَّارُ ٱلْـَٔاخِرَةُ خَيْرٌ لِّلَّذِينَ يَتَّقُونَ ۗ أَفَلَا تَعْقِلُونَ

Transliteration wamā l-ḥayatu l-dun'yā illā laʿibun walahwun walalddāru l-ākhiratu khayrun lilladhīna yattaqūna afalā taʿqilūna

Sindhi ۽ دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ چرچو آھي، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن تن لاءِ آخرت جي جاءِ ڀلي آھي، پوءِ ڇونه ٿا سمجھو؟

Verse 33

قَدْ نَعْلَمُ إِنَّهُۥ لَيَحْزُنُكَ ٱلَّذِى يَقُولُونَ ۖ فَإِنَّهُمْ لَا يُكَذِّبُونَكَ وَلَـٰكِنَّ ٱلظَّـٰلِمِينَ بِـَٔايَـٰتِ ٱللَّهِ يَجْحَدُونَ

Transliteration qad naʿlamu innahu layaḥzunuka alladhī yaqūlūna fa-innahum lā yukadhibūnaka walākinna l-ẓālimīna biāyāti l-lahi yajḥadūna

Sindhi بيشڪ ڄاڻون ٿا ته جيڪي (اُھي) چوندا آھن سو توکي ضرور غمگين ڪندو پوءِ اُھي نه (رڳو) توکي ڪوڙو چوندا آھن پر ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آھن.

Verse 34

وَلَقَدْ كُذِّبَتْ رُسُلٌ مِّن قَبْلِكَ فَصَبَرُوا۟ عَلَىٰ مَا كُذِّبُوا۟ وَأُوذُوا۟ حَتَّىٰٓ أَتَىٰهُمْ نَصْرُنَا ۚ وَلَا مُبَدِّلَ لِكَلِمَـٰتِ ٱللَّهِ ۚ وَلَقَدْ جَآءَكَ مِن نَّبَإِى۟ ٱلْمُرْسَلِينَ

Transliteration walaqad kudhibat rusulun min qablika faṣabarū ʿalā mā kudhibū waūdhū ḥattā atāhum naṣrunā walā mubaddila likalimāti l-lahi walaqad jāaka min naba-i l-mur'salīna

Sindhi ۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻا) پيغمبر ڪوڙا سمجھيا ويا ھئا پوءِ پنھنجي ڪوڙي ڀائنجڻ ۽ پنھنجي ڏکوئجڻ تي ايسين صبر ڪندا رھيا جيسين کين اسان جي مدد پُھتي، ۽ الله جي ڳالھين (يعني انجامن) کي (ڪوبه) ڦيريندو نه آھي، ۽ بيشڪ تو وٽ پيغمبرن جي ڪُجھ خبر آئي آھي.

Verse 35

وَإِن كَانَ كَبُرَ عَلَيْكَ إِعْرَاضُهُمْ فَإِنِ ٱسْتَطَعْتَ أَن تَبْتَغِىَ نَفَقًا فِى ٱلْأَرْضِ أَوْ سُلَّمًا فِى ٱلسَّمَآءِ فَتَأْتِيَهُم بِـَٔايَةٍ ۚ وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ لَجَمَعَهُمْ عَلَى ٱلْهُدَىٰ ۚ فَلَا تَكُونَنَّ مِنَ ٱلْجَـٰهِلِينَ

Transliteration wa-in kāna kabura ʿalayka iʿ'rāḍuhum fa-ini is'taṭaʿta an tabtaghiya nafaqan fī l-arḍi aw sullaman fī l-samāi fatatiyahum biāyatin walaw shāa l-lahu lajamaʿahum ʿalā l-hudā falā takūnanna mina l-jāhilīna

Sindhi ۽ جيڪڏھن سندن منھن موڙڻ توکي ڏکيو لڳي ٿو ته جيڪڏھن زمين ۾ ڪا سُرنگ ھڻي سگھين يا آسمان تي ڪا ڏاڪڻ ٺاھي سگھين يا وٽن ڪو معجزو آڻين ته آڻي انھن کي ڏيکار، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته مڙني کي ھدايت تي گڏ ڪري ھا پوءِ اڻ ڄاڻن مان نه ھُج.

Verse 36

۞ إِنَّمَا يَسْتَجِيبُ ٱلَّذِينَ يَسْمَعُونَ ۘ وَٱلْمَوْتَىٰ يَبْعَثُهُمُ ٱللَّهُ ثُمَّ إِلَيْهِ يُرْجَعُونَ

Transliteration innamā yastajību alladhīna yasmaʿūna wal-mawtā yabʿathuhumu l-lahu thumma ilayhi yur'jaʿūna

Sindhi جيڪي (حق طلبيندڙ ٿي حق ڳالھ کي) ٻڌندا آھن سي ئي (اسلام جي دعوت) قبول ڪندا آھن (اُنھن کي الله ھدايت ڪندو آھي)، ۽ مئلن (يعني ڪافرن) کي الله قيامت جي ڏينھن کڙو ڪندو وري ڏانھس موٽايا ويندا.

Verse 37

وَقَالُوا۟ لَوْلَا نُزِّلَ عَلَيْهِ ءَايَةٌ مِّن رَّبِّهِۦ ۚ قُلْ إِنَّ ٱللَّهَ قَادِرٌ عَلَىٰٓ أَن يُنَزِّلَ ءَايَةً وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ

Transliteration waqālū lawlā nuzzila ʿalayhi āyatun min rabbihi qul inna l-laha qādirun ʿalā an yunazzila āyatan walākinna aktharahum lā yaʿlamūna

Sindhi ۽ چون ٿا ته سندس پالڻھار وٽان اُن (پيغمبر) تي ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي؟ (اي پيغمبر) کين چؤ ته الله نشاني جي لاھڻ تي وس وارو آھي پر منجھانئن گھڻا (ماڻھو) نه ڄاڻندا آھن.

Verse 38

وَمَا مِن دَآبَّةٍ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَا طَـٰٓئِرٍ يَطِيرُ بِجَنَاحَيْهِ إِلَّآ أُمَمٌ أَمْثَالُكُم ۚ مَّا فَرَّطْنَا فِى ٱلْكِتَـٰبِ مِن شَىْءٍ ۚ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّهِمْ يُحْشَرُونَ

Transliteration wamā min dābbatin fī l-arḍi walā ṭāirin yaṭīru bijanāḥayhi illā umamun amthālukum mā farraṭnā fī l-kitābi min shayin thumma ilā rabbihim yuḥ'sharūna

Sindhi ۽ نڪو زمين ۾ ڪوئي چرندڙ آھي ۽ نڪو پکي آھي جو پنھنجين کنڀڙاٽين سان اُڏامي ٿو پر اوھان جھڙيون ئي ٽوليون آھن، (سڀ) ڪا شيء ڪتاب (يعني لَوح مَحفُوظ) ۾ لکڻ کانسواءِ نه ڇڏي سون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن گڏ ڪيون وينديون.

Verse 39

وَٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا صُمٌّ وَبُكْمٌ فِى ٱلظُّلُمَـٰتِ ۗ مَن يَشَإِ ٱللَّهُ يُضْلِلْهُ وَمَن يَشَأْ يَجْعَلْهُ عَلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ

Transliteration wa-alladhīna kadhabū biāyātinā ṣummun wabuk'mun fī l-ẓulumāti man yasha-i l-lahu yuḍ'lil'hu waman yasha yajʿalhu ʿalā ṣirāṭin mus'taqīmin

Sindhi ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو سي گونگا ۽ ٻوڙا اونداھين ۾ (پيل) آھن، الله جنھن کي گھُري تنھن کي ڀلائيندو آھي، ۽ جنھن کي گھُري تنھن کي سڌي واٽ تي بيھڪ ڏيندو آھي.

Verse 40

قُلْ أَرَءَيْتَكُمْ إِنْ أَتَىٰكُمْ عَذَابُ ٱللَّهِ أَوْ أَتَتْكُمُ ٱلسَّاعَةُ أَغَيْرَ ٱللَّهِ تَدْعُونَ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ

Transliteration qul ara-aytakum in atākum ʿadhābu l-lahi aw atatkumu l-sāʿatu aghayra l-lahi tadʿūna in kuntum ṣādiqīna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته (اوھين) ڏسو جيڪڏھن الله جو عذاب اوھان کي پُھچي يا قيامت اوھان وٽ اچي ته جيڪڏھن اوھان سچا آھيو ته الله کانسواءِ ڪنھن کي سڏيندؤ؟

Verse 41

بَلْ إِيَّاهُ تَدْعُونَ فَيَكْشِفُ مَا تَدْعُونَ إِلَيْهِ إِن شَآءَ وَتَنسَوْنَ مَا تُشْرِكُونَ

Transliteration bal iyyāhu tadʿūna fayakshifu mā tadʿūna ilayhi in shāa watansawna mā tush'rikūna

Sindhi (نه!) بلڪ خاص ان کي سڏيندا پوءِ جيڪڏھن گھري ته جنھن (مصيبت جي لاھڻ) لاءِ اوھين کيس سڏيندا آھيو سا لاھي ڇڏي ۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪندا آھيو (سو انھيءَ مھل) وساريندا آھيو.

Verse 42

وَلَقَدْ أَرْسَلْنَآ إِلَىٰٓ أُمَمٍ مِّن قَبْلِكَ فَأَخَذْنَـٰهُم بِٱلْبَأْسَآءِ وَٱلضَّرَّآءِ لَعَلَّهُمْ يَتَضَرَّعُونَ

Transliteration walaqad arsalnā ilā umamin min qablika fa-akhadhnāhum bil-basāi wal-ḍarāi laʿallahum yataḍarraʿūna

Sindhi ۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻين) اُمتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ (اُنھن جي بي فرمانيءَ سبب) کين اسان سختي ۽ تڪليف ۾ پڪڙيو ته مانَ اُھي زاري ڪن.

Verse 43

فَلَوْلَآ إِذْ جَآءَهُم بَأْسُنَا تَضَرَّعُوا۟ وَلَـٰكِن قَسَتْ قُلُوبُهُمْ وَزَيَّنَ لَهُمُ ٱلشَّيْطَـٰنُ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Transliteration falawlā idh jāahum basunā taḍarraʿū walākin qasat qulūbuhum wazayyana lahumu l-shayṭānu mā kānū yaʿmalūna

Sindhi پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب وٽن پُھتو ٿي (تنھن مھل) ڇونه ٿي زاري ڪيائون؟ پر سندن دليون سخت ٿي ويون ھيون ۽ جيڪي ڪم ڪندا ھئا سي شيطان انھن لاءِ سينگاريا.

Verse 44

فَلَمَّا نَسُوا۟ مَا ذُكِّرُوا۟ بِهِۦ فَتَحْنَا عَلَيْهِمْ أَبْوَٰبَ كُلِّ شَىْءٍ حَتَّىٰٓ إِذَا فَرِحُوا۟ بِمَآ أُوتُوٓا۟ أَخَذْنَـٰهُم بَغْتَةً فَإِذَا هُم مُّبْلِسُونَ

Transliteration falammā nasū mā dhukkirū bihi fataḥnā ʿalayhim abwāba kulli shayin ḥattā idhā fariḥū bimā ūtū akhadhnāhum baghtatan fa-idhā hum mub'lisūna

Sindhi پوءِ جيڪا نصيحت ڏني وين سا جنھن مھل وساريائون (تنھن مھل) مٿن ھر شيء جا دروازا کولياسون، ايتريقدر جو جيڪي ڏنو وين تنھن سان جڏھن (چڱي طرح) خوش ٿيا (ته) کين اوچتو پڪڙيوسون پوءِ اُھي اُنھيءَ مھل نا اُميد ٿيا.

Verse 45

فَقُطِعَ دَابِرُ ٱلْقَوْمِ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ۚ وَٱلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ

Transliteration faquṭiʿa dābiru l-qawmi alladhīna ẓalamū wal-ḥamdu lillahi rabbi l-ʿālamīna

Sindhi پوءِ ظالم قوم جي پاڙ پٽي ويئي، ۽ سڀ ساراہ الله جھانن جي پالڻھار کي جڳائي.

Verse 46

قُلْ أَرَءَيْتُمْ إِنْ أَخَذَ ٱللَّهُ سَمْعَكُمْ وَأَبْصَـٰرَكُمْ وَخَتَمَ عَلَىٰ قُلُوبِكُم مَّنْ إِلَـٰهٌ غَيْرُ ٱللَّهِ يَأْتِيكُم بِهِ ۗ ٱنظُرْ كَيْفَ نُصَرِّفُ ٱلْـَٔايَـٰتِ ثُمَّ هُمْ يَصْدِفُونَ

Transliteration qul ara-aytum in akhadha l-lahu samʿakum wa-abṣārakum wakhatama ʿalā qulūbikum man ilāhun ghayru l-lahi yatīkum bihi unẓur kayfa nuṣarrifu l-āyāti thumma hum yaṣdifūna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏسو ته جيڪڏھن الله اوھان جا ڪن ۽ اوھان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوھان جي دلين تي مُھر ھڻي ته انھيءَ الله کانسواءِ ڪير ٻيو خُدا اوھان کي اُھو ڏيندو؟ ڏس ته ڪھڙا دليل بيان ڪريون ٿا وري به اُھي پاسو ڪندا آھن.

Verse 47

قُلْ أَرَءَيْتَكُمْ إِنْ أَتَىٰكُمْ عَذَابُ ٱللَّهِ بَغْتَةً أَوْ جَهْرَةً هَلْ يُهْلَكُ إِلَّا ٱلْقَوْمُ ٱلظَّـٰلِمُونَ

Transliteration qul ara-aytakum in atākum ʿadhābu l-lahi baghtatan aw jahratan hal yuh'laku illā l-qawmu l-ẓālimūna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين خبر ڏيو ته جيڪڏھن الله جو عذاب اوچتو يا پڌرو اوھان کي پُھچي ته ظالم قوم کانسواءِ (ٻيو ڪو) ھلاڪ ٿيندو ڇا؟

Verse 48

وَمَا نُرْسِلُ ٱلْمُرْسَلِينَ إِلَّا مُبَشِّرِينَ وَمُنذِرِينَ ۖ فَمَنْ ءَامَنَ وَأَصْلَحَ فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ

Transliteration wamā nur'silu l-mur'salīna illā mubashirīna wamundhirīna faman āmana wa-aṣlaḥa falā khawfun ʿalayhim walā hum yaḥzanūna

Sindhi ۽ پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ئي ڪري موڪليوسون، پوءِ جن مڃيو ۽ پاڻ سڌاريو تن کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.

Verse 49

وَٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا يَمَسُّهُمُ ٱلْعَذَابُ بِمَا كَانُوا۟ يَفْسُقُونَ

Transliteration wa-alladhīna kadhabū biāyātinā yamassuhumu l-ʿadhābu bimā kānū yafsuqūna

Sindhi ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي انھيءَ سببان جو بدڪاري ڪندا ھئا عذاب پھچندو.

Verse 50

قُل لَّآ أَقُولُ لَكُمْ عِندِى خَزَآئِنُ ٱللَّهِ وَلَآ أَعْلَمُ ٱلْغَيْبَ وَلَآ أَقُولُ لَكُمْ إِنِّى مَلَكٌ ۖ إِنْ أَتَّبِعُ إِلَّا مَا يُوحَىٰٓ إِلَىَّ ۚ قُلْ هَلْ يَسْتَوِى ٱلْأَعْمَىٰ وَٱلْبَصِيرُ ۚ أَفَلَا تَتَفَكَّرُونَ

Transliteration qul lā aqūlu lakum ʿindī khazāinu l-lahi walā aʿlamu l-ghayba walā aqūlu lakum innī malakun in attabiʿu illā mā yūḥā ilayya qul hal yastawī l-aʿmā wal-baṣīru afalā tatafakkarūna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته (آءٌ) اوھان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (آءٌ) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي اوھان کي چوان ٿو ته آءٌ مَلَڪ آھيان، ۽ جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کان سواءِ (ٻئي جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، چؤ ته انڌو ۽ سڄو ھڪ جھڙا آھن ڇا؟ پوءِ اوھين ڇونه فڪر ڪندا آھيو.

Verse 51

وَأَنذِرْ بِهِ ٱلَّذِينَ يَخَافُونَ أَن يُحْشَرُوٓا۟ إِلَىٰ رَبِّهِمْ ۙ لَيْسَ لَهُم مِّن دُونِهِۦ وَلِىٌّ وَلَا شَفِيعٌ لَّعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ

Transliteration wa-andhir bihi alladhīna yakhāfūna an yuḥ'sharū ilā rabbihim laysa lahum min dūnihi waliyyun walā shafīʿun laʿallahum yattaqūna

Sindhi ۽ (اي پيغمبر) جيڪي (ماڻھو) پنھنجي پالڻھار وٽ گڏ ٿيڻ کان ڊڄندا آھن تن کي ھن قرآن سان ڊيڄار الله کان سواءِ انھن جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.

Verse 52

وَلَا تَطْرُدِ ٱلَّذِينَ يَدْعُونَ رَبَّهُم بِٱلْغَدَوٰةِ وَٱلْعَشِىِّ يُرِيدُونَ وَجْهَهُۥ ۖ مَا عَلَيْكَ مِنْ حِسَابِهِم مِّن شَىْءٍ وَمَا مِنْ حِسَابِكَ عَلَيْهِم مِّن شَىْءٍ فَتَطْرُدَهُمْ فَتَكُونَ مِنَ ٱلظَّـٰلِمِينَ

Transliteration walā taṭrudi alladhīna yadʿūna rabbahum bil-ghadati wal-ʿashiyi yurīdūna wajhahu mā ʿalayka min ḥisābihim min shayin wamā min ḥisābika ʿalayhim min shayin fataṭrudahum fatakūna mina l-ẓālimīna

Sindhi ۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندس رضامندي گھرندڙ ٿي سڏيندا آھن تن کي نه تَڙ، توتي سندن ڪجھ به حساب نه آھي ۽ نڪي مٿن تنھنجو ڪُجھ به حساب آھي جو انھن کي تڙيندين (جي کين تڙيندين) ته نامناسب ڪم ڪندڙن مان ٿيندين.

Verse 53

وَكَذَٰلِكَ فَتَنَّا بَعْضَهُم بِبَعْضٍ لِّيَقُولُوٓا۟ أَهَـٰٓؤُلَآءِ مَنَّ ٱللَّهُ عَلَيْهِم مِّنۢ بَيْنِنَآ ۗ أَلَيْسَ ٱللَّهُ بِأَعْلَمَ بِٱلشَّـٰكِرِينَ

Transliteration wakadhālika fatannā baʿḍahum bibaʿḍin liyaqūlū ahāulāi manna l-lahu ʿalayhim min bayninā alaysa l-lahu bi-aʿlama bil-shākirīna

Sindhi ۽ اھڙي طرح منجھانئن ڪن کي ڪن سان پرکيوسون ته چون ته ھيءَ ٽولي اُھا آھي ڇا جن تي اسان منجھان الله احسان ڪيو آھي، الله شڪر ڪندڙن کي نه ڄاڻندو آھي ڇا؟

Verse 54

وَإِذَا جَآءَكَ ٱلَّذِينَ يُؤْمِنُونَ بِـَٔايَـٰتِنَا فَقُلْ سَلَـٰمٌ عَلَيْكُمْ ۖ كَتَبَ رَبُّكُمْ عَلَىٰ نَفْسِهِ ٱلرَّحْمَةَ ۖ أَنَّهُۥ مَنْ عَمِلَ مِنكُمْ سُوٓءًۢا بِجَهَـٰلَةٍ ثُمَّ تَابَ مِنۢ بَعْدِهِۦ وَأَصْلَحَ فَأَنَّهُۥ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Transliteration wa-idhā jāaka alladhīna yu'minūna biāyātinā faqul salāmun ʿalaykum kataba rabbukum ʿalā nafsihi l-raḥmata annahu man ʿamila minkum sūan bijahālatin thumma tāba min baʿdihi wa-aṣlaḥa fa-annahu ghafūrun raḥīmun

Sindhi ۽ جيڪي اسان جي آيتن کي مڃيندا آھن سي جڏھن تو وٽ اچن ته (انھن کي) چؤ ته اَلسَّلاَمُ عَلَيۡڪُمۡ اوھان جي پالڻھار پاڻ تي ٻاجھ لازم ڪئي آھي ته اوھان مان جيڪو بي علمي سان ڪا بڇڙائي ڪندو وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائين ۽ سُڌريو ته اُھو (الله) بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 55

وَكَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ ٱلْـَٔايَـٰتِ وَلِتَسْتَبِينَ سَبِيلُ ٱلْمُجْرِمِينَ

Transliteration wakadhālika nufaṣṣilu l-āyāti walitastabīna sabīlu l-muj'rimīna

Sindhi ۽ اھڙي طرح آيتون بيان ڪندا آھيون (ته عمل ڪريو) ۽ (ھن لاءِ) ته گنھگارن جو رستو (ماڻھن کي) پڌرو ٿئي.

Verse 56

قُلْ إِنِّى نُهِيتُ أَنْ أَعْبُدَ ٱلَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ ۚ قُل لَّآ أَتَّبِعُ أَهْوَآءَكُمْ ۙ قَدْ ضَلَلْتُ إِذًا وَمَآ أَنَا۠ مِنَ ٱلْمُهْتَدِينَ

Transliteration qul innī nuhītu an aʿbuda alladhīna tadʿūna min dūni l-lahi qul lā attabiʿu ahwāakum qad ḍalaltu idhan wamā anā mina l-muh'tadīna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ڪئي وئي آھي، ۽ چؤ ته آءٌ اوھانجي سَڌن جي تابعداري نه ڪندس (نه ته) بيشڪ اُنھي مھل گمراہ ٿيندس ۽ آءٌ ھدايت وارن مان نه ھوندس.

Verse 57

قُلْ إِنِّى عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّى وَكَذَّبْتُم بِهِۦ ۚ مَا عِندِى مَا تَسْتَعْجِلُونَ بِهِۦٓ ۚ إِنِ ٱلْحُكْمُ إِلَّا لِلَّهِ ۖ يَقُصُّ ٱلْحَقَّ ۖ وَهُوَ خَيْرُ ٱلْفَـٰصِلِينَ

Transliteration qul innī ʿalā bayyinatin min rabbī wakadhabtum bihi mā ʿindī mā tastaʿjilūna bihi ini l-ḥuk'mu illā lillahi yaquṣṣu l-ḥaqa wahuwa khayru l-fāṣilīna

Sindhi چؤ ته آءٌ پنھنجي پالڻھار جي پڌري حُجّت تي آھيان ۽ اوھان ان کي ڪوڙ ڀانيو آھي، جنھن شيء جي اٻھر ڪندا آھيو سا مون وٽ نه آھي، (اھڙو) حُڪم الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي اختيار ۾ نه آھي، اُھو سچ کي بيان ڪندو آھي ۽ اُھو (سڀني) فيصلي ڪندڙن کان ڀلو آھي.

Verse 58

قُل لَّوْ أَنَّ عِندِى مَا تَسْتَعْجِلُونَ بِهِۦ لَقُضِىَ ٱلْأَمْرُ بَيْنِى وَبَيْنَكُمْ ۗ وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِٱلظَّـٰلِمِينَ

Transliteration qul law anna ʿindī mā tastaʿjilūna bihi laquḍiya l-amru baynī wabaynakum wal-lahu aʿlamu bil-ẓālimīna

Sindhi چؤ ته جنھن جي اٻھر ڪندا آھيو سا جيڪڏھن مون وٽ ھجي ھا ته منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ھا، ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

Verse 59

۞ وَعِندَهُۥ مَفَاتِحُ ٱلْغَيْبِ لَا يَعْلَمُهَآ إِلَّا هُوَ ۚ وَيَعْلَمُ مَا فِى ٱلْبَرِّ وَٱلْبَحْرِ ۚ وَمَا تَسْقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلَّا يَعْلَمُهَا وَلَا حَبَّةٍ فِى ظُلُمَـٰتِ ٱلْأَرْضِ وَلَا رَطْبٍ وَلَا يَابِسٍ إِلَّا فِى كِتَـٰبٍ مُّبِينٍ

Transliteration waʿindahu mafātiḥu l-ghaybi lā yaʿlamuhā illā huwa wayaʿlamu mā fī l-bari wal-baḥri wamā tasquṭu min waraqatin illā yaʿlamuhā walā ḥabbatin fī ẓulumāti l-arḍi walā raṭbin walā yābisin illā fī kitābin mubīnin

Sindhi ۽ وٽس ڳُجھ جون ڪنجيون آھن ان (ڳجھ جي ڪنجين) کي الله کانسواءِ (ٻيو ڪوبه) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي پٽن ۽ دريائن ۾ آھي سو (به اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي پَن نه ڪرندو آھي پر اُن کي اُھو ڄاڻندو آھي ۽ نڪي ڪو داڻو زمين جي اونداھين ۾ ۽ نڪي ڪا آلي ۽ نڪي ڪا سُڪي شيء پڌري ڪتاب ۾ (لکيل ھُجڻ) کانسواءِ آھي.

Verse 60

وَهُوَ ٱلَّذِى يَتَوَفَّىٰكُم بِٱلَّيْلِ وَيَعْلَمُ مَا جَرَحْتُم بِٱلنَّهَارِ ثُمَّ يَبْعَثُكُمْ فِيهِ لِيُقْضَىٰٓ أَجَلٌ مُّسَمًّى ۖ ثُمَّ إِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ

Transliteration wahuwa alladhī yatawaffākum bi-al-layli wayaʿlamu mā jaraḥtum bil-nahāri thumma yabʿathukum fīhi liyuq'ḍā ajalun musamman thumma ilayhi marjiʿukum thumma yunabbi-ukum bimā kuntum taʿmalūna

Sindhi ۽ اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي رات جو (ڄڻڪ) ماري ٿو ۽ جيڪي اوھين ڏينھن جو ڪمايو ٿا سو (به) ڄاڻندو آھي وري اوھان کي ان مان ھن لاءِ (جاڳائي) اٿاريندو آھي ته ٺھرايل مُدّت پوري ڪرائي وڃي، وري اوھان (سڀني) جو ڏانھس موٽڻ آھي وري جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

Verse 61

وَهُوَ ٱلْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهِۦ ۖ وَيُرْسِلُ عَلَيْكُمْ حَفَظَةً حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَ أَحَدَكُمُ ٱلْمَوْتُ تَوَفَّتْهُ رُسُلُنَا وَهُمْ لَا يُفَرِّطُونَ

Transliteration wahuwa l-qāhiru fawqa ʿibādihi wayur'silu ʿalaykum ḥafaẓatan ḥattā idhā jāa aḥadakumu l-mawtu tawaffathu rusulunā wahum lā yufarriṭūna

Sindhi ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن تي غالب آھي ۽ اوھان تي پنھنجا نگھبان موڪليندو آھي، ته جڏھن اوھان منجھان ڪنھن ھڪ کي موت اچي تڏھن اسان جا قاصد (ملائڪ) ان کي ماريندا آھن ۽ اُھي ڪوتاھي نه ڪندا آھن.

Verse 62

ثُمَّ رُدُّوٓا۟ إِلَى ٱللَّهِ مَوْلَىٰهُمُ ٱلْحَقِّ ۚ أَلَا لَهُ ٱلْحُكْمُ وَهُوَ أَسْرَعُ ٱلْحَـٰسِبِينَ

Transliteration thumma ruddū ilā l-lahi mawlāhumu l-ḥaqi alā lahu l-ḥuk'mu wahuwa asraʿu l-ḥāsibīna

Sindhi وري (سڀ مئل) سندن سچي ڌڻي الله ڏانھن موٽايا ويندا، خبردار ان جو حُڪم (غالب) آھي، ۽ اُھو جلد حساب وٺندڙ آھي.

Verse 63

قُلْ مَن يُنَجِّيكُم مِّن ظُلُمَـٰتِ ٱلْبَرِّ وَٱلْبَحْرِ تَدْعُونَهُۥ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً لَّئِنْ أَنجَىٰنَا مِنْ هَـٰذِهِۦ لَنَكُونَنَّ مِنَ ٱلشَّـٰكِرِينَ

Transliteration qul man yunajjīkum min ẓulumāti l-bari wal-baḥri tadʿūnahu taḍarruʿan wakhuf'yatan la-in anjānā min hādhihi lanakūnanna mina l-shākirīna

Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته اوھان کي پَٽن ۽ دريائن جي اونداھين کان ڪير ڇڏائيندو آھي (جڏھن) کيس زاريءَ سان ۽ ڳجھو سڏيندا آھيو؟ (۽ چوندا آھيو) ته جيڪڏھن اسان کي ھن (ڏُک) کان الله ڇڏايو ته شڪر ڪندڙن مان ضرور ٿينداسون.

Verse 64

قُلِ ٱللَّهُ يُنَجِّيكُم مِّنْهَا وَمِن كُلِّ كَرْبٍ ثُمَّ أَنتُمْ تُشْرِكُونَ

Transliteration quli l-lahu yunajjīkum min'hā wamin kulli karbin thumma antum tush'rikūna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي ان کان ۽ سڀڪنھن ڏک کان ڇڏائيندو آھي وري به اوھين (ان سان) شرڪ ڪندا آھيو.

Verse 65

قُلْ هُوَ ٱلْقَادِرُ عَلَىٰٓ أَن يَبْعَثَ عَلَيْكُمْ عَذَابًا مِّن فَوْقِكُمْ أَوْ مِن تَحْتِ أَرْجُلِكُمْ أَوْ يَلْبِسَكُمْ شِيَعًا وَيُذِيقَ بَعْضَكُم بَأْسَ بَعْضٍ ۗ ٱنظُرْ كَيْفَ نُصَرِّفُ ٱلْـَٔايَـٰتِ لَعَلَّهُمْ يَفْقَهُونَ

Transliteration qul huwa l-qādiru ʿalā an yabʿatha ʿalaykum ʿadhāban min fawqikum aw min taḥti arjulikum aw yalbisakum shiyaʿan wayudhīqa baʿḍakum basa baʿḍin unẓur kayfa nuṣarrifu l-āyāti laʿallahum yafqahūna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو (الله) اوھان تي اوھان جي مٿان يا اوھان جي پيرن جي ھيٺان عذاب موڪلڻ لاءِ وس وارو آھي يا اوھان کي ٽولي ٽولي ڪري وِڇڙائي ۽ اوھان مان ڪن کي ڪن جي لڙائي (جو مزو) چکائي، ڏس ته اسين ڪھڙي طرح (طرحين طرحين) دليل بيان ٿا ڪريون ته مانَ اُھي سمجھن.

Verse 66

وَكَذَّبَ بِهِۦ قَوْمُكَ وَهُوَ ٱلْحَقُّ ۚ قُل لَّسْتُ عَلَيْكُم بِوَكِيلٍ

Transliteration wakadhaba bihi qawmuka wahuwa l-ḥaqu qul lastu ʿalaykum biwakīlin

Sindhi ۽ تنھنجي قوم اُن (قرآن) کي ڪوڙ ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو بلڪل سچ آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان جو ذمي وار نه آھيان.

Verse 67

لِّكُلِّ نَبَإٍ مُّسْتَقَرٌّ ۚ وَسَوْفَ تَعْلَمُونَ

Transliteration likulli naba-in mus'taqarrun wasawfa taʿlamūna

Sindhi (۽) ھر ھڪ شيء لاءِ ھڪ وقت مقرّر آھي ۽ سگھو ڄاڻندؤ.

Verse 68

وَإِذَا رَأَيْتَ ٱلَّذِينَ يَخُوضُونَ فِىٓ ءَايَـٰتِنَا فَأَعْرِضْ عَنْهُمْ حَتَّىٰ يَخُوضُوا۟ فِى حَدِيثٍ غَيْرِهِۦ ۚ وَإِمَّا يُنسِيَنَّكَ ٱلشَّيْطَـٰنُ فَلَا تَقْعُدْ بَعْدَ ٱلذِّكْرَىٰ مَعَ ٱلْقَوْمِ ٱلظَّـٰلِمِينَ

Transliteration wa-idhā ra-ayta alladhīna yakhūḍūna fī āyātinā fa-aʿriḍ ʿanhum ḥattā yakhūḍū fī ḥadīthin ghayrihi wa-immā yunsiyannaka l-shayṭānu falā taqʿud baʿda l-dhik'rā maʿa l-qawmi l-ẓālimīna

Sindhi ۽ جيڪي اسان جي آيتن بابت اجايو بحث ڪندا آھن تن کي جڏھن ڏسين ته کانئن مُنھن موڙ جيستائين اُن ڌاران ٻيءَ ڪنھن ڳالھه ۾ بحث ڪن، ۽ جيڪڏھن شيطان توکي وسارائي ته ياد اچڻ کانپوءِ ظالم ٽوليءَ سان نه ويھ.

Verse 69

وَمَا عَلَى ٱلَّذِينَ يَتَّقُونَ مِنْ حِسَابِهِم مِّن شَىْءٍ وَلَـٰكِن ذِكْرَىٰ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ

Transliteration wamā ʿalā alladhīna yattaqūna min ḥisābihim min shayin walākin dhik'rā laʿallahum yattaqūna

Sindhi ۽ جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن تن تي اُنھن (ظالمن) جي حساب جي ڪجھ به (ڇڪ تاڻ) نه آھي پر (انھن تي) نصيحت ڪرڻ لازم آھي مانَ اُھي ڊڄن.

Verse 70

وَذَرِ ٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ دِينَهُمْ لَعِبًا وَلَهْوًا وَغَرَّتْهُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا ۚ وَذَكِّرْ بِهِۦٓ أَن تُبْسَلَ نَفْسٌۢ بِمَا كَسَبَتْ لَيْسَ لَهَا مِن دُونِ ٱللَّهِ وَلِىٌّ وَلَا شَفِيعٌ وَإِن تَعْدِلْ كُلَّ عَدْلٍ لَّا يُؤْخَذْ مِنْهَآ ۗ أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ أُبْسِلُوا۟ بِمَا كَسَبُوا۟ ۖ لَهُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيمٍ وَعَذَابٌ أَلِيمٌۢ بِمَا كَانُوا۟ يَكْفُرُونَ

Transliteration wadhari alladhīna ittakhadhū dīnahum laʿiban walahwan wagharrathumu l-ḥayatu l-dun'yā wadhakkir bihi an tub'sala nafsun bimā kasabat laysa lahā min dūni l-lahi waliyyun walā shafīʿun wa-in taʿdil kulla ʿadlin lā yu'khadh min'hā ulāika alladhīna ub'silū bimā kasabū lahum sharābun min ḥamīmin waʿadhābun alīmun bimā kānū yakfurūna

Sindhi ۽ (اي پيغمبر) جن پنھنجي دين کي راند ۽ تماشو بڻايو آھي ۽ کين دُنيا جي حياتيءَ ٺڳيو آھي تن کي ڇڏي ڏي ۽ قرآن سان نصيحت ڪر متان (قيامت جي ڏينھن) ڪوئي پنھنجي ڪئي جي سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي، الله کانسواءِ ان جو نڪو مددگار ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي، ۽ جيڪڏھن سڀڪا شيء عوض ڏيندو ته کانئس نه ورتو ويندو، اِھي اُھي آھن جو جيڪي ڪيائون تنھن سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي ويا، اُنھن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي مان پيڻ ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪندا ھوا.

Verse 71

قُلْ أَنَدْعُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَا لَا يَنفَعُنَا وَلَا يَضُرُّنَا وَنُرَدُّ عَلَىٰٓ أَعْقَابِنَا بَعْدَ إِذْ هَدَىٰنَا ٱللَّهُ كَٱلَّذِى ٱسْتَهْوَتْهُ ٱلشَّيَـٰطِينُ فِى ٱلْأَرْضِ حَيْرَانَ لَهُۥٓ أَصْحَـٰبٌ يَدْعُونَهُۥٓ إِلَى ٱلْهُدَى ٱئْتِنَا ۗ قُلْ إِنَّ هُدَى ٱللَّهِ هُوَ ٱلْهُدَىٰ ۖ وَأُمِرْنَا لِنُسْلِمَ لِرَبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ

Transliteration qul anadʿū min dūni l-lahi mā lā yanfaʿunā walā yaḍurrunā wanuraddu ʿalā aʿqābinā baʿda idh hadānā l-lahu ka-alladhī is'tahwathu l-shayāṭīnu fī l-arḍi ḥayrāna lahu aṣḥābun yadʿūnahu ilā l-hudā i'tinā qul inna hudā l-lahi huwa l-hudā wa-umir'nā linus'lima lirabbi l-ʿālamīna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ اھڙي کي سڏيون ڇا جيڪو اسان کي نڪي سُک ڏيندو آھي ۽ نڪي ڏُک ڏيندو آھي ۽ اُنھيءَ کان پوءِ جو الله اسان کي ھدايت ڪئي انھيءَ وانگر پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي موٽايا وڃون ڇا جنھن کي شيطانن جھنگ ۾ ڀلائي ڇڏيو ھجي اھو حيران پيو ڦري، سندس ڪيئي دوست ھُجن جي ان کي سڌي رستي ڏانھن پيا سڏين ته اسان ڏانھن اچ (۽ اھو اچي ئي نه، اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي ڏسيل واٽ اھائي سڌي واٽ آھي، ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪريون.

Verse 72

وَأَنْ أَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَٱتَّقُوهُ ۚ وَهُوَ ٱلَّذِىٓ إِلَيْهِ تُحْشَرُونَ

Transliteration wa-an aqīmū l-ṣalata wa-ittaqūhu wahuwa alladhī ilayhi tuḥ'sharūna

Sindhi ۽ (ھيءُ به حڪم ڏنو ويو آھي) ته نماز پڙھو ۽ کانئس ڊڄو، ۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڏانھن اُٿاريا ويندؤ.

Verse 73

وَهُوَ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ ۖ وَيَوْمَ يَقُولُ كُن فَيَكُونُ ۚ قَوْلُهُ ٱلْحَقُّ ۚ وَلَهُ ٱلْمُلْكُ يَوْمَ يُنفَخُ فِى ٱلصُّورِ ۚ عَـٰلِمُ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَـٰدَةِ ۚ وَهُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْخَبِيرُ

Transliteration wahuwa alladhī khalaqa l-samāwāti wal-arḍa bil-ḥaqi wayawma yaqūlu kun fayakūnu qawluhu l-ḥaqu walahu l-mul'ku yawma yunfakhu fī l-ṣūri ʿālimu l-ghaybi wal-shahādati wahuwa l-ḥakīmu l-khabīru

Sindhi ۽ اُھو ئي آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، ۽ جنھن ڏينھن (قيامت لاءِ) چوندو ته ٿيءُ ته ٿي پوندي. سندس ڳالھ سچي آھي، ۽ جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو (تنھن ڏينھن) رڳو اُن جي بادشاھي آھي، ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، ۽ اُھو حِڪمت وارو خبردار آھي.

Verse 74

۞ وَإِذْ قَالَ إِبْرَٰهِيمُ لِأَبِيهِ ءَازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصْنَامًا ءَالِهَةً ۖ إِنِّىٓ أَرَىٰكَ وَقَوْمَكَ فِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ

Transliteration wa-idh qāla ib'rāhīmu li-abīhi āzara atattakhidhu aṣnāman ālihatan innī arāka waqawmaka fī ḍalālin mubīnin

Sindhi ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ آزر کي چيو ته بُتن کي خدا ڪري ڇوٿا وٺو؟ بيشڪ آءٌ توکي ۽ تنھنجي قوم کي پڌري گمراھيءَ ۾ ڏسان ٿو.

Verse 75

وَكَذَٰلِكَ نُرِىٓ إِبْرَٰهِيمَ مَلَكُوتَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَلِيَكُونَ مِنَ ٱلْمُوقِنِينَ

Transliteration wakadhālika nurī ib'rāhīma malakūta l-samāwāti wal-arḍi waliyakūna mina l-mūqinīna

Sindhi ۽ اھڙي طرح ابراھيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ڏيکاري سون ٿي (ھِن لاءِ) ته (اُھو) يقين ڪندڙن مان ٿيئي.

Verse 76

فَلَمَّا جَنَّ عَلَيْهِ ٱلَّيْلُ رَءَا كَوْكَبًا ۖ قَالَ هَـٰذَا رَبِّى ۖ فَلَمَّآ أَفَلَ قَالَ لَآ أُحِبُّ ٱلْـَٔافِلِينَ

Transliteration falammā janna ʿalayhi al-laylu raā kawkaban qāla hādhā rabbī falammā afala qāla lā uḥibbu l-āfilīna

Sindhi پوءِ جنھن مھل رات مٿس اونداھي ڪئي (ته آسمان ۾) ھڪ تارو ڏٺائين، چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته لھندڙن کي پيارو نه ٿو رکان.

Verse 77

فَلَمَّا رَءَا ٱلْقَمَرَ بَازِغًا قَالَ هَـٰذَا رَبِّى ۖ فَلَمَّآ أَفَلَ قَالَ لَئِن لَّمْ يَهْدِنِى رَبِّى لَأَكُونَنَّ مِنَ ٱلْقَوْمِ ٱلضَّآلِّينَ

Transliteration falammā raā l-qamara bāzighan qāla hādhā rabbī falammā afala qāla la-in lam yahdinī rabbī la-akūnanna mina l-qawmi l-ḍālīna

Sindhi پوءِ جنھن مھل چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته جيڪڏھن منھنجو پالڻھار مون کي ھدايت نه ڪندو ته آءٌ ضرور گمراہ قوم مان ٿيندس.

Verse 78

فَلَمَّا رَءَا ٱلشَّمْسَ بَازِغَةً قَالَ هَـٰذَا رَبِّى هَـٰذَآ أَكْبَرُ ۖ فَلَمَّآ أَفَلَتْ قَالَ يَـٰقَوْمِ إِنِّى بَرِىٓءٌ مِّمَّا تُشْرِكُونَ

Transliteration falammā raā l-shamsa bāzighatan qāla hādhā rabbī hādhā akbaru falammā afalat qāla yāqawmi innī barīon mimmā tush'rikūna

Sindhi پوءِ جنھن مھل سج کي چمڪندڙ ڏٺائين (ته) چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي (جو) ھي وڏو آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين اي منھنجي قوم جن کي اوھين خُدا سان شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.

Verse 79

إِنِّى وَجَّهْتُ وَجْهِىَ لِلَّذِى فَطَرَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ حَنِيفًا ۖ وَمَآ أَنَا۠ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ

Transliteration innī wajjahtu wajhiya lilladhī faṭara l-samāwāti wal-arḍa ḥanīfan wamā anā mina l-mush'rikīna

Sindhi مون (سڀني کان) ھڪ طرفو ٿي پنھنجي مھاڙ کي انھيءَ الله ڏانھن سامھون ڪيو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ آءٌ مشرڪن مان نه آھيان.

Verse 80

وَحَآجَّهُۥ قَوْمُهُۥ ۚ قَالَ أَتُحَـٰٓجُّوٓنِّى فِى ٱللَّهِ وَقَدْ هَدَىٰنِ ۚ وَلَآ أَخَافُ مَا تُشْرِكُونَ بِهِۦٓ إِلَّآ أَن يَشَآءَ رَبِّى شَيْـًٔا ۗ وَسِعَ رَبِّى كُلَّ شَىْءٍ عِلْمًا ۗ أَفَلَا تَتَذَكَّرُونَ

Transliteration waḥājjahu qawmuhu qāla atuḥājjūnnī fī l-lahi waqad hadāni walā akhāfu mā tush'rikūna bihi illā an yashāa rabbī shayan wasiʿa rabbī kulla shayin ʿil'man afalā tatadhakkarūna

Sindhi ۽ سندس قوم ساڻس تڪرار ڪيو، چيائين ته اوھين الله بابت مون سان ھن حالت ۾ ڇوٿا تڪرار ڪيو جو بيشڪ مونکي سڌي رستي لاتو اٿس جنھن کي ساڻس شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪين ڊڄندس پر منھنجي پالڻھار جو ڪجھ (ڪرڻ) گھريو (سو ٿيڻو آھي)، سڀڪا شيء منھنجي پالڻھار جي عِلم ۾ سمائي آھي، پوءِ اوھين ڇونه نصيحت مڃيندا آھيو.

Verse 81

وَكَيْفَ أَخَافُ مَآ أَشْرَكْتُمْ وَلَا تَخَافُونَ أَنَّكُمْ أَشْرَكْتُم بِٱللَّهِ مَا لَمْ يُنَزِّلْ بِهِۦ عَلَيْكُمْ سُلْطَـٰنًا ۚ فَأَىُّ ٱلْفَرِيقَيْنِ أَحَقُّ بِٱلْأَمْنِ ۖ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ

Transliteration wakayfa akhāfu mā ashraktum walā takhāfūna annakum ashraktum bil-lahi mā lam yunazzil bihi ʿalaykum sul'ṭānan fa-ayyu l-farīqayni aḥaqqu bil-amni in kuntum taʿlamūna

Sindhi ۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪئن ڊڄندس ۽ (اوھين) ھن کان نه ٿا ڊڄو اوھين الله ساڻ اھو شريڪ ڪندا آھيو جنھن جي اوھان وٽ ڪا حُجّت لاٿل نه آھي، جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو (ته ٻڌايو ته) ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي امن جي وڌيڪ حقدار آھي؟

Verse 82

ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَلَمْ يَلْبِسُوٓا۟ إِيمَـٰنَهُم بِظُلْمٍ أُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُمُ ٱلْأَمْنُ وَهُم مُّهْتَدُونَ

Transliteration alladhīna āmanū walam yalbisū īmānahum biẓul'min ulāika lahumu l-amnu wahum muh'tadūna

Sindhi جن ايمان آندو ۽ پنھنجي ايمان کي ڪفر سان نه وچڙايو اُنھن لاءِ امن آھي ۽ اُھي ھدايت وارا آھن.

Verse 83

وَتِلْكَ حُجَّتُنَآ ءَاتَيْنَـٰهَآ إِبْرَٰهِيمَ عَلَىٰ قَوْمِهِۦ ۚ نَرْفَعُ دَرَجَـٰتٍ مَّن نَّشَآءُ ۗ إِنَّ رَبَّكَ حَكِيمٌ عَلِيمٌ

Transliteration watil'ka ḥujjatunā ātaynāhā ib'rāhīma ʿalā qawmihi narfaʿu darajātin man nashāu inna rabbaka ḥakīmun ʿalīmun

Sindhi ۽ ھي اسان جو دليل آھي جو ابراھيم کي سندس قوم تي (مقابلي لاءِ) ڏنوسون، جنھن کي گھرندا آھيون تنھنکي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

Verse 84

وَوَهَبْنَا لَهُۥٓ إِسْحَـٰقَ وَيَعْقُوبَ ۚ كُلًّا هَدَيْنَا ۚ وَنُوحًا هَدَيْنَا مِن قَبْلُ ۖ وَمِن ذُرِّيَّتِهِۦ دَاوُۥدَ وَسُلَيْمَـٰنَ وَأَيُّوبَ وَيُوسُفَ وَمُوسَىٰ وَهَـٰرُونَ ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ

Transliteration wawahabnā lahu is'ḥāqa wayaʿqūba kullan hadaynā wanūḥan hadaynā min qablu wamin dhurriyyatihi dāwūda wasulaymāna wa-ayyūba wayūsufa wamūsā wahārūna wakadhālika najzī l-muḥ'sinīna

Sindhi ۽ ابراھيم کي اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسون، سڀني کي ھدايت ڪئي سون، ۽ اُن کان اڳ نُوح کي ھدايت ڪئي سون ۽ سندس اولاد مان داؤد کي ۽ سُلَيمان ۽ اَيُّوب ۽ يُوسف ۽ مُوسىٰ ۽ ھارُون کي (ھدايت ڪئي سون)، ۽ اھڙي طرح اسين ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون.

Verse 85

وَزَكَرِيَّا وَيَحْيَىٰ وَعِيسَىٰ وَإِلْيَاسَ ۖ كُلٌّ مِّنَ ٱلصَّـٰلِحِينَ

Transliteration wazakariyyā wayaḥyā waʿīsā wa-il'yāsa kullun mina l-ṣāliḥīna

Sindhi ۽ ذڪريّا ۽ يَحۡيىٰ ۽ عيسىٰ ۽ الياس کي به، جو ھر ھڪ ڀلارن مان ھو.

Verse 86

وَإِسْمَـٰعِيلَ وَٱلْيَسَعَ وَيُونُسَ وَلُوطًا ۚ وَكُلًّا فَضَّلْنَا عَلَى ٱلْعَـٰلَمِينَ

Transliteration wa-is'māʿīla wal-yasaʿa wayūnusa walūṭan wakullan faḍḍalnā ʿalā l-ʿālamīna

Sindhi ۽ اسماعيل ۽ يَسَعَ ۽ يُونس ۽ لُوط کي به، ۽ سڀني کي جڳ (جي رھندڙن) کان ڀلائي ڏني سون.

Verse 87

وَمِنْ ءَابَآئِهِمْ وَذُرِّيَّـٰتِهِمْ وَإِخْوَٰنِهِمْ ۖ وَٱجْتَبَيْنَـٰهُمْ وَهَدَيْنَـٰهُمْ إِلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ

Transliteration wamin ābāihim wadhurriyyātihim wa-ikh'wānihim wa-ij'tabaynāhum wahadaynāhum ilā ṣirāṭin mus'taqīmin

Sindhi ۽ سندن پين ڏاڏن ۽ سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به، ۽ کين چونڊيوسون ۽ کين سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي سون.

Verse 88

ذَٰلِكَ هُدَى ٱللَّهِ يَهْدِى بِهِۦ مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ ۚ وَلَوْ أَشْرَكُوا۟ لَحَبِطَ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Transliteration dhālika hudā l-lahi yahdī bihi man yashāu min ʿibādihi walaw ashrakū laḥabiṭa ʿanhum mā kānū yaʿmalūna

Sindhi اھا الله جي ھدايت آھي پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھن کي ان رستي لائي، ۽ جيڪڏھن (اھي ماڻھو) شرڪ ڪن ھا ته جيڪي ڪمايائون سو کانئن ضرور ناس ٿئي ھا.

Verse 89

أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ ءَاتَيْنَـٰهُمُ ٱلْكِتَـٰبَ وَٱلْحُكْمَ وَٱلنُّبُوَّةَ ۚ فَإِن يَكْفُرْ بِهَا هَـٰٓؤُلَآءِ فَقَدْ وَكَّلْنَا بِهَا قَوْمًا لَّيْسُوا۟ بِهَا بِكَـٰفِرِينَ

Transliteration ulāika alladhīna ātaynāhumu l-kitāba wal-ḥuk'ma wal-nubuwata fa-in yakfur bihā hāulāi faqad wakkalnā bihā qawman laysū bihā bikāfirīna

Sindhi اِھي اُھي آھن جن کي ڪتاب ۽ حِڪمت ۽ پيغمبري ڏني سون، پوءِ جيڪڏھن ھي ماڻھو (قرآن جي انھن) ڳالھين کي نه مڃين ته بيشڪ اسان ھڪ قوم کي مقرّر ڪيو آھي جي (قرآن جي انھن) ڳالھين جا انڪار ڪندڙ نه ٿيندا.

Verse 90

أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ هَدَى ٱللَّهُ ۖ فَبِهُدَىٰهُمُ ٱقْتَدِهْ ۗ قُل لَّآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا ۖ إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرَىٰ لِلْعَـٰلَمِينَ

Transliteration ulāika alladhīna hadā l-lahu fabihudāhumu iq'tadih qul lā asalukum ʿalayhi ajran in huwa illā dhik'rā lil'ʿālamīna

Sindhi اِھي اُھي آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر، چؤ ته اوھان کان اُن (پيغام پُھچائڻ) تي ڪو اجورو نٿو گھُران، اِھو قرآن خاص جھانن لاءِ نصيحت آھي.

Verse 91

وَمَا قَدَرُوا۟ ٱللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِۦٓ إِذْ قَالُوا۟ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ عَلَىٰ بَشَرٍ مِّن شَىْءٍ ۗ قُلْ مَنْ أَنزَلَ ٱلْكِتَـٰبَ ٱلَّذِى جَآءَ بِهِۦ مُوسَىٰ نُورًا وَهُدًى لِّلنَّاسِ ۖ تَجْعَلُونَهُۥ قَرَاطِيسَ تُبْدُونَهَا وَتُخْفُونَ كَثِيرًا ۖ وَعُلِّمْتُم مَّا لَمْ تَعْلَمُوٓا۟ أَنتُمْ وَلَآ ءَابَآؤُكُمْ ۖ قُلِ ٱللَّهُ ۖ ثُمَّ ذَرْهُمْ فِى خَوْضِهِمْ يَلْعَبُونَ

Transliteration wamā qadarū l-laha ḥaqqa qadrihi idh qālū mā anzala l-lahu ʿalā basharin min shayin qul man anzala l-kitāba alladhī jāa bihi mūsā nūran wahudan lilnnāsi tajʿalūnahu qarāṭīsa tub'dūnahā watukh'fūna kathīran waʿullim'tum mā lam taʿlamū antum walā ābāukum quli l-lahu thumma dharhum fī khawḍihim yalʿabūna

Sindhi ۽ اُنھن (يھودين) الله جو سندس شان مطابق قدر نه ڪيو ھن ڪري جو چيائون ته الله ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪُجھ نه لاٿو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڪتاب ڪنھن لاٿو جيڪو موسىٰ آندو ھو؟ جو ماڻھن لاءِ نُور ۽ ھدايت ھو جنھن کي اوھين جزون جزون ڪريو ٿا اُن جي ڪنھن ڀاڱي کي پڌرو ڪندا آھيو ۽ گھڻو لڪائيندا آھيو، ۽ جيڪي (ڳالھيون) نڪي اوھين ۽ نڪي اوھان جا پيءُ ڏاڏا ڄاڻندا ھئا سي اوھان کي سيکاريون ويون، چؤ ته الله (ڪتاب لاٿو آھي) وري انھن کي سندن اجائي بحث ۾ راند ڪندو ڇڏي ڏي.

Verse 92

وَهَـٰذَا كِتَـٰبٌ أَنزَلْنَـٰهُ مُبَارَكٌ مُّصَدِّقُ ٱلَّذِى بَيْنَ يَدَيْهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ ٱلْقُرَىٰ وَمَنْ حَوْلَهَا ۚ وَٱلَّذِينَ يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ يُؤْمِنُونَ بِهِۦ ۖ وَهُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ يُحَافِظُونَ

Transliteration wahādhā kitābun anzalnāhu mubārakun muṣaddiqu alladhī bayna yadayhi walitundhira umma l-qurā waman ḥawlahā wa-alladhīna yu'minūna bil-ākhirati yu'minūna bihi wahum ʿalā ṣalātihim yuḥāfiẓūna

Sindhi ۽ ھي ڪتاب آھي جو ان کي برڪت وارو جيڪي اُن کان اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ لاٿوسون ھن لاءِ ته (تون) مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين، ۽ جيڪي آخرت کي مڃيندا آھن سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن ۽ اُھي پنھنجي نمازن جي سنڀال ڪندا آھن.

Verse 93

وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا أَوْ قَالَ أُوحِىَ إِلَىَّ وَلَمْ يُوحَ إِلَيْهِ شَىْءٌ وَمَن قَالَ سَأُنزِلُ مِثْلَ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ ۗ وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذِ ٱلظَّـٰلِمُونَ فِى غَمَرَٰتِ ٱلْمَوْتِ وَٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ بَاسِطُوٓا۟ أَيْدِيهِمْ أَخْرِجُوٓا۟ أَنفُسَكُمُ ۖ ٱلْيَوْمَ تُجْزَوْنَ عَذَابَ ٱلْهُونِ بِمَا كُنتُمْ تَقُولُونَ عَلَى ٱللَّهِ غَيْرَ ٱلْحَقِّ وَكُنتُمْ عَنْ ءَايَـٰتِهِۦ تَسْتَكْبِرُونَ

Transliteration waman aẓlamu mimmani if'tarā ʿalā l-lahi kadhiban aw qāla ūḥiya ilayya walam yūḥa ilayhi shayon waman qāla sa-unzilu mith'la mā anzala l-lahu walaw tarā idhi l-ẓālimūna fī ghamarāti l-mawti wal-malāikatu bāsiṭū aydīhim akhrijū anfusakumu l-yawma tuj'zawna ʿadhāba l-hūni bimā kuntum taqūlūna ʿalā l-lahi ghayra l-ḥaqi wakuntum ʿan āyātihi tastakbirūna

Sindhi ۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا چوي ته مون ڏانھن وحي ڪيو ويو آھي ۽ ڏانھنس ڪُجھ به وحي نه ڪيو ويو ھجي يا چوي ته جئن الله (ڪتاب) نازل ڪيو آھي تئن آءٌ (به) ڪتاب نازل ڪندس، ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڏسين (ته جيڪر عجب لڳيئي) جڏھن ظالم موت جي سڪراتين ۾ ھوندا ۽ ملائڪ پنھنجن ھٿن کي ڊگھو ڪندا، (۽ چوندا ته) پنھنجن ساھن کي ٻاھر ڪڍو، اڄ اوھان کي خواري واري عذاب جي سزا انھيءَ سببان ڏني ويندي جو اوھين الله تي ناحق چوندا ھيؤ ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا ھيؤ.

Verse 94

وَلَقَدْ جِئْتُمُونَا فُرَٰدَىٰ كَمَا خَلَقْنَـٰكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكْتُم مَّا خَوَّلْنَـٰكُمْ وَرَآءَ ظُهُورِكُمْ ۖ وَمَا نَرَىٰ مَعَكُمْ شُفَعَآءَكُمُ ٱلَّذِينَ زَعَمْتُمْ أَنَّهُمْ فِيكُمْ شُرَكَـٰٓؤُا۟ ۚ لَقَد تَّقَطَّعَ بَيْنَكُمْ وَضَلَّ عَنكُم مَّا كُنتُمْ تَزْعُمُونَ

Transliteration walaqad ji'tumūnā furādā kamā khalaqnākum awwala marratin wataraktum mā khawwalnākum warāa ẓuhūrikum wamā narā maʿakum shufaʿāakumu alladhīna zaʿamtum annahum fīkum shurakāu laqad taqaṭṭaʿa baynakum waḍalla ʿankum mā kuntum tazʿumūna

Sindhi ۽ بيشڪ اسان وٽ (ائين) ھڪ ھڪ ٿي آيؤ جئن اوھان کي پھرين ڀيري پيدا ڪيو ھوسون ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيو ھوسون سو اوھان پنھنجين پٺين پوءِ تان ڇڏي ڏنو، ۽ اوھان جا سفارش ڪندڙ اوھان سان نه ٿا ڏسون جن کي اوھين پنھنجن (احتياجن پوري ڪرڻ) ۾ (الله سان) شريڪ ڀائيندا ھيؤ، بيشڪ اوھان جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڇنو ۽ جن کي اوھين ڀائيندا ھيؤ سي اوھان کان ڀُلجي ويا.

Verse 95

۞ إِنَّ ٱللَّهَ فَالِقُ ٱلْحَبِّ وَٱلنَّوَىٰ ۖ يُخْرِجُ ٱلْحَىَّ مِنَ ٱلْمَيِّتِ وَمُخْرِجُ ٱلْمَيِّتِ مِنَ ٱلْحَىِّ ۚ ذَٰلِكُمُ ٱللَّهُ ۖ فَأَنَّىٰ تُؤْفَكُونَ

Transliteration inna l-laha fāliqu l-ḥabi wal-nawā yukh'riju l-ḥaya mina l-mayiti wamukh'riju l-mayiti mina l-ḥayi dhālikumu l-lahu fa-annā tu'fakūna

Sindhi الله ٻج ۽ ڪڪڙيءَ کي ڦٽائيندڙ آھي، مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مُئو ڪڍندڙ آھي، اُھو (ئي) الله آھي پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڀلايا ويندا آھيو.

Verse 96

فَالِقُ ٱلْإِصْبَاحِ وَجَعَلَ ٱلَّيْلَ سَكَنًا وَٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ حُسْبَانًا ۚ ذَٰلِكَ تَقْدِيرُ ٱلْعَزِيزِ ٱلْعَلِيمِ

Transliteration fāliqu l-iṣ'bāḥi wajaʿala al-layla sakanan wal-shamsa wal-qamara ḥus'bānan dhālika taqdīru l-ʿazīzi l-ʿalīmi

Sindhi پرھ کي ڦٽائيندڙ آھي، ۽ رات کي آرام ۽ سج ۽ چنڊ کي (وقتن جي) حساب لاءِ (پيدا) ڪيائين، اھو اندازو (الله) غالب ڄاڻندڙ ٺاھيو آھي.

Verse 97

وَهُوَ ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلنُّجُومَ لِتَهْتَدُوا۟ بِهَا فِى ظُلُمَـٰتِ ٱلْبَرِّ وَٱلْبَحْرِ ۗ قَدْ فَصَّلْنَا ٱلْـَٔايَـٰتِ لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ

Transliteration wahuwa alladhī jaʿala lakumu l-nujūma litahtadū bihā fī ẓulumāti l-bari wal-baḥri qad faṣṣalnā l-āyāti liqawmin yaʿlamūna

Sindhi ۽ اُھو (الله) آھي جنھن تارن کي اوھان لاءِ ھن ڪري (پيدا) ڪيو ته پٽن ۽ دريائن جي اونداھين ۾ واٽون لھو، بيشڪ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون.

Verse 98

وَهُوَ ٱلَّذِىٓ أَنشَأَكُم مِّن نَّفْسٍ وَٰحِدَةٍ فَمُسْتَقَرٌّ وَمُسْتَوْدَعٌ ۗ قَدْ فَصَّلْنَا ٱلْـَٔايَـٰتِ لِقَوْمٍ يَفْقَهُونَ

Transliteration wahuwa alladhī ansha-akum min nafsin wāḥidatin famus'taqarrun wamus'tawdaʿun qad faṣṣalnā l-āyāti liqawmin yafqahūna

Sindhi ۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھِڪ جِيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ (اوھان لاءِ) ٽڪڻ جو ھنڌ ۽ سانڀڻ جي جاءِ ڪيائين، بيشڪ سمجھندڙ ٽولي لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون.

Verse 99

وَهُوَ ٱلَّذِىٓ أَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً فَأَخْرَجْنَا بِهِۦ نَبَاتَ كُلِّ شَىْءٍ فَأَخْرَجْنَا مِنْهُ خَضِرًا نُّخْرِجُ مِنْهُ حَبًّا مُّتَرَاكِبًا وَمِنَ ٱلنَّخْلِ مِن طَلْعِهَا قِنْوَانٌ دَانِيَةٌ وَجَنَّـٰتٍ مِّنْ أَعْنَابٍ وَٱلزَّيْتُونَ وَٱلرُّمَّانَ مُشْتَبِهًا وَغَيْرَ مُتَشَـٰبِهٍ ۗ ٱنظُرُوٓا۟ إِلَىٰ ثَمَرِهِۦٓ إِذَآ أَثْمَرَ وَيَنْعِهِۦٓ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكُمْ لَـَٔايَـٰتٍ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ

Transliteration wahuwa alladhī anzala mina l-samāi māan fa-akhrajnā bihi nabāta kulli shayin fa-akhrajnā min'hu khaḍiran nukh'riju min'hu ḥabban mutarākiban wamina l-nakhli min ṭalʿihā qin'wānun dāniyatun wajannātin min aʿnābin wal-zaytūna wal-rumāna mush'tabihan waghayra mutashābihin unẓurū ilā thamarihi idhā athmara wayanʿihi inna fī dhālikum laāyātin liqawmin yu'minūna

Sindhi ۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ھر شي جا اوڀڙ ڄماياسون پوءِ اُن مان ساوڪ کي ڪڍيوسون پوءِ منجھانئس (سنگن ۾) گڏيل داڻا ڪڍون ٿا، ۽ کجيءَ جي چپڙن مان گوشا لڙڪيل ۽ ڊاکن جا باغ ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ ٻئي جھڙا ۽ ڌار ڌار (پيدا ڪياسون)، جڏھن ڦرجن ته سندن ڦر ۽ ان جي پچڻ ڏانھن نھاريو، ڇوته اُن ۾ مڃيندڙ ٽولي لاءِ ضروري نشانيون آھن.

Verse 100

وَجَعَلُوا۟ لِلَّهِ شُرَكَآءَ ٱلْجِنَّ وَخَلَقَهُمْ ۖ وَخَرَقُوا۟ لَهُۥ بَنِينَ وَبَنَـٰتٍۭ بِغَيْرِ عِلْمٍ ۚ سُبْحَـٰنَهُۥ وَتَعَـٰلَىٰ عَمَّا يَصِفُونَ

Transliteration wajaʿalū lillahi shurakāa l-jina wakhalaqahum wakharaqū lahu banīna wabanātin bighayri ʿil'min sub'ḥānahu wataʿālā ʿammā yaṣifūna

Sindhi ۽ (ڪافرن) جنن کي الله سان شريڪ بڻايو آھي ھن ھوندي جو کين (الله) خلقيو آھي ۽ اُن لاءِ بي علميءَ سان پُٽ ۽ ڌيئرون ٺاھيون اٿن، اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي.

Verse 101

بَدِيعُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ أَنَّىٰ يَكُونُ لَهُۥ وَلَدٌ وَلَمْ تَكُن لَّهُۥ صَـٰحِبَةٌ ۖ وَخَلَقَ كُلَّ شَىْءٍ ۖ وَهُوَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌ

Transliteration badīʿu l-samāwāti wal-arḍi annā yakūnu lahu waladun walam takun lahu ṣāḥibatun wakhalaqa kulla shayin wahuwa bikulli shayin ʿalīmun

Sindhi آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، انھيءَ کي اولاد جو احتياج ڪئن ٿيندو؟ ۽ اُن کي زال (جو احتياج) نه آھي، ۽ سڀڪا شي (پاڻ) خلقيائين، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي ڄاڻندڙ آھي.

Verse 102

ذَٰلِكُمُ ٱللَّهُ رَبُّكُمْ ۖ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ خَـٰلِقُ كُلِّ شَىْءٍ فَٱعْبُدُوهُ ۚ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ وَكِيلٌ

Transliteration dhālikumu l-lahu rabbukum lā ilāha illā huwa khāliqu kulli shayin fa-uʿ'budūhu wahuwa ʿalā kulli shayin wakīlun

Sindhi اھو اوھان جو پالڻھار آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سڀڪنھن شي کي پيدا ڪندڙ آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي سنڀاليندڙ آھي.

Verse 103

لَّا تُدْرِكُهُ ٱلْأَبْصَـٰرُ وَهُوَ يُدْرِكُ ٱلْأَبْصَـٰرَ ۖ وَهُوَ ٱللَّطِيفُ ٱلْخَبِيرُ

Transliteration lā tud'rikuhu l-abṣāru wahuwa yud'riku l-abṣāra wahuwa l-laṭīfu l-khabīru

Sindhi (دنيا ۾) اکيون کيس ڏسي نه سگھنديون ۽ اُھو اکين کي ڏسندو آھي، ۽ اُھو باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.

Verse 104

قَدْ جَآءَكُم بَصَآئِرُ مِن رَّبِّكُمْ ۖ فَمَنْ أَبْصَرَ فَلِنَفْسِهِۦ ۖ وَمَنْ عَمِىَ فَعَلَيْهَا ۚ وَمَآ أَنَا۠ عَلَيْكُم بِحَفِيظٍ

Transliteration qad jāakum baṣāiru min rabbikum faman abṣara falinafsihi waman ʿamiya faʿalayhā wamā anā ʿalaykum biḥafīẓin

Sindhi بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نشان آيا آھن، پوءِ جنھن ڏٺو (يعني سمجھيو) تنھن پاڻ لاءِ (نفع) ڪمايو، ۽ جيڪو انڌو ٿيو تنھن تي ان جو نقصان آھي، ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان.

Verse 105

وَكَذَٰلِكَ نُصَرِّفُ ٱلْـَٔايَـٰتِ وَلِيَقُولُوا۟ دَرَسْتَ وَلِنُبَيِّنَهُۥ لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ

Transliteration wakadhālika nuṣarrifu l-āyāti waliyaqūlū darasta walinubayyinahu liqawmin yaʿlamūna

Sindhi ۽ اھڙي طرح طرحين طرحين دليل بيان ڪريون ٿا ۽ ھن لاءِ متان چون ته تون پڙھيو آھين ۽ ھن لاءِ ته ھن (دين) کي اُنھيءَ قوم لاءِ پڌرو ڪريون جي ڄاڻن ٿا.

Verse 106

ٱتَّبِعْ مَآ أُوحِىَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ ۖ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ وَأَعْرِضْ عَنِ ٱلْمُشْرِكِينَ

Transliteration ittabiʿ mā ūḥiya ilayka min rabbika lā ilāha illā huwa wa-aʿriḍ ʿani l-mush'rikīna

Sindhi (اي پيغمبر) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪيو ويو آھي تنھنجي تابعداري ڪر، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ.

Verse 107

وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ مَآ أَشْرَكُوا۟ ۗ وَمَا جَعَلْنَـٰكَ عَلَيْهِمْ حَفِيظًا ۖ وَمَآ أَنتَ عَلَيْهِم بِوَكِيلٍ

Transliteration walaw shāa l-lahu mā ashrakū wamā jaʿalnāka ʿalayhim ḥafīẓan wamā anta ʿalayhim biwakīlin

Sindhi ۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا ته شرڪ نه ڪن ھا، ۽ توکي مٿن نگھبان نه ڪيو اٿئون، ۽ نڪي تون مٿن ڪو نظر ڪندڙ آھين.

Verse 108

وَلَا تَسُبُّوا۟ ٱلَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ فَيَسُبُّوا۟ ٱللَّهَ عَدْوًۢا بِغَيْرِ عِلْمٍ ۗ كَذَٰلِكَ زَيَّنَّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُمْ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّهِم مَّرْجِعُهُمْ فَيُنَبِّئُهُم بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Transliteration walā tasubbū alladhīna yadʿūna min dūni l-lahi fayasubbū l-laha ʿadwan bighayri ʿil'min kadhālika zayyannā likulli ummatin ʿamalahum thumma ilā rabbihim marjiʿuhum fayunabbi-uhum bimā kānū yaʿmalūna

Sindhi (اي مسلمانؤ) جن کي (مُشرڪ) الله کانسواءِ سڏيندا آھن تن کي گاريون نه ڏيو جي متان (اُھي) بي سمجھائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالھائين، اھڙي طرح ھر ٽوليءَ لاءِ سندن ڪم سينگارياسون، وري سندن پالڻھار ڏانھن سندن موٽڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.

Verse 109

وَأَقْسَمُوا۟ بِٱللَّهِ جَهْدَ أَيْمَـٰنِهِمْ لَئِن جَآءَتْهُمْ ءَايَةٌ لَّيُؤْمِنُنَّ بِهَا ۚ قُلْ إِنَّمَا ٱلْـَٔايَـٰتُ عِندَ ٱللَّهِ ۖ وَمَا يُشْعِرُكُمْ أَنَّهَآ إِذَا جَآءَتْ لَا يُؤْمِنُونَ

Transliteration wa-aqsamū bil-lahi jahda aymānihim la-in jāathum āyatun layu'minunna bihā qul innamā l-āyātu ʿinda l-lahi wamā yush'ʿirukum annahā idhā jāat lā yu'minūna

Sindhi ۽ ڪافر پنھنجي سخت سُنھن سان الله جو قسم کڻندا آھن ته وٽن جيڪڏھن ڪو معجزو اچي ته ان کي ضرور مڃيندا، چؤ ته مُعجزا ته (خاص) الله وٽ آھن (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڪنھن سمجھايو آھي ته اُھي مڃيندا (سو معجزا وٽن) جڏھن آيا ته به نه مڃيندا؟

Verse 110

وَنُقَلِّبُ أَفْـِٔدَتَهُمْ وَأَبْصَـٰرَهُمْ كَمَا لَمْ يُؤْمِنُوا۟ بِهِۦٓ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُمْ فِى طُغْيَـٰنِهِمْ يَعْمَهُونَ

Transliteration wanuqallibu afidatahum wa-abṣārahum kamā lam yu'minū bihi awwala marratin wanadharuhum fī ṭugh'yānihim yaʿmahūna

Sindhi ۽ سندن دلين کي ۽ سندن اکين کي ڦيرائينداسون جئن ان کي پھرين ڀيري نه مڃيائون ۽ کين سندين گُمراھي ۾ حيران ٿيل ڇڏينداسون.

Verse 111

۞ وَلَوْ أَنَّنَا نَزَّلْنَآ إِلَيْهِمُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ ٱلْمَوْتَىٰ وَحَشَرْنَا عَلَيْهِمْ كُلَّ شَىْءٍ قُبُلًا مَّا كَانُوا۟ لِيُؤْمِنُوٓا۟ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ يَجْهَلُونَ

Transliteration walaw annanā nazzalnā ilayhimu l-malāikata wakallamahumu l-mawtā waḥasharnā ʿalayhim kulla shayin qubulan mā kānū liyu'minū illā an yashāa l-lahu walākinna aktharahum yajhalūna

Sindhi ۽ جيڪڏھن انھن تي اسين ملائڪ لاھيون ھا ۽ ساڻن مُئا (به) ڳالھائين ھا ۽ ھر شيء سندن آمھون سامھون ڪري گڏ (به) ڪريون ھا ته به الله جي گھُر کانسواءِ ڪڏھن ايمان نه آڻين ھا پر اُنھن مان گھڻا بي سمجھائي ڪن ٿا.

Verse 112

وَكَذَٰلِكَ جَعَلْنَا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيَـٰطِينَ ٱلْإِنسِ وَٱلْجِنِّ يُوحِى بَعْضُهُمْ إِلَىٰ بَعْضٍ زُخْرُفَ ٱلْقَوْلِ غُرُورًا ۚ وَلَوْ شَآءَ رَبُّكَ مَا فَعَلُوهُ ۖ فَذَرْهُمْ وَمَا يَفْتَرُونَ

Transliteration wakadhālika jaʿalnā likulli nabiyyin ʿaduwwan shayāṭīna l-insi wal-jini yūḥī baʿḍuhum ilā baʿḍin zukh'rufa l-qawli ghurūran walaw shāa rabbuka mā faʿalūhu fadharhum wamā yaftarūna

Sindhi ۽ اھڙي طرح ھر ڪنھن پيغمبر لاءِ ماڻھن ۽ جنن مان شيطان ويري بڻاياسون (ته پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي وسوسو وجھي ڳالھ جي مُلَمَّعۡ سان ٺڳين، ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھُري ھا ته اھو ڪم نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاہ ٺاھيندا تنھن کي ڇڏي (ڏي).

Verse 113

وَلِتَصْغَىٰٓ إِلَيْهِ أَفْـِٔدَةُ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ وَلِيَرْضَوْهُ وَلِيَقْتَرِفُوا۟ مَا هُم مُّقْتَرِفُونَ

Transliteration walitaṣghā ilayhi afidatu alladhīna lā yu'minūna bil-ākhirati waliyarḍawhu waliyaqtarifū mā hum muq'tarifūna

Sindhi ۽ (ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن) ته جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ڏانھس لڙن ۽ ان کي پسند ڪن ۽ (ھن لاءِ) ته اُھي جيڪي ڪم ڪندڙ آھن سي ڪندا رھن.

Verse 114

أَفَغَيْرَ ٱللَّهِ أَبْتَغِى حَكَمًا وَهُوَ ٱلَّذِىٓ أَنزَلَ إِلَيْكُمُ ٱلْكِتَـٰبَ مُفَصَّلًا ۚ وَٱلَّذِينَ ءَاتَيْنَـٰهُمُ ٱلْكِتَـٰبَ يَعْلَمُونَ أَنَّهُۥ مُنَزَّلٌ مِّن رَّبِّكَ بِٱلْحَقِّ ۖ فَلَا تَكُونَنَّ مِنَ ٱلْمُمْتَرِينَ

Transliteration afaghayra l-lahi abtaghī ḥakaman wahuwa alladhī anzala ilaykumu l-kitāba mufaṣṣalan wa-alladhīna ātaynāhumu l-kitāba yaʿlamūna annahu munazzalun min rabbika bil-ḥaqi falā takūnanna mina l-mum'tarīna

Sindhi (اي پيغمبر چؤ ته) الله ڌاران ٻيو فيصلو ڪندڙ ھن ھوندي ڇو گُھران؟ جو اُنھيءَ اوھان ڏانھن کولي بيان ڪندڙ ڪتاب لاٿو آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي (چڱي طرح) ڄاڻندا آھن ته اُھو تنھنجي پالڻھار کان جائي لاٿل آھي تنھنڪري تون شڪ ڪندڙن مان مور نه ٿج.

Verse 115

وَتَمَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدْقًا وَعَدْلًا ۚ لَّا مُبَدِّلَ لِكَلِمَـٰتِهِۦ ۚ وَهُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ

Transliteration watammat kalimatu rabbika ṣid'qan waʿadlan lā mubaddila likalimātihi wahuwa l-samīʿu l-ʿalīmu

Sindhi ۽ تنھنجي پالڻھار جو سخن سچائي ۽ انصاف ۾ پورو آھي، سندس سخنن کي ڪو مٽائيندڙ نه آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

Verse 116

وَإِن تُطِعْ أَكْثَرَ مَن فِى ٱلْأَرْضِ يُضِلُّوكَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ ۚ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَإِنْ هُمْ إِلَّا يَخْرُصُونَ

Transliteration wa-in tuṭiʿ akthara man fī l-arḍi yuḍillūka ʿan sabīli l-lahi in yattabiʿūna illā l-ẓana wa-in hum illā yakhruṣūna

Sindhi ۽ جيڪڏھن زمين وارن (ماڻھن) مان گھڻن (يعني ڪافرن) جو چيو مڃيندين ته توکي الله جي واٽ کان ڀُلائيندا، (اُھي) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.

Verse 117

إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبِيلِهِۦ ۖ وَهُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُهْتَدِينَ

Transliteration inna rabbaka huwa aʿlamu man yaḍillu ʿan sabīlihi wahuwa aʿlamu bil-muh'tadīna

Sindhi بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي جيڪي سندس واٽ کان ڀُلا، ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي.

Verse 118

فَكُلُوا۟ مِمَّا ذُكِرَ ٱسْمُ ٱللَّهِ عَلَيْهِ إِن كُنتُم بِـَٔايَـٰتِهِۦ مُؤْمِنِينَ

Transliteration fakulū mimmā dhukira us'mu l-lahi ʿalayhi in kuntum biāyātihi mu'minīna

Sindhi پوءِ جيڪڏھن اوھين سندس آيتن کي مڃيندا آھيو ته جنھن تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان کائو.

Verse 119

وَمَا لَكُمْ أَلَّا تَأْكُلُوا۟ مِمَّا ذُكِرَ ٱسْمُ ٱللَّهِ عَلَيْهِ وَقَدْ فَصَّلَ لَكُم مَّا حَرَّمَ عَلَيْكُمْ إِلَّا مَا ٱضْطُرِرْتُمْ إِلَيْهِ ۗ وَإِنَّ كَثِيرًا لَّيُضِلُّونَ بِأَهْوَآئِهِم بِغَيْرِ عِلْمٍ ۗ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُعْتَدِينَ

Transliteration wamā lakum allā takulū mimmā dhukira us'mu l-lahi ʿalayhi waqad faṣṣala lakum mā ḥarrama ʿalaykum illā mā uḍ'ṭurir'tum ilayhi wa-inna kathīran layuḍillūna bi-ahwāihim bighayri ʿil'min inna rabbaka huwa aʿlamu bil-muʿ'tadīna

Sindhi ۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان نه کائيندا آھيو ھن ھوندي جو جيڪي (شيون) الله اوھان تي حرام ڪيون آھن سي اوھان لاءِ بيشڪ بيان ڪيون اٿس؟ پر جنھن (حرام جي کائڻ) لاءِ اوھين لاچار ٿيو (سو به روا آھي) ۽ گھڻا اڻ ڄاڻائيءَ سان پنھنجن سَڌن سببان ضرور ڀلائين ٿا، ڇوته تنھنجو پالڻھار حد کان لنگھندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

Verse 120

وَذَرُوا۟ ظَـٰهِرَ ٱلْإِثْمِ وَبَاطِنَهُۥٓ ۚ إِنَّ ٱلَّذِينَ يَكْسِبُونَ ٱلْإِثْمَ سَيُجْزَوْنَ بِمَا كَانُوا۟ يَقْتَرِفُونَ

Transliteration wadharū ẓāhira l-ith'mi wabāṭinahu inna alladhīna yaksibūna l-ith'ma sayuj'zawna bimā kānū yaqtarifūna

Sindhi ۽ ظاھري گناہ ۽ باطني گناہ (سڀ طرح) ڇڏي ڏيو، جيڪي گناہ ڪندا آھن سي جيڪي ڪن ٿا تنھن سببان سگھو سزا ڏبين.

Verse 121

وَلَا تَأْكُلُوا۟ مِمَّا لَمْ يُذْكَرِ ٱسْمُ ٱللَّهِ عَلَيْهِ وَإِنَّهُۥ لَفِسْقٌ ۗ وَإِنَّ ٱلشَّيَـٰطِينَ لَيُوحُونَ إِلَىٰٓ أَوْلِيَآئِهِمْ لِيُجَـٰدِلُوكُمْ ۖ وَإِنْ أَطَعْتُمُوهُمْ إِنَّكُمْ لَمُشْرِكُونَ

Transliteration walā takulū mimmā lam yudh'kari us'mu l-lahi ʿalayhi wa-innahu lafis'qun wa-inna l-shayāṭīna layūḥūna ilā awliyāihim liyujādilūkum wa-in aṭaʿtumūhum innakum lamush'rikūna

Sindhi ۽ جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد نه ڪجي تنھن مان نه کائو جو اُھو (کائڻ) ضرور گُناہ آھي، ۽ شيطان پنھنجن يارن کي ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن ته اوھان سان جھيڙو ڪن، ۽ جيڪڏھن سندن چيو مڃيندؤ ته اوھين (به) ضرور مشرڪ ٿيندؤ.

Verse 122

أَوَمَن كَانَ مَيْتًا فَأَحْيَيْنَـٰهُ وَجَعَلْنَا لَهُۥ نُورًا يَمْشِى بِهِۦ فِى ٱلنَّاسِ كَمَن مَّثَلُهُۥ فِى ٱلظُّلُمَـٰتِ لَيْسَ بِخَارِجٍ مِّنْهَا ۚ كَذَٰلِكَ زُيِّنَ لِلْكَـٰفِرِينَ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Transliteration awaman kāna maytan fa-aḥyaynāhu wajaʿalnā lahu nūran yamshī bihi fī l-nāsi kaman mathaluhu fī l-ẓulumāti laysa bikhārijin min'hā kadhālika zuyyina lil'kāfirīna mā kānū yaʿmalūna

Sindhi جيڪو مئل ھو تنھن کي جياريوسون ۽ اُن لاءِ سوجھرو ڪيوسون جنھن سان ماڻھن ۾ گھُمي ٿو اُھو اُن جي مثال جھڙو آھي ڇا جيڪو اونداھين ۾ آھي منجھانئس نڪرڻ وارو نه آھي، اھڙي طرح ڪافر جيڪي ڪندا آھن سو انھن لاءِ سينگاريو ويو آھي.

Verse 123

وَكَذَٰلِكَ جَعَلْنَا فِى كُلِّ قَرْيَةٍ أَكَـٰبِرَ مُجْرِمِيهَا لِيَمْكُرُوا۟ فِيهَا ۖ وَمَا يَمْكُرُونَ إِلَّا بِأَنفُسِهِمْ وَمَا يَشْعُرُونَ

Transliteration wakadhālika jaʿalnā fī kulli qaryatin akābira muj'rimīhā liyamkurū fīhā wamā yamkurūna illā bi-anfusihim wamā yashʿurūna

Sindhi ۽ اھڙي طرح ھر ڳوٺ ۾ اُنھي (ڳوٺ) جا وڏيرا ھن لاءِ بدڪار ڪياسون ته اُن (ڳوٺ) ۾ فساد وجھندا رھن، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنھن لاءِ فساد نه ڪندا آھن ۽ نه ڄاڻندا آھن.

Verse 124

وَإِذَا جَآءَتْهُمْ ءَايَةٌ قَالُوا۟ لَن نُّؤْمِنَ حَتَّىٰ نُؤْتَىٰ مِثْلَ مَآ أُوتِىَ رُسُلُ ٱللَّهِ ۘ ٱللَّهُ أَعْلَمُ حَيْثُ يَجْعَلُ رِسَالَتَهُۥ ۗ سَيُصِيبُ ٱلَّذِينَ أَجْرَمُوا۟ صَغَارٌ عِندَ ٱللَّهِ وَعَذَابٌ شَدِيدٌۢ بِمَا كَانُوا۟ يَمْكُرُونَ

Transliteration wa-idhā jāathum āyatun qālū lan nu'mina ḥattā nu'tā mith'la mā ūtiya rusulu l-lahi l-lahu aʿlamu ḥaythu yajʿalu risālatahu sayuṣību alladhīna ajramū ṣaghārun ʿinda l-lahi waʿadhābun shadīdun bimā kānū yamkurūna

Sindhi ۽ جڏھن وٽن ڪا آيت ايندي آھي (ته) چوندا آھن ته جھڙي (پيغمبري) الله جي پيغمبرن کي ڏني وئي آھي تھڙي جيستائين اسان کي (نه) ڏني ويندي تيسين ڪڏھن نه مڃينداسون، الله جنھن ھنڌ پنھنجي پيغمبري کي موڪلي (سو ھنڌ) چڱو ڄاڻندڙ آھي، جن ڏوہ ڪيو تن کي الله وٽان خواري ۽ سخت عذاب انھي ڪري سگھو پھچندو جو شرارتون ڪندا آھن.

Verse 125

فَمَن يُرِدِ ٱللَّهُ أَن يَهْدِيَهُۥ يَشْرَحْ صَدْرَهُۥ لِلْإِسْلَـٰمِ ۖ وَمَن يُرِدْ أَن يُضِلَّهُۥ يَجْعَلْ صَدْرَهُۥ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّمَا يَصَّعَّدُ فِى ٱلسَّمَآءِ ۚ كَذَٰلِكَ يَجْعَلُ ٱللَّهُ ٱلرِّجْسَ عَلَى ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ

Transliteration faman yuridi l-lahu an yahdiyahu yashraḥ ṣadrahu lil'is'lāmi waman yurid an yuḍillahu yajʿal ṣadrahu ḍayyiqan ḥarajan ka-annamā yaṣṣaʿʿadu fī l-samāi kadhālika yajʿalu l-lahu l-rij'sa ʿalā alladhīna lā yu'minūna

Sindhi پوءِ الله جنھن کي گھرندو آھي ته ھدايت ڪري تنھن جو سينو اسلام لاءِ ڪشادو ڪندو آھي، ۽ جنھن کي ڀلائڻ گھرندو آھي تنھن جي سيني کي اھڙو سخت سوڙھو ڪندو آھي جو ڄڻڪ آسمان تي چڙھي ٿو، جيڪي نه مڃيندا آھن تن تي الله اھڙي پليتي رکندو آھي.

Verse 126

وَهَـٰذَا صِرَٰطُ رَبِّكَ مُسْتَقِيمًا ۗ قَدْ فَصَّلْنَا ٱلْـَٔايَـٰتِ لِقَوْمٍ يَذَّكَّرُونَ

Transliteration wahādhā ṣirāṭu rabbika mus'taqīman qad faṣṣalnā l-āyāti liqawmin yadhakkarūna

Sindhi ۽ تنھنجي پالڻھار جي اِھا سِڌي واٽ آھي، بيشڪ اسان نشانيون انھيءَ قوم لاءِ کولي بيان ڪيون آھن جي نصيحت مڃيندا آھن.

Verse 127

۞ لَهُمْ دَارُ ٱلسَّلَـٰمِ عِندَ رَبِّهِمْ ۖ وَهُوَ وَلِيُّهُم بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Transliteration lahum dāru l-salāmi ʿinda rabbihim wahuwa waliyyuhum bimā kānū yaʿmalūna

Sindhi اُنھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھي ۽ اُھو سندن سنڀاليندڙ آھي (ھيءُ سڀ) انھيءَ ڪري (آھي) جو (چڱا) ڪم ڪندا ھوا.

Verse 128

وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ جَمِيعًا يَـٰمَعْشَرَ ٱلْجِنِّ قَدِ ٱسْتَكْثَرْتُم مِّنَ ٱلْإِنسِ ۖ وَقَالَ أَوْلِيَآؤُهُم مِّنَ ٱلْإِنسِ رَبَّنَا ٱسْتَمْتَعَ بَعْضُنَا بِبَعْضٍ وَبَلَغْنَآ أَجَلَنَا ٱلَّذِىٓ أَجَّلْتَ لَنَا ۚ قَالَ ٱلنَّارُ مَثْوَىٰكُمْ خَـٰلِدِينَ فِيهَآ إِلَّا مَا شَآءَ ٱللَّهُ ۗ إِنَّ رَبَّكَ حَكِيمٌ عَلِيمٌ

Transliteration wayawma yaḥshuruhum jamīʿan yāmaʿshara l-jini qadi is'takthartum mina l-insi waqāla awliyāuhum mina l-insi rabbanā is'tamtaʿa baʿḍunā bibaʿḍin wabalaghnā ajalanā alladhī ajjalta lanā qāla l-nāru mathwākum khālidīna fīhā illā mā shāa l-lahu inna rabbaka ḥakīmun ʿalīmun

Sindhi ۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو، (چوندو) ته اي جنن جون ٽوليون بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجا (تابع) ڪيا ھيوَ، ۽ ماڻھن مان سندن سنگتي چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان منجھان ھڪڙن ٻـين کان فائدو ورتو ۽ انھي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کي پُھتاسون جيڪا تون اسان لاءِ ٺھرائي، ھيءُ (الله) چوندو ته اوھان جو رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي ان ۾ ھميشہ رھڻ وارا ھوندؤ مگر جيڪي خُدا گھريو، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

Verse 129

وَكَذَٰلِكَ نُوَلِّى بَعْضَ ٱلظَّـٰلِمِينَ بَعْضًۢا بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ

Transliteration wakadhālika nuwallī baʿḍa l-ẓālimīna baʿḍan bimā kānū yaksibūna

Sindhi ۽ اھڙي طرح ظالمن مان ڪن کي ڪن مان جيڪي ڪندا آھن تنھن جي (شامت) سببان پاڻ ۾ گڏينداسون.

Verse 130

يَـٰمَعْشَرَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ أَلَمْ يَأْتِكُمْ رُسُلٌ مِّنكُمْ يَقُصُّونَ عَلَيْكُمْ ءَايَـٰتِى وَيُنذِرُونَكُمْ لِقَآءَ يَوْمِكُمْ هَـٰذَا ۚ قَالُوا۟ شَهِدْنَا عَلَىٰٓ أَنفُسِنَا ۖ وَغَرَّتْهُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا وَشَهِدُوا۟ عَلَىٰٓ أَنفُسِهِمْ أَنَّهُمْ كَانُوا۟ كَـٰفِرِينَ

Transliteration yāmaʿshara l-jini wal-insi alam yatikum rusulun minkum yaquṣṣūna ʿalaykum āyātī wayundhirūnakum liqāa yawmikum hādhā qālū shahid'nā ʿalā anfusinā wagharrathumu l-ḥayatu l-dun'yā washahidū ʿalā anfusihim annahum kānū kāfirīna

Sindhi (۽) اي جنّن ۽ ماڻھن جون ٽوليون اوھان مان اوھان وٽ پيغمبر نه آيا ھئا ڇا؟ جو منھنجون آيتون اوھان تي پڙھيائون ٿي ۽ ھن ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريائون ٿي، چوندا ته پاڻ تي شاھدي ڏنيسون ۽ کين دنيائي حياتيءَ ٺڳيو ھو ۽ (ھاڻي) پاڻ تي شاھدي ڏنائون ته پاڻ ڪافر ھوا.

Verse 131

ذَٰلِكَ أَن لَّمْ يَكُن رَّبُّكَ مُهْلِكَ ٱلْقُرَىٰ بِظُلْمٍ وَأَهْلُهَا غَـٰفِلُونَ

Transliteration dhālika an lam yakun rabbuka muh'lika l-qurā biẓul'min wa-ahluhā ghāfilūna

Sindhi اھو (پيغمبر جو موڪلڻ) ھن سببان آھي ته تنھنجو پالڻھار ڪنھن ڳوٺ کي ھن حالت ۾ ظُلم سان ڪڏھن ناس ڪرڻ وارو نه آھي جو سندس رھاڪو بيخبر ھجن.

Verse 132

وَلِكُلٍّ دَرَجَـٰتٌ مِّمَّا عَمِلُوا۟ ۚ وَمَا رَبُّكَ بِغَـٰفِلٍ عَمَّا يَعْمَلُونَ

Transliteration walikullin darajātun mimmā ʿamilū wamā rabbuka bighāfilin ʿammā yaʿmalūna

Sindhi ۽ ھر ڪنھن جيڪي عمل ڪيا تنھن مان انھن لاءِ درجا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي.

Verse 133

وَرَبُّكَ ٱلْغَنِىُّ ذُو ٱلرَّحْمَةِ ۚ إِن يَشَأْ يُذْهِبْكُمْ وَيَسْتَخْلِفْ مِنۢ بَعْدِكُم مَّا يَشَآءُ كَمَآ أَنشَأَكُم مِّن ذُرِّيَّةِ قَوْمٍ ءَاخَرِينَ

Transliteration warabbuka l-ghaniyu dhū l-raḥmati in yasha yudh'hib'kum wayastakhlif min baʿdikum mā yashāu kamā ansha-akum min dhurriyyati qawmin ākharīna

Sindhi ۽ تنھنجو پالڻھار بي پرواہ ٻاجھ وارو آھي، جيڪڏھن گھري ته اوھان کي ناس ڪري ۽ اوھان کان پوءِ جنھن لاءِ گھري تنھن کي (اُن ھنڌ) پيڙھيءَ تي وھاري جئن اوھان کي ٻي قوم جي نسل مان پيدا ڪيائين.

Verse 134

إِنَّ مَا تُوعَدُونَ لَـَٔاتٍ ۖ وَمَآ أَنتُم بِمُعْجِزِينَ

Transliteration inna mā tūʿadūna laātin wamā antum bimuʿ'jizīna

Sindhi بيشڪ جيڪو انجام اوھان سان ڪجي ٿو سو ضرور اچڻو آھي اوھين ٿڪائڻ وارا نه آھيو.

Verse 135

قُلْ يَـٰقَوْمِ ٱعْمَلُوا۟ عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنِّى عَامِلٌ ۖ فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ مَن تَكُونُ لَهُۥ عَـٰقِبَةُ ٱلدَّارِ ۗ إِنَّهُۥ لَا يُفْلِحُ ٱلظَّـٰلِمُونَ

Transliteration qul yāqawmi iʿ'malū ʿalā makānatikum innī ʿāmilun fasawfa taʿlamūna man takūnu lahu ʿāqibatu l-dāri innahu lā yuf'liḥu l-ẓālimūna

Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي ھنڌ عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته آخرت ۾ ڪنھن جي عاقبت چڱي ھوندي، سچ آھي ته ظالم نه ڇٽندا.

Verse 136

وَجَعَلُوا۟ لِلَّهِ مِمَّا ذَرَأَ مِنَ ٱلْحَرْثِ وَٱلْأَنْعَـٰمِ نَصِيبًا فَقَالُوا۟ هَـٰذَا لِلَّهِ بِزَعْمِهِمْ وَهَـٰذَا لِشُرَكَآئِنَا ۖ فَمَا كَانَ لِشُرَكَآئِهِمْ فَلَا يَصِلُ إِلَى ٱللَّهِ ۖ وَمَا كَانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلَىٰ شُرَكَآئِهِمْ ۗ سَآءَ مَا يَحْكُمُونَ

Transliteration wajaʿalū lillahi mimmā dhara-a mina l-ḥarthi wal-anʿāmi naṣīban faqālū hādhā lillahi bizaʿmihim wahādhā lishurakāinā famā kāna lishurakāihim falā yaṣilu ilā l-lahi wamā kāna lillahi fahuwa yaṣilu ilā shurakāihim sāa mā yaḥkumūna

Sindhi ۽ جيڪي پوک ۽ ڍورن مان الله پيدا ڪيو آھي تنھن مان ھڪ حصّو (ڪافر) الله جو مقرّر ڪندا آُھن ۽ پنھنجي گمان سان چوندا آھن ته ھيءُ الله جو آھي ۽ ھي اسان جي بتن جو آھي، وري جيڪا (شيء) سندن بتن جي ھوندي آھي سا الله وٽ پھچي نه سگھندي آھي، ۽ جيڪا (شيء) الله جي ھوندي آھي سا سندن بتن ڏانھن وڃي سگھندي آھي، جيڪي فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

Verse 137

وَكَذَٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثِيرٍ مِّنَ ٱلْمُشْرِكِينَ قَتْلَ أَوْلَـٰدِهِمْ شُرَكَآؤُهُمْ لِيُرْدُوهُمْ وَلِيَلْبِسُوا۟ عَلَيْهِمْ دِينَهُمْ ۖ وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ مَا فَعَلُوهُ ۖ فَذَرْهُمْ وَمَا يَفْتَرُونَ

Transliteration wakadhālika zayyana likathīrin mina l-mush'rikīna qatla awlādihim shurakāuhum liyur'dūhum waliyalbisū ʿalayhim dīnahum walaw shāa l-lahu mā faʿalūhu fadharhum wamā yaftarūna

Sindhi ۽ اھڙي طرح گھڻن مشرڪن لاءِ سندن شريڪن (جن کي خدا ڪري مڃيندا آھن) پنھنجي اولاد جو مارڻ سينگاريو آھي ته کين ھلاڪ ڪن ۽ سندن دين مٿن رلائي ملائي ڇڏين، ۽ جي الله گھُري ھا ته اُھو نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن تنھن کي ڇڏي ڏي.

Verse 138

وَقَالُوا۟ هَـٰذِهِۦٓ أَنْعَـٰمٌ وَحَرْثٌ حِجْرٌ لَّا يَطْعَمُهَآ إِلَّا مَن نَّشَآءُ بِزَعْمِهِمْ وَأَنْعَـٰمٌ حُرِّمَتْ ظُهُورُهَا وَأَنْعَـٰمٌ لَّا يَذْكُرُونَ ٱسْمَ ٱللَّهِ عَلَيْهَا ٱفْتِرَآءً عَلَيْهِ ۚ سَيَجْزِيهِم بِمَا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ

Transliteration waqālū hādhihi anʿāmun waḥarthun ḥij'run lā yaṭʿamuhā illā man nashāu bizaʿmihim wa-anʿāmun ḥurrimat ẓuhūruhā wa-anʿāmun lā yadhkurūna is'ma l-lahi ʿalayhā if'tirāan ʿalayhi sayajzīhim bimā kānū yaftarūna

Sindhi ۽ پنھنجي خيال سان ھي (به) چوندا آھن ته ھيءُ ڍور ۽ پوک حرام آھن جنھن لاءِ گھرون تنھن کانسواءِ ان کي ڪوئي نه کائي ۽ (چوندا آھن) ته ھڪڙن ڍورن جي پُٺي (سواريءَ لاءِ) حرام ڪئي ويئي آھي ۽ (ٻـين) ڍورن تي (ذبح وقت) الله جو نالو ياد نه ڪندا آھن (اھي ڳالھيون) الله تي ڪوڙي ٺاہ ٺاھڻ سان (ڪندا آھن) جيڪي ٺاہ ٺاھيندا آھن تنھنجي کين سگھو سزا ڏيندو.

Verse 139

وَقَالُوا۟ مَا فِى بُطُونِ هَـٰذِهِ ٱلْأَنْعَـٰمِ خَالِصَةٌ لِّذُكُورِنَا وَمُحَرَّمٌ عَلَىٰٓ أَزْوَٰجِنَا ۖ وَإِن يَكُن مَّيْتَةً فَهُمْ فِيهِ شُرَكَآءُ ۚ سَيَجْزِيهِمْ وَصْفَهُمْ ۚ إِنَّهُۥ حَكِيمٌ عَلِيمٌ

Transliteration waqālū mā fī buṭūni hādhihi l-anʿāmi khāliṣatun lidhukūrinā wamuḥarramun ʿalā azwājinā wa-in yakun maytatan fahum fīhi shurakāu sayajzīhim waṣfahum innahu ḥakīmun ʿalīmun

Sindhi ۽ چوندا آھن ته جيڪي ھِنن ڍورن جي پيٽن ۾ آھي سو خلاصو اسان جي مڙسن لاءِ آھي ۽ اسان جي زالن تي حرام ڪيل آھي، ۽ جيڪڏھن مُئل ھوندو ته اُھي (سڀ) اُن ۾ ڀائيوار آھن، سندن تقرير جي کين سگھي سزا ڏيندو، بيشڪ الله حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

Verse 140

قَدْ خَسِرَ ٱلَّذِينَ قَتَلُوٓا۟ أَوْلَـٰدَهُمْ سَفَهًۢا بِغَيْرِ عِلْمٍ وَحَرَّمُوا۟ مَا رَزَقَهُمُ ٱللَّهُ ٱفْتِرَآءً عَلَى ٱللَّهِ ۚ قَدْ ضَلُّوا۟ وَمَا كَانُوا۟ مُهْتَدِينَ

Transliteration qad khasira alladhīna qatalū awlādahum safahan bighayri ʿil'min waḥarramū mā razaqahumu l-lahu if'tirāan ʿalā l-lahi qad ḍallū wamā kānū muh'tadīna

Sindhi جن پنھنجي اولاد کي بي سمجھائي ڪري ڄاڻپ کانسواءِ ڪُٺو ۽ جيڪي الله سندن رزق ڪيو سو الله تي ڪوڙي ٺاہ ٺاھڻ سان حرام ڪيائون سي بيشڪ ڇيئي وارا ٿيا، (اُھي) بيشڪ ڀُلا ۽ ھدايت وارا نه آھن.

Verse 141

۞ وَهُوَ ٱلَّذِىٓ أَنشَأَ جَنَّـٰتٍ مَّعْرُوشَـٰتٍ وَغَيْرَ مَعْرُوشَـٰتٍ وَٱلنَّخْلَ وَٱلزَّرْعَ مُخْتَلِفًا أُكُلُهُۥ وَٱلزَّيْتُونَ وَٱلرُّمَّانَ مُتَشَـٰبِهًا وَغَيْرَ مُتَشَـٰبِهٍ ۚ كُلُوا۟ مِن ثَمَرِهِۦٓ إِذَآ أَثْمَرَ وَءَاتُوا۟ حَقَّهُۥ يَوْمَ حَصَادِهِۦ ۖ وَلَا تُسْرِفُوٓا۟ ۚ إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلْمُسْرِفِينَ

Transliteration wahuwa alladhī ansha-a jannātin maʿrūshātin waghayra maʿrūshātin wal-nakhla wal-zarʿa mukh'talifan ukuluhu wal-zaytūna wal-rumāna mutashābihan waghayra mutashābihin kulū min thamarihi idhā athmara waātū ḥaqqahu yawma ḥaṣādihi walā tus'rifū innahu lā yuḥibbu l-mus'rifīna

Sindhi ۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڇَٽئي وارا ۽ ريء ڇَٽئي وارا باغ ۽ کجيون ۽ پوکون جن جا ڦر قسم قسم ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ جھڙا ۽ جُدا جُدا قسم جا پيدا ڪيا، جڏھن ڦر جھلين تڏھن سندن ڦر مان کائو ۽ سندن لاباري وقت الله جو حق (سندن زڪوٰة) ڏيو، ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

Verse 142

وَمِنَ ٱلْأَنْعَـٰمِ حَمُولَةً وَفَرْشًا ۚ كُلُوا۟ مِمَّا رَزَقَكُمُ ٱللَّهُ وَلَا تَتَّبِعُوا۟ خُطُوَٰتِ ٱلشَّيْطَـٰنِ ۚ إِنَّهُۥ لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبِينٌ

Transliteration wamina l-anʿāmi ḥamūlatan wafarshan kulū mimmā razaqakumu l-lahu walā tattabiʿū khuṭuwāti l-shayṭāni innahu lakum ʿaduwwun mubīnun

Sindhi ۽ ڍورن مان بار کڻڻ وارا ۽ زمين سان لڳل (ننڍا پيدا ڪيائين)، الله جيڪا اوھان جي روزي ڪئي آھي تنھن مان کائو ۽ شيطان جي وکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.

Verse 143

ثَمَـٰنِيَةَ أَزْوَٰجٍ ۖ مِّنَ ٱلضَّأْنِ ٱثْنَيْنِ وَمِنَ ٱلْمَعْزِ ٱثْنَيْنِ ۗ قُلْ ءَآلذَّكَرَيْنِ حَرَّمَ أَمِ ٱلْأُنثَيَيْنِ أَمَّا ٱشْتَمَلَتْ عَلَيْهِ أَرْحَامُ ٱلْأُنثَيَيْنِ ۖ نَبِّـُٔونِى بِعِلْمٍ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ

Transliteration thamāniyata azwājin mina l-ḍani ith'nayni wamina l-maʿzi ith'nayni qul āldhakarayni ḥarrama ami l-unthayayni ammā ish'tamalat ʿalayhi arḥāmu l-unthayayni nabbiūnī biʿil'min in kuntum ṣādiqīna

Sindhi (ڍور) اَٺ قسم آھن، رڍن مان ٻه ۽ ٻڪرين مان ٻه (نر ۽ ماديون) آھن، (اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته الله ٻنھي نرن کي حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي مادين جي ٻنھي قسمن جي ڳڀيرڻين لپيٽيو آھي؟ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته مون کي دليل سان خبر ڏيو.

Verse 144

وَمِنَ ٱلْإِبِلِ ٱثْنَيْنِ وَمِنَ ٱلْبَقَرِ ٱثْنَيْنِ ۗ قُلْ ءَآلذَّكَرَيْنِ حَرَّمَ أَمِ ٱلْأُنثَيَيْنِ أَمَّا ٱشْتَمَلَتْ عَلَيْهِ أَرْحَامُ ٱلْأُنثَيَيْنِ ۖ أَمْ كُنتُمْ شُهَدَآءَ إِذْ وَصَّىٰكُمُ ٱللَّهُ بِهَـٰذَا ۚ فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا لِّيُضِلَّ ٱلنَّاسَ بِغَيْرِ عِلْمٍ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّـٰلِمِينَ

Transliteration wamina l-ibili ith'nayni wamina l-baqari ith'nayni qul āldhakarayni ḥarrama ami l-unthayayni ammā ish'tamalat ʿalayhi arḥāmu l-unthayayni am kuntum shuhadāa idh waṣṣākumu l-lahu bihādhā faman aẓlamu mimmani if'tarā ʿalā l-lahi kadhiban liyuḍilla l-nāsa bighayri ʿil'min inna l-laha lā yahdī l-qawma l-ẓālimīna

Sindhi ۽ اُٺن مان ٻه قسم ۽ ڳونئين مان ٻه قسم، (اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته نرن کي الله حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي مادين جي ٻنھي قسمن جي ڳڀيرڻين لپيٽيو آھي، يا جنھن مھل الله اوھان کي اھا وصيت ڪئي ته (اُوھين) اُن وقت حاضر ھيؤ؟ پوءِ جيڪو الله ڪوڙو ٺاہ ھن لاءِ ٺاھي ته ڄاڻپ کانسواءِ ماڻھن کي ڀُلائي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ بيشڪ الله ظالم قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

Verse 145

قُل لَّآ أَجِدُ فِى مَآ أُوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلَىٰ طَاعِمٍ يَطْعَمُهُۥٓ إِلَّآ أَن يَكُونَ مَيْتَةً أَوْ دَمًا مَّسْفُوحًا أَوْ لَحْمَ خِنزِيرٍ فَإِنَّهُۥ رِجْسٌ أَوْ فِسْقًا أُهِلَّ لِغَيْرِ ٱللَّهِ بِهِۦ ۚ فَمَنِ ٱضْطُرَّ غَيْرَ بَاغٍ وَلَا عَادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Transliteration qul lā ajidu fī mā ūḥiya ilayya muḥarraman ʿalā ṭāʿimin yaṭʿamuhu illā an yakūna maytatan aw daman masfūḥan aw laḥma khinzīrin fa-innahu rij'sun aw fis'qan uhilla lighayri l-lahi bihi famani uḍ'ṭurra ghayra bāghin walā ʿādin fa-inna rabbaka ghafūrun raḥīmun

Sindhi (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪي حُڪم مُون ڏانھن نازل ٿيا آھن تن ۾ ڪا چيز جنھن کي کائيندڙ کائي حرام نٿو لھان ھن کانسواءِ ته (اُھو) مُئل ھجي يا وھندڙ رَتُ يا سُوئر جو گوشت جو اھي (سڀ) حرام آھن يا گناہ طرح جنھن (شيء) کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي، پوءِ جيڪو لاچاري حالت ۾ نڪي بي فرمان ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿيء (۽ کائي) ته بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 146

وَعَلَى ٱلَّذِينَ هَادُوا۟ حَرَّمْنَا كُلَّ ذِى ظُفُرٍ ۖ وَمِنَ ٱلْبَقَرِ وَٱلْغَنَمِ حَرَّمْنَا عَلَيْهِمْ شُحُومَهُمَآ إِلَّا مَا حَمَلَتْ ظُهُورُهُمَآ أَوِ ٱلْحَوَايَآ أَوْ مَا ٱخْتَلَطَ بِعَظْمٍ ۚ ذَٰلِكَ جَزَيْنَـٰهُم بِبَغْيِهِمْ ۖ وَإِنَّا لَصَـٰدِقُونَ

Transliteration waʿalā alladhīna hādū ḥarramnā kulla dhī ẓufurin wamina l-baqari wal-ghanami ḥarramnā ʿalayhim shuḥūmahumā illā mā ḥamalat ẓuhūruhumā awi l-ḥawāyā aw mā ikh'talaṭa biʿaẓmin dhālika jazaynāhum bibaghyihim wa-innā laṣādiqūna

Sindhi يَھُودين تي سڀئي نَھن وارا جانور حرام ڪيا ھواسون، ۽ (پڻ) ڳئن ۽ ٻڪرين مان انھن جي پنيءَ واري لڳل وَہ يا آنڊي واري يا ھڏن سان گڏيل وھ کانسواءِ (ٻي سڀ وھ) مٿن حرام ڪئي ھئي سون، اِھا سندن بي فرمانيءَ سببان کين سزا ڏني سون، ۽ اسين ته ضرور سچ چوڻ وارا آھيون.

Verse 147

فَإِن كَذَّبُوكَ فَقُل رَّبُّكُمْ ذُو رَحْمَةٍ وَٰسِعَةٍ وَلَا يُرَدُّ بَأْسُهُۥ عَنِ ٱلْقَوْمِ ٱلْمُجْرِمِينَ

Transliteration fa-in kadhabūka faqul rabbukum dhū raḥmatin wāsiʿatin walā yuraddu basuhu ʿani l-qawmi l-muj'rimīna

Sindhi پوءِ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانئين ته چؤ ته اوھان جو پالڻھار گھڻي رحمت وارو آھي، ۽ ڏوھارڻ قوم کان سندس عذاب نه ٽاربو.

Verse 148

سَيَقُولُ ٱلَّذِينَ أَشْرَكُوا۟ لَوْ شَآءَ ٱللَّهُ مَآ أَشْرَكْنَا وَلَآ ءَابَآؤُنَا وَلَا حَرَّمْنَا مِن شَىْءٍ ۚ كَذَٰلِكَ كَذَّبَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ حَتَّىٰ ذَاقُوا۟ بَأْسَنَا ۗ قُلْ هَلْ عِندَكُم مِّنْ عِلْمٍ فَتُخْرِجُوهُ لَنَآ ۖ إِن تَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَإِنْ أَنتُمْ إِلَّا تَخْرُصُونَ

Transliteration sayaqūlu alladhīna ashrakū law shāa l-lahu mā ashraknā walā ābāunā walā ḥarramnā min shayin kadhālika kadhaba alladhīna min qablihim ḥattā dhāqū basanā qul hal ʿindakum min ʿil'min fatukh'rijūhu lanā in tattabiʿūna illā l-ẓana wa-in antum illā takhruṣūna

Sindhi مشرڪ سگھو چوندا ته جي الله گھري ھا ته نڪي اسين شرڪ ڪريون ھا ۽ نڪي اسان جا اَبا ڏاڏا (شرڪ ڪن ھا) ۽ نڪي اسين ڪا شيء حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح کانئن جيڪي اڳ ھوا تن به ڪوڙ ڀانيو ايتري قدر جو اسان جي سزا (جو مزو) چکيائون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان وٽ ڪو دليل آھي ته اُھو اسان لاءِ ڪڍي آڻين، (اوھين) رڳو گمان تي ھلندا آھيو ۽ اوھين رڳو اٽڪل ھڻندا آھيو.

Verse 149

قُلْ فَلِلَّهِ ٱلْحُجَّةُ ٱلْبَـٰلِغَةُ ۖ فَلَوْ شَآءَ لَهَدَىٰكُمْ أَجْمَعِينَ

Transliteration qul falillahi l-ḥujatu l-bālighatu falaw shāa lahadākum ajmaʿīna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي حُجّت مُحڪم آھي، جيڪڏھن گھري ھا ته ضرور اوھان مڙني کي سڌو رستو ڏيکاري ھا.

Verse 150

قُلْ هَلُمَّ شُهَدَآءَكُمُ ٱلَّذِينَ يَشْهَدُونَ أَنَّ ٱللَّهَ حَرَّمَ هَـٰذَا ۖ فَإِن شَهِدُوا۟ فَلَا تَشْهَدْ مَعَهُمْ ۚ وَلَا تَتَّبِعْ أَهْوَآءَ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا وَٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُونَ

Transliteration qul halumma shuhadāakumu alladhīna yashhadūna anna l-laha ḥarrama hādhā fa-in shahidū falā tashhad maʿahum walā tattabiʿ ahwāa alladhīna kadhabū biāyātinā wa-alladhīna lā yu'minūna bil-ākhirati wahum birabbihim yaʿdilūna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجن شاھدن کي سڏيو جيڪي شاھدي ڏين ته (تون) انھن سان شاھدي نه ڏي، ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جي چوڻ تي نه ھل ۽ اُھي پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪن ٿا.

Verse 151

۞ قُلْ تَعَالَوْا۟ أَتْلُ مَا حَرَّمَ رَبُّكُمْ عَلَيْكُمْ ۖ أَلَّا تُشْرِكُوا۟ بِهِۦ شَيْـًٔا ۖ وَبِٱلْوَٰلِدَيْنِ إِحْسَـٰنًا ۖ وَلَا تَقْتُلُوٓا۟ أَوْلَـٰدَكُم مِّنْ إِمْلَـٰقٍ ۖ نَّحْنُ نَرْزُقُكُمْ وَإِيَّاهُمْ ۖ وَلَا تَقْرَبُوا۟ ٱلْفَوَٰحِشَ مَا ظَهَرَ مِنْهَا وَمَا بَطَنَ ۖ وَلَا تَقْتُلُوا۟ ٱلنَّفْسَ ٱلَّتِى حَرَّمَ ٱللَّهُ إِلَّا بِٱلْحَقِّ ۚ ذَٰلِكُمْ وَصَّىٰكُم بِهِۦ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ

Transliteration qul taʿālaw atlu mā ḥarrama rabbukum ʿalaykum allā tush'rikū bihi shayan wabil-wālidayni iḥ'sānan walā taqtulū awlādakum min im'lāqin naḥnu narzuqukum wa-iyyāhum walā taqrabū l-fawāḥisha mā ẓahara min'hā wamā baṭana walā taqtulū l-nafsa allatī ḥarrama l-lahu illā bil-ḥaqi dhālikum waṣṣākum bihi laʿallakum taʿqilūna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان جي پالڻھار اوھان تي جيڪي حرام ڪيو آھي سو اچو ته آءٌ پڙھي ٻُڌايان (اُھو ھيء آھي ته) اوھين ڪنھن شيء کي ساڻس شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪريو، ۽ اوھين پنھنجي اولاد کي سڃائي سببان نه ڪُھو، اسين اوھانکي (به) ۽ خاص انھن کي (به) روزي ڏيندا آھيون، ۽ بي حيائي جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي تنھن (سڀ) کي (اوھين) ويجھا نه وڃو، ۽ نڪي (اھڙي) ماڻھوءَ کي ماريو جنھنجو مارڻ حق (شرعي قانون) کانسواءِ الله حرام ڪيو ھجي، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو الله اوھان کي ڏنو آھي ته اوھين سمجھو.

Verse 152

وَلَا تَقْرَبُوا۟ مَالَ ٱلْيَتِيمِ إِلَّا بِٱلَّتِى هِىَ أَحْسَنُ حَتَّىٰ يَبْلُغَ أَشُدَّهُۥ ۖ وَأَوْفُوا۟ ٱلْكَيْلَ وَٱلْمِيزَانَ بِٱلْقِسْطِ ۖ لَا نُكَلِّفُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ۖ وَإِذَا قُلْتُمْ فَٱعْدِلُوا۟ وَلَوْ كَانَ ذَا قُرْبَىٰ ۖ وَبِعَهْدِ ٱللَّهِ أَوْفُوا۟ ۚ ذَٰلِكُمْ وَصَّىٰكُم بِهِۦ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ

Transliteration walā taqrabū māla l-yatīmi illā bi-allatī hiya aḥsanu ḥattā yablugha ashuddahu wa-awfū l-kayla wal-mīzāna bil-qis'ṭi lā nukallifu nafsan illā wus'ʿahā wa-idhā qul'tum fa-iʿ'dilū walaw kāna dhā qur'bā wabiʿahdi l-lahi awfū dhālikum waṣṣākum bihi laʿallakum tadhakkarūna

Sindhi ۽ جيڪا (واٽ) بلڪل چڱي ھجي تنھن کانسواءِ ٻيءَ طرح سان يتيم جي مال کي ويجھا نه وڃو جيسين اُھو پنھنجي جوانيءَ کي پھچي، ۽ ماپ ۽ تور انصاف سان پُوري ڏيو وٺو، اسين ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان (وڌيڪ) تڪليف نه ٿا ڏيون، ۽ جڏھن اوھين (پاڻ ۾) ڳالھايو تڏھن انصاف سان ھلو جيتوڻيڪ مائٽي وارو ھجي، ۽ الله جو انجام پاڙيو، اھو (حُڪم) اوھان کي ڏنو اٿس ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.

Verse 153

وَأَنَّ هَـٰذَا صِرَٰطِى مُسْتَقِيمًا فَٱتَّبِعُوهُ ۖ وَلَا تَتَّبِعُوا۟ ٱلسُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُمْ عَن سَبِيلِهِۦ ۚ ذَٰلِكُمْ وَصَّىٰكُم بِهِۦ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ

Transliteration wa-anna hādhā ṣirāṭī mus'taqīman fa-ittabiʿūhu walā tattabiʿū l-subula fatafarraqa bikum ʿan sabīlihi dhālikum waṣṣākum bihi laʿallakum tattaqūna

Sindhi ۽ ھيءَ ته اِھا مُنھنجي سِڌي واٽ آھي تنھنڪري اُن تي ھلو، ۽ ٻـين واٽن تي نه ھلو جو اُھي واٽون اوھان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون، اھو اوھان کي حُڪم فرمايو اٿس مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.

Verse 154

ثُمَّ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَـٰبَ تَمَامًا عَلَى ٱلَّذِىٓ أَحْسَنَ وَتَفْصِيلًا لِّكُلِّ شَىْءٍ وَهُدًى وَرَحْمَةً لَّعَلَّهُم بِلِقَآءِ رَبِّهِمْ يُؤْمِنُونَ

Transliteration thumma ātaynā mūsā l-kitāba tamāman ʿalā alladhī aḥsana watafṣīlan likulli shayin wahudan waraḥmatan laʿallahum biliqāi rabbihim yu'minūna

Sindhi وري مُوسىٰ کي ڪتاب اُنھيءَ ماڻھو تي پنھنجي نعمت جي پوري ڪرڻ لاءِ جو ڀلارو ھجي ۽ سڀڪنھن شيء جي چٽائيءَ لاءِ ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ لاءِ ڏنوسون ته مانَ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ديدار کي مڃين.

Verse 155

وَهَـٰذَا كِتَـٰبٌ أَنزَلْنَـٰهُ مُبَارَكٌ فَٱتَّبِعُوهُ وَٱتَّقُوا۟ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ

Transliteration wahādhā kitābun anzalnāhu mubārakun fa-ittabiʿūhu wa-ittaqū laʿallakum tur'ḥamūna

Sindhi ھيءُ برڪت وارو ڪتاب (يعني قرآن) لاٿوسون تنھنڪري ان جي تابعداري ڪريو ۽ ڊڄو ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.

Verse 156

أَن تَقُولُوٓا۟ إِنَّمَآ أُنزِلَ ٱلْكِتَـٰبُ عَلَىٰ طَآئِفَتَيْنِ مِن قَبْلِنَا وَإِن كُنَّا عَن دِرَاسَتِهِمْ لَغَـٰفِلِينَ

Transliteration an taqūlū innamā unzila l-kitābu ʿalā ṭāifatayni min qablinā wa-in kunnā ʿan dirāsatihim laghāfilīna

Sindhi (ھن لاءِ لاٿوسون ته اي ڪافرؤ) متان چوڻ لڳو ته اسان کان اڳ وارين ٻن ٽولين کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) تي ڪتاب نه لاٿو ويو آھي، ۽ اسين سندس پڙھي پڙھائي کان بيخبر ھئاسون.

Verse 157

أَوْ تَقُولُوا۟ لَوْ أَنَّآ أُنزِلَ عَلَيْنَا ٱلْكِتَـٰبُ لَكُنَّآ أَهْدَىٰ مِنْهُمْ ۚ فَقَدْ جَآءَكُم بَيِّنَةٌ مِّن رَّبِّكُمْ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ ۚ فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـَٔايَـٰتِ ٱللَّهِ وَصَدَفَ عَنْهَا ۗ سَنَجْزِى ٱلَّذِينَ يَصْدِفُونَ عَنْ ءَايَـٰتِنَا سُوٓءَ ٱلْعَذَابِ بِمَا كَانُوا۟ يَصْدِفُونَ

Transliteration aw taqūlū law annā unzila ʿalaynā l-kitābu lakunnā ahdā min'hum faqad jāakum bayyinatun min rabbikum wahudan waraḥmatun faman aẓlamu mimman kadhaba biāyāti l-lahi waṣadafa ʿanhā sanajzī alladhīna yaṣdifūna ʿan āyātinā sūa l-ʿadhābi bimā kānū yaṣdifūna

Sindhi يا چوڻ لڳو ته جيڪڏھن اسان تي ڪو ڪتاب نازل ٿئي ھا ته (اسين) ضرور اُنھن کان وڌيڪ ھدايت وارا ٿيون ھا، پوءِ بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان (روشن) دليل ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ اوھان وٽ آئي آھي، پوءِ اُن کان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله جي آيتن کي ڪُوڙ چوي ۽ کانئن مُنھن موڙي؟ جيڪي اسان جي آيتن کان مُنھن موڙيندا تن کي انھيءَ سببان بُڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون جو مُنھن موڙيندا ھوا.

Verse 158

هَلْ يَنظُرُونَ إِلَّآ أَن تَأْتِيَهُمُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ أَوْ يَأْتِىَ رَبُّكَ أَوْ يَأْتِىَ بَعْضُ ءَايَـٰتِ رَبِّكَ ۗ يَوْمَ يَأْتِى بَعْضُ ءَايَـٰتِ رَبِّكَ لَا يَنفَعُ نَفْسًا إِيمَـٰنُهَا لَمْ تَكُنْ ءَامَنَتْ مِن قَبْلُ أَوْ كَسَبَتْ فِىٓ إِيمَـٰنِهَا خَيْرًا ۗ قُلِ ٱنتَظِرُوٓا۟ إِنَّا مُنتَظِرُونَ

Transliteration hal yanẓurūna illā an tatiyahumu l-malāikatu aw yatiya rabbuka aw yatiya baʿḍu āyāti rabbika yawma yatī baʿḍu āyāti rabbika lā yanfaʿu nafsan īmānuhā lam takun āmanat min qablu aw kasabat fī īmānihā khayran quli intaẓirū innā muntaẓirūna

Sindhi ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته وٽن ملائڪ اچن يا تنھنجو پالڻھار اچي يا تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اچن، جنھن ڏينھن تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اينديون (تنھن ڏينھن) اھڙي ڪنھن ماڻھو کي سندس ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو جنھن اڳ ايمان نه آندو ھوندو يا پنھنجي ايمان ۾ چڱائي نه ڪئي ھوندي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته انتظار ڪريو اسين به انتظار ڪندڙ آھيون.

Verse 159

إِنَّ ٱلَّذِينَ فَرَّقُوا۟ دِينَهُمْ وَكَانُوا۟ شِيَعًا لَّسْتَ مِنْهُمْ فِى شَىْءٍ ۚ إِنَّمَآ أَمْرُهُمْ إِلَى ٱللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِمَا كَانُوا۟ يَفْعَلُونَ

Transliteration inna alladhīna farraqū dīnahum wakānū shiyaʿan lasta min'hum fī shayin innamā amruhum ilā l-lahi thumma yunabbi-uhum bimā kānū yafʿalūna

Sindhi جن پنھنجي دين کي ڌاروڌار ڪري ڇڏيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا تن سان تُنھنجو ڪو واسطو نه آھي، سندن ڪم الله جي ئي حوالي آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.

Verse 160

مَن جَآءَ بِٱلْحَسَنَةِ فَلَهُۥ عَشْرُ أَمْثَالِهَا ۖ وَمَن جَآءَ بِٱلسَّيِّئَةِ فَلَا يُجْزَىٰٓ إِلَّا مِثْلَهَا وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ

Transliteration man jāa bil-ḥasanati falahu ʿashru amthālihā waman jāa bil-sayi-ati falā yuj'zā illā mith'lahā wahum lā yuẓ'lamūna

Sindhi جيڪو ڪا چڱائي (الله جي حضور ۾) آڻيندو تنھن لاءِ اُن جھڙيون ڏھوڻيون آھن، ۽ جيڪو بڇڙائي آڻيندو تنھن کي اُن جھڙي کانسواءِ (ٻي) سزا نه ڏبي ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.

Verse 161

قُلْ إِنَّنِى هَدَىٰنِى رَبِّىٓ إِلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ دِينًا قِيَمًا مِّلَّةَ إِبْرَٰهِيمَ حَنِيفًا ۚ وَمَا كَانَ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ

Transliteration qul innanī hadānī rabbī ilā ṣirāṭin mus'taqīmin dīnan qiyaman millata ib'rāhīma ḥanīfan wamā kāna mina l-mush'rikīna

Sindhi (اي پيغمبر کين) چؤ ته منھنجي پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي آھي، جو مُحڪم دين ابراھيم حنيف (خُدا ڏانھن ھڪ طرفي) جو طريقو آھي، ۽ (ابراھيم) مُشرڪن مان نه ھو.

Verse 162

قُلْ إِنَّ صَلَاتِى وَنُسُكِى وَمَحْيَاىَ وَمَمَاتِى لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ

Transliteration qul inna ṣalātī wanusukī wamaḥyāya wamamātī lillahi rabbi l-ʿālamīna

Sindhi (اي پيغمبر کين ھيء به) چؤ ته مُنھنجي نماز ۽ منھنجون مڙئي عبادتون ۽ منھنجو جيئڻ ۽ منھنجو مرڻ (سڀ) جھانن جي پالڻھار الله لاءِ آھي.

Verse 163

لَا شَرِيكَ لَهُۥ ۖ وَبِذَٰلِكَ أُمِرْتُ وَأَنَا۠ أَوَّلُ ٱلْمُسْلِمِينَ

Transliteration lā sharīka lahu wabidhālika umir'tu wa-anā awwalu l-mus'limīna

Sindhi کيس ڪو شريڪ نه آھي، ۽ مون کي ان لاءِ حُڪم ٿيل آھي ۽ آءٌ پھريون مسلمان آھيان.

Verse 164

قُلْ أَغَيْرَ ٱللَّهِ أَبْغِى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَىْءٍ ۚ وَلَا تَكْسِبُ كُلُّ نَفْسٍ إِلَّا عَلَيْهَا ۚ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرَىٰ ۚ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّكُم مَّرْجِعُكُمْ فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ فِيهِ تَخْتَلِفُونَ

Transliteration qul aghayra l-lahi abghī rabban wahuwa rabbu kulli shayin walā taksibu kullu nafsin illā ʿalayhā walā taziru wāziratun wiz'ra ukh'rā thumma ilā rabbikum marjiʿukum fayunabbi-ukum bimā kuntum fīhi takhtalifūna

Sindhi چؤ الله کانسواءِ ٻيو پالڻھار ڇو گھران؟ ۽ اُھو ھر شيء جو پالڻھار آھي، ۽ سڀڪو ماڻھو جيڪي ڪندو سو (بار) رڳو مٿس ھوندو، ۽ ڪو کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، وري اوھان کي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ جو ھنڌ آھي پوءِ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

Verse 165

وَهُوَ ٱلَّذِى جَعَلَكُمْ خَلَـٰٓئِفَ ٱلْأَرْضِ وَرَفَعَ بَعْضَكُمْ فَوْقَ بَعْضٍ دَرَجَـٰتٍ لِّيَبْلُوَكُمْ فِى مَآ ءَاتَىٰكُمْ ۗ إِنَّ رَبَّكَ سَرِيعُ ٱلْعِقَابِ وَإِنَّهُۥ لَغَفُورٌ رَّحِيمٌۢ

Transliteration wahuwa alladhī jaʿalakum khalāifa l-arḍi warafaʿa baʿḍakum fawqa baʿḍin darajātin liyabluwakum fī mā ātākum inna rabbaka sarīʿu l-ʿiqābi wa-innahu laghafūrun raḥīmun

Sindhi ۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي زمين جو بادشاہ ڪيو آھي ۽ اوھان مان ڪن جا درجا ڪن کان ھن لاءِ بلند ڪيائين ته جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس تنھن ۾ اوھان کي پرکي، ڇوته تنھنجو پالڻھار جلد سزا ڏيندڙ (به) آھي، ۽ بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان (به) آھي.

Read Surah Al-An'am in another language

All languages

All 114 surahs in Sindhi: the Qur’an in Sindhi.

Learn it in MyDugsi

Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti, from Quran.com. Transliteration: Quran.com. Recitation: Mishary Alafasy, from EveryAyah.com. MyDugsi is a learning aid, not a replacement for a qualified teacher.